صفحو ؛ 14

ڀاڱو ٻيو

ڪتاب: تحفة الڪرام

سيڪشن؛  تاريخ

]حاجي محمد قائم ۽ سندس شاگرد[: اصل ٻاهراڙيءَ جو ماڻهو، وڏو عالم ڪامل، بهترين فاضل، عقلي خواه نقلي علمن جو جامع، ڪسبي توڙي وهبي فيض جو مرڪز، مخدوم رحمت الله، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، جو شاگرد ۽ مٿئين حاجي محمد هاشم جو مدمقابل هو. علمي بحثن ۾ عالمن سان سندس ڪيئي صحبتون ٿيون جن ۾ ذهن ۽ ذڪاءَ جي بدولت ڪيترن کان گوءِ کڻي ويو. هر روز ٽپهريءَ جي وقت حديث نبوي عليه السلام جو بيان ڪندو هو ۽ ڪيترن توفيق جي صاحبن کي سلوڪ جي واٽ جي هدايت ]230[ ڏيندو هو. سن 1145 هجري ۾ هڪڙو دفعو حج  تي وڃي ]خير سان[ واپس آيو. وري ٻيو دفعو اهليه سميت وڃي اتي رهي پيو، ۽ انهيءَ برڪت ڀريي هنڌ، حديث جي درس ۾ سڀني عالمن ۾ مشهور ٿيو. هو سن 1157 هجري ۾ گذاري ويو. هن مسودي جي لکندڙ آيت سڳوري  ”فيَ جـنـَـات تـَـجرِي“  ]وفات جي[ سال موافق لڌي آهي.

سندس شاگردن مان ملا محمد باقر واعظ وفات ڪري ويو آهي. مخدوم نور محمد نصرپور ۾ مشهور ۾ مشهور فاضل موجود آهي.

آخوند محمد باقر واعظ: خليفي محمد رضا جو فرزند، حاجي محمد قائم جو شاگرد، پرهيزگاري ۽ تقويٰ ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير هو. سندس بزرگي لکڻ کان ٻاهر آهي. آمدني ٿوري ۽ ضرورت زياده هوندي به هميشه در بند ڪري گذاريندو هو، ۽ دنيا وارن جي فتوهات ۽ رجوعات قبول نه ڪندو هو. شيخ شڪر الله سندس لاءِ ميان نور محمد جي سرڪار مان ڪجهه وجہ معاش مقرر ڪرائي آيو پر هن هرگز قبول نه ڪيو ۽ اختياري فقيري ۽ مسڪيني ۾ رهي ڏاڍي فضيلت ۽ ڪمال سان بيبقا دنيا کان موڪلائي ويو.

ميان غلام محمد: هڪ جيد طالب علم، فضيلت ۾ مشهور ۽ پنهنجن همعصرن ۾ طبع جي ذڪاءُ سان موصوف رهي. زندگي گذاريائين. عين جوانيءَ ۾ هن دنيا کان موڪلائي ويو. هاڻي هڪ صغير پٽ هن جو يادگار آهي.

آخوند محمد باقر: آخوند عبدالواسع جو فرزند، حاجي حمزي جو اولاد، جنهن جو بيان مخدوم حمزي واعظ جي احوال ۾ گذري آيو، هيءُ فضيلت ۾ تمام ڪامل ۽ فقہ ۾ وڏي ۾ وڏو عالم ٿيو هو. پيري ۽ مشهوريءَ کي پسند نه ڪندو هو نه ته فقہ ۾ سندس وقت ۾ ٻيو ڪو مٽ ڪونه هوس. حافظو تمام قوي هوس، بزرگ سندس خدمت کي تبرڪ سمجهندا هئا ۽ جيستائين جيئرو هو تيستائين کانئن نهايت مناسب نموني فائدو وٺندا رهندا هئا. اٽڪل 80 ورهيه بلڪ انهيءَ کان به وڏي ڄمار ۾ ڇڙو ڇڙمل ۽ پرهيزگار رهي گذاري ويو.

]ملا محمد ناصر[: سندس ڀاءُ ملا محمد ناصر هڪ چڱي حال وارو ۽ مشهور مرد هو. وفات وقت اولاد ڇڏي ويو.

حاجي بولو: پنهنجي وقت جو ناليرو طالب علم، ٻاهراڙيءَ جو رهاڪو، ٺٽي ۾ ڪجهه وقت طالبن کي فائدو رسائي گذاري ويو.

]آخوند محمد شفيع[: آخوند محمد شفيع، جو هڪڙو متبرڪ ملا جامع مسجد جو نائب امام هو، سو سندس شاگرد آهي. مٿيون آخوند محمد شفيع علمي تحصيل ڪرڻ جي باوجود به ميان سومار باٺاري، جو فقيريءَ ۾ هڪ جماعت جو مرجع هو، جي صحبت مان ڏاڍو فيض پرائي صاحب دل ٿي پيو هو. فوت ٿيڻ وقت اولاد ڇڏي ويو.

ميان عنايت الله طالب علم: مخدوم محمد معين جي مدرسي ۾ نائب هو. هن جي وفات کان پوءِ ڪيئي سال شاگردن جي خدمت ۽ درس ۾ حياتي پوري ڪيائين.

ميان ٺاريو طالب علم: ]خلق جي[ رجوع کي ناپسند ڪندڙ، گوشه نشيني چاهيندڙ، اناج بزار جي پويان الهندي طرف مسجد ۾ رهندڙ آهي ۽ چند طالب علمن کي درس ڏئي ٿو.

سلوڪ جي سلسلي وارن ۽ حضرت پير

عليه الرحمت جي خليفن، الله وارن جو طبقو

جيڪي دنيا جي عزت ۽ آخرت جي ڀلائيءَ سان گڏ حسبي خواه نسبي بزرگيءَ جا مالڪ، ڪسبي توڙي وهبي ڀلائي جا ڌڻي، زماني لاءِ تبرڪ ۽ يقين ۽ معرفت جي باغ جا سهڻا گل ٿي گذريا آهن. اگرچ گذريل صفحن ۾ هن سڳوري ٽولي جي ڪن بزرگن جو بيان اچي وڃي ٿو تاهم خاص طرح هن باب ۾ هنن برگزيدن جي حالات متعلق ڪي ڪلما خاص طرح لکيا وڃن ٿا.

]ملا شيخ اسحاق ۽ سندس اولاد[: دراصل اُچ جو ويٺل مشائخن سڳورن جي صورت ۾ ٺٽي آيو. ڏاڍي هدايت ۽ گهڻين ڪرامتن جو صاحب ٿي رهيو. سيد علي شيرازيءَ جو همعصر هو. گذاري وڃڻ کان پوءِ مڪليءَ ٽڪريءَ تي معلوم جاءِ تي دفن ٿي عام ماڻهن خواه بلند مرتبي وارن خاص بزرگن جي لاءِ زيارت گاهه ٿيو. سندس صحبت جي بدولت ڪيئي بزرگ مقصد حاصل ڪري سڳورا بڻيا. سندس اولاد ۾ بزرگي ۽ خلافت رهندي اچي. اربع جي رات هر هفتي عموماً ۽ مهيني جي پهرين اربع تي خصوصاً سندس مقبري تي زيارتين جو ميلو مقرر آهي. انهيءَ ڪري هو پير اسحاق اربعائيءَ جي نالي سان مشهور آهي. سندس اولاد مان ڪن گهراڻن ۾ حضرت پير جي خلافت پيڙهي به پيڙهي رهندي اچي. جيئن ته پاڻ جنن جي تسخير ۾ مشهور هو تنهن ڪري اڄ تائين سندس پويان موروثي طور جن جي آسيب دور ڪرڻ ۾ وڏي دسترس رکن ٿا. انهن مان جيڪي پشت به پشت سندس مقبري جا متولي ۽ سندس آرام گاهه جا مجاور آهن، تن جو ذڪر ڪجي ٿو.

مٿئين پير جي فرزندن مان شيخ محمد صالح پيءُ کان پوءِ ڏاڍي هدايت وارو ٿي گذريو. انهيءَ کان پوءِ اها نعمت شيخ نعمت الله کي نصيب ٿي. تنهن کان پوءِ انهيءَ جو پٽ خليفو اسد الله وڏيءَ عزت سان ٿي گذريو. هاڻي خليفي اسد الله جا ٻه پٽ خليفو نعمت الله ۽ خليفو جان محمد وڏن جا جاءِ نشين آهن ۽ هر هڪ درگاهه جي متولي هجڻ جي دعويٰ ۾ مشهور آهن.

ملا محمود راهوتي: مٿئين شيخ اسحاق جو ]231[ رفيق، معتقد ۽ فيض يافته آهي. چون ٿا ته حـضرت غوث الثقلين جي حڪم سان، شيخ اسحاق هن کي، پڳ ۾ رکڻ لاءِ، ڪو تعويذ لکي ڏنو هو. تنهن کان پوءِ جيڪو به کيس ڏسندو هو، سو سندس دست بيعت مريد ٿي پوندو هو. آخر جڏهن ماڻهن جي گهڻي انبوهه کان اچي تنگ ٿيو تڏهن اهو تعويذ پڳ مان ڪڍي ڇڏيائين. وري ڪو نئون ماڻهو مريد ڪونه ٿيس البت اهي اڳيان مريد سندس ارادي ۾ رهندا آيا. جناب حضرت غوث الثقلين جي خلافت مليل هيس. جا اڄ تائين سندس اولاد ۾ رهندي اچي.

]خليفو ابوالبرڪات ۽ سندس پويان[: اصل ۾ گجرات جو ويٺل ۽ حـضرت غوث الثقلين جي اولاد شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد آهي. چون ٿا ته شاهه حافظ الله کيس ۽ شيخ يعقوب کي، جنهن جو بيان ٿيندو، اشارو فرمايو ته اسان جو سؤٽاڻو ڀاءُ سيد عبدالله ٺٽي ۾ مڪليءَ ٽڪريءَ تي آرامي آهي ۽ سندس مزار گهڻن ڏينهن گذرڻ ڪري ڊهي ويئي آهي، سا وڃي ظاهر ڪري اچو. انهيءَ تي هيءُ مٿئين شيخ (يعقوب) سان گڏجي ٺٽي آيو ۽ اچي انهيءَ ولي جي مزار ڏسي ظاهر ڪيائون. مطلب ته خليفو ابوالبرڪات وڏين نشانين ۽ کليل ڪرامتن جو مالڪ ٿي گذريو آهي.

