سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال

باب؛ 1

صفحو ؛ 1

ٿر ۽ پارڪر جو احوال

ايس – اين – رئڪس / ڊاڪٽر نواز علي شوق

ٿر ۽ پارڪر جو احوال

پھرين آءٌ ٿر جا احوال اوريندس ۽ پوءِ، پارڪر جون ڳالھيون ٿينديون. ٻئي علائقا ھڪٻئي سان دنگئي آھن. منجھن ھڪ جھڙائي ڪا نھ آھي. جيڪڏھن ڪجھھ آھي بھ، تھ اھا نالي ماتر آھي.

(٢) ٿر جو ڀاڱو ڍٽ، ھڪ رڻ پٽ آھي. منھنجي انتظام ھيٺ ۽ ڪڇ جي رڻ جي اترئينءَ سرحد سان دنگئي آھي. ڊيگھھ ١٢٠ ميل ۽ منڍو ٤٠ کان ٥٠ ميل کن ٿيندس. سندس ڪل پکيڙ ٥٤٠٠ چورس ميل ٿيندي.

(٣) اولھھ کان سنڌ ماٿري اٿس. اتريون دنگ نئون ڪوٽ جي اتر کان اوڀر ڏس تي ھلندو ۽ مٺيءَ سنگالا کان اتريون پاسو ڏيون
ور وڪڙ کائيندو، مارواڙ ڏانھن وڃي ٿو. عمرڪوٽ جي علائقي جو ڪجھھ حصو بھ منھنجي انتظام ھيٺ آھي. جيڪو ٿر جيان ھڪ رڻ پٽ آھي.

(٤) ٿر جي اوڀر ۾ مارواڙ آھي ۽ ڪڇ جي رڻ جي سنھي پٽي، کيس گجرات جي ڦولن پور ضلعي کان جدا ڪري ٿي.

(٥) ڏکڻ ڏس کان، رڻ، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن کي ڪڇ کان جدا ڪري ٿو.

(٦) سارو ٿر واريءَ جي ڀِيٽن سان ڀريو پيو آھي. پري کان طوفاني موسم ۾ ڇوليون ماريندڙ سمونڊ پيو ڀاسبو. ڀٽن جي ڊگھائي اوڀر کان اولھھ ڏسڻ ۾ ايندي ۽ عام طور تي ھن علائقي جي اولھھ پاسي واريون ڀٽون، اوڀر طرف وارين ڀِٽن کان اتاھيون نظر اينديون.

(٧) عام طور رڻ جي وٽ سان، ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان ٦ کان ١٢ فوٽ ھيٺ جر جو پاڻي ملڻ جو امڪان ھوندو آھي. ڪن ٿورين جاين تي پاڻي ٻاڙو ھوندو، پر گھڻن ھنڌن تان پيئڻ جھڙو مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. پاڻيءَ جي لاءِ عارضي قسم جا ڪچا کوھھ کوٽيا ويندا آھن. منجھن تري ۾ چڪ (شھونگ) وھاري پاسن کي چوڌاريءَ ڊگھن ساون چھن سان واڻي، مٿان مٽي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندا آھن. جيتري وقت تائين کوھھ استعمال ھيٺ ھوندو آھي، تھ پاڻي، واريءَ مان ڇڻي صاف ٿي ٻاھر کوھھ جي تري ۾ گڏ ٿيندو ويندو آھي. ايترو وقت پاڻي پيئڻ لائق رھندو آھي.

(٨) اندرين علائقن ۾ کوھھ جي اونھائي ھڪ جھڙي ۽ ھڪ جيتري نھ ھوندي آھي. ان جي نسبت رڻ جي فاصلي سان واسطو رکي ٿي. جيڪڏھن اونھائي ھيٺ گھڻي آھي، تھ کوھھ پڪين سرن سان ٻڌا ويندا آھن. پٿر ھتي سولائي سان ملي ڪونھ سگھندو آھي. پاسن کي ڦوڳن جي چھن سان واڻڻ خطري کان خالي ڪونھ ھوندو آھي. رڻ جي ڪناري کان ٣٠ ميل پري کوھن جي اونھائي ٦٠ گز ھوندي آھي.

