29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :31

باب سورهون

سناتن ڌرم

”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ: ”ڌرم“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڌر“ معنيٰ ڌارن ڪرڻ يا جهلڻ. ڌرم هڪ جهلو يا ٽيڪ آهي، جنهن جي آڌار تي هيءُ سارو سنسار هلي ٿو. رگ ويد ۾ ”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ آهي ”قائدو“. جيئن راجا جي ٺهرايل قاعدي پٽاندر حڪومت جو چرخو هلي ٿو، تيئن ايشور جي اِڇا موجب سنسار جو ٻيڙو ڌرم تي هلي ٿو، جيڪي ست آهي، سو ڌرم آهي. جيڪا نيتي آهي، سا ڌرم آهي. ائين ڌرم لفظ کي نهايت ڪشادي معنيٰ ملي آهي. انسان جا جيڪي به فرض آهن، سي سڀ ڌرم ۾ اچي وڃن ٿا. دان پڃ ڪرڻ ۽ ٻيا نيڪ اخلاق توڙي اهي ڪم جي آتما کي سنتوش ڏيندڙ آهن، سي سڀ ڌرم جي ڌاڳي ۾ پوتل آهن. انهيءَ ريت ڌرم جو نالو هن لوڪ توڙي پر لوڪ سان آهي. جيڪو ڌرم سنسار جي ڳالهين سان سٻنڌ رکي ٿو، سو ”پرورتي ڌرم“ سڏجي ٿو، ۽ جو موڪش (مڪتي يا نجات) سان لاڳاپو رکي ٿو، سو ”نِورتي ڌرم“ ڪوٺجي ٿو. ڌرم جي انهن ٻنهي پرڪارن جو وستار ويدن جي براهمڻن، اُپنشدن ۽ ٻي ڌرمي شاسترن ۾ آهي. سڀني شاسترن جو مول ويد آهن، تنهنڪري هندو ڌرم عام طرح ”ويدڪ ڌرم“ سڏجي ٿو.

ويد انادي آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه. انهيءَ سبب هندو ڌرم ”سنائن ڌرم“ سڏبو آهي. سنائن معنيٰ ”آڳاٽو، اوائلي، دائمي يا هميشگي وارو“ تنهنڪري ”ناتن ڌرم“ معنيٰ اهو آڳاٽو ڌرم جو آد کان هليو اچي ۽ نت آهي (Existing in all eternity).*

 

ڌرم جو خيال ڪيئن پيدا ٿيو؟ ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته هندن توڙي ٻين قومن کي ڌرم جو خيال موت بابت ويچار ڪندي آيو، جيڪو ڄمي ٿو، سو اوس مري ٿو. دنيا ۾ رهي ماڻهو پاڻ پتوڙي، ڌن مال ڪٺا ڪري ٿو، پر آخر سڀ اتي ئي ڇڏي ٿو. مٽن مائٽن مان ڪوبه سنگتي ساٿي ڪونه ٿو ٿئي. مرڻ کانپوءِ ماڻهو اڪيلو ئي اڪيلو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ اهڙن خيالن ماڻهن ۾ قيامت ۽ پرلوڪ جا خيال پيدا ڪيا. وقتي مئل مائٽ سُپني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ انهن کي دکي يا سکي ڏسجي ٿو. اهڙين ڳالهين پوءِ جي دک سک جا خيال جاڳايا. ائين ڌرم جي خيال جو بنياد پيدا ٿيو، ۽ پوءِ هرهڪ قوم پنهنجي پنهنجي نموني ڌرم تي هلڻ جون واٽون ٺهرايون.

هندو ڌرم ۽ ان جو اوائلي ماڳ: هندو ڌرم ڪنهن جاري ڪيو، ۽ ان جي شروعات ڪڏهن ٿي، تنهن جي ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. جيئن عيساين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ حضرت عيسيٰ، اسلام جو بنياد وجهندڙ محمّد صلعم، پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ زردشت (زورئسٽر) ليکيا وڃن ٿا، تيئن هندو ڌرم ڪنهن به بني بشر جي نالي پٺيان ڪونه سڏجي ٿو. ”هندو ڌرم جو مول ”ست“ آهي، ۽ ستيه سروپ ايشور پاڻ ليکي ٿو. هندو ائين وسهن ٿا ته ”جڏهن جڏهن ڌرم جي هاڃي ٿئي ٿي، ۽ اڌرم زور وٺي ٿو، تڏهن تڏهن ڌرم جي رکيا ڪرڻ لاءِ ايشور پاڻ اوتار ڌاري اچي ٿو“. هندن ۾ سري رامچندر، سري ڪرشن ۽ ٻيا ڪيترا اوتار ٿيا آهن، جن کي هندو اڄ تائين پوڄين ٿا، ته به اهي هندو ڌرم جا باني نٿا ليکجن، ۽ نڪا انهن پاڻ ڪڏهن ڪا اهڙي دعويٰ ڪئي. هندو ڌرم کانئن گهڻو گهڻو اڳي هو، ۽ عام طرح ”سناتن“ (آڳاٽو) ڌرم سڏيو وڃي ٿو، جيئن مٿي اڳي چيو ويو آهي.

هندو ڌرم جو بنياد جن اصولن تي ٻڌل آهي، سي به ڪنهن هڪ ڄڻي جا جاري ڪيل ۽ ڦهلايل ڪينهن. اهو ويدڪ ڌرم آهي ۽ ويدن جون رچائون گهڻن رشين جون چيل آهن. جيئن جيئن کين الهام ٿي ٿيو، يا سرسوتيءَ ٿي ٻولايو، تيئن تيئن ٿي ٻوليائون. آڳاٽن رشين مان ڪي اول سنڌونديءَ جي ڪنٺي تي، ته ڪي سرسوتيءَ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنٺن تي رهندا هئا، تنهنڪري هندو ڌرم ۽ هندو سڀيتا جا اوائلي ماڳ سنڌ ۽ پنجاب آهن، جن مان به سنڌو نالو اهڙو برک هو، جو هندو ڌرم، هندو جاتي ۽ سڄو هندستان اڄ تائين ”سنڌو“ (هندو) نالي پٺيان سڏجن ٿا.

سنڌو ندي جهڙي پاڻ ڪشادي آهي، تهڙي ئي ڪشاده خيالي آڳاٽن رشين ۾ پيدا ڪيائين. ڪهڙو به هندو ڪهڙي به عقيدي تي هلي، ۽ ڪهڙي به نموني جي پوچا ڪري، ته ان لاءِ کيس کلي آزادي آهي. علحده عقيدن ۽ متن تي هلڻ ڪري ڀلي ته ڪو هندو ڪهڙي به پنٿ جو پاڻ کي سڏائي، ته به هو هندو آهي. ”پنٿ“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار ”سنڌيءَ ۾ ”پنڌ“ به آهي. جيڪي به پنٿ آهي“ آهن، سي سڀ سچي سائينءَ سان ملڻ لاءِ ”پنڌ“ يا واٽون آهن. جنهن کي جيڪا به واٽ وڻي سا ڀلي وٺي، جو سڀ واٽون آخر انهيءَ تائين پهچائين ٿيون، جو سڀني جو سرجڻهار آهي، ۽ جنهن سان آخر سڀني جو ڪم آهي. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ سري ڪرشڻ به ارجن کي ائين ئي چيو آهي.

هندو اها دعويٰ به ڪانه ٿا ڪن، ته رڳو سندن ڌرم منجهان ئي موک ملندو يا نجات حاصل ٿيندي. هن باري ۾ اُپنشدن ۾ چيل آهي ته ”جيئن گاين جا رنگ نرالا آهن، پر سڀ گايون ساڳيو ئي اڇو کير ڏين ٿيون، تيئن ڌرم (مذهب) جيتوڻيڪ نرالا آهن، ته به مقصد هڪڙو ئي اٿن.“ هن مان ظاهر آهي ته هندو ماڻهو سڀني ڌرمن يا مذهبن کي عزت جي نگاهن سان ڏسن ٿا، ۽ سندن مقصد هڪڙو ئي ۽ نهايت امول ڪري ليکجن ٿا.