سندس فرزند سڳورو خليفو محمود پيءُ کان پوءِ هڪ ڪامل بزرگ ٿي ڪري، عاليشان ڪرامتن جو صاحب ٿيو. انهيءَ کان پوءِ خليفو حامد وڏن وانگيان ولين جي وصفن جو سرچشمو بڻيو. هاڻي خليفو محمد سعيد مٿين بزرگن جو جاءِ نشين، وڏيءَ بزرگيءَ جي وصفن سان موصوف آهي. هڪڙي معتبر کان ٻڌو ويو آهي ]جنهن چيو[ ته اڃا خليفو محمد سعيد ننڍو کير پياڪ هو ته مان خليفي حامد جي زيارت لاءِ ويو هوس. پاڻ گهر ۾ اندر هو. سندس پٽ حجري ۾ ستو پيو هو ۽ انهيءَ ٿڃ پياڪ ٻار کان جهري ذڪر(1) جاري ٿي رهيو هو. جڏهن خليفو حامد آيو تڏهن اچي کيس پير سان سجاڳ ڪري ڳالهه ڪندڙ شخص کي چيائين ته بزرگزادن جي مقامات جي ڦولهه نه ڪرڻ گهرجي. قصو مختصر ته خليفو محمد سعيد هڪ وڏو صالح، جهانن جي مرجع ۽ ڪرامتن جو ڌڻي آهي. سندس وجود تبرڪ آهي.

]خليفو داؤد ۽ سندس اولاد[:]خليفو داؤد[ بن شيخ زين العابدين، بن شيخ داؤد، بن شيخ ايوب بن خليفو عبدالرشيد، اصل صديقي آهي. سندس وڏا هن سر زمين تي پهريان قادري خليفه آهن ۽ سندس صحيح خليفي هجڻ کان ڪوبه منڪر نه آهي. هو بزرگيءَ جي طريقي ۽ سهڻي شان سان وڏو صالح ۽ ڪامل متقي ٿي گذريو آهي.

کانئس پوءِ سندس پٽ خليفو عبدالرشيد جاءِ نشين ٿيو، جو پڻ پيءُ وانگيان ڪمال بزرگيءَ سان همعصرن ۾ عزت سان رهي ڏاڍي نيڪيءَ سان گذاري ويو.

انهيءَ کان پوءِ خليفه زين العابدين صلاح ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل پيدا ٿيو. هميشه خلق کان پري، جهوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ دروازو بند ڪري وقت گذاريندو هو. اڪثر ماڻهو نذرانا ۽ سوکڙيون کڻي سندس دروازي تي ايندا هئا ۽ سواءِ ڪن ٿورن جي - جن جي حلال هجڻ جي خبر کيس دل جي نور جي ذريعي پوندي هئي، ۽ قبول ڪندو هو - سڀ موٽي ويندا هئا. سندس واتان نيازمندانه مناجاتين جا شعر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. سن 1148 هجري ۾ وفات ڪيائين.

]شاهه ابوالقاسم ۽ سندس اولاد[: هرات جي رهندڙ شيخ عبيدالله انصار جي اولاد مان، ٺٽي ۾ تشريف فرما ٿي ڏاڍي بزرگيءَ سان گذاري ويو.

سندس هدايت وارو فرزند شاهه محمد يعقوب ڏاڍي ڪمال سان سندس جاءِ نشين ٿيو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن بزرگن واري سهڻي طريقي سان گذاريائين. پوءِ انهيءَ جو پٽ محمد يوسف ڪماليت جي مصر جو عزيز (بادشاهه) ٿي رهيو. ۽ تصوف وارن جي حلقي ۾ ڏاڍي صلاحيت ۽ تقويٰ سان گذاريائين. انهيءَ کانپوءِ ميان نعمت الله، الله وارو ۽ غير کان آزاد، ڏاڍي عزت سان پنهنجي وقت ۾ نامي گرامي پيدا ٿيو. کيس ٻه نيڪ بخت پٽ ٿيا. 1- شاهه عزت الله ۽ 2- شاهه اسد الله.

شاهه عزت الله عالمگير جي حـضور ۾ پهچي وڃي ملازمن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو ۽ بادشاهه جي همرڪاب برهانپور ۾ وڃي اتي شادي ڪري ٻارڄڻيائين. جن مان شاهه حسن الله پنهنجي چاچي شاهه اسد الله، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو، جي گهرائڻ تي ٺٽي اچي هميشه لاءِ اتي رهي پيو. جيئن ته شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل، سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي گذاري ويو هو تنهن ڪري هو سلوڪ جي راهه جي شوق ۾ شاهه مسعود، جو اڳتي بيان ٿيندو، سان گڏجي جهان آباد ويو ۽ شاهه غلام محمد جي صحبت اختيار ڪيائين. اتان وري ٺٽي موٽي آيو. هاڻي فقيرن جي صورت ۾ خلق الله جي دوا درمل ڪرڻ ۾ وقت گذاري رهيو آهي ۽ برڪت کان خالي نه آهي.

شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل صوفي حضرت شاهه عاشق الله جو مريد آهي جو هندوستان کان آيل ۽ جناب شاهه عنايت الله صوفي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، جو مخلص آهي. ٺٽي ۾ هن جهڙو ڪماليت جو صاحب ويجهڙائيءَ ۾ پيدا ڪونه ٿيو آهي. هن قاصر جي (منهنجي) زبان ڪيترو به بيان ڪندي پر پوري ڪانه پوندي. سندس ڪرامتون مشهور معروف آهن. هڪ ڏينهن سبق پڙهندي سندس حالت متغير ٿي ويئي ۽ سندس ساري بدن تي چهبڪن جا نشان ظاهر ٿي بيٺا. انهيءَ حال کي ڍڪڻ لاءِ گودڙي گهرائي پهريائون. آخر معلوم ٿيو ته انهيءَ وقت پوليس ٿاڻي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ چهبڪ ٿي هنيان ۽ انهن جو تاثير شيخ جي بدن تي ظاهر ٿيو هو. ظاهر ۾ خلق الله جي دوا درمل ڪرڻ ۾ ڏاڍو ڪمال ڏيکاريندو هو. عجب وري هي هو ته نامردن ۽ مرڻينگ ماڻهن کي اهڙين خسيس ۽ عقل ۾ نه ايندڙ شين سان چڱو ڀلو ڪندو هو جو حڪيم ته پري رهيو پر ڪو عامي به هوند اهڙي دوا تجويز ڪانه ڪري. هميشه استغراق ۾ رهندو هو. سندس خدمت ۾ مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي درس وقت عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ويندي هئي. سندس مزار تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ الله وارن جي زيارت گاهه آهي. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

شاهه محمد مسعود ولهاري: شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل صوفيءَ جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ فيض يافته آهي. پهريائين مخدوم حاجي محمد قائم جي خدمت ۾ ظاهري علم پڙهي فضيلت ۾ شهرت حاصل ڪري سلوڪ جي رستي ڏانهن مائل ٿيو. ۽ مثنوي، جا حقيقت جي واصلن لاءِ هڪ عام شاهراهه آهي، تنهن جو درس شروع ڪري مڪمل ذوق حاصل ڪيائين. مٿئين شاهه جي رحلت کان پوءِ، سندس اشاري موجب جهان آباد وڃي، باقي مقصد شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ رهي هٿ ڪيائين. هاڻي، صوفي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ هن بزرگ جهڙو ٻيو ڪو ڪونهي. مثنوي جو درس چڱو ڏيندو آهي. هڪ جماعت کي بيسود وهمن ۽ اجاين خيالن کان آزاد ڪيو اٿس. خلوت جي گوشي ۾ گذاري ٿو ]مخلوق جي[ رجوع کان بيزار آهي.

عبداللطيف صوفي: تصوف ۾ هڪ جماعت جو مرشد ۽ مٿئين شاهه اسماعيل صوفي جو دوست هو. مشهوري پسند ڪانه هوندي هيس ورنه کانئس ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. هڪ ڏينهن مخدوم محمد معين سندس زيارت لاءِ ويو. گفتگو هلندي موسيقي جي سـُـرن جي ڳالهه ڇڙي پيئي، تڏهن مخدوم کي مخاطب ٿي چيائين ته  ’مان پڻ هن رستي ۾ ڪڏهن ڪڏهن هلندو آهيان‘ . ائين چئي وٺي هڪ سـُـر شروع ڪيائين جنهن حاضرين جي دل تي اثر ڪري هڪ عجيب حالت پيدا ڪري وڌي.

شيخ محمد يعقوب: شاهه حافظ الله گجراتي قادري حسنيءَ جو مريد آهي. جئين مٿي بيان ٿي آيو، هن ۽ خليفي ابوالبرڪات ٺٽي اچي ]233[ مرشد جي اشاري موجب، مڪليءَ تي شاهه عبدالله جي مزار ظاهر ڪئي. مطلب ته فقيريءَ ۽ فنا جي ڪمال ۾ اولياءَ الله جي هڪ گروهه جو سردار هو. سندس مريديءَ ۽ صحبت جي برڪت سان سندس ٽي ناليرا نيڪ يار، عالي مرتبي خدا وارن جي جماعت ۾ ناليرا ٿيا. جيئن هر هڪ پنهنجي جاءِ تي مذڪور ٿيندو. هن بزرگوار جي اولاد جو پتو پئجي نه سگهيو. سندس مقبرو شاه عبدالله جي حجري ۾ پيرانديءَ کان عام ماڻهن جي زيارت گاهه آهي.

]شيخ عثمان ۽ سندس اولاد[: مٿئين شيخ محمد يعقوب جي يارن ۽ فيض يافتن مان هڪڙو آهي. سندس وڏا اميرن جي خدمت ۾  ”بقاوليءَ“  (بورچيخاني جي نگراني) جي ڪم ۾ مشهور هئا. جڏهن هن کي معرفت جي خونچي تان نصيب ملڻو ٿيو ۽ انهيءَ ڪري حق جي طلب دامنگير ٿيس تڏهن شوق جي شمع ٻاري، پير جي خدمت مان ڪمال حاصل ڪري،  ”بقاولي مشائخ“  جو لقب لڌائين. هو شاندار ڪرامتن جو مالڪ هو.

سندس فرزند ميان ملوڪ شاهه ولايت جي ورثي جو وارث ٿي، مشائخيءَ جي ڏاڍي شان سان مخصوص ٿيو. کانئس ڪيئي ڪاملن جهڙا هال ۽ مشائخن جهڙيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. عيدگاهه جي مٿان امامن جو جلوه گاهه سندس پيدا ڪيل آهي. سندس پٽ ميان شيرين محمد پيءُ کان پوءِ قائم مقام رهيو. تنهن کان پوءِ هن جو پٽ ميان عبدالخالق وڏن جي جاءِ تي ويٺو. انهيءَ کان پوءِ ميان عبدالواحد وڏن جو يادگار، مقرر جماعت جو مرشد ۽ وڏن واري سلوڪ جي رستي کان واقف موجود آهي.