(٩) کيتي، ڀٽن کان ھيٺ تراين ۾ ٿيندي آھي. آباديءَ لائق زمين تمام ٿوري آھي. اھا تراين واري زمين ۽ ڀٽون وسڪاري ۾ ساوا ويءَ ۽ ولھار بڻجي ويندا آھن ۽ ڀانت ڀانت جي گاھن جون گلزاريون لڳي وينديون آھن. ٿر جو گاھھ، ڀر وارن علائقن جي گاھھ کان وڌيڪ طاقتور ھوندو آھي. اتان جا رھواسي مارو لوڪ جن جو گذر سفر پوکيءَ راھيءَ کان وڌيڪ مال تي ھوندو آھي، سي ٿوري وقت لاءِ ھن گاھھ تي گذارو ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا آھن. کيتيءَ لائق زمين ڪنھن ڪنھن ھنڌ تمام ٿوري آھي. ماڻھن جي ملڪيت ۽ سندن وجود ھميشھ غيرمحفوظ ھوندو آھي ۽ حسب حال زندگي گذارڻ لاءِ، کين اڳ ۾ ئي ڪجھھ سوچڻو پوندو آھي.

(١٠) ڀٽن جي واري تمام سنھڙي ۽ صاف آھي. منجھس ڪجھھ واريءَ جا ڀرڻا ڳوڙھا بھ ھوندا آھن. ان ايراضيءَ جي مٿاڇري جي صورت حال اھڙي آھي، جو ائين لڳندو تھ ڄڻ ڌرتي ڌڏڻ يا زمين جي اندروني آندولن ڪري ڀٽون مٿي اڀري آيون آھن. ٿر ۾ گھاڙ بھ ڏاڍي گھلندي آھي. واءُ ۾ واري بھ ھيڏي ھوڏي پئي وڙڪندي وتندي، ۽ ڀٽن کي نيون شڪليون ۽ صورتون پئي ڏيندي، پر ان ھوندي بھ ٿر جي ڀٽن جي ترتيب واسطي واءُ ايتري قدر ذميوار نھ آھي.

(١١) پارڪر جو علائقو ٿر کان ڏکڻ – اوڀر واري ڏس تي آھي. اتر کان ڏکڻ سندس منڍو ٦٠ ميل ۽ اولھھ کان اوڀر ڊيگھھ ٣٠ ميل آھي. ھر ڳالھھ ۽ ڳڻ ۾ ٿر کان وکرو ۽ نرالو آھي. پارڪر ۾ سخت پاھڻ وارين ٽڪرين جو سلسلو موجود آھي. ٿر ۾ پٽ جھڙي ڪئنري واريءَ جون نرم ڀٽون آھن. پارڪر ۾، ويھن ميلن جي گھيري اندر ڪاٿي ننڍڙيون تھ ڪاٿي ڪجھھ اتاھيون ٽڪريون موجود آھن.

زمين جي مٿاڇري کان سندن اچائي وڌ ۾ وڌ ٣٥٠ فوٽ کن ٿيندي. ھنن ٽڪرين جي وچ تي موجود ميداني علائقو، ڪڇ جي اوڀارئين حصي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو، جيڪو وچ تي رڻ ڪري ڪڇ کان الڳ ٿي ويو آھي.

(١٢) ٿر يا پارڪر ۾ ڪوبھ درياه يا ھميشه وھندڙ نئن وغيرھ ڪانھ آھي.

(١٣) پارڪر جي سامھون، رڻ جي حدن اندر ويرا واھھ ڳوٺ جي ڀرسان ھڪ وڏي مشھور شھر جا کنڊر موجود آھن، جنھن جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو. جين ڌرم سان واسطو رکندڙ ڪن مندرن جون جايون بھ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پارڪر جي موجوده شھر ڀوڏيسر جي ڀرسان ھڪ ڦٽي جا اھڃاڻ آھن. پارڪر ۾ ڪيترن ئي پڪن تلائن جي اڏاوتن جي موجودگي اسان کي اھو ڏيکاري ٿي، تھ پارڪر موجوده ٻن ٽن صدين کان اڳ گھڻو ترقي يافتھ ۽ وڌيڪ مھذب ھو.