هندن جا ديوتائون، آڳاٽا آريه لوڪ قدرت سان رهاڻ ڪرڻ جا ڪوڏيا هئا، ۽ قدرت جي هر هڪ ڳالهه تي ويچار ڪندي، قدرت مان قادر ساڻ ملڻ جي واٽ لوچي لڌائون. سندن اندرين اک کليل هئي. قدرت جي هرهڪ ڳالهه ڏي جيئن شاعراڻي نظر سان نهاريائين ٿي، تيئن سندن اندر ۾ اُمنگ ٿي اُٿيا، ۽ واحد جي وڏائيءَ ۽ واکاڻ ۾ ٿي ڇٽڪيا. سندن خيال جي سموري رفتار رگ ويد مان بنهه چٽيءَ ريت پرجهي پروڙي سگهجي ٿي، ۽ پوءِ سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته هندن جي ديوتائن جو تعداد ڪيئن وڌيو، ۽ ڪيئن آڳاٽن آرين ڪثرت مان وحدت لوچي لڌي.

اُڪاس ۽ پرٿوي – اَبو اَمان: آڳاٽن لوڪن پنهنجي مٿان هيڏو سارو آسمان ڏٺو، جو قدرت جو هڪ عجيب ڪارخانو آهي: ان ۾ ڏينهن جو سج ۽ رات جو چنڊ تارا چمڪن ٿا، جي حيرت جهڙي جهڳ سڳ لائين ٿا. ان جو نالو رکيائون ”آڪاش“، جنهن جي معنيٰ آهي آسمان يا اُڀ، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”جو چوڌاري چمڪي ٿو.“ * انهيءَ چمڪندڙ يا ٻهڪندڙ آسمان جي ديوتا کي سڏيائون. ”ديوُس پتر“ يعني ”ابو آڪاش.“ (Sthe Sky Father) ”ديوتا“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي چمڪندڙ يا جوت وارو (Shining being)، ۽ ڌاتو اٿس ”دوِ“ معنيٰ چمڪندڙ يا روشنائي ڪرڻ. پوءِ ”ديوتا“ لفظ کي وڌيڪ ڪشادي معنيٰ ملي، جنهنڪري پرٿوي (زمين)، پون (هوا) وغيره به ديوتائون سڏجڻ ۾ آيا.

آڳاٽن لوڪن پنهنجن پيرن هيٺان هيڏي ساري زمين ڏٺي، ته ان جو نالو رکيائون ”پرٿوي“، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا ويڪري آهي“ ان کي ”ڌرتي“ به سڏيائون، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”جا جهلي بيٺي آهي.“ ”ڌر“ معنيٰ ”جهلڻ“. اها پرٿوي يا ڌرتي، مرن ۽ ٻين جاندار توڙي بي جان شين کي ماءُ وانگر پنهنجي گود ۾ جهلي بيٺي آهي، ۽ سڀني ساهه وارن کي ائين کاڌو پهچائي ٿي، جيئن ماءُ پنهنجن ٻچن کي پهچائي. اهڙنخيالن وچان پرٿويءَ کي سڏيائون ”ڌرتي ماتا، ڌرتيءَ جي مٿان جنهن وقت سج اُڀريو بيٺو آهي، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا عمدو لقاءُ لڳائي بيٺا آهن، ۽ هرهڪ چمن ۾ چهچٽو لڳو پيو آهي، تنهن مهل ڌرتي ڄڻ ته ٻهڪي پيئي. چانڊوڪيءَ رات ۾ ڌرتيءَ جو ڄڻ ته روپ پلٽجي ويندو آهي، ۽ ندين ۽ تلائن جو پاڻي چانديءَ وانگر چمڪندو آهي، تنهنڪري ڌرتيءَ کي به ديوتا ڪوٺيائون.

ڌرتيءَ جي ڪنهن به هنڌ بيهي، پري پري نهارجي ٿو ته ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڌرتي ۽ آسمان هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا آهن، گويا سندن ئي ميلاپ سان هيءُ سارو جهان پيدا ٿيو آهي. آسمان مان برسات جون بوندون وسن ٿيون، ته ڌرتي جهٽي ٿي ۽ انهيءَ ريت اُتپتي ٿئي ٿي (اٿرو ويد، منڊل ٻارهون، 1، 12، 42). ائترييه براهمڻ؛ (4، 27) ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ جي وهانءَ جو ذڪر آهي. اهي سڀ شاعرانا خيال آهن. اهڙن خيالن وارن اَڪاس ۽ پرٿويءَ کي ساري جهان جو اَبو اَمان ڪري ڪوٺيائون (رگ ويد، منڊل پهريون، 155، 3، منڊل ٽيون، 3، 11، منڊل ستون، 53، 2). آڳاتن يوناني لوڪن به ائين شاعراڻي نموني آڪاس ۽ پرٿويءَ کي ساري جهان جو ابو امان ڪوٺيو آهي.

اَدتيه ۽ دئت: رگ ويد ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ کي ديوتائن جو به ابو امان ڪوٺيو اٿن. هن ڳالهه ۾ وري هڪ ٻيو خيال سمايل آهي، جو کولي ٻڌائجي ٿو. ڌرتيءَ کان وٺي آڪاس تائين، ۽ آڪاس کان مٿي جيڪي به آهي، تنهن جي ڪا به حد ڪانهي. انهيءَ سموريءَ وٿيءَ کي به ديويءَ جو روپ ڪري ڄاتائون، ۽ ان جو نالو رکيائون ”آدتي“ (Aditi) جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”نه ٻڌل يا حد نه ٿيل يعني آزاد يا ڇوٽ (وٿي) يا ”اننتتا“ يعني جنهن جي انت يا حد ڪانهي (لاحد (Infinity“. ”اَدتيءَ“ جي ٻي معنيٰ آهي ”جا وڍجڻ يا ناس ٿيڻ جي نه آهي“. تنهنڪري پروفيسر راٿ (Professor Roth) جي خيال موجب اها هميشگيءَ (Eternity) جو روپ آهي: آسمان جا ديوتائون (سج وغيره) انهيءَ هميشگيءَ جو اولاد آهن، ۽ سدائين بيٺا آهن، تنهنڪري اهي ”آدتيه“ يعني اَدتيءَ جا پٽ سڏيا ويا آهن. اَتدتيءَ کي ديو ماتا يعني ديوتائن جي ماءُ ڪوٺيو اٿن. اوائل ۾ رڳو ست اَدتيه ليکبا هئا، جن مان مکيه ورڻ ديوتا هو، جنهن جو ذڪر ڌار ڪبو. ديوتائون سدائين آمر آهن يعني مرڻ جا نه آهن، پر رگ ويد جي منڊل ڏهين (72، 8-9) ۾ ڄاڻايل آهي تهاَدتيءَ پنهنجو هڪپٽ مارتنڊ (سورج؛ امر ديوتائن جي دفعي مان ڪڍي ڇڏيو، جنهنڪري ڄمڻ ۽ مرڻ جو قاعدو هن سال لاڳو ٿيو. هيءَ رنگين زباني آهي. سج ڏهاڙي صبح جو ڄمي ٿو، ۽ رات جو مري وڃي ٿو، ٻئي ڏينهن صبح جو وري جنم وٺي ٿو، تنهنڪري آمر نه چئبو.

ويدن کان پوءِ براهمڻ واري زماني ۾ اَدتين جو تعداد وڌي ٻارهن ٿيو، اهي ورهيه جي ٻارهن مهينن جي سورج جا سروپ آهن. سنڌيءَ ۾ آدتيه جو آچار آهي ”آڏت“ ۽ معنيٰ اٿس ”سج“. ادتيه وار (آڏتوار يا آرتوار) معنيٰ اٿس سورج ديوتا جو ڏينهن (Sunday) . ”آدتيءَ“ جو ضد آهي ”دتي“ معنيٰ حد ٿيل ان ۾ پاتال لوڪ ليکيو اٿن. دتيءَ جي اولاد کي ”دئتيه“ يعني دتيءَ جا پٽ ڪوٺيو اٿن. دئتيه جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”دئت“ ۽ معنيٰ اٿس ڀوت يا راڪاس. ادتيءَ ۽ دتيءَ کي پوءِ مجسم (Personify) ڪري، انهن بابت ڪي ڪٿائون ٺاهيون اٿن، جن اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهن.