]درس للو ۽ سندس اولاد[: ساڪري پرڳڻي جي رسول آباد شهر جي رهندڙ خليفي بايزيد جو اولاد آهي. اڪثر ڪوهستاني ماڻهو پشت به پشت شيخ بايزيد جا مريد آهن. مٿيون درس جناب غوث الثقلين عليه الرحمت جي اشاري موجب ٺٽي ۾ آيو ۽ خواجه قوم جي هڪ جماعت کي اسلام ۾ داخل ڪري، ڪجهه وقت اچي انهيءَ ئي قوم جي محلي ۾، جو هاڻي نورسيه محلي جي نالي سان مشهور آهي، انهيءَ مسجد اندر، جيڪا ٺٽي ۾ نهايت جهوني مشهور هئي ۽ هاڻي حاجي محمد قائم جي نالي سان سڏجي ٿي،  ”جملي پير“  ميدان جي سامهون رهيو. چون ٿا ته شيخ يعقوب، شيخ عثمان، جن جو بيان ٿي آيو، درس للو ۽ درس امين محمد، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، انهيءَ ميدان تي هڪ ٻئي سان صحبتون ڪندا هئا. تنهن ڪري اهو ميدان عام خلق ۾  ”جملي پير” جي ميدان سان مشهور آهي. ۽ انهيءَ جي زيارت سان اراده وارن جا مقصد پورا ٿيندا آهن. قصو ڪوتاهه انهيءَ کان پوءِ درس للو انهيءَ جاءِ کان مغلواڙي لڏي آيو ۽ اچي اتي رهيو جتي هاڻي سندس اولاد رهي ٿو. هو وڏيءَ بزرگيءَ سان گذاري ويو.

کانئس پوءِ سندس پٽ شيخ ابراهيم سهڻين ڪرامتن سان پيءُ جو جاءِ نشين ٿيو. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جو پٽ ميان احمد بزرگن جي گاديءَ تي ويٺو. تنهن کان پوءِ خليفه بکر ولد خليفي احمد وڏن جي گادي وسائي. هاڻي سندس اولاد ۾ خليفو ڇتو ارادتمند ٽولي جو مرشد آهي.

درس امين محمد: مٿئين شيخ يعقوب کان فيضياب، هڪڙو صاحبدل ۽ مٿي جاڻايل چئن يارن مان هڪ يار آهي. بلند مرتبه ڪرامتن ۽ بزرگيءَ ۾ ملڪين مشهور هو. سندس قبر مڪليءَ جي دروازي کان ٻاهر واري سرزمين ۾ مشهور آهي ۽ هر عيد(1) جي ڏينهن اتي الله وارن جو ميلو مقرر آهي.

]حاجي محمد حافظ ۽ سندس اولاد[: ڏوبي جي لقب سان مشهور فقيريءَ ۾ دنيا اندر بي نظير آهي. سندس وڏا اصل ۾ بکر علائقي جي ڏوبي ڳوٺ جا آهن.

سندس اولاد مان ميان شيخ محمد ڊگهو عرصو ملڪن جو سفر ڪري، اڪثر علمن ۾ ڪامل مهارت پرائي، حڪمت ۽ طبابت جي علم تشريح ۾ بقراط ٿاني ٿيو. ]234[ ۽ ڪجهه وقت انهيءَ علم جي تصنيف ۾ مشغول رهيو. اکين جي بيمارين جي تشريح ۽ علاج ۾ هڪ وڏو جلد تيار ڪيو هئائين جو اڃا پوروئي ڪونه ٿيو ته سن 1174 هجري ۾ حياتيءَ جي نسخي جي مطالعي کان اکيون ٻوٽيائين.

مٿئين ميان شيخ محمد جو سوٽ ميان نور محمد، مشهور واعظ ميان عبدالله عرف ميان موريي جي شاگرديءَ جي برڪت سان، ڏهه ٻارهن سال ميان ملوڪ شاهه واريءَ مسجد ۾ نهايت تاثير وارو وعظ ڪري، آخر سن 1176 هجري ۾ گذاري ويو.

مٿئين حاجي محمد حافظ جا ٻيا سوٽ ميان محمد فاضل ۽ ميان صابر ۽ سندس (ميان صابرجو) پٽ ميان محمد قاسم وڏا ڪمال جا صاحب فقير پيدا ٿيا. هو سن 1150 هجري جي لڳ ڀڳ گذاري ويا.

حاجي محمد طاهر: هڪ معرفت جو صاحب، ڪامل ۽ سيد رحمت الله عرف سيد مهتو شيرازي شڪر الاهيءَ جو يار ۽ همعصر آهي، جيئن ته ٻنهي الله وارن جا مريد اڄ به متفق آهن. سندس ڏوهٽن جو اولاد موجود آهي.

مخدوم آدم نقشبندي: عرف مخدوم آدو مٿئين مخدوم آدم جو همعصر آهي. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ مٿي ڄاڻايل مخدوم آدم جو غلغلو ڏاڍو هو، تنهن ڪري هن ڪسر نفسي ڪري ماڻهن کي حڪم ڪيو ته مون کي آدو سڏيندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته هڪ شهر ۾ هڪ ئي وقت ٻه آدم ڪئين موجود رهندا. انهيءَ وقت جا اڪثر بزرگ، زماني جي هن مشهور شخصيت جي معرفت جي برتري جا قائل آهن. نقشبندي سلسلي ۾ هڪ عجيب ڪمال جو صاحب پيدا ٿيو. سندس مناقب شاندار آهن. حضرت ايشان سرهندي(1) جي مريدن مان آهي.

ڳالهه ٿا ڪن ته آخوند يوسف نالي هڪڙو ملان سندن محلي واريءَ مسجد جو امام هو ۽ هميشه سندن اچڻ کان اڳي تڪبير نه چوندو هو. هڪ ڏينهن مخدوم آدم، جنهن جو بيان ٿي آيو - جو فرزند ميان ابوبڪر صدر نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ اچي ڏٺو ته نماز اڳ ۾ ئي پڙهي ويا آهن. انهيءَ تي ملا کي دڙڪو ڏيئي چيائين ته  ”تون ٻئي ڪنهن کي موجودئي نه ٿو سمجهين. اڄ کان پوءِ توکي هن مسجد جي امامت کان موقوف ڪيوسون“ . ملا يوسف مخدوم جي خدمت ۾ احوال کڻي وڃي ڏاڍو رنو. فرمايائينس ته ڪو ڀؤ ناهي. پنهنجي ماڙي تي ويهي وڃي قرآن جي تلاوت ۾ مشغول ٿيءُ،  خود صدر تنهنجي دروازي تي ايندو پر خبردار پنهجي ڪم پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ صلح نه ڪج. ملا حڪم موجب اچي تلاوت ڪرڻ ويٺو - هوڏانهن ميان ابوبڪر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو. هڪدم سمجهيائين ته ڪنهن جو ڏنل آهي ۽ ڪنهن جي رنجش جو نتيجو آهي. صلح جو پيغام موڪليائين پر ڪو به جواب ڪونه مليس. بي اختيار ٿي پاڻ کي پالڪيءَ ۾ کڻائي ملا جي دروازي تي آيو ۽ زار زار روئڻ لڳو. ملا ساڳيءَ طرح ماڙي تي قرآن پڙهڻ ۾ مشغول هو - آخر ڏاڍي نيزاريءَ کان پوءِ، نذراني، خلعت ۽ نئين سند سان گڏ امامت جو ڇهن مهينن جو وجهه اڳواٽ وٺي، صلح ڪري پاڻي پڙهي ڏنائين جنهن جي پيڻ سان صدر کي شفا عطا ٿي.

مخدوم جي وفات کان پوءِ سندس فرزند محمد اشرف جاءِ نشين ٿيو جنهن ڏاڍيءَ بزرگيءَ سان زندگي گذاري. هن جي سجع هيءَ مصرع هئي. ”محمد اشرف اولاد آدم“ کانئس پوءِ مخدوم محمد پيءُ ۽ ڏاڏي جي بزرگيءَ جي آئينه کي روشن ڪندو رهيو.

مخدوم محمد صادق نقشبندي: مٿئين مخدوم محمد اشرف جو نياڻو، ڪامل ۽ عالم ۽ جناب سيد عبداللطيف تارڪ، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو معتقد ۽ وڏو بزرگ هو.

]مخدوم ابوالحسن صغير[: سندس فرزند ميان غلام حسين عرف مخدوم ابوالحسن ]صغير[ حرمين شريفين، زادهما الله شرفا و تعظيما، ۾ ]235[ وڃي ڏاڍو نالو پيدا ڪيو. هاڻي مخدوم محمد حيات سندي، جنهن جو مديني منوره ۾ مدرسو هوندو هو، ۽ انهيءَ سرزمين ۾ وڏي ۾ وڏو عالم ۽ بهترين فاضل شمار ٿيندو هو، جي وفات کان پوءِ هن جو جاءِ نشين، باڪمال محدثن جو سرگروهه ۽ قال ۽ حال جي صاحب مدرسن جو سرڪردو آهي.

]مخدوم ابراهيم نقشبندي ۽ سندس اولاد[: اصل روهڙي جو ساڪن ۽ عاليشان ڪرامتن جو ڌڻي آهي - عقل جو محاسب ۽ فهم جو حساب ڪندڙ انهن جي ڪنهن حـصي که به شمار ڪري نه سگهندو. سندس فرزند رشيد ميان ابوبڪر عرف نالي چڱو پڻ عاليدرجي وارن مقامات جو صاحب پيدا ٿيو.

ڳالهه ٿا ڪن، هڪڙي ڏهاڙي ڪو مست سندسن مسجد ۾ داخل ٿيو. جماعت هن کي روڪڻ لڳي تنهن تي پاڻ فرمايائون: “ جنهن جي دل گهري سو ڀلي اچي، روڪڻ نه گهرجي. هڪدم انهيءَ بزرگ جي ڪلام جي تاثير کان انهيءَ بي عقل مست کي هڪڙي عجيب حالت پيدا ٿي ۽ اهڙي ته توفيق نصيب ٿيس جو وري مسجد کان پير ٻاهر نه رکيائين ۽ ڪامل بڻجي پيو. سندس اهڙا تصرف حد کان زياده آهن.

