سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سمن جي سلطنت

باب: --

صفحو :1

سمن جي سلطنت

غلام محمد لاکو

پبلشر پاران

 

تاريخ لکڻ فقط اکر لکڻ جو ڪم نه آهي، پر هيءُ هڪ انتهائي اهم علم ۽ فن به آهي. هن فن جو پورائو اهو ئي تاريخدان ڪري سگهي ٿو، جيڪو اُن جي گهربل معيارن کان واقف هوندو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. تاريخ لکڻ دوران تاريخدانن جو اڻ ڌريو هجڻ پهريون شرط هجي ٿو، نه ته تاريخ سان قطعي انصاف نه ٿي سگهندو. هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي بابت جيڪا راءِ جُڙي ٿي، سا ٻڌائي ٿي ته هو انهيءَ ڳالهه جي اهميت کان پوريءَ طرح واقف آهي.

ڪنهن به دور تي لکڻ تاريخدان جي ان دور سان جوڙيل دلچسپيءَ تي به ڇڏيل هوندو آهي. ”سما دور“ تاريخ ۾ جيئن ته سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جو دور آهي، تنهن ڪري سنڌواسين ۽ ليکڪ جي اٿاهه دلچسپي هڪ فطري امر به آهي. ان هوندي به اها حقيقت آهي ته تاريخدان کي اهو دور قلم کڻڻ تي وڌيڪ اڀاريندو آهي، جنهن ۾ ڪي اهڙا واقعا، لقاءَ يا رويا هجن ٿا، جيڪي ٻين دورن ۾ نه هجن يا تمام گهٽ هجن. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته  هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي. يعني: هڪ طرف واهن ۽ شاخن تي سنڌ جون غيرآباد زمينون آباد ٿيون ته ٻي طرف شاعريءَ جي زمين تي سنڌي ٻوليءَ جو شعر اُسرڻ شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي قومي جاڳرتا جا نوان قدر جوڙڻ شروع ڪيا.

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ابتدائي تحقيقي محنت جو ثمر آهي، جيڪو اداري طرفان ٻيو ڀيرو چپجي پڌرو ٿيو آهي. بورد طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو1996ع ۾ ڇپيو هو. پهرين ڇاپي جي وڪامجي وڃڻ کان پوءِ هن ڪتاب جي علمي حلقن پاران وقت بوقت گهر ٿيندي پئي آئي، جنهن جي مدنظر پبليڪيشن ڪاميٽيءَ هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپڻ جو حتمي فيصلو ڏنو. مالڪ سائين جا اڻ ڳڻيا شڪرانا جو هيءُ ڪتاب وقت اندر ڇپجي اوهان سڄڻن جي هٿن تائين رسيو آهي ۽ اسان جي محنت سجائي ٿي آهي.

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو، سنڌ

28- فيبروري 2005ع

بمطابق 18- محرم الحرام 1426هه

 

 

 

 

سيد حسام الدين راشدي مرحوم

جي نالي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org