ورڻ ديوتا: آسمان ۾ جيڪي آدتيه آهن، تن جي مٿان ورڻ ديوتا آهي. ”ورڻ، لفظ جو ڌاتو بنياد آهي ”ور“ (Vri) معنيٰ مٿان وري وڃڻ يا ڍڪڻ. ڌرتيءَ کي مدٿان آسمان ڍڪي بيٺو آهي، تنهنڪري آسمان ”ورڻ“ آهي. آسمان ۽ سمنڊ اُفق وٽ هڪ ٻئي سان گڏيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ سڀ نديون سمنڊن ۾ وڃي پون ٿيون، تنهنڪري ”ورڻ“ سمنڊ توڙي ندين جو به ديوتا آهي، ۽ اهو پاڻيءَ کي مٿان ڍڪيو بيٺو آهي. انهيءَ ريت زمين توڙي آسمان سڀ ورڻ ديوتا جي حڪومت جي حد اندر اچي وڃن ٿا. رگ ويد ۾ ورڻ ديوتا بابت هيئن کيل آهي:

”هو آڪاس توڙي ڌرتيءَ جو جهلو آهي، ۽ سڀني لوڪن (دنيائن) ۾ حاڪم ٿي رهي ٿو (منڊل اٺون، 42، 1). سون جهڙي سج کي آسمان ۾ هو هلائي ۽ چمڪائي ٿو (منڊل ڇهون، 70، 1۽ ستون، 86، 1، 87، 6). هوا جا گهوگهٽ پيئي ڪري، سا هن جو سواس (ساهه) آهي (منڊل ستون، 87، 82). ندين جا پيٽ هن ٺاهيا آهن، ۽ سڀ نديون سندس حڪم پٽاندر وهن ٿيون ”منڊل پهريون، 24، 8، منڊل ٻيو، 28، 4 ۽ منڊل ستون، 87، 1). اهڙي عجيب اٽڪل رکي اٿس، جو سڀ نديون سمنڊ ۾ وڃي پون ٿيون، پر هن کي ڪڏهن به ڀري نٿيون سگهن (منڊل پنجون، 85، 6). هن جا ڪم مقرر ٿيل آهن، ۽ اهي آمر ڪو اورانگهي نٿو سگهي (منڊل ٽيون، 54، 18). سندس حڪم پٽاندر چنڊ پنهنجي چانڊوڻ ڪري ٿو، ڏينهن جو تارا غيبي طرح گم ٿي وڃن ٿا (منڊل پهريون، 24، 10). آڪاس ۾ پکي جيڪي واٽون وٺي اُڏامن ٿا، سمنڊ تي جهاز جن واٽن کان وڃن ٿا، ۽ هوا پرانهن پنڌن تي ڪهڙي واٽ وٺي لڳي ٿي، سي سڀ سڌيون کيس آهن. جيڪي ڳجها ڪم ٿين پيا، يا ٿيڻا آهن، سي سڀ هو ڏسي ٿو (منڊل پهريون، 25، 7). ڪوبه پراڻي يا ساهه وارو هن کانسواءِ اک به نٿو ڇنڀي سگهي، ۽ ماڻهن جي سچ توڙي ڪوڙ جو هو ساکي آهي (منڊل ستون، 28، 6) مطلب ته ورڻ ديوتا ساري جهان جي مٿان آهي، ۽ هر جا حاضر ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻڻهار آهي، ۽ قدرت جي سمورين ڳالهين جي مٿان سندس ضابطو آهي. اها خدائي طاقت جهان جو چرخو ريت سان هلائي ٿي، ۽ هرڪا ڳالهه سندس ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهي، تنهنڪري سج، چنڊ وغيره به بلڪل باقاعدي ڪم ڪن ٿا، انهيءَ ”ريت“ (Cosmic order) کي ”ورڻ ديوتا“ سڏيو اٿن، ۽ چيو اٿن ته اخلاقي ڳالهين ۾ به ريت هلڻ گهرجي نه ته خطا کائبي“.

اِندر ديوتا ۽ ورتر دئت: رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڪنهن وقت ورڻ ديوتا جي اختياري گهٽجي ويئي، ۽ ان لاءِ سبب اڄ تائين قدرت ۾ ظاهر آهن. گرميءَ جو موسم ۾ جڏهن گُهٽ ۽ رجهڻ ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهو ٺريءَ ٿڌيءَ هوا لاءِ واجهائين ٿا، ويتر جڏهن ڏسن ٿا ته آسمان ۾ ڪارا ڪڪر مڙيو اچن، پر مينهن جو ڦڙو به ڪونه ٿو وسي، تڏهن سڀاويڪ، طرح جَڪَ پيا کائين. سج، چنڊ، تارا وغيره جي آسمان ۾ آهن، سي سدائين سڀني جو ڀلو ڪن ٿا، تنهنڪري آڳاٽن آرين رنگين زبانيءَ ۾ ڄاڻايو ته آڪاس جا ديوتائون سڀني جي سڄيءَ ۾ آهن، ۽ ڪنهن جا به مٺگهرا ڪونه ٿا ٿين، پر آڪاس ۾ ڪي دئت به آهن، جن جي بد اثر ڪري مهامريون پون ٿيون، خوفناڪ طوفان لڳن ٿا، ۽ ٻوڏون ٿين ٿيون. اهي دئت برسات کي وسڻ کان به روڪين ٿا، جنهنڪري ٻنيون سڪن ٿيون، مال لاءِ پورو چارو پيدا ڪونه ٿو ٿئي، ۽ آڙنگ (گُهٽ) سبب ماڻهو ماندا ٿين ٿا. انهن دئتن جو سردار ”ورتر“ (ڍڪيندڙ) سڏيو ويو آهي، جنهن بابت چيو اٿن ته هو گهڻا ئي روپ ڌاري ٿهو. ان جو هڪ روپ ڪارا ڪڪر آهن، جي سورج ديوتا، چندرما ديوتا (چنڊ) ۽ گرهن ۽ تارن کي ڍڪين ٿا، ڄڻ ته اهڙي ڪنهن بندي خاني ۾ کين بند ڪن ٿا، جو ڪي ڏينهن ساندهه اهي ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿا اچن، جنهنڪري هاي ديوتائن جا دشمن ڪوٺيا ويا آهن. اهي سڀني ساهوارن جا به جاني دشمن آهن، جو اهي برسات کي وسڻ کان روڪين ٿا، جنهنڪري ماڻهو توڙي مرون بلڪ پکي پکڻ ۽ ٻيا ساهوارا سارنگ کي سنڀاريندي، ماندا ٿين ٿا.  *

 

رگ ويد ۾ ورتردئت جو ٻيو نالو ”آهي“ يعني ”نانگ“ به ڄاڻايل آهي. انهيءَ مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته اهو اشارو وڄ ڏي آهي، جنهن جا ور وڪڙ نانگ وانگر آهن. وڄ کِنوين تنهن کانپوءِ به مينهن نه وسي، ته اها ڪوڙي وڄ چئبي ۽ اها به ورتردئت جو هڪ روپ ليکبي. اهڙن وقتن تي آڳاٽن لوڪن شايد ائين ڀانيو ته ورڻ ديوتا کي ايتري طاقت ڪانهي، جو ورتر دئت سان پڄي سگهي. انهيءَ سبب ورتر ۽ سندس دئتن سان جڌ ڪرڻ ۽ کين ماري مڃائڻ لاءِ ڪنهن وڌيڪ جبري ديوتا جي ضرورت سمجهيائون. ڀانئي ٿو ته ڪنهن وقت آسمان ۾ گجگوڙ ٿي وڄ کِنوڻ لڳي، ۽ مينهن ٽهه ٽهه ٽمڻ لڳو ته سمجهيائون ته هيءُ وڏو ديوتا آهي ۽ ورتر کان وڌيڪ جبرو آهي، جو پنهنجيءَ وجر (Thunder-bolt) سان دئتن جا آسمان ۾ اَڏيل قلعا (ڪارن ڪڪرن جا ڪوٽ) ٽوڙي ٿو ته مٺا مٺا مينهن وسن ٿا، جنهنڪري پٽَ پاهه جهلين ٿا، گسن مٿي گاهه ٿين ٿا، ته نه رڳو ماڻهو پر چرند پرند ۽ جيت جنتر به خوش ٿين ٿا. مينهن وسي رهي ٿو ۽ آسمان ۾ صاف صفائي ٿئي ٿي ته سج، چنڊ تارا نڪري ظاهر ٿين ٿا، ڄڻ ته قيد کان کين رهائي ملي ٿي. اهو ٻلوان ديوتا، جو ورتر توڙي سندس دئتن کي ماري مڃائي ٿو، تنهن جو نالو اول رکيائون ”ترته“ (Trita) يعني چوماسي جي ٽئين مهيني ۾ برسات وسائيندر، پوءِ ”پرجنيه“ يعني ڪڪر (وسندڙ ڪڪر) ۽ پوءِ ”اندر“ جنهن جي معنيٰ آهي ”طاقت وارو“ اِندر معنيٰ طاقت وارو ٿيڻ).