جيڪي ماڻهو سندس جنازه سان گڏ ويا هئا تن کان روايت آهي ته شهر کان وٺي مڪليءَ تائين انهيءَ مرحوم جي جنازه جي مٿان، هڪ عجيب شڪل ۽ آواز وارن پکين جو ايڏو ته هجوم هو، جو ]جنازي سان گڏ[ هلندڙ هزارين ماڻهن کي سج جي تڙڪي جو ذرو به محسوس ڪونه ٿيو.

هاڻي مٿئين ميان ابوبڪر جو ننڍو ڀاءُ ميان گل محمد، بزرگيءَ جي خاندان جو ڏيو روشن ڪندڙ ۽ بزرگن جي صفتن سان موصوف آهي.

]ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ سندس اولاد[: درس ابراهيم جو وڏن کان، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي گهراڻي جو مريد هو، جو فرزند آهي. پهريائين ميان ابراهيم ٺٽي آيو ۽ ڏاڍي بزرگيءَ سان گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس فرزند رشيد ميان ابوالقاسم، علمي خواه عملي ڪمالات سان هڪ وڏي ۾ وڏو قال ۽ حال جو صاحب مشائخ پيدا ٿيو، جنهن هڪ دنيا کي بي انداز فيض رسايو. هن جي صحبت گمراهن کي هدايت جي شاهراهه تي آڻيندي هئي. هن جي خدمت ڪري ڪيترن ئي بزرگن مقصد حاصل ڪيو. سندس ڪرامتون ۽ مناقب تحرير ۽ تقرير جي انداز کان ٻاهر آهن. انهن جي ظهور جي هڪ دنيا شاهد آهي. هن خاندان جا خادم وڏي علم ۽ يقين ۾ مشهور آهن.

سندس اولاد مان ميان احمد ولد ميان ابراهيم بن ميان ابوالقاسم هڪ جوان پيدا ٿيو هو جنهن جي پيشانيءَ مان هدايت بکي رهي هئي. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ وڃي الله جي رحمت کي رسيو. انهي ٿورڙي حياتيءَ ۾ به کانئس ڪئين ڪرامتون صادر ٿيون، جيڪي دوستن جي مجلسن ۾ مذڪور آهن. هاڻي اُنهيءَ دين جي بزرگ ۽ يقين جي راهه جي سالڪ جي اولاد مان ڪوبه موجود ڪونهي. البت سندس ڏوهٽا وڏي بزرگيءَ سان يادگار آهن.

]ميان ڪبير محمد نقشبندي ۽ سندس اولاد[: پهريائين هيءُ ۽ مخدوم آدو خواجه محمد معصوم نقشبندي سرهندي، جنهن کي ”حضرت ايشان“ جي لقب سان ياد ڪندا هئا، جي خدمت ۾ مشغول ٿيا. جڏهن هو سڳورا گذاري ويا تڏهن ]دوباره[ سرهند وڃي رهيل مقصود حاصل ڪري ٺٽي موٽي اچي، ڏاڍي هدايت سان ڪن طالبن کي ڪافي فيض رسايائين. کانئس پوءِ ٻه فرزند 1- ميان محمود ۽ 2- ميان محمد زمان رهيا.

ميان محمد زمان پيءُ جي جاءِ تي ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ڪيترن طالبن کي فيض سان فائز ڪيائين. ]236[ هاڻي سندس اولاد مان ميان احمد نالي هڪ توفيق وارو جوان وڏن جو جانشين آهي.

درس عبدالرحيم: ميان محمد زمان نقشبنديءَ جو صحبتي آهي. ٻيا به ڪيترا بزرگوار ڏٺائين. سندس ظاهري حالت ذري گهٽ ملامتين جهڙي هوندي هئي. عجيب حالتن جو صاحب هو، ۽ چڱن ڪمن ۾ وقت گذاريندو هو. هن جي حڪمن جو تفصيل ڊگهو آهي. بهرحال هن زماني ۾ سندس جهڙا ماڻهو ناپيد آهن. ٿورا سال ٿيندا جو گذاري ويو.

مير مرزا جان: وڏي ۾ وڏو معرفت جو ڌڻي ۽ يقين جي راهه جو ڪامل ۾ ڪامل سالڪ هو. هي سڳورو هڪ عجيب فيض جو صاحب پيدا ٿيو ۽ پنهنجي وقت ۾ ڪمال جي صاحبن جي مرجع هو. سندس شاندار ڪرامتون سج کان به وڌيڪ روشن آهن. ڪيترن کي فيض رسايائين. باوجوديڪ سندس ڪو پٽ پوٽو ڪونه آهي، تاهم سندس خانقاهه تي زيارتين جو وڏو هجوم رهندو اچي ۽ ماڻهو سندس ڏوهٽن کان فيض وٺندا اچن.

يوسف سهتو: پنهنجي وقت ۾ هڪ حال ۽ قال جو صاحب، فقير، مشهور سنڌي زبان جو شاعر ۽ مشائخن وارين ڪرامتن سان موصوف ٿي گذريو آهي. سنڌي شاعرن جو ميلو سندس خانقاهه تي اڄ تائين مشهور آهي ۽ مريدن جي هڪ وڏي جماعت موجود آهي.

]سيد يار محمد ۽ سندس جاءِ نشين [: لڪعلوي (لڪياري) سيد، سيد سماڀو، عرف ڪيهر - جنهن جو بيان ٿي آيو - جو پوٽو، نورائي جي پيرزادن جو ڏوهٽو، پيءُ جي ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي. هو شاهه عبدالله هنديءَ جو مريد آهي، جنهن جي ڪتاب ڪشڪول جي مصنف شاهه ڪليم الله سان بيعت هئي. هو ڏاڍو ڪامل، ۽ هڪ جماعت جو مرشد ۽ يقين جي راهه جو سالڪ هو. ڪيترن معتقدن کي باطني شغل جي ذريعي حقيقت جي شاهراهه ڏيکاري، 13 رمضان المبارڪ سن 1177 هجري گذاري ويو.

هن جي سڳي ڀاءُ مير عزت الله جو فرزند مير ڇٽن سندس گادي نشين ٿيو. تنهن کان پوءِ مير يار محمد مرحوم جي ٽئين ڀاءُ سيد شاهه نواز جو پٽ سيد محمد افضل قائم مقام ۽ هدايت جي رستي جي سلوڪ لاءِ صاحب توفيق آهي.

]ميان محمد ڪريم[: ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريي جو ڏوهٽو ميان محمد ڪريم پڻ مٿئين سيد جي فيض جي برڪت سان هڪ توفيق ڀريو جوان، سلوڪ جي راهه جو واقف ۽ هڪ خاص جماعت جو مرشد آهي.

درس عبدالڪريم: هڪ صلاحيت ڀريو ۽ سيفي زبان جو مالڪ مرد هو. جنهن به ڪم ڏانهن توجهه ڪندو هو ته تقدير مطابق پورو ٿيندو هو. تازو گذاري ويو.

ڪن ناليرن مکيه ماڻهن جو طبقو

جيڪي ڪنهن ڪمال ۽ حال سان مخصوص ٿي گذريا آهن ۽ انهن مان ڪن جا گهراڻا ناليرا آهن. اگرچ مٿين بيان ۾ پڻ هڪ قسم جي مشهور معروف ماڻهن جو بيان اچي وڃي ٿو، تنهن هوندي به انهيءَ گروهه جا ڪي نالا هتي علحده ذڪر ڪيا ويا، ته جيئن پڙهندڙ مرتبن جو فرق معلوم ڪري سگهن.

]آقا محمد تاشڪندي ۽ سندس اولاد[: هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو ناليرو مرد، مرزا جاني بيگ ترخان جي زماني ۾ ٺٽي ۾ اچي مزنگ جي قبيلي سان گڏجي ويو.

سندس پٽ محمد رضا بيگ پنهنجي وقت ۾ چڱيءَ حالت ۾ رهيو. انهيءَ جو پٽ محمد بيگ پڻ وڏن وانيگان مکيه ماڻهو ٿي رهيو.

]شيخ موسيٰ ۽ سندس اولاد[: اصل بندر محـصه جو رهندڙ ۽ شيخ جمال الدين محدث صديقيءَ جو اولاد - چڱيءَ حالت ۾ گذاري ويو. سندس پٽ شيخ عبدالغني تاجرن جي صورت ۾ پنهنجي وقت جو ناليرو ٿي گذريو. هن جو فرزند شيخ عبدالخالق شاهجهان جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي ڪروڙگري، امانت ۽ شرفي جهڙن عهدن تي سرفراز رهي، عالمگير جي زماني ۾، پيريءَ جي ضعف سببان انهيءَ کان استعفا ڏيئي، ڏهه هزار درهم پينشن تي قناعت ڪري، گذاري ويو ۽ پنج پٽ ڇڏيائين.

پهريون شيخ محمد امين - هن کي ٽي پٽ ٿيا، جن مان محمد تقي ۽ محمد مير نواب سيف الله خان جي ڏينهن ۾ صفوي شاهزادي سان گڏ جهان آباد هليا ويا ۽ اتي ئي فوت ٿيا، باقي محمد انور ]237[ هتي سن 1179 هجري ۾ پنجاهه ورهيه کان مٿي عمر جي هوندي به شاديءَ ڪرڻ کان سواءِ گذاري ويو.

ٻيو شيخ محمد جواد- هن چار پٽ ڇڏيا ۽ هر هڪ عمر جو مقرر عرصو گذاري وفات ڪري ويو. اولاد ڪونه ڇڏيائون.

ٽيون شيخ محمد نعيم - هڪ لياقت ۽ چڱيءَ سليقي وارو ماڻهو پيدا ٿيو هو. حاڪمن جي نوڪريءَ ۾ اڪثر وقت گذاري، سن 1145 هجري ۾ خداآباد ۾ گذاري ويو. شادي ڪانه ڪئي هئائين، تنهن ڪري اولاد پيدا ڪونه ٿيس.

چوٿون شيخ محمد مڪرم - ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو.

پنجون شيخ عزيز الله -  هڪ عجيب وصفن جو حامل نهايت جرات ۽ همت وارو، ۽ فقيرن سان دوستي رکندڙ انسان هو. گهڻو وقت سفر ۾ گذاري، آخر سن 1152 هجري ۾ گذاري ويو ۽ ڪو اولاد ڪونه ڇڏيائين.

شيخ عبدالخالق جا هيءُ ٽي ئي پٽ راقم الحروف (مير قانع) جي ناني جا سڳا ڀائر آهن.