 


 

 

قبيلا ۽ ذاتيون

(١٤) سانگي قبيلن کان سواءِ، ٿر ۽ پارڪر جون مکيھ ذاتيون سوڍا، نھڙيا، راھمان ۽ کوسا آھن. واپار وڙي جي ڌنڌي سان واڳيل واڻيان، لوھاڻا ۽ ميمڻ ذات بھ ھنن علائقن ۾ رھي ٿي. ڀيل ۽ ڪولھي بھ ججھي انگ ۾ رھن ٿا. کين نھ مسلمان پنھنجو ٿا ڪن ۽ نھ ھندو کين پنھنجي ڌرم پٿ ۾ شامل سمجھن ٿا. پر پاڻ ڌرمي ريتيون رسمون ھندن واريون ڪن ۽ پاڻ کي سمجھن بھ ھندو. ھن علائقي ۾ انگ جي لحاظ کان سندن گھڻو اثر آھي. ھاڻي ڪن مکيھ ذاتين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويندو.

شروعات سوڍن جي اھم ذات سان ڪريون ٿا:

(١٥) ھن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آھي، جيڪا راجپوت ڦريءَ سان لاڳاپيل آھي ۽ پرمار سوڍن جي ڪڙم مان آھي. اٺ سؤ ھزار سال کن پرمار سوڍا اجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي جي علائقن تي حڪومت ڪندا ھئا. گھڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري (ٿي سگھي ٿو تھ ڪي سماجي مسئلا ھجن) پنھنجي ماتر ڀومي ڇڏي، ھٿيار پنھوار کڻي، پنھنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانھن نڪري پيا.

(١٦) عمر ڪوٽ جو قلعو ھاڻي جيان اڳ بھ ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجھيو ويندو ھو ۽ مارواڙ ۽ سنڌوماٿريءَ جي اھم گس تي موجود ھو. تنھن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حڪومت ھئي. عمرڪوٽ جي قلعي کان ٣٠ ميل اتر طرف، ٿر اندر ھڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اھڃاڻ موجود آھن. اھو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جھڙو اھم آھي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آھي يا انھن کان اڳ جي تعمير آھي، سو پتو ڪونھ ٿو پوي. اھو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ ڪنھن مدبر حڪمران ٿر جي ڏھڪاءَ وھارڻ لاءِ اھڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ ھندستان جي مابين شاھي رستن تي پنھنجا فرمان جاري رکيا.

(١٧) انھن قلعن پرمار سوڍن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو، جن ١٢٢٦ع ۾ حملو ڪري، وڏيءَ جدوجھد کان پوءِ اھي ٻئي قلعا (عمرڪوٽ ۽ رتوڪوٽ) فتح ڪري ورتا. راجپوت نسلي طور ڏاڍا ڪلاونت ويڙھاڪ ھوندا آھن. پنھنجي اوج جي زماني ۾ تھ وڌيڪ بھادر ھئا. جنگين ۾ تير ترار ھڻڻ ۾ سندن ڪو مٽ ثاني ڪونھ ھو. اڪيلي طور ھنن جنگ جوانن اھي ڪارناما ڪري ڏيکاريا، جھڙا اسان جي جوڌن، صليبيءَ جنگين ۾ ڪري ڏيکاريا ھئا. ان زماني جنگ سائنس جو روپ اختيار ڪونھ ڪيو ھو ۽ جنگي سوڀ شخصي بھادري ۽ ڀاڳن تي مدار رکندي ھئي. جڏھن انسان کي جنگ جي سائنسي ڄاڻ آئي ۽ جديد ھٿيار منصوبھ بندي ۽ تنظيم کي گڏ استعمال ڪرڻ جي پروڙ پئي تھ، راجپوت طريقي واريءَ جنگ جي اھميت ڪانھ رھي. ان سان گڏ اھڙيءَ جنگ سان لاڳاپيل ڪوپا ۽ ڪلنگيڌر مٿير مڙس بھ اھميت وڃائي ويٺا. اڄ جا پرمار سوڍا بھ پنھنجي انھن ابن جيان جھونجھار جوان آھن، جن عمرڪوٽ ۽ رتو ڪوٽ فتح ڪيو ھو، پر منجھن ايڏي آڏ وڏائي آھي، جو ڪنھن ضابطي ۽ اصول ھيٺ اچي وڙھي ڪونھ ٿا سگھن. اڄ جي مھذب دنيا فوجي ضابطن ۽ قاعدن کان پوريءَ ريت باخبر آھي، جن جي نھ ھئڻ ڪري، فوج کي بي ضابطھ ھٿياربند ٽولو سمجھيو ويندو آھي.