ورتر توڙي سندس دئت به ڪي سٿريون ڌريون ڪينهن. هڪواريءَ اهي اندر ديوتا جي هٿان قتل ٿيو وڃن، ته وري وري جنم وٺي، حرڪت بازي ڪري، برسات کي اچيو روڪين. ائين اندر ديوتا سان هو جڳا جڳ جنگ جوٽيندا اچن ٿا، پر اندر ديوتا ڀيري ڀيري سان کين ماري پورو ڪري ٿو. اندر ۽ ورتر جي لڙائيءَ جو ذڪر رگ ويد ۾ نهايت وڻندڙ نموني  ٿيل آهي. ان جو انگريزي نظم ۾ ترجمو به عمدو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون مصرعون هتي نموني لاءِ ڏجن ٿيون:-

Who is that, without alarm,

Defies the might of Indra's arms:

That stands and sees without dispay,

The approaching Maruts' dread arrya;

That doies not shun, in wild affright,

The terrors of the deadly fight?

Tis Vrittra, he whose magic powers,

From earth with held the genial showers"

Of mortal men the foe maligh,

And rival of the race-divine:

Whose demon hosts from age to age,

With Indra war unceasing wage:

Who times unnumbered, crushed and slain.

Is ever newly born again:

And everymore renews the and strife,

In which agin he forfeits life.

(J. Muir: Original Sanskrit Texts: Vol: V)

اِندر وڏو يا ورڻ؟ ورڻ ديوتا يا چمڪندڙ آسمان جو ديوتا، جو ساري جهان جي مٿان آهي، سو گهڻو ئي چڱو پر گجگوڙ ڪندڙ آسمان جو ديوتا (اندر ديوتا) جو برسات وسائي ٿو، سو ويڪ آهي. اڳاٽن آرين جي گذران جو مدار هڪڙو کيتيءَ تي ٻيو چوپائي مال تي هو، تنهنڪري برسات جي ديوتا (اندر) جي پوڄا جو رواج جاري ڪيائون. اڳي ورڻ ديوتا سان گڏ ”مِتر“ (سورج) جو نالو گڏ ُچاريندا هئا، پر پوءِ ورڻ ديوتا جي نالي سان گڏ اندر ديوتا (Jupiter Plurius) جو نالو گڏيائون (رگ ويد، منڊل پهريون، 17، ۽ منڊل ٽيون، 38).

اندر ديوتا جي پوڄا جو رواج جاري ٿيو، ته جيڪي اصل ورڻ ديوتا کي مڃيندا هئا، تن مان ڪن اعتراض اُٿاريو – مثلاً نيم (Nema) نالي هڪ رشيءَ چيو ته ”اندر ديوتا آهي ئي ڪونه. ڪنهن ڏٺو به آهي؟ ڇو اسين سندس اُستتي ڪريون؟“ (منڊل اٺون، 100، 3). انهيءَ تي اندر ديوتا درشن ڏيئي چيس ته ”اجهو، مان تو وٽ آيو آهيان، مون ڏي نهار“. ڀانئجي ٿو ته برسات وسائي پنهنجو مشاهدو ماڻايائينس. انهيءَ هوندي به اندر ديوتا جي برخلاف گهڻا هئا، ۽ انهيءَ مان وڏا تڪرار ٿيا هئا.

رگ ويد جي منڊل چوٿين (42) ۾ اندر ديوتا ۽ ورڻ ديوتا جي وچ ۾ هليل گفتگو ڄاڻايل آهي. اندر چوي ته آءٌ وڏو، يا ورڻ چوي ته آءُ وڏو. رفتي رفتي ورڻ رڳو پاڻيءَ جو ديوتا ليکجڻ ۾ آيو، ۽ عام طرح ماڻهو اندر کي برسات جو ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا. اهو رواج مهاڀارت جي زماني تائين سانده هلندو پئي آيو. انهيءَ زماني ۾ اندر پوڄا جي برخلاف سري ڪرشڻ پرچار ڪيو. جنهن ڳالهه جو شريمد ڀاڳوت جي ڏهين اِسڪنڌ ۾ ذڪر آهي. انهيءَ کانپوءِ به اندر جي پوڄا جو رواج هلندو آيو. عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي گوتم ٻڌ اندر جي پوڄا جي برخلاف آواز کڙو ڪيو. اندر ديوتا لاءِ ماڻهو ٻَليون چاڙهيندا هئا، سو رواج بند ڪرايائين. هن وقت انهن ۾ ٻَلين چاڙهڻ جو رواج ڪونهي، ته به سڄي هندستان جا هندو اندر کي برسات جو ديوتا ڪوٺين ٿا، ۽ ورڻ ديوتا کي پاڻيءَ جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا. جيڪي هندو درياهه پنٿي آهن، سي سري اُڏيري لعل صاحب کي ورڻ ديوتا جو اوتار ڪري مڃين ٿا. اهي اَٽي جو وڏو پنوڙو ٺاهي، انهيءَ تي سينڌر، گل ڦل وغيره هڻي، ۽ چومکو ڏئو ٻاري .ٻهرانو“ يعني بحر جو نذرانو ڪڍندا آهن. ائين ورڻ ديوتا جي پوڄا اڄ تائين هلي اچي.

وايو، مروت ۽ ردر: ڌرتي ۽ آڪاس يا پولار (Ether) کان سواءِ ٻيا عناصر (تتو) هوا، باهه ۽ پاڻي آهن، جن کي ايتري طاقت آهي، جا ڪنهن به بني بشر کي ڪانهي، تنهنڪري آڳاٽا لوڪ انهن کي به ديوتائون ڪري پوڄيندا هئا. هوا کي ”وايؤ“ سڏيندا هئا، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”واؤ“، ۽ ڌاتو يا بنياد اٿس ”وا“ معنيٰ لڳڻ. وايو يا واءُ اهو آهي، جو لڳي ٿو. هوا يا واءُ کان سواءِ ڪوبه ساهوارو جيڪر جيئرو رهي ڪين سگهي، تنهنڪري ان جو ججهو قدر ڪري، ان کي ديوتائن جي دفعي ۾ ليکيائون.

برساتي موسم ۾ جيڪي ڇوها يا طوفان لڳن ٿا، تن کي آڳاٽن لوڪن نالو ڏنو ”مرَوُت“. اهي مينهن کي ڇوهه سان آڻين ٿا، تنهنڪري اهي اندر ديوتا جا مددگار سڏيا ويا آهن. انهن جي مدد سان اندر ديوتا ”ورتردئت“ کي ماري مڃائي ٿو، ته مينهن اوهيرا ڪري وسي ٿو. آسمان ۾ جيڪي لڳهه (ڪڪر) پاڻ ۾ لڳي، ڀوائتي گجگوڙ ڪن ٿا، تن کي آڳاٽن لوڪن نالو ڏنو ”رُدر“ (خوفناڪ)، جو سندين گجگوڙ ڪري ڪليون به ڪنبيو وڃن. اهي شو ڀڳوان جا روپ ليکيا ويا آهن. ”شو“ ۽ ”شنڪر“ لفظن جي معنيٰ آهي ”ۡڪلياڻ ڪندڙ“. هيبتناڪ گجگوڙ ٿيڻ ڪري شو ڀڳوان ”ردر“ (خوفناڪ) روپ وارو ليکجي ٿو، اهو ئي ساڳيو برسات وسائي جيون جا ڪلياڻ ڪري ٿو، تنهنڪري ”شو“ ۽ ”شنڪر“ سڏجي ٿو. ”شمڀو“ لفط جي به معنيٰ اهي، جنهن مان ڪلياڻ ٿين.