]شيخ عبدالغني ۽ سندس اولاد[: هڪ لياقت وارو، پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ مکيه ماڻهو ٿي گذريو آهي. سندس پٽ مخدوم نور محمد مروج علمن ۾ وڏو ۽ مشهور فضيلت وارو پيدا ٿيو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ عبدالغني، هڪ عزت وارو عهديدار، وڏن جو يادگار رهيو. عالمگير جي زماني کان وٺي فرخ سير جي ڏينهن تائين تصحيح جي داغ جي خدمت سندس حوالي هئي ۽ ڏاڍي ٺٺ سان گذاريندو هو. شاعريءَ جي فن ۾ وقت جو استاد هو - ٺٽي جي رئيسن جي هڪ جماعت - جهڙوڪ ميرڪ محمد افضل، مير ڪامران وغيرهم - سندس خدمت ۾، ادب سان، صحبت ۽ درس جو فائدو پرائيندي هئي. هن جو ڀاءُ شيخ محمد سعيد، پڻ انساني ڪمالات جي ڪيترن ئي قسمن سان موصوف هو. جهان آباد ۾ عمر عزت سان گذاري اتي ئي گذاري ويو.

]شيخ ابو طالب ۽ سندس اولاد[: اصل قريشي، صديقي، وڏو لياقت ڀريو ۽ انسانيت جي فن جو ماهر ٿي گذريو آهي. سندس پٽ شيخ ابوالفتح، جنهن کي دامي جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، سو جاگيرات جي رقم تقسيم ڪرڻ ۽ اميني جي عهدي سان ممتاز رهي، نالي نيڪيءَ سان گذاري ويو. چون ٿا ته سندس مهر سان ڪو ڪاغذ، شاهجهان جي نظر مان گذريو. مهر جا اکر شڪي ٿي ڏٺا، تنهن تي حڪم ٿيو ته جيڪڏهن ]واقعي[ شيخ ابوالفتح جي مهر آهي ته شڪي ڇو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جعلسازي ڪئي آهي ته انهيءَ کي پڪڙڻ گهرجي. مطلب ته ڏاڍو وڏي عمر وارو ٿي فضيلت ۽ چڱيءَ حالت سان گذاري ويو.

شيخ محمد زاهد، جو هن وقت نامي گرامي ۽ موجود آهي سو مٿئين شيخ ابوالفتح جو سڳو پوٽو ۽ شيخ عبدالخالق ڪروريءَ جو ڏوهٽو آهي.

]داروغهء گهر ۽ سندس اولاد[: ترخاني دور جو هڪ مشهور معروف ماڻهو ۽ سندن ملازمن جي لسٽ ۾ ناليرو آهي. محمد علي ديوان، جو ترخاني گورنرن جي ذڪر ۾ بيان ٿي آيو، سو سندس نياڻو هو. هن جو گهراڻو وڏو ۽ ڏاڍيءَ چڱيءَ انسانيت ڀريءَ حالت ۾ هو.

سندس پٽ عبدالواسع پڻ پنهنجي وقت جو ناليرو ٿي گذريو. کانئس پوءِ محمد رضا رهيو. هو سيد شاهه عبدالڪريم ]بلڙيءَ واري[ جو مريد آهي. رسالو  ”بيان العارفين ۽ تنبيه الغافلين“ ، جي مٿئين شاهه جي حالات ۽ ملفوظات متعلق سن 1083هجري ۾ تصنيف ڪيائين - سندس يادگار باقي آهن. هن وقت انهيءَ خاندان جي ڪابه نشاني ڪانه آهي.

]ملا حسين ۽ سندس پويان[: هڪ متبرڪ ملا، درس ۽ افاده جو صاحب، پنهنجي وقت جو مشهور ماڻهو ۽ شيرازي شڪر الاهي سيدن جي محلي ۾ رهندڙ هو. ڪئين ارادي وارا سندس خدمت مان فيض پرائي ويا.

سندس پٽ ملا سروري پڻ پيءُ جهڙيءَ سڳوريءَ حالت جو صاحب ٿي گذريو. انهيءَ کان پوءِ، مولانا محمد حسين عرف ملا جانباز رهيو، جو وڏين ڪرامتن سان مشهور ۽ مرتبي وارو شاعر ٿيو. ]238[ ڳالهه ڪندا آهن ته هو هڪ سهڻيءَ صورت واريءَ ڇوڪريءَ تي حقيقي عشق بچائيندو هو. انهيءَ ماڻهن جي شرم کان، سندس جان جو دشمن ٿي، کيس شهيد ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي اها حالت، ٻه ٽي ڏينهن اڳ شعر ۾ بيان ڪري ڇڏي هئي. کيس فوت ٿئي اٽڪل هڪ سئو ويهه سال گذريا هوندا.

]ملا بلال ۽ سندس جاءِ نشين[: اصل مشهدي، چڱيءَ حالت جو صاحب ۽ وقت جو مشهور معروف ٿي گذريو آهي. سندس پٽ ملا طاهر، ملائيءَ (علم) ۾ پنهنجي وقت جو يادگار هوندو هو. کانئس پوءِ ملا الهڏتو ٿيو، جو نهايت متوڪل ۽ ظريف الطبع شاعر پيدا ٿيو. چون ٿا ته رات جي وقت جيڪي به گهر ۾ هوندو هوس، سو خدا جي واٽ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڏينهن توڪل تي ويٺو هوندو هو. هو پلي کان سواءِ ڪجهه به نه کائيندو هو، تنهن ڪري کيس ”پلا قلي“ لقب ڏنو ويو هو. مولانا محمد حسين، جو علميت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي، سو سندس فرزند هو. انهيءَ جو پٽ محمد صادق پڻ هڪ لياقت وارو مرد ۽ شيخ عبدالغنيءَ جو شاگرد هو. سندس اولاد باقي آهي.

]عبدالرؤف منشي ۽ سندس پٽ[: اصل قوم جو واڍو هو. هن بلاغت جي رندي سان فصاحت جي ڦرهيءَ کي خوب لسو ڪري، ڪمال جي نقشن سان چٽيو هو. شاهجهان جي ڏينهن جي پڇاڙي ۽ عالمگير جي زماني جي ابتدا ۾ ٺٽي جي حاڪمن وٽ منشيگريءَ ۾ مشهور معروف ٿيو. هو سٺو خوشنويس هو. سندس پٽ محمد عطوف پڻ پيءُ واري فن تي قائم رهندو آيو.

حافظ ابراهيم: اصل قوم لاکاوٽ - علمي فيض ۾ ايڏي ته مرتبي کي وڃي پهتو، جو شاهجهان بادشاهه جي فرزند داراشڪوهه جو استاذ بڻيو ۽ زماني ۾ نالو ڪڍيائين.

]شيخ عبدالرحمان ۽ سندس ڀائٽيو[: مخدوم نور محمد بکري - جنهن جو بيان ٿي آيو - جو اولاد آهي. هو وڏي فضيلت جي بدولت، مفتين جي جماعت ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڀائيٽيو ميان قمر الدين، جو نادر شاهه جي ڏينهن ۾ پينشن تقسيم ڪرڻ جي عهدي تي هو، سو پنهنجي وقت جو مکيه ماڻهو هو. وفات وقت اولاد ڇڏي ويو.

]عبدالرحمان سيفي قادري ۽ سندس ڀائٽيو[: تعويذات جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. بادشاهه عالمگير، سنتا وغير ڪافرن جي ڪهڻ متعلق سندس نادر حڪم ۽ عجيب ڪم ڏسي، کيس ”سيف الرحمان سنتاڪش“ جو لقب ڏنو هو.

سندس ڀائٽيو ميان محمد رفيع پڻ ساڳئي فن جو علمبردار ٿي ڪري، بزرگيءَ سان گذاري ويو.

محمد شريف، ولد ميان بيگ محمد، هڪ لياقت ڀريو ۽ تعويذات جي علم ۾ مشهور ۽ استاد ٿي گذريو آهي. مشهوري پسند ڪانه ايندي هيس، تنهن ڪري مسڪينيءَ جي حالت ۾ جهان کان موڪلايائين. مٿيون ميان قمرالدين سندس ڏوهٽو هو.

فاضل خان: اصل نالو ملا عثمان، رهندڙ ڳوٺ کلي، ذات جو سميجو، مٿئين مخدوم محمد معين جي ڏاڏي مخدوم طالب الله جو مريد هو. جيئن سمجهه سان ٿيو، تيئن اچي ٺٽي رهي، علم جي تحصيل چڱيءَ طرح پوري ڪيائين، تنهن کان پوءِ جهان آباد هليو ويو. قابل خان مير منشيءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، صدر الصدرو ۽ مير منشيءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، صدر الصدور ۽ مير منشيءَ جي درجي تي ترقي ڪري، نهايت عزت ۽ احترام سان وقت گذاريائين. ڏوهٽن کان سواءِ اولاد ڪونه هيس.

]محمد شفيع ۽ سندس اولاد[: مخدوم عبدالرحيم بديني، (جنهن جو بيان گذري آيو) جو فرزند، هڪ بافضليت ]239[ ۽ پنهنجي وقت جو مکيه ماڻهو آهي. ٺٽي جي شهر جي مفتيءَ جي عهدي تي سرفراز ٿي، پنهنجو نائب اتي ڇڏي، جهان آباد هليو ويو، جتي ٻه پٽ ڄڻيائين - شيخ نعمت الله ۽ شيخ غلام حسين. ٻئي مفتي ۽ اتي جي قاضي القضاة جا نائب ٿيا. ٺٽي ۾ ٻه ٻيا پٽ هر هڪ شيخ عطاءُ الله ۽ شيخ عنايت الله صغير ڇڏي ويو هو. اهي وڏا ٿي ٻيئي ٺٽي جا مفتي بڻيا - هاڻي شيخ عطاءُ الله کان پوءِ سندس فرزند محمد ڪريم مفتي آهي. شيخ عنايت الله پنهنجي سر زندهه ۽ مٿئين عهدي تي پنهنجي وقت ۾ ناليرو آهي.

]شيخ عبدالحميد ۽ سندس پويان[: هڪ باڪمال ۽ بيپرواهه ماڻهو مشهور هو. جن عالم تابعدار هوندو هوس، تنهن ڪري ”جنائي“ جي لقب سان مشهور هو. سندس پٽ شيخ محمد مير جوانيءَ ۾ ئي گجرات هليو ويو ۽ اتي عزت سان وقت گذاري، گذاري ويو. کانئس پوءِ ٻه پٽ هرهڪ شيخ محمد مريد ۽ شيخ محمد ڪريم پوئتي رهيا. هي ٻيئي سن 1156 هجري ۾ سورت بندر ۾ ڏٺا ويا، جڏهن سير جي خيال سان اوڏانهن وڃڻ ٿيو هو. ٿوري وقت کان پوءِ محمد مريد فوت ٿي ويو، باقي شيخ محمد ڪريم زندهه آهي.