(١٨) عمر ڪوٽ جا راڻا(1) ھندستان جي شھنشاھھ يا سندس ٺٽي ۾ رھندڙ نواب جا ڏن ڀرو ھئا. ۽ کانئن خلعتون ۽ سرويائون وٺندا ھئا. تن ڏينھن حڪمران قبيلي جي سردار کي راڻو چيو ويندو ھو. اھو ياد رکڻ گھرجي، تھ ھن صدر مقام کي شھنشاھھ اڪبر جي ڄمڻ ڪري وڏي شھرت ملي آھي. ھيءَ اھا جاءِ آھي، جتي ھمايون، شاھي تخت جي غاصب شير شاھھ کان ڀڄي لڪي اچي پناھھ ورتي ھئي. مذڪوره ماڳ شھر جي اتر – اولھھ طرف اڌ ميل پنڌ تي موجود آھي.

ڪتبي تي لکيل تحرير ھن ريت آھي.  مستقبل جي شھنشاھھ اڪبر پھريائين ھت اک کولي. ١٥٤٢ع.

(١٩) عمر ڪوٽ ۽ رتوڪوٽ جي فتح کان پوءِ، سوڍا ماٺ ڪري ڪو نھ ويٺا. پر بخت آزمائيءَ لاءِ ٻين علائقن ڏانھن بھ ھليا. اھو پتو ڪونھ ٿو پوي، تھ جنھن وقت سوڍن پارڪر تي دنگو ڄمايو تھ اتان جي صورتحال ڪھڙي ھئي. ڪي روايتون اسان کي ٻڌائين ٿيون، تھ ڪن سوڍن عمرڪوٽ کان اچي يارھين صديءَ عيسويءَ ۾ پارڪر تي قبضو ڪيو ۽ ڪيترين صدين کان پارڪر ۾ ويرا واھھ جون زمينون سوڍن راجپوتن جي قبضي ھيٺ آھن. تمام گھڻي وقت کان وٺي ۽ دستاويزي معلومات مطابق پارڪر جي سوڍن جي مکيءَ کي راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آھي.

(٢٠) ١٧٥٠ع ۾ عمر ڪوٽ جو قلعو سنڌ جي ڪلھوڙا گھراڻي(1) جي حڪمران جي قبضي ھيٺ آيو. انھن ڏينھن کان وٺي سوڍن جي ڀاڳ جو ستارو، جيڪو ڪڏھن عروج تي ھو، سو لھڻ لڳو ھو. ان دوران ھو پنھنجي آزاد حيثيت وڃائي چڪا ھئا ۽ سنڌوماٿريءَ جي مسلمان حڪمرانن جي توھين آميز سلوڪ کان ڊڄي، عمرڪوٽ ڇڏي، ويرا واھ ۽ پارڪر جي ڀرپاسي ٿر جي ڀٽن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، ۽ اتي موجود زمينن جا مالڪ بنجي ويا. پنھنجو قبيلو کين عمرڪوٽ جي راڻي جي لقب سان سڏيندو ھو ۽ ھو ڪنھن جا بھ ڏن ڀرو ڪونھ ھئا.

(٢١) ھن علائقي جا طاقتور يا ننڍا وڏا قبيلا راجپوت ڦويءَ سان تعلق رکن ٿا. سندن مٽيءَ مائٽيءَ جا رشتا ناتا ڪڇ سان وڌيڪ آھن. ھيءُ ملڪ بھ راجپوت نسل سان تعلق رکي ٿو. پنھنجا پٽ ۽ ڌيون گھڻو ڪري ھتي پرڻائيندا آھن. ٿر جون سوڍيون مشرق جي سھڻين عورتن منجھان آھن. سندن اعليٰ اخلاق ۽ سونھن تي شاعري ڪئي ويندي آھي ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون انھن سان وابستھ آھن. اڳوڻي زماني ۾ تھ سندن حسن تي خونخوار مقابلا ٿيندا ھئا.