اگني ديوتا: باهه ٻارڻ جو هنر آڳاٽا آريه لوڪ انهيءَ قديم زماني ۾ سکيا، جنهن زماني ۾ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا به ميرو پربت طرف ساڻن گڏ رهندا هئا. اهو هن ڪري چئجي ٿو جو سنسڪرت ۾ باهه کي اَگني“ چئبو آهي، ۽ اهو ئي ساڳيو لفظ لاٽن ٻوليءَ ۾ آهي ۽ اُپار اٿس ”اِگنس“ (Ignis). رگ ويد ۾ اندر ديوتا کانپوءِ اگن ديوتا جي جيتري اُستتي آهي، تيتري ڪنهن به ٻئي ديوتا جي ڪانهي. انهن اُستتين مان آڳاٽن آرين جون شاعراڻيون خوبيون ڀليءَ ڀت ظاهر ٿين ٿيون. رگ ويد جي منڊل پهرئين (103، 1) ۾ چيل آهي ته ”اي اگني، تنهنجو تت جيتوڻيڪ کڻي هڪڙو ئي هوندو، ته به تنهنجا روپ ٽي آهن. هن پرٿويءَ تي تون باهه تي ڀڙڪا ڏين ٿي، وچ اڪاس ۾ تون بجلي ٿي چمڪاٽ ڪرين ٿي ۽ مٿاهين آڪاس ۾ تون سونو سج ٿي ٻهڪين ٿي. تنهنجو جنم اصل آڪاس ۾ ٿيو هو، پر ويدن جا جيڪي ڄاڻو هئا، تن هنر هلائي، توکي پرٿويءَ تي آندو، ڄڻ ته آڪاس جي اَثر بجليءَ ماڻهن جي چلهين اچي ٿِر پاتو. آڳاٽن رشين ڪاٺي ڪاٺيءَ سان گهي باهه پيدا ڪئي، گويا ٻن ڪاٺين جو پنهنجن هٿن سان هٿيالو ٻڌائي کين پرڻايائون، جن مان ٻهڪندڙ اگني پيدا ٿي، پر آڪاس ۽ پرٿوي، مان سچ ٿو چوان ته اهو ٻار جو اڻ سڀاويڪ طرح پيدا ٿئي ٿو، سو پنهنجي ماءُ پيءُ (ٻن ڪاٺين) کي جلائي ڇڏي ٿو. ائين ماءُ جا سگهو ئي پساهه پورا ٿيو وڃن، ۽ جيئن ٻچي کي نپائڻ گهرجي، تيئن نپائي نٿي سگهي، پر هيءُ عجيب ٻالڪ (اگن ديوتا) پوءِ به پيو تڳي... دونهين جي جهنڊن واري اگني، تون ٽڙڪاٽ ڪرين ٿي، تنهنجا وار شعاع ڪن ٿا… گهر گهر ۾ تون مهمان ٿي اچين ٿي ته هرڪو تنهنجو آدرسڪار ڪري ٿو… پر اي ديوتا، جڏهن تون ڪوپ ٿي، ڀيانڪ شعاع ڪرين ٿي، ۽ سڀڪجهه ناس ڪرڻ جي طاقت جا تو ۾ آهي سا ظاهر ڪرين ٿي، تڏهن سڀ ساهوارا توکان ائين ڀڄن ٿا، جيئن غالب پوندڙ غنيم جي پٺيان پوڻ سبب (ڪمزور ڌر جو) لشڪر ڀڄي وڃي ٿو. تون جنهن کي لڳين تنهن کي ڀسم ڪري مٽيءَ سان ملايو ڇڏين. وڏن وڏن ٻيلن جي ته ائين صفائي ڪيو ڇڏين، جيئن حجام پاڪيءَ سان ڏاڙهين جي صفائي ڪيو ڇڏي. باهه جي مچ کي هوا ڏئين ٿي ته سمنڊ جي لهرين وانگر آواز ڪري ٿي، پکي ڊڄي ڀڄي وڃن ٿا، ۽ جڏهن مچ پورو ٿي وڃي ٿو، تڏهن سڄي واٽ تي رڳي ڪارهن نظر اچي ٿي. پر اي مها اگني، تون سدائين اهو ڀيانڪ روپ نٿي ڌارين. تون جهيڻي ٿي اسان جي چلهين ۾ ٽمڪين ٿي، ۽ اسين سنڀال سان توکي تاتيون ٿا ته اسان جا گهر ٻهڪن پيا. جيڪي ماڻهو اَٿڪ ٿي پورهيو ڪن ٿا، تن کي تون پڪل طعام پهچائين ٿي، ته هو خوش ٿين ٿا. تنهنجو کاڌو سُڪل بُنڊَ ۽ مکڻ آهن، جي توکي وڻن ٿا. مون وٽ نڪا آهي گانءِ نڪو ڪٺو ڪيل مکڻ، نڪو ڪو ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ڪهاڙو اٿم؛ پر اي ديالو ديوتا، مون تو لاءِ هي ٿوريون سڪل ڪاٺيون آنديون آهن. ٻيون ڪاٺيون مون وٽ ڪينهن، تنهنڪري منهنجي هيءَ غريباڻي ڀيٽا قبول ڪر“. هن سموري مضمون جو انگريزي نظم ۾ ترجمو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون مصراعون نموني لاءِ هتي ڏجن ٿيون.

Great Agni, though thine essence be but one,

They forms are three: as fire thou blazest here,

As lightning flashest in the atmosphere,

In heaven thou flamest as the golden sun.

It was in heaven thou hadst they primal birth, By art of sages skilled in sacred lore

Thou was drawn down to human hearths of yore,

And thou abid'st a denizen of earth.

Sprung from the mystic fair  by priestly hands*

 

In wedlock joined, forth flashes, Agni bright,

But, O ye Heavens and Earth, I tell you right,

The unnatural child devours the parent brands,

And yet this orphanded god himself survives

Although his hapless mother soon expires,

And cannot nurse the babe, as babe requires,

Great Agni, wondrous infant, grows and thrives,

Dr. J. Muir: Original Sanskrit Taxts Vol. V.p. 221.

جيڪو ڀيرو رڌبو پچائبو، سو ڀيرو باهه ضرور کپندي – ڀيري ڀيري ڪاٺي ڪاٺيءَ سان گهي باهه پيدا ڪرڻ بدران سولي سهنجي واٽ هيءَ آهي ته باهه ۾ بنڊي وجهي ڇڏجي ته باهه دکندي رهي. آڳاٽا لوڪ گيهه ۽ مکڻ به باهه ۾ وجهندا هئا ته چـڱو ڀنڀٽ ٻري يگيه ۽ هون هوم جي شروعات ائين ٿي. اگنيءَ ۾ آهوتي (گيهه وغيره) وجهجي ٿي، ته باهه ڀڙڪا ڏيئي عرشين وڃي لڳي ٿي. هن تان به آڳاٽن رشين کي ڪو شاعراڻو خيال آيو، جو ويدن ۾ اَگن ديوتا بابت ڄاڻايل آهي ته اهو هڪ تکو قاصد آهي، جو جهٽ عرش تائين پهچي ٿو. يگيه جي اگنيءَ ۾ جيڪي وجهجي ٿو، تنهن جو تت آڪاس ۾ رهندڙ ديوتائن کي پهچائي ٿو، ۽ کين پاڻ سان وٺي پرٿويءَ تي انهن پوڄارين وٽ آڻي ٿو، جي يگيه جي اگني دکائين ٿا. انهن ديوتائن جي آسيس ۽ ڪرپا سان پوڄاري وڌن ويجهن ٿا ۽ ڀريا ڀاڳيا ٿين ٿا.