شيخ موسيٰ: اصل نصرپور جو هڪ نومسلم آهي. ٺٽي جي ڪامورن جي صورت ۾ وقت جي برگزيده ۽ مکيه ماڻهن جي شمار ۾ داخل ٿي رهيو. شاهه عنايت الله صوفيءَ جي جنگ ۾ قتل ٿي ويو. سندس اولاد باقي آهي.

شيخ محمد زمان: هڪ وڏو عزت وارو ڪامورو، نهايت توفيق وارو ۽ مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل ٿي گذريو آهي. سندس پٽ هر هڪ ڪاظم خان ۽ قاسم حسن خان وقت جا ناليرا ٿيا. انهن مان ڪاظم خان بادشاهيءَ جي ديوانيءَ جي عهدي تي سرفراز ٿيو. هاڻي سندس ڏوهٽا هرهڪ ميان محمد رفيع، هڪ صالح جوان ۽ محمد اعظم هڪ لائق ۽ شاعر وڏن جا يادگار آهن.

قاسم حسن خان: عمدين خدمتن جي بدولت مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ شمار آهي. هو هڪ سهڻيءَ روش وارو ۽ بزرگيءَ جي عمدن اخلاقـن سان موصوف نوجوان ٿي گذريو آهي. ميان محمد نالي صغير پٽ سندس يادگار باقي آهي.

]شيخ عبدالعزيز[: اصل رهندڙ ڳوٺ هاله ڪنڊي (هالا) مرد قابل ۽ هوشيار هو. نواب امير خان جي خدمت ۾ مقرر هو. پوئينءَ عمر ۾ هالن مان لڏي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين.

هن شيخ عبدالهادي ۽ شيخ عبدالسلام نالي ٻه پٽ ڇڏيا. شيخ عبدالهاديءَ کان پوءِ ڪا نشاني ڪانه رهي. شيخ عبدالسلام هندوستان وڃي دارالحڪومت لاهور جي خالصي جي ديوانيءَ تي سرفراز ٿيو. کانئس پوءِ پنج پٽ رهيا: شيخ عبدالرزاق، شيخ محمد سعيد، شيخ عبدالرحمان، شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ محمد شفيع ]انهن مان[ عبدالرزاق ۽ محمد سعيد علم ۽ تقويٰ جي زيور سان سينگاريل هئا. شيخ عبدالرحمان ڪمالات جو جامع هو. هن پنهنجي عمر نواب نظام الملڪ جي خدمت ۾ رهي دکن ۾ پوري ڪئي. شيخ عبدالعزيز عالمگير جي ڏينهن جي ابتدا ۾ هندوستان وڃي ”دو صدي ذات“ جي مرتبي تي سرفراز ٿيو، ۽ بهادر شاهه جي ڏينهن ۾ حـضور ۾ عرض ڪري پنهنجو عهدو پنهنجي هڪ عزيز شيخ محمد حسن کي بخشيائين. وري ٻيهر هندوستان وڃي ”دو صدي ذات“، ”بخشيگري“ (خزانه آفيسري) ۽ سيوستان جي واقعي نگاريءَ جو عهدو هٿ ڪيائين. شيخ محمد شفيع عالمگير جي ڏينهن ۾ هندوستان وڃي، ”دو صدي ذات “ جي عهدي سان سرفرازي حاصل ڪئي ۽ پڇاڙيءَ عمر ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالعزيز جي پاران ”بخشيگريءَ“ ۽ سيوستان جي ”وقائع نگاريءَ“ جي عهدن جو نائب پڻ هو. هن ٻه پٽ ڇڏيا. هڪ شيخ محمد رفيع ٻيو محمد اعظم. محمد رفع فرخ سير جي ڏينهن ۾ ”چهار صدي ذات “ جي عهدي تي رسيو ۽ محمد اعظم، پنهنجي پيءُ جي ڪوٺ تي، نادر شاهه جي ڏينهن ۾ پيءُ جي درجي کي پهتو. رسالو ”تحفة الطاهرين“ سندس جوڙيل آهي. هيءُ ٻئي ڀائر - جيئن مٿي بيان ٿي آيو - ڪاظم الدين خان جا ڏوهٽا آهن.

]مرزا شادڪام ۽ سندس پٽ[: نو مسلم هو. بادشاهي ڪامورن جي لسٽ ۾ هڪ مشهور معروف ماڻهو ۽ نيڪيءَ جي خوبين سان موصوف ٿي گذريو آهي. سندس پٽ محمد سرفراز هڪ لياقت ڀريو مڙس پيدا ٿيو. سندس وفات سن 1169 هجري ۾ آهي.

]شيخ محمد مريد ۽ سندس اولاد[: اصل هڪ نو مسلم راجا زادو آهي. سيوستان ۾ رهندڙ هو. عالمگير جي ڏينهن کان ٺٽي جي قانون گوئيءَ جو عهدو هٿ ڪري، اتي رهڻ لڳو ۽ حياتيءَ جو عرصو نهايت انسانيت ۽ سهڻين وصفن سان سينگاريل رهي، مکيه ماڻهن جي شمار ۾ گذاريائين. سندس پٽ شيخ محمد محفوظ هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو انسان ۽ اڄوڪي زماني ۾ بينظير آهي. هن جي سهڻيءَ شخصيت ۾ بزرگن واريون وصفون ۽ نيڪن واريون خوبيون موجود آهن. ڪيترن سالن کان نواب غلام شاهه خان جي حاضريءَ جو ملازم ۽ شاهي حضور ۾ وڪيل ٿي وڃڻ جي عهدي تي سرفراز آهي. شعر ۾ وڏو استاد آهي ۽ ”سرخوش“ تخلص ڪندو آهي.

هن جو فرزند رشيد، شيخ قمر الدين، هر طرح وڏن جي خوبين جو مجموعو آهي. جوانيءَ جي ابتدا ۾ ئي وڏي لياقت حاصل ڪري، حاڪمن جي محفلن ۾ اچڻ وڃڻ جو سليقو چڱيءَ طرح پرائي، شاهي لشڪر جي وڪالت جي عهدي سان ممتاز ٿيو - ۽ ڪن سالن کان بادشاهه جي لشڪر ۾ رهندو اچي. 1188 هجري ۾ سنڌ جي حاڪم جي طرفان ”خانيءَ“ جو خطاب ۽ ديري غازي خان جي گورنريءَ جي عزت عطا ٿي اٿس. طبع موزون هجڻ ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ]240[ خانداني اڍ موجب بيت ۽ غزل جو فڪر پڻ ڪندو آهي، ۽ ”عشرت“ تخلص اٿس.

]شيخ بيگ محمد ۽ سندس پٽ[: فاضل خان صدر الصدور جو نياڻو ۽ مير منشي آهي. وڏيءَ عزت ۽ انساني لياقت سان زندگي گذاريائين. سندس پٽ شيخ محمد رفيع پنهنجي وقت جو سخي ۽ مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ مشهور معروف ٿيو، ۽ پنهنجي پاران چڱو نالو يادگار ڇڏي ويو.

منشي محمد عارف: نصيراڻي قبيلي جو هڪ مخدوم زادو، خوشخطيءَ ۽ ان جي برجستائيءَ ۾ ممتاز آهي. نواب صادق علي خان جي ڏينهن کان حاڪمن جو منشي آهي. هاڻي سنڌ جي والي ميان غلام شاهه خان جي فرزند سرفراز خان جي سرڪار ۾ مير منشي ۽ بزرگيءَ جي خوبين جو جامع آهي.

ميان محمد افضل نالي سندس پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ وڏي لياقت حاصل ڪري سن 1178 هجري ۾ گذاري ويو، پويان محمد معظم نالي هڪ ٿڃ پياڪ پٽ ڇڏيائين. راقم الحروف سندس وفات جي تاريخ هن مصرع مان لڌي آهي:  ”باد آن جهان نزد محمد افضل“  (شل هو جهان محمد افضل جي  هٿ هجي) - 1178 هجري.

مٿيون محمد عارف سن 1188 هجري ۾ گذاري ويو.

محمد صالح: علم سياق (علم جفر) ۾ هڪ رسالو ”دستور السياق“ نالي سندس تاليف ڪيل ڏسڻ ۾ آيو، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو ڏاڏنگ جي خيال کان قاضي ڏتي سيوستاني جو اولاد آهي ۽ ڄائو نپنو ٺٽي ۾ آهي. ڪماليت کان خالي نه آهي ۽ ضرور نامي گرامي ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل آهي.

]ملا يوسف ۽ سندس پٽ[: پنهنجي وقت جو هڪ نامي گرامي ملا آهي. سندس پٽ ملا عبد الرسول بلاغت جي علم ۾ مشهور هو. سندس تصنيفات مان هڪ برگزيده نسخو ”نفائس الافڪار في عرائس الابڪار“ نالي نظر مان گذريو ۽ سندس بلاغت جو شاهد اهوئي نسخو ڪافي آهي.

محمد عارف: شرعي وڪيل - هندوستان ۾ گهڻو عرصو گذاريائين. ننڍپڻ ۾ نواب مهابت خان ڪاظم جو استاد ٿي رهيو هو، تنهن ڪري مٿئين نواب جي گورنريءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي اچي چڱي حال ۾ وقت گذاريائين.

آخوند محمد يعقوب: مشهور فارسي خوانده، استاديءَ ۾ وقت جي اڪثر عالمن کان گوءِ کڻي ويو هو. ڇڙو ڇڙمل گذاري اچي پوڙهو ٿيو هو. پيريءَ ۽ قوت جي نهايت گهٽتائيءَ هوندي به هر روز پوئين رات جو اٿي صبح جي نماز وڃي پير پٺي وٽ پڙهندو هو، ۽ منجهند جو گهر موٽي ايندو هو. سندس وجود وڏو تبرڪ هو. هن ڪتاب لکڻ کان ٿورا سال اڳ فوت ٿي ويو آهي.

ملا محمد فاضل: موله ٺٽي جو رهندڙ پنهنجي وقت جو هڪ متبرڪ ملا ٿي گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شعر جو فڪر به ڪندو هو، جنهن ۾ سخن جو حق ڪما حقه بجا آڻيندو هو.

خوشنويسن جو طبقو

اگرچه مٿين بيانن ۾ هن فن جا ڪيترا مکيه ماڻهو لکجي چڪا آهن، پر هتي هن شاندار هنر ۾ مشهور معروف ماڻهن جو ذڪر مقصد آهي.

حافظ رشيد خوشنويس: ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيرز جي ڏينهن ۾ خوشنويسيءَ جي مهارت جو علمبردار هو ۽ وڏي ۾ وڏن مشهور ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو.