(٢٢) اسان جي تحقيق جو مقصد، فقط اھو معلوم ڪرڻ آھي تھ سوڍا ڪٿان آيا ۽ ڪيئن ٿر ۾ ملڪيتن جا مالڪ بڻجي ويا. ان کان ٻاھر جاچڻ پرکڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھي ۽ اسان اھا تحقيق ڪري ورتي آھي. سندن ان حيثيت تي پھچڻ يا وٽن ڪن رعايتن ۽ سھولتن جو موجود ھجڻ بھ سوچڻ جوڳي حقيقت آھي. پر ھيءَ ڳالھھ ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي، تھ ٻين جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ ڄڻ ھڪ عام روايت آھي، پوءِ کڻي ماڻھو ان کي پسند نھ بھ ڪري. مشرق ۾ تلوار جي زور سان ننڍي يا وڏي حڪمراني قائم ڪري سگھجي ٿي. ھتي طاقت کي صحيح سمجھيو ويندو آھي، يعني، ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ وارو رواج آھي. بابر ڪابل جي تخت تي ويٺو. تلوار جي زور سان قنڌار تي قبضو ڪيائين. پنجاب ۾ پاڙون مضبوط ڪري، دھليءَ تي ديرو ڄمايائين. کيس اھڙو ڪوبھ حق ڪونھ ھو، پر ھو ايئن ڪري سگھيو پئي، ڇاڪاڻ تھ کيس ھٿن ۾ ننگي تلوار ھئي. ساڳي ئي تلوار سان جاڙيجن ڪڇ فتح ڪيو. ڪلھوڙن بھ تلوار جي طاقت سان سنڌ ۾ بادشاھي قائم ڪئي. اھڙيءَ ريت ٽالپرن بھ پنھنجو وارو وڄايو. تلوار جي زور سان بادشاھي ڪرڻ جو حق مغرب جي عيسائي دنيا ۾ بھ موجود آھي، تھ مشرق ۾ بھ. ان جا ڪيترا مثال ملن ٿا، جن تي بحث ڪرڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھي. تاريخ، انھن قومن جي مقدر جي ڪٿا کان ٿورو ڪجھھ کڻي وڌيڪ آھي، جن فاتحن جي اشارن تي سڀ ڪجھھ قربان ڪري ڇڏيو، جن وٽ قانون جو نھ، پر فاتحن جي مرضيءَ جو احترام ھو. کين حڪمراني ڪرڻ جو ڪو بھ حق ڪونھ ھو، پر پرائي اقتدار ۽ حڪمراني تي دنگو ڄمائڻ، سندن مرضيءَ ۾ شامل ھو.

(٢٣) راھمان ۽ نھڙيا مسلمان قبيلن سان تعلق رکن ٿا. سندن لٺ سردار ٿر جي اولاھين حصي واري زمينن جا مالڪ آھن، جيڪي اصلي سنڌ جي زمين سان دنگئي آھن. اھو پتو ڪونھ ٿو پوي، تھ اھي ڪھڙي زماني ۾ ۽ ڪھڙين حالتن ھيٺ اچي ٿر نڪتا. پر امڪان اھو آھي، تھ اھي سورھين صدي ۾ ھتي آيا ھوندا. راھمن جو تعداد ١١٠٠ ۽ نھڙين جو شمار ٩٠٠ کن ٿيندو. اھي سوڍن کان سڱ وٺندا آھن.

(٢٤) انھن کان پوءِ اھم کوسن (1) جو قبيلو آھي. ھن ذات تي ٻھ ٽي سٽون لکڻ لازمي آھي، ڇاڪاڻ تھ سندن موجودگي ٿر ۽ ڪڇ تي گھڻي قدر اثرانداز رھي آھي. کوسا مسلمان قبيلي سان تعلق رکن ٿا. ھو ڪلھوڙن سان گڏ سنڌ ۾ آيا. جڏھن ١٧٨٢ع ۾ ڪلھوڙن جو زوال آيو، تھ سنڌ ڇڏي مارواڙ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي وچ تي ٿر جي رڻ پٽ ۾ ٽڙي پکڙي ويا. اھي قداور ھاٺيءَ سان ڏيل ۽ ڏيا وارا جنگجو جوان آھن. بک ڏک جا ڏاڍا بھادر ۽ مھم جو آھن. جيڪڏھن ڪنھن ذميواريءَ جو ڪم سنڀاليندا، تھ ڏاڍا ڦڙت ۽ چالاڪ بڻجي پوندا آھن. پر جي واندا ھوندا، تھ ڏاڍا سست ۽ نڪما ڏسبا. ٿر اھڙي جڳھھ آھي، جتي سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو مليو.