ڪنهن پراڻيءَ جو اگنيءَ سنسڪار ڪجي ٿو، ۽ لڪڙا ڏجن ٿا ته به باهه عرشين وڃي لڳي ٿي. اوڏيءَ مهل ڄڻ ته ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ اگني هڪ پُل مثل ٿي بيهي ٿي، جنهن تان پراڻيءَ جي آتما لنگهي سرڳ ۾ وڃي واسو ڪري ٿي. اهي هئا اگنيءَ بابت آڳاٽن آرين جا خيال.

سورج ديوتا: رگ ويد ۾ سورج ديوتا جي به ججهي ساراهه ٿيل آهي، ۽ ان جا گهڻي ئي نالا ڄاڻايل آهن. ”سورج“ يا ”سج“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سُوريه“، ۽ ڌاتو اٿس ”سو“ معنيٰ پيدا ٿيڻ. سڀ پيدائش سج جي روشنائي تي ٿئي ٿي، تنهنڪري هو سڀني جو ”مِتر“ (مٽ يا مائٽ) آهي. ورڻ ديوتا جو وڏو لاڳاپو تارن ڀريءَ رات سان آهي، پر ڏينهن جو ديوتا سورج آهي، تنهنڪري رگ ويد ۾ ورڻ ديوتا جي نالي سان گڏ ”متر“ نالي گهڻا گهمرا ڪم آيل آهي، جنهن جي ڪٿي معنيٰ آهي ”سج“ ته ڪٿي معنيٰ اٿس اها طاقت جا سج کي پورن وقتن تي اُڀرائي جهان جي مٿان روشنائي ڪرائي ٿي. *

 

سج جي روشنائيءَ تي ساوڪ سبزي ٿئي ٿي، تنهنڪري سج کي ”پُوشڻ“ به چوندا هئا. جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”اُڀرائيندڙ“. آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن مال چارڻ ويندا هئا، تڏهن پوشڻ ديوتا (سورج ديوتا) کي پنهنجو هڪ عمدو رهبر ڪري سمجهندا هئا. سج جي روشنائي تي چڱا چراگاهه ڳولي لهجن ٿا، جتي مال گاهه کائي متارو ٿئي ٿو، تنهنڪري پوشڻ ديوتا کي ”پشوپا“ يعني پسن يا وهٽن جو پاليندڙ به ڪوٺيو اٿن. جهنگ جا مرون چوپائي مال يا خود مالدار تي ڪاهي ايندا ته سج جي روشنائيءَ تي پريان ئي سڌ پئجي ويندي. انهن سڀني سببن ڪري آڳاٽا لوڪ چوندا هئا ته ”واٽن تي جيڪي بگهڙ ۽ ٻيا خوف خطرا آهن، تن کي اهو ديوتا ٽاري ٿو، (منڊل پهريون 42، 1-3). ”اي پوشڻ ديوتا، تون اسان لاءِ واٽ سڻائي ڪج، ۽ مال جي چاري لاءِ اسان کي چڱيءَ جُوءِ ڏي وٺي هلج“ (منڊل پهريون 42، 7-8). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سج جي ڳڻن جون ڳالهيون ڳڻي ائين چيو اٿن.

سورج ديوتا اخلاق يا نيتيءَ جي راهه ۾ پنهنجو چڱو رهبر سمجهيائون ٿي. رگ ويد ۾ چيل آهي ته آڪاس ۾ جيڪي ديوتائون آهن، تن جي اَک سورج ديوتا آهي. دنيا ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهن سڀ جو هو ساکي آهي، ڪهڙا به ڪم لڪائي ڪنداسين، ته به هو ڏسي ٿو، تنهنڪري سدائين چيتي هلجي، جو اهو شايد مٿان بيٺو آهي. ائين سورج جي روشنائيءَ آڳاٽن آرين ۾ روحاني خيال پيدا ڪيا. رگ ويد جي منڊل چوٿين (14، 2)، منڊل ستين (63، 1) ۽ منڊل ڏهين (158، 1-4) ۾ سورج جو ٻيو نالو ”سوتر“ (Savitr) ڄاڻايل آهي. ڏينهن جو سج روشنائي ڪري ٿو، ۽ سانجهيءَ جو لهي وڃي ٿو، پر رات پوڻ کانپوءِ به هو مٿي آڪاس ۾ هليو اچي (منڊل پهريون، 35، 2، ۽ منڊل چوٿون، 38، 3-4). رات جو سڀني ساهه وارن کي هو ننڊ بخشي ٿو، ۽ صبح جو کين سجاڳ ڪري ٿو (منڊل چوٿون، 53، 3) ۽ منڊل ستون، 45، 1). انهيءَ سورج جي تيزي ”ساوتري“ آهي، ۽ ان جو ٻيو نالو ”گاتيري“ آهي. مطلب ته گاتيري منتر اُچارجي ٿو، ته اگيان جي اوندهه ٽري، ۽ اسان جي ڌي کلي ته جوتي سروپ پرماتما سان ائين ملي هڪ ٿي وڃون، جيئن جوت سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿي. قدرت مان قادر سان ملڻ جي واٽ اجها ائين پئي لوچي لڌائون.

هندو ماڻهو وشنو ڀڳوان کي جوتي سروپ پرماتما جو اوتار سڏين ٿا. سري رامچندر ۽ سري ڪرشڻ وشنو ڀڳوان جو اوتار ليکيا وڃن ٿا. اهي اتهاسن واري زماني ۾ ٿي گذريا آهن. پر کانئن گهڻو اڳي رگ ويد ۾ وشنوءَ بابت جيڪي چيل آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته اصل ۾ سورج جي هڪ روپ جو نالو وشنو هو. اڄ تائين هندو ماڻهو سورج ديوتا کي هٿ جوڙي نمسڪار ڪندا آهن، ته اهو جوتي سروپ پرماتما جو روپ اسان جي اندر ۾ جوت جاڳائي ۽ اگيان جي اندهه ٽاري.

رگ ويد ۾ وشنو بابت چيل آهي ته هو ٽي قدم يا وکون کڻي ٿو. هڪڙيءَ وک سان سڄي ڌرتي، ٻي وک سان وچ آڪاس ۽ ٽينءَ وک سان مٿاهون آڪاس (وشنو لوڪ) والاري ٿو. انهيءَ مٿاهين آڪاس ۾ هو ماڻهن کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، پر ديوتائن کي ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو ڄڻ ته آڪاس ۾ اک کتل آهي (رگ ويد، منڊل پهريون، 154، 5). اتي (وشنو لوڪ ۾) ديوتائون آنند ۾ رهن ٿا (منڊل اٺون، 29، 7). ياسڪ مني جي جوڙيل ”نرڪت“ (12، 19) ۾ ڄاڻايل آهي ته انهن ٽن وکن جو مطلب آهي –سورج جو اُڀرڻ، مٿي چڙهڻ ۽ لهڻ. ڪن يوروپي عالمن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته سورج ديوتا جو هڪ روپ وشنو ڀڳوان آهي، جو وڏيون وکون کڻي سڄو جهان والاري ٿو.