سيد حسن خوشنويس: ترخاني دور ۾ خوشنويسيءَ جي فن جو ماهر هو. سندس پٽ سيد محمد طاهر پڻ مشهور ستن قلمن جو جامع ۽ عوام ۾ مشهور ٿي گذريو آهي.

مخدوم الياس خوشنويس: مخدوم محمد يوسف جو فرزند نستعليق ۽ نسخ جي خط ۾ پوريءَ طرح ماهر ۽ وقت جو مشهور استاد هو. سيد علي جهڙا رشيد شاگرد وٽائنس بهرو پرائي فن جي ڪمال کي پهتا.

سيد رحمت الله: سيد ابوالقاسم بيگلار جو فرزند خط نستعليق ۾ پنهنجي وقت اندر مشهور معروف ٿي گذريو.

شيخ محمد فاضل: شيخ محمد جو پٽ، شاهجهان بادشاهه جو همعصر، خط ثلث جي ڪتبہ نويسيءَ ۾ وقت جو بينظير هو.

شيخ محمد ولد شيد محمد فاضل پڻ پيءُ وانگر ڪتبه نويسيءَ ۾ ماهر هو.

شيخ عبدالواسع خوشنويس: خط نستعليق ۾ پنهنجي وقت جو مشهور معروف هو. شاهجهان بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿي، فرمانن ۽ نشانن لکڻ جو منشي ٿيو. کيس ست پٽ آهن: هر هڪ شيخ عبدالسميع، شيخ عبدالشڪور، شيخ عبدالغفور، شيخ محمد معين، شيخ عبدالحق، شيخ محمد شريف ۽ شيخ عبدالرؤف. هر هڪ پيءُ وانگيان خوشنويسيءَ جي فن ۾ وڏو ماهر ٿي رهيو، ۽ پيءُ جي جاءِ تي انهيءَ درگاهه جي منشيگيريءَ کي رسيو ]241[، جتي سلطان به سجدا ڪندا هئا.

سيد علي: هڪ ناليرو استاد، ڪامل مهارت جو مالڪ ۽ خوشنويسيءَ جي فن جو جامع هو. سندس اڪثر شاگرد ڪمال کي رسيا آهن. سيد مهدي مرحوم - جيڪو سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ گادي وسائيندو آيو - ۽ خواجن جي محلي ۾ رهندڙ سيد احمد، سندس پوٽا آهن.

ميان شيخ محمد: مٿئين سيد عليءَ جو شاگرد آهي، ستن ئي قلمن ۾ مشهور معروف هو. سندس پٽن مان شيخ ابو الفضل خوشنويسيءَ ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. شيخ محمد پناهه پڻ خوشنويسيءَ جي ڪمالات جو جامع ۽ اڪثر خوشنويسن تي فوقيت رکندڙ هو. اتفاقاً عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو. انهيءَ جو پٽ محمد عالم بيمثال خوشنويس ۽ هن هنر جي عجيب فن جو ماهر آهي.

سيد نعمت الله: بينظير خوشنويس ٿي گذريو آهي.

مير محمد بزرگ رضوي: جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو - پنهنجي پيءُ، شاهه بندر جي خوشنويس محمد شفيع ۽ هدايت الله زرين رقم جو شاگرد، خوشنويسيءَ جي فن جو هڪ وڏو استاد ۽ پنهنجي وقت جو مشهور معروف آهي.

خواجه مير شريف: خواجه مير شهاب الدين - جنهن جو بيان ٿي آيو - جو اولاد، مشهور خوشنويس ۽ سيد عليءَ جو شاگرد آهي. سندس پٽ خواجه مير مرتضيٰ - جنهن جي وصف گذري آئي - هاڻي هن فن جي استادن ۾ وقت جو ناليرو آهي.

ميان حبيب الله: مٿئين سيد عليءَ جو شاگرد ۽ ستن ئي خطن ۾ استاذ ڪامل ٿي گذريو آهي. سندس پٽ ميان تاج محمد وقت جو مشهور خوشنويس هن جو يادگار آهي.

درويش علي بيگ: مغل قوم جو ماڻهو، هڪ ناليرو خوشنويس آهي. سندس پوٽو درويش علي بيگ پڻ ڏاڏي وانگيان هن فن جي نامورن جي قطار ۾ هو.

سيد مير محمد: سيد عليءَ جو هڪ شاگرد، خط ثلث خاص نموني سان لکندو آهي ۽ نسخ ۾ پڻ خوشنويس آهي. ڪيترو عرصو حجاز ۽ يمن ڏانهن گذاري، ٺٽي موٽي آيو هو، پر وري اوڏانهن هليو ويو. هاڻي پڻ مدينه منوره ۾ رهي ٿو.

بلاغت آثار شاعرن جو طبقو

جيڪي بلاغت ۾ زماني ۾ نهايت مشهور آهن.

مٿين صفحن ۾ هن گروهه جا ڪيترا ماڻهو لکيل آهن، پر هتي هن ٽولي جي مشهور معروف ماڻهن جو بيان لکجي ٿو.

محمد مقيم: ترخاني دور ۾، سخن جي ميدان ۾ مهارت جو جهنڊو بلند رکندو آيو، ۽ مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو. مومل ۽ مينڌري جي عشق جو قصو ”ترنم عشق“ نالي سندس يادگار آهي.

ملا عبدالرشيد: اصل لاهري بندر جو رهاڪو، پنهنجي وقت اندر فقہ ۾ مشهور ۽ شاعريءَ ۾ ناليرو هو. مرزا غازي سندس صحبت ۽ شعر پسند ڪري، کيس ڏاڍي خرچ جي مدد ڏيئي، پنهنجي اصلوڪي وطن کان گهرائي، ”خاني“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو هو.

عبدالقيوم: لطيفه گو، خوش طبع ۽ صاف مزاج شاعر، جهانگير جو معاصر ۽ مير معموري مظفر خان جو هڪ همراهه هو. ”شهر آشوب“ خوش طبعيءَ سان ڀريل، سندس يادگار آهي.

دانشور: تخلص  ”شهرتي“، ٺٽي جو هڪ وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ جو همعصر آهي. پوري شاعراڻي وضع رکندو هو. عالمگير جي زماني جي پهرئين حاڪم قباد خان جي ڏينهن تائين زندهه رهيو. مشهور ديوان جو مالڪ آهي.

ملا محب علي: فاضل ڪامل، وڏي ۾ وڏو شاعر هو. صرف جي علم(1) ۾ عام ماڻهن جو مٿس اعتماد هوندو هو. جهانگير ۽ شاهجهان جي درٻار ۾ ڏاڍي اعتبار ۽ امتياز سان گذاريائين.

ملا محمد صوفي: مرزا غازي ”وقاري“ جي وقت جو وڏو شاعر هو. گهڻو ڪري ساڻس مشاعرا ڪندو رهندو هو، ۽ سندس هڪ وڏي ۾ وڏيءَ عزت وارو نديم هو.

غيوري عرف شڪر: ديوان جو صاحب آهي. مير لطف الله شيرازي انجوي ]242[ جي والد مير بزرگ جي وفات تي هڪ عمدو تاريخ جو قطعو ٺاهيو هئائين، جنهن ۾ تاريخ جو مادو هن طرح هو: ”سروش گفت نمانده بشهر تته بزرگ“ - (چيو ملڪ ته ٺٽي ۾ رهيو نه مير بزرگ).

ميان عبد الله جو پٽ، اصل مغل قبيلي جو فرد، مير محمد حسين جو همعصر ۽ ضرب خاني ۾ سڪي ٽڪڻ جي ڪم تي مقرر هو. سخن جي روڪڙ تي خوب سڪو هڻندو هو - (ناليرو شاعر هو). حضرت پير عليه الرحمت جي خلافت جي اجازت هيس. سندس ديوان متداول آهي. مشهور مهرون چٽيندڙ (مهرڪن) محمد فياض سندس ڏوهٽو آهي.

شهرتي: پنهنجي وقت جو مشهور ترين شاعر آهي، کيس اولاد ڪانه آهي.

محمد فاضل: مٿئين شيخ علي محمد خوشنويس جو پٽ، برجستو شاعر هو.

حيرتي: هڪ ناليرو شاعر ۽ شهرتي جو همعصر هو.

ملا سلامي ۽ ملا عبدالحڪيم: ٻئي ڀائر پنهنجي وقت جا مشهور معروف خوشطبع شاعر هئا. ملا سلاميءَ جون عجيب ۽ کل جهڙيون ڳالهيون عام ماڻهن جي زبان ۾ مشهور آهن. هو ٻئي خواجه عطاءَ الله، قاضي محمد حسن ۽ شيخ ميرڪ عبدالوهاب جا همعصر آهن.

ملا عبدالحڪيم: تخلق”عطا“، سهڻن اخلاقن جو جامع ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڪامل هو. پورا ٽيهه سال رات جو عبادت ۽ ڏينهن جو روزي سان رهي، عشا (سومهڻي) جي نماز کان وٺي صبح تائين هڪڙي ئي وضوءَ سان نبي ڪريم جي نعت ۽ حضرت مرتضي علي ۽ امامن سڳورن جي منقبت لکڻ ۾ مشغول هوندو هو. اهڙيءَ طرح لک بيت پورا ڪيائين. ازان سواءِ ٻه ٽي ديوان ۽ ٻه ٽي مثنويون اٿس. سندس ڪلام متقدمن جي طرز تي سليس ۽ فصيح آهي. طبعيءَ عمر کي پهتو. سائو لباس پهريندو هو. عام توڙي خاص ماڻهو سندس معتقد هوندا هئا. شاعري سندس اولاد ۾ رهندي آئي.

محمد ضيا: مٿئين ملا عبدالحڪيم ”عطا“ جو ڀائٽيو شاعريءَ ۾ کانئس برتر ۽ علم جي نالي نيڪيءَ ۾ پڻ وڌيڪ پيدا ٿيو. سمجهه سان ٿيندي ئي جهان آباد جو سفر ڪري وڃي مرزا بيدل کي ڏٺائين. هن کيس ”قيامت“ تخلص ڏنو. ٿوري وقت کان پوءِ نواب مهابت خان ڪاظم سان گڏ، ڏاڍيءَ عزت سان ٺٽي وريو. مٿيون نواب کيس خاص نديم (مجلسي) رکندو هو ۽ سندس رهائش لاءِ خورشيد باغ ۾ مشهور حويلي ٺهرايائين: هو رنگين ديوان جو مالڪ آهي.

مسڪين: ساڳئي ملا عبدالحڪيم جو پٽ، ضياءَ کان پوءِ هن جي تڪيه ۾ سندس قائم مقام ٿي ويٺو. شعر ۾ پيءُ ۽ محمد ضياء جي تقليد ڪندو هو ۽ توڪل تي وقت گذاريندو هو. سندس اولاد موجود آهي.