(٢٥) ڪيترن نسلن کان گھوڙو ۽ تلوار سندن گذر سفر جو وسيلو رھيا. جيستائين ڪلھوڙا سنڌ جا حڪمران رھيا ۽ کين سندن خدمتن جو معاوضو ملندو رھيو، تھ ھي بھ نيڪ نيتيءَ سان سندن ٻانھن ٻيلي رھيا. پر ھاڻي ھيءُ قبيلو بيروزگار آھي. ٽالپرن وٽان ڪجھھ ملڻ جي کين آس اميد ڪانھ آھي، جيڪي ڪلھوڙن جي زوال کان پوءِ اقتدار ۾ آيا. موجوده دؤر ۾ سندن ٿر ٿر ۽ ٿاڪ لڳا پيا آھن. ھتان جي مقامي ٿري سردارن سان جھٽ ٿي بنا ڪجھھ ھٿ پير ھڻڻ جي، پنھنجو گذر سفر ڪري وٺندا آھن. ھونءَ ھو پورھئي پنجڙ مان ڪونھ ڄاڻن. جڏھن گنديءَ سوچ وارا ھڪڙا ماڻھو ساڳي سوچ رکندڙ ماڻھن سان اچي ملندا آھن ۽ ھڪٻئي جي صحيح مشرقي نموني سان مدد ڪندا آھن، تھ ٻين جي مڏين ملڪيتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويندا آھن. سندن لٽ مار جي ڪارواين جي دائري مان اسان ھي نتيجو (1) ڪڍون ٿا تھ ھڪ طرف ڀڄ جا دروازا سندن پھچ کان پري ڪونھ ھئا، تھ ٻئي پاسي راڌڻ پور جون بازاريون سندن تکين تلوارن کان محفوظ ڪونھ ھيون. ٽئين پاسي خود احمد آباد بھ سندن ارڏاين کان وانجھيل ڪونھ ھو.