اُشا ديوي: آڳاٽن لوڪن قدرت جي هڪ نظاري جو نهايت عمدو ذڪر ڪيو آهي. سج اُڀرڻ ڪري اوندهه ٽري ٿي، پر سج اُڀرڻ کان ئي اڳ جيڪا ديوي پنهنجو درشن ڪرائي ٿي، سا ”اُشا“ يعني پرڀات (Dawn) آهي. رات ڪَٽُ ڇڏي، پلئه کڻي ٿي ته هن ديويءَ جي جلوه ۽ جمال ڪري صاف صفائي ٿئي ٿي، ۽ سڄو آسمان نهايت نزاڪت ڀريو لڳي ٿو. آڳاٽن رشين اهو نرمل نظارو ڏٺو ته اندر ۾ اُمنگ اُٿين. پر ڀات بابت جيڪا شاعراڻي پلٽ پلٽي اٿن، تنهن جي پڙهندي روح کي راحت پيئي اچي. اُشا ديويءَ بابت جيڪي چيو اٿن، تنهن مان ٿوري مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏجي ٿو:

هيءَ آڪاس جي نياڻي، ڏورانهين عالم مان پنهنجي ٻهڪندڙ رٿ (گاڏيءَ) تي چڙهي اچي ٿي – سندس رٿ ۾ ڳاڙهي رنگ جا گهوڙا ٻڌل آهن (جن جي لعلاڻ آسمان کي رڱيو ڇڏي)، ۽ جيئن ويجهو اچي ٿي تيئن سدائين ٻهڪي ٿي. هن ديويءَ جي شڪل سهڻي ۽ مرڪَ مٺي آهي، ۽ پنهنجي جوڀن جي سموري نزاڪت ڏيکاري ٿي. اي ديوي، تنهنجي ڇاتي روشن آهي، تنهنجو منهن ٻهڪندڙ آهي ۽ تنهنجا سون ورنا وار تجلي وارا آهن جيئن ڪا سندري پنهنجي پتيءَ کي پاڻ تي موهت ڪرڻ لاءِ پنهنجي بدن تي ٻهڪندڙ ويس وڳا ڪري ٿي، ۽ سندس اکين اڳيان پنهنجي حُسن جو اظهار ڪري ٿي، تيئن هيءَ ديوي ٻهڪندي اچي ٿي.س ورج ديوتا عاشقن وانگر سندس پٺيان ڊوڙي ٿو، ۽ ڊوڙ ۾ کانئس شرط کٽي وڃي ٿو، ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ٻک ۾ اچي هڪ ٿيو وڃن. سڀاڳي اُشا، اڄ اسان تي هن هنڌ پنهنجو پرڪاش ڪر!

”جيڪي صبح گذري ويا آهن، ۽ بيشمار صبح جي هن کان پوءِ ٿيڻا آهن، تن جي واٽ وٺي، هيءَ روشن اُشا اچي ٿي، ته اوندهه ٽاري ٿي، ۽ جيڪي ماڻهو ننڊ ۾ مئل مثل پيل آهن، تن ۾ سجاڳي پيدا ڪري ٿي.

”سهڻي اُشا، تون جيتوڻيڪ بيشمار ورهين کان جيئري رندي آئي آهين، ته به هر ڪنهن صبح جو تون نئون جنم وٺين ٿي، تنهنڪري تون ٻڍي به آهين، ته جوان به آهين.

”اڄوڪو صبح اها واٽ وٺي ويندو، جا کانئس اڳي هر ڪنهن صبح ورتي. هن کانپوءِ جيڪو صبح ٿيندو، سو به اُشا جي پٺ وٺي ويندو. قديم زماني ۾ جن ماڻهن اُشا جي واٽ نهاري ٿي، سي گذاري ويا. اڄ سندس اچڻ تي اها اسين پيا ڏسون، ۽ اسان کان پوءِ جيڪي ٻيا پيدا ٿيندا، سي آئيندي انهيءَ ديوي جا ترورا پسندا.“ (رگ ويد، منڊل پهريون، 113، 7-11).

"Fair Ushas, though through years untold

Thou hast lived on, Yet thou art born

A new on each succeeding morn,

And so thou art both young and old."

"All those who watched for thee of old

Re gone, and now, tis we who gaze

On they approach: in future days

Shall other men they beams behold,"

Muir: Original Sanskrit Text, Vol. V.p. 196

هيءَ نسوري شاعراڻي پلٽ آهي. انهيءَ جو جيڪو مزو اصلوڪي مضمون مان ايندو، سو ترجمي مان اچي ڪين سگهندو. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته رگ ويد جي هن مضمون کي جيتوڻيڪ هزارها ورهيه گذري ويا آهن، ته به اڄ به اهڙو ئي تازو پيو لڳي، جهڙو انهيءَ زماني ۾ آڳاٽن ماڻهن کي لڳو ٿي.

ٻيا مکيه ديوتائون: رگ ويد ۾ جن ديوتائن جو ذڪر آهي، تن مان هرهڪ جو مٿينءَ ريت وستار ڪجي، ته هڪ چڱو خاصو ڪتاب ٺهي پوي. انهيءَ سبب هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد ۾ ٻيا مکيه ديوتائون پرجا پتي (برهما)، اشوني ڪمار (شايد شفق ۽ صبح جا تارا)، يم ديوتا ۽ منو ڀڳوان آهن، جيئن عيسائي، يهودي ۽ مسلمان وغيره مڃين ٿا ته پهريون انسان آدم هو، جنهن مان انسان ذات پيدا ٿي، تيئن هندو وسهن ٿا ته اول منو ڀڳوان هو، جنهن مان ٻيا ماڻهو پيدا ٿيا. ”ماڻهو“ لفظ اصل ۾ آهي ”منشيه“ يعني ”منوءَ جو اولاد“. ساڳيءَ ريت ”آدمي“ معنيٰ ”آدم جو اولاد“.

آڳاٽا آريه لوڪ سوم نالي هڪ ٻوٽي جي رس پيئندا هئا، جا چنڊ جهڙي اڇي ۽ روشن هوندي هئي. اها نهايت گڻاڪاري هئي، تنهنڪري انهيءَ ٻوٽيءَ جي اُڀرائيندڙ ديوتا کي به ”سوم“ سڏيندا هئا. گ ويد، جو سڄو نائون منڊل سوم جي ساراهه سان ڀريل آهي. جيئن سج جو روپ اگني آهي، تيئن سوم جو روپ چندرما (چنڊ) آهي، ۽ اهو به ”سوم“ سڏجي ٿو. ”سومر – سومار“ معنيٰ ”سوم يا چندرما (چنڊ) جو ڏينهن“ (Monday: Moon-day) ويدن جي براهمڻن ۾ سوم (چنڊ) کي امرت جو نياڻ سڏيو اٿن. چنڊ جي سهائي پکَ ۾ ديوتائون اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي، ۽ اونداهي پک ۾ پتر اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا وڃي گهٽبي. هي ڳالهيون پراڻن ۾ به لکيل آهن.

آڳاٽا لوڪ سنڌونديءَ کي هڪ مکيه ندي ڪري سمجهندا هئا، تنهنڪري ان جي گهڻي اُستتي ڪئي اٿن، پر سرسوتي نديءَ کي هڪ پوتر ندي ڪري ليکيندا هئا، تنهنڪري ان کي ديوي ڪوٺيو اٿن. سرسوتي ندي جي ڪناري تي گهڻا يگيه ڪندا هئا ۽ ويدن جا منتر اُچاريندا هئا. انهيءَ سبب سرسوتي نديءَ کي ڪٿي پوتر ندي ته ڪٿي وديا جي ديوي سڏيو اٿن، ۽ ان کي گهڻو واکاڻيو اٿن. انهيءَ قديم رواج پٽاندر اڄ تائين سرسوتي وديا جي ديوي ليکي وڃي ٿي.

آڳاٽا لوڪ وسهندا هئا ته حورون يا پريون به آهن – انهن کي ”اَپسرائون“ (اپڇرائون) سڏيندا هئا. اپسرائن بابت وسهندا هئا ته انهن کي پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ وڻندو آهي، تنهنڪري مٿن اهو نالو رکيائون. ”اپ“ معنيٰ پاڻي ۽ ”سر“ معنيٰ سرڻ يا چرڻ، جنهنڪري اپسرا معنيٰ پاڻيءَ ۾ سرندڙ يا تڙڳندڙ.

ديوتائن جو تعداد: رگ ويد جي منڊل پهريون (139، 11) موجب، توڙي اٿرو ويد ۽ براهمڻن موجب مکيه ديوتائون ٽيٽيهه آهن: يارهن ڌرتيءَ جا جهڙوڪ پرٿوي، اگني، برهسپتي ۽ سوم وغيره، يارهن ديوتائون ”مڌيم. اسٿاني“ (Intermediate or aerial) يعني آڪاس يا پولار جا جهڙوڪ اندر، رُدر (گجگوڙ ڪندڙ وڄ)، مروت وايُو وغيره، يارهن ”دَيُو اسٿاني (Celestial) جهڙوڪ ديوس پتر (ابو آڪاس، ورڻ ديوتا، اُشا (پرڀات)، اشوني ڪمار ديوتائون ۽ سورج، جنهن کي جدا جدا ڪري متر، پُوشڻ، سَوتِر ۽ وشنو سڏيو اٿن. (ڏسو پاسڪ منيءَ جو ”نرڪت“ 7، 5).