محمد مير: عرف ميان هاشو ولد ميان داؤد، عربيءَ جي تحصيل چڱيءَ طرح ڪيائين. ميان محمد ضياء سان خيالي شعرن ۾ همخيال هوندو هو. احتساب جي عهدي جي اميد تي نواب اعظم خان سان جهان آباد وڃي رهيو هو ته بکر پهچي حياتيءَ جو حساب اجل جي تقاضا ڪندڙ کي ڏنائين.

خادم: ملا يار محمد نالي هڪ پنهنجي وقت جو مشهور ۽ بلاغت جو صاحب شاعر هو.

محمد رضا: تخلص هاشمي، هڪ ظريف الطبع شاعر عالمگيري دور ۾ مشهور آهي.

شوقي: نالو محمد حسين ولد ملا عبدالرؤف هڪ لياقت وارو عالم هو. حياتيءَ جو وڏو عرصو جهان آباد ۾ گذاري، ڪجهه عرصي لاءِ ٺٽي جي صدارت ۽ احتساب جو عهدو هٿ ڪيائين. مٿيون شيخ عبدالباسط سندس نائب هوندو هو. محمد هاشم رضوي نصرپوريءَ جو مريد ۽ مير شاهه شڪر الاهي جو يار هو. شيخ بهائي جي ”نان حلويٰ“ جي تتبع تي ڪي مختصر مثنوي ”نغمات شوقي“ جي نالي سان نظم ڪيائين، جا تصوف جي مذاق ۽ سلوڪ جي چاشنيءَ تي مشتمل آهي. انهيءَ ۾ ٻنهي بزرگوارن جي دوستيءَ ۽ مريديءَ جو حق ادا ڪيو اٿس. ٻي مثنوي ”ناز و نياز“، جي ڪجهه ٻيون مثنيون، غزليات ۽ هر قسم جو شعر سندس يادگار آهي. نثر ۾ پڻ خاص سليقو رکندو هو.

شيخ عبدالشڪور ]243[: اعليٰ درجي جي شخصيت جو مالڪ ۽ شعر جي سليقي ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ وقت في البديهه هي الفاظ تاريخ ۾ چئي ڏنائين جيڪي قبر ۾ داخل ڪرڻ وقت پڙهندا آهن. ”بسم الله وعلي ملة رسول الله“ (توکي الله جي نالي سان قبر ۾ رکون ٿا ۽ رسول الله جي طريقي تي خدا جي حوالي ڪريون ٿا.)

عيشي: نالو عاقبت محمود خان، اصل راجا زاده هڪ عزت وارو ڪامورو ۽ پنهنجي وقت جو ناميارو آهي. سندس ديوان مروج آهي ۽ هڪ عجيب انشاء پڻ يادگار ڇڏيو اٿس.

آخوند محمد شفيع: پنهنجي وقت جو مشهور فارسي خوان ۽ استاد مير عبدالقدوس شيرازيءَ جو يار آهي. هن بزرگ جي پيريءَ ۾ زيارت ڪئي ويئي ۽ قصائد عرفي ۽ سيفي عروض جو ڪجهه حصو سندس خدمت مان ٻڌو ويو. اعليٰ طبع جو مالڪ هو. تاريخ ڳولڻ ۾ ته معجزو ڪري ڏيکاريندو هو. ٺٽي جا اڪثر حاڪم ۽ عزت وارا ماڻهو سندس تعظيم ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪندا هئا.

مير محمود: اصل آستراباد جي رضوي سيدن مان آهي. نواب سيف الله خان جي ڏينهن ۾ سن 1140 هجري ۾ عالي مرتبه درگاهن جي زيارت تان موٽي اچي ٺٽي ۾ رهيو ۽ شادي ڪري ٻار ڄڻيائين. بزرگيءَ جي زيور سان چڱيءَ طرح سينگاريل هو.  ”صابر“  تخلص هو. امامن جي مناقب ۽ مرتبن ۾ دفتر نظم ڪندو هو. حال کان خالي نه هو. ٻه ٽي مهينا ٿيا آهن جو گذاري ويو.

]محمد محسن ۽ غلام علي مداح[: نور محمد بن ابراهيم بن يعقوب، جو پٽ - سندس وڏا پٽ وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. هيءُ علم ۽ عقل جو صاحب بڻجي، رنگين طبع ٿي پيو. سمجهه وارو ٿيڻ سان مير لطف علي خان جي خدمت ۾ تربيت پرائي، شاعريءَ جو مذاق هٿ ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪن ڪمال جي صاحبن جي صحبت حاصل ڪري، وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. ٺٽي ۾ سخن جي لطافت ۽ ڪلام جي ملاحت (سلوڻائي) ۾ هن پايي جو شاعر پيدا ڪونه ٿيو. اهل بيت جي مناقب ۾ ”عقد دوزاده گوهر“، حضرت صاحب الزمان (امام مهدي) جي ولادت جي بيان ۾ ”طراز دانش“، اعلام ماتم عرف حملئه حسيني، شعر ۽ قصيدن جو ديوان، وغيره سندس نظم ڪيل آهن ۽ هر هڪ ۾ شعر جو حق ادا ڪيو اٿس.

سندس پٽ ميان غلام علي تخلص ”مداح“ هن وقت پيءُ جي شاعريءَ کان سواءِ عربيءَ جي تحصيل ۾ پڻ ڪافي بهرو ورتو آهي. هو صاف ذهن جو مالڪ ۽ مڪمل طبع جو صاحب آهي.

محمد پناهه: تخلص رجا، شعر ۾ جناب مير حيدر الدين ابوتراب تخلص ”ڪامل“ جو شاگرد، طبع جي لطف ۽ فڪر جي جدت جي بدولت شعر ۾ سهڻا ]نڪتا[ ڳولي ڪڍندڙ ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ عجيب فڪر جو ڌڻي، نمڪين (مزيدار) ماڻهو ۽ مجلس جو مور آهي. فقيرن ۽ الله وارن سان معتقدانه روش رکي ٿو. هاڻي ٺٽي جي اندر شاعرن ۾ غنيمت آهي.

واثق: نالو آقا محمد صالح، اصل تبريزي، سورت بندر ۾ ڄائو ۽ ٺٽي ۾ وڏو ٿي مکيه ماڻهن جي قطار ۾ زندگي گذاريائين. آقا محمد ڪريم اصفهانيءَ جي وفات کان پوءِ، نادري دور ۾ رعيت جو وڪيل هو. انهيءَ کان پوءِ ساري عمر ممتاز حيثيت ۾ گذاريائين. برجستي خيال وارو شاعر، مصور، طراح (مصرع طرح پيش ڪندڙ) ۽ بينظير خوشنويس ٿي گذريو آهي. اميري، سهڻي مجلس ۽ بزرگيءَ جي لائق گفتگو جي سهڻي طرز ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سن 1179 هجري ۾ وفات ڪيائين.

فائز: شيخ عبدالسجان ولد شيخ مرتضيٰ تخلص ”فائز“ آهي. شيخ مرتضيٰ ۽ سندس ڀاءُ شيخ شجاع بادشاهي ڪامورا هئا ۽ عهدن تي سرفراز رهي ]244[ وقت گذاريائون. پاڻ ظريف ۽ لطيفه گو شاعر پيدا ٿيو. ايهام ۽ حاضر جوابيءَ ۾ مشهور آهي. اهل بيت جي ڏاڍي محبت رکندو هو. گهڻو ڪري مناقب ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. ميان نور محمد جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ حاسدن جي جماعت اهل بيت جي محبت ۾ غلو جي ڪري سندس بي عزتي ڪئي، پر هن انهي کي عين سعادت سمجهيو. سندس مولود ڏاڍا مقبول ۽ ننڍي وڏي جي زبان تي جاري آهن. فقير (مير قانع) سندس وفات تي تاريخ جو قطعه چيو آهي جنهن مان ع فائز رحمت سبحان شد گفت (چيائين رب جي مٿس رحمت نصيب) آهي.

سندس ڀاءُ محمد رفيق پڻ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ وانگيان سخن جو فڪر ڪندو آهي. ماڻهو سنئون سڌو ۽ سليقه مند آهي.

آخوند فيض الله: تخلص ”طپش“ هڪ عجيب برڪت ڀريو ملا هو. خيالي شعرن جي حل ڪرڻ ۾ وڏي دسترس هيس. سندس نثر جي خاص طرز آهي ۽ نظم پڻ مذاق کان خالي نه آهي.

اسد الله: تخلص ”تابع“  ٺٽي جو هڪ مخدوم، محمد منعم، جو ”ترائي“ جي لقب سان مشهور آهي، جو فرزند ۽ محمد محسن جو شاگرد آهي. چڱيءَ طبع جو مالڪ آهي. ڪيتري عرصي کان سورت بندر ڏانهن ٿو گذاري.

غلام محمد: آخوند محمد احسن جو فرزند، فارسيءَ جي درس ڏيڻ ۾ وقت جو تبرڪ ۽ هن زماني جي سڀني شاگردن جو استاد آهي. هو هڪ صاف طبع، نوجوان ۽ ملائيءَ ۾ نهايت فائق آهي. ڪڏهن تاريخ لهڻ ۽ قطعه لکڻ ۾ به برجستو فڪر ڪندو آهي.

مؤمن: نالو مرزا غلام علي، الله وردي بيگ گاذرونيءَ جو پوٽو، هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو نوجوان ۽ تازو شاعر آهي. مٿئين شيخ قمر الدين جي خدمت ۾ بادشاهي لشڪر ۾ رهندو هو. هاڻي سنڌ جي واليءَ جي حاضريءَ جو نوڪر آهي.

 

****

 


(1) ”لا الـــٰـہ الا الله“  ڏاڍيان چوڻ کي جهري ذڪر چوندا آهن.

(1) نسخه  ”ن“  : عيد الضحيٰ

(1) خواجه محمد معصوم سرهنديءَ کي حـضرت ايشان ثاني جي لقب سان سڏيندا هئا. مخدوم آدم پڻ خواجه محمد معصوم جو مريد هو. جيئن اڳتي ميان ڪبير محمد نقشبنديءَ جي ذڪر ۾ ايندو.

(1) هتي اصل متن ۾ “ علم تصريف ” آهي، جنهن جي معنيٰ آهي صرف جو علم، جا اسان ترجمي ۾ لکي آهي. پر انهيءَ جي معنيٰ ناڻي جي مٽا سٽا يا صرافيءَ جو علم به ٿي سگهي ٿي. والله اعلم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org