(٢٦) ٿر جا مارو، جيڪي سادي زندگي گذاريندا آھن، سي بھ مسلمان قبيلي سان تعلق رکن ٿا. ھتان جا اصلي رھاڪو، سنڌ کان ھجرت ڪري ھتي پھتا آھن. جن مان اوٺيا ۽ رونجھا انگ جي لحاظ کان خاص اھميت وارا قبيلا آھن. قديم زماني کان وٺي اھي مارو لوڪ چوپائي مال تي گذر سفر ڪندا اچن. سندن رھڻي ڪھڻيءَ ۾ پراڻي زماني جون روايتون محفوظ آھن. خاندان جو وڏو، پيءُ ھوندو آھي. ھرھڪ قبيلو ڏاڍي امن آشتيءَ سان گذاري ٿو. قبيلي جي ڇيڙي نبيري چڱن جي ذميواري ھوندي آھي. اھي قبيلا ھڪ ماڳ تي لڏا لاھي کپ کوڙي ويھي ڪونھ رھندا آھن. پر مال جي چاري جي ڳولا ۾ وتندا آھن سانگ ڪندا. ھڪ جوءِ مان داڻو پاڻي کٽو، تھ ڏور وڃي، ٻيءَ دڻيءَ کي ڏسندا. ھاڻي ھنن پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪيت جي بچاءَ ڪارڻ ٿر ۾ ڌنارڪو ڌنڌو ڇڏي، پوکيءَ پلاھيءَ ڏانھن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آھي.  اڳي پنھنجي سڄي ڪٽنب سميت وين ولھارن جي تاڙ ۾ ڏورانھين ڏيھن ڏانھن بھ نڪري ويندا ھئا. پر ھاڻي ايئن ڪونھ ڪن. پنھنجي گھر جا ڀاتي پوڙھا ماڻھو پنھنجي اصلي ڳوٺ ۾ ڇڏي، جوان ماڻھو پنھنجا ڌڻ ڪاھي، اوري پري ھليا وڃن. ڪڏھن ڪڇ، گجرات ۽ آبو جبل تائين بھ سانگ ڪري ويندا آھن. بھر صورت اھي قبيلا پنھنجي گڻن ۽ خوبين ۾ سانگي آھن ۽ کين ٿر ۾ پنھنجا ٿاڪ آھن ۽ جڏھن اوھيڙي جي اوڪ ۽ پلر جي پالوٽ ٿيندي آھي، گسن، پٽن ۽ پوٺن تي گاھھ مورندا آھن، تھ ھر ٿري پنھنجي اباڻي جوءِ سنڀاريندو آھي. اڳئين زماني ۾ جڏھن ٿر ۾ ماڻھن جي ھاڻي کان آبادي گھٽ ھئي ۽ ماڻھو پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪيت جو بچاءُ گھٽ سمجھندو ھو، تڏھن پوکي راھيءَ لاءِ زمين بھ ٿوري استعمال ٿيندي ھئي. ماڻھن کي پنھنجي ماڳن تي قبضي برقرار رکڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانھ ٿيندي ھئي. حقيقت حال اھا آھي، تھ ٿري ماڻھو ھڪٻئي جي حق جو احترام ڪندا آھن. ھڪٻئي جي حق ڦٻائڻ جو واقعو ڪو ورلي ٿيندو آھي. ھاڻي صورتحال ڪجھھ ٻي آھي. آدمشماريءَ جو انگ وڌيو آھي. کيتي چڱي نموني ٿئي ٿي. ماڻھن کي پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪيت جي تحفظ جو يقين آھي. ڍل جو حساب تمام ٿورو رکيو ويو آھي. فطري طور نتيجو اھو ٿيو آھي، جو ھر ٿر يا ڳوٺ جي ڀرسان جيڪا بھ آباديءَ لائق زمين آھي، سا کيڙي ويندي آھي. ٿري قبيلن جا مرد ماڻھو ڏاڍا جانٺا جوان ۽ بااخلاق آھن.

ماڻھن جو ٻيو طبقو ڀيلن سان تعلق رکي ٿو، جنھن جون ڪيتريون ئي ڇاڙھون آھن. ھڪ قبيلي جو نالو مئي May آھي، جيڪو، ٻلھياري جي اوڀر طرف رڻ جي وٽ سان رھي ٿو. اھي پاڻ کي رڻ ۾ رھندڙ ڀيلن کان مٿاھون سمجھندا آھن. سنڌ جي اميرن جي ماتحت آھن ۽ کين اڻويھھ ٿر يا تڙ مليل آھن. کانئن زمين جي ڪابھ ڍل وغيره وٺڻ ۾ ڪانھ ايندي آھي. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ١٨٤٤ع ۾ ساڻن اھڙي رعايت برقرار رکي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ قبيلي جي پٽيل وعدو ڪيو ھو، تھ سندس قبيلو چوري چڪاري جي عادت ڇڏي ڏيندو ۽ ضرورت وقت انگريز سرڪار جي مدد ڪندو. اڄ ڏينھن تائين ڪيل واعدا صحيح نموني سان نباھيا ويا آھن. قبيلي جي پٽيل جي نظر ھيٺ قبيلي جو ھر ماڻھو ھڪٻئي سان ڏاڍو سٺو ورتائيندو آھي. ٿر ۽ پارڪر ۾ رھندڙ ڀيل ڪنھن اھميت جي لائق ڪونھ آھن. سندن طبقو سماجي طور ڏاڍو گھٽ سمجھيو ويندو آھي. سماجي اصولن جي پوئواري ڪرڻ ڪونھ ڄاڻندا آھن. محنت مزوري ۽ امن آشتيءَ سان سندن اصلؤن ڪانھ پئي. چوري سندن ڌنڌو آھي. سال جي ھڪ خاص موسم ۾ ڏٿ ۽ پاڻيءَ لاءِ جھنگن ۾ جھوتون ڏيندا وتندا آھن. پنھنجي قبيلي جي پٽيل جو ھر حڪم اکيون ٻوٽي مڃيندا آھن، جيڪو ھر ڏکيءَ ويل سندن ڀرجھلو ھوندو آھي. ڏوھن جا انگ اکر ٻڌائين ٿا، تھ گذريل ڪيترن سالن کان ٿر ۽ پارڪر ۾ جيڪي بھ ڏوھھ ٿيا آھن، تن جو ذميوار ھيءُ طبقو آھي ۽ ساڳي وقت ھڪ سٺي ۽ ٻڌائڻ جوڳي حقيقت اھا بھ آھي، تھ ھنن علائقن ۾ جيڪي ڏوھھ ٿيا آھن، سي تمام ٿورا ۽ ھلڪي قسم جا آھن. ان جو سبب اھو آھي، تھ قبيلن جا پٽيل ۽ مٿين طبقن جا ماڻھو اسان جي ھر ڏس ۾ سھائتا ڪندا رھن ٿا.