شتپٿ براهمڻ ۾ ديوتائن جا نالا ٻيءَ ترتيب سان بيهاري ڄاڻايو اٿن ته ٽيٽيهه ديوتائون جي مکيه آهن، تن مان يارهن رُدر، ٻارهن آدتيه، اَٺ وِسو، هڪ اندر ديوتا ۽ هڪ پرجا پتي (برهما) آهن. رُدرن ۾ مکيه آهي شنڪر. آدتين ۾ سورج (وشنو) ۽ وسن ۾ اگني. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ به ائين ڄاڻايل آهي. اهي ٽيٽيهه ديوتائون پوءِ وڀوتين جو وستار ڪري، وڌي ٽيٽيهه ڪروڙ ٿيا آهن. انهيءَ سبب هندن تان ڪي کلندا آهن. حقيقت هن ريت آهي ته ڌڻي هڪڙو ئي آهي، پر سندس صفاتي نالا بيشمار آهن ۽ آڳاٽن آرين هرهڪ کي مجسم (Personify) ڪيو آهي. انهيءَ ريت ٽيٽيهن ڪروڙن کي اڃا به وڌائجي ته وڌائي سگهجي ٿو، آڳاٽن لوڪن اها ڳالهه پاڻ ڪئي آهي، جيئن هيٺ ڄاڻائجي ٿو.

ڪثرت ۾ وحدت: رگ ويد جي منڊل ڏهين (82، 1-3) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سڀڪجهه خلقڻهار وڏو آهي. اهو ئي سڀني کي خلقي ٿو، اهو ئي سڀني کي سنڀالي ٿو ۽ اهو ئي سڀني جي مٿان آهي... جنهن پتا (پيءُ) اسان کي پيدا ڪيو آهي، جنهن کي سڀني قومن ۽ سڀني شين جي ڄاڻ آهي، سو هڪڙو ئي آهي، پر مٿس نالا گهڻا رکيل آهن.“ هن مان چٽيءَ ريت ظهار آهي ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ جيتوڻيڪ عناصرن يا تتون کي ملائيندڙ طاقتن کي ديوتائون ڪري پوڄيائون ٿي، ته به ائين ڄاتائون ٿي ته ساري جهان جو خلقيندڙ هڪڙو ئي قادر مطلق ڌڻي آهي. رگ ويد جي منڊل پهرين (164، 46) ۾ به ائين ئي چيل آهي ته جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجن پروڙين ٿا.

ويدڪ ڌرم ڪهڙي دفعي ۾ ليکجي؟ ويدڪ ڌرم بابت جيڪي مٿيون حقيقتون رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن، تن تي ويچار ڪرڻ سان سڀاويڪ طرح هيءُ سوال اُٿي ٿو ته ويدڪ ڌرم جو لڇڻ (Character) ڪهڙو آهي؟ ان کي ڪهڙي دفعي ۾ ليکڻ گهرجي؟ رگ ويد ۾ جملي 1028 سُوڪت آهن. جيڪو به سوُڪت پڙهجي ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ئي ديوتا جي اُستتي آهي. ائين گهڻن ئي ديوتائن جا نالا ڄاڻايل آهن، ۽ انهن جي پوڄا جو به ذڪر اهي، تنهنڪري هرڪو جيڪر ائين چوي، ته آڳاٽن آرين جو ڌرم ”ٻهون ديو مت“ (Polytheism) هو. انهن ساڳين ديوتائن جي شڪل شبيهه وغيره جو ائين ورنن ڪيو اٿن جو ڄڻ ته انهن ديوتائن جي صورت وغيره ماڻهن جهڙي هئي، تنهنڪري اهو ”منک روپ ديومت“ (Anthropomorphism)  به چئبو. رگ ويد ۾ پِترن جي پوڄا جو ذڪر به آهي، تنهنڪري چئبو ته ”هرهڪ ماڻهوءَ جي روحاني هستي علحدي ليکڻ جومت“ (Animism) به وتن عام هو. ساڳئي وقت رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ائين به ڄاڻايل آهي ته ڌڻي سڀ شيءِ (جاندار توڙي بي جان) ۾ محيط يا وياپڪ آهي. ”سمنڊ جنهن جا لڪ (Loins) آهن، سو پاڻيءَ جي ڦڙي ۾ به سمايل آهي“ – اهڙا جملا چٽيءَ ريت ظهار ڪن ٿا ته ”ويدانت مت“ (Pantheism) تن ڏينهن ۾ ئي ڦهليل هو. هيئن به چيل آي ته ”ڌڻي هڪڙو ئي آهي، ۽ مٿس نالا گهڻا رکيل آهن، ۽ جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجهن پروڙين ٿا“. هيءُ چٽو اشارو ”ايڪ ايشور واڌ“ (Monotheism) جو آهي. اهڙيءَ طرح باريڪ ريت جاچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گهڻن متن جو ٻج ڇٽيل هو. ساڳئي وقت هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته رگ ويد جا منڊل جدا جدا زمانن جا جڙيل آهن، پر رگ ويد واري آڳاٽن، وچولي توڙي پوئين زماني ۾ نڪي هيون مڙهيون نڪي مندر، نڪي ٺاڪر دوارا يا شوالا نڪي ٽڪاڻا. جهوني ۾ جهونا منڊل ائين ئي ڄاڻائين ٿا ته هي قدرت جو ڪارخانو آڳاٽن آرين جو مندر هو، ۽ آڪاس، پرٿوي، سج، پون (هوا)، ۽ ٻيا عناصر جي آد کان هليا اچن، سي سندن ٺاڪر هئا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته سندن اوائلي ڌرم هو ”پرڪرتي پوڄا“ يعني الاهي طاقتن جي پوڄا (Nature Worship or Naturalism) انهن جدا جدا طاقتن کي پوءِ ديوتائون ڪري ليکيائون ته سندن ڌرم ”ٻهون ديومت“ (Polythesim) پيو ڀاسي. انهيءَ ڪثرت منجهان ئي وحدت لوچي لڌائون، تنهنڪري اهو ”ايڪ ايشور واد“ (Monotheism) چئجي ٿو. انهيءَ هڪڙي ڌڻيءَ جي ڌيان ڌاريندي کين هرهڪ گل مان سندس ئي واس آيو، ۽ سڀ ۾ اهو هڪڙو پسڻ لڳا. جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن صاحب سامهون“. حاصل مطلب قدرت منجهان ئي قادر سان ملڻ جي واٽ ملي ٿي، ۽ اهو ئي آڳاٽن آرين جو اوائلي ڌرم هو.

ٺاڪرن جي مورتي: پروفيسر مئڪس ملر رگ ويد جو اڀياس ڪري ڄاڻايو آهي ته ويدڪ ڌرم ۾ ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن پوڄڻ جي ڳالهه ناهي ئي ڪانه.  ٻين به ڪيترن يوروپي توڙي ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي ته ويدن واري زماني ۾ بت پرستي هئي ڪانه. انهيءَ هوندي به رگ ويد منجهان ڪيترن عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن ٺاهڻ جو رواج رگ ويد واري ڪنهن عرصي ۾ ئي جاري ٿيو هو. منڊل چوٿين ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته ”ڏهه گايون ڏيئي، منهنجو هيءُ اِندر ڪو وٺندو؟ جڏهن اِندر ديوتا سندس دشمن دفع ڪري، تڏهن منهنجو اِندر مون کي موٽائي ڏي!“*

 


*   Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.

*  * ”سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگ، مينهون،

آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين“.

 شاهه

*   The two pieces of fuely by the attrition of whichfire is produced, and which are represented as husband and wife.

*   Z.A Ragozin, Vedic India, p. 149.

*   Prof. Max Muller: Chips from a German Workshop, 1-38

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org