(٢٨) واپاري طبقي لاءِ مان گھڻو ڪونھ ڳالھائيندس. سنڌ فتح ٿيڻ وقت ٿر ۽ پارڪر ۾ واپار نالي ماتر ھلندو ھو. ھتان جا واپاري ريزڪي واپار مان گھٽ اوپراسو پرائيندا ھئا. مال گھڻو ڪري ڪڇ مان درآمد ڪيو ويندو ھو. واپاري مال جي آمدورفت خطري کان خالي ڪانھ ھوندي ھئي. سنڌ جي فتح کان ھڪدم پوءِ مٺي، ڏيپلي، ويرا واه ۽ ننگر پارڪر جي واپارين ۾ اعتماد بحال ٿيو ۽ ٻارھن سالن جي اندر واپار تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي. ڏيپلي جا ميمڻ ۽ مٺيءَ جا برھمڻ خاص طور تي سنڌ سان واپار ڪندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ڪڇ مان مال گھرائي وٺندا آھن. ڪڇ ڏانھن ويندڙ تجارتي مال ۾ گيھھ سڀ کان وڌيڪ ھوندو آھي. مٺيءَ جي واپارين کي گيھھ جي واپار ۾ ڪي رعايتون مليل آھن. ڀڄ مان ايندڙ مال تي ڪجھھ بھ سنگ ڪونھ ڀريندا آھن.

(٢٩) ويرا واه ۽ ننگرپارڪر جا واپاري گجرات جي راڌڻ پور سان ڌنڌو ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ کنڀات جي کاريءَ واري ڍوليرا بندر سان بھ سندن تجارتي واسطو آھي. وڌندڙ واپار سبب، ويرا واه ۽ ننگر پارڪر جي شھرن جي شڪل ۽ صورت ئي بدلجي وئي آھي. پھريون سندن جايون تمام سوڙھيون، وڻن جي جھاتر سان واڻيل ۽ گپ گاري سان بنيل ھونديون ھيون. پر ھاڻي ٻنھي شھرن ۾ عاليشان جايون ٺھيل ڏسڻ ۾ اينديون، جن ۾ ڪاشيءِ جي سرن جو استعمال ٿيل آھي. واپار کي ترقي ڏيارڻ واسطي خاص ڌيان ڏنو ويو آھي. واپارين جا ڪيترائي خاندان جيڪي اڳي پارڪر ۾ رھندا ھئا ۽ ٽالپر دؤر ۾ لڏي شھر ڇڏي ويا ھئا، سي سڀ ھاڻي پنھنجن اصلي ماڳن تي موٽي آيا آھن ۽ اسان کي پورو يقين آھي، تھ ھيءُ طبقو ڏينھون ڏينھن وڌندو ۽ ترقي ڪندو رھي ٿو.


 

(1) Vide Bombay Commission report p.22, 1848-49.

(1) Vide Bombay Commission report p.22, 1848-49.

(1) The word Khosa is derived from a celebrated ancestor of that name; and Seroi, which is equally used to distinguish the members of this tribe with Khosa, from Seroi, the place from whence they came to Sindh.

(1) Vide Memoir on the Kutch State Published as No XV of selections in 1855 A.D.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org