سيڪشن؛ لسانيات 

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :1

سنڌي ٻوليءَ جو دريائي لهجو

الھنواز رڪڻائيءَ

مھراڻ جي ٻولي

 

مھين (مھن جي دڙي) جي کوٽائيءَ کان پوءِ اسان کي سنڌو تھذيب جا آثار ملن ٿا، پر مھين جي مورتي- اکرن کي اڃا ڪو ماھر تصديق سان پڙھي نھ سگھيو آھي. علم الآثار جي ماھرن، جيڪي رايا قائم ڪيا آھن، سي تاريخ نھ آھن، تاريخ جا آثار آھن. سنڌو تھذيب جي تاريخ اصل تڏھن ملندي، جڏھن مھين جي مھرن جي ٻولي پڙھي ويندي. مھين جو شھر ٦٠٠٠ کان ١٢٠٠٠ ق. م پراڻو تھ چئي ٿو سگھجي، پر اھا تاريخ ڪٿان آڻجي تھ مھين جو شھر ڪنھن ٺھرايو ۽ ان جي برباديءَ جو ڪارڻ لکت ۾ ڪٿان ملي. مھين جي مھرن جي زبان اڃا تائين ڪير بھ خاطريءَ سان پڙھي نھ سگھيو آھي، پر اسان پراميد آھيون تھ سنڌ جي قديم ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ ضرور ڪي سڄاڻ پيدا ٿيندا، جيڪي مھين جي مورتي زبان پڙھي، مھين جي تاريخ کي چٽو ڪندا ۽ مھين جي تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ ملي ويندي.

’وادي مھراڻ‘ جو نالو ڪيئن پيو؟

آرڪيالاجيءَ جا ماھر چون ٿا تھ مھين جو شھر پوئين پٿر جي دؤر جو حسين يادگار آھي. پوئين پٿر جي دؤر جي طبعي عمر ڏھھ ھزار سال چئي وڃي ٿي. ’مھراڻ جي وادي‘ سنڌوماٿريءَ کي چيو وڃي ٿو. ’مانسرو ور ڍنڍ‘[1] کان کاري ڇاڻ تائين سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن جي وڇايل ميدانن کي ’مھراڻ جي وادي‘ چيو وڃي ٿو. اڃا مھراڻ جي وسعت کي وڌائڻ لاءِ ھيئن چئي سگھجي ٿو تھ سنڌوءَ جو پاڻي جتي پھچي زمين آباد ڪري ٿو، اھي سڀ آباد علائقا ’وادي مھراڻ‘ ۾ اچي وڃن ٿا.

مھين جي اؤج واري زماني جي ھڪ روايت سنڌوءَ جي تڙ يعني بندر رڪڻ جي ھڪ وڏي ٻيڙيائت، اڀريي خان ھيئن بيان ڪئي تھ: ’مھين جو شھر مھاڻن جو ٻڌرايل ھو، جيڪو سنڌوءَ جو ھڪ وڏو بندر ۽ واپاري مرڪز ھو. مھين ۾ سنڌوءَ جا ٽي بندر ھئا، جن تي آمد رفت ٿيندي ھئي؛ مھين جو بندر، دلمون بندر مھراڻ بندر.

مھين ۾ درياھھ جو وڏو پوڄارو ’مھراڻ‘ نالي ھڪ مھاڻو ھو، جنھن سنڌ ۾ پھرين ٻيڙي ٺاھي، سنڌوءَ ۾ لاٿي. ممڪن آھي تھ ھو ٻيڙيءَ کان اڳي ٽلو ۽ تر ٺاھي درياھھ ۾ اور پار آيو ويو ھوندو ۽ ان مان ٻيڙي ٺاھڻ جو خيال ذھن ۾ آيو ھوندس.

چون ٿا تھ ان سمي مھين کان ڪجھھ فاصلي تي اتر ۾ چيل يا ديال جھڙي ڪاٺ جا ٻيلا ھئا، جتان ھن مھاڻي ڪاٺ وڍرائي ٻيڙي ٺاھي، جنھن جي ساخت موجوده سنڌي ٻيڙيءَ جھڙي ھئي. مھراڻ، اھا ٻيڙي، واھوندن جي موسم ۾ درياھھ ۾ لاٿي. يارھن ڏينھن لڳاتار مھين جي ماڻھن جشن ملھايو ۽ درياھھ شاھھ جي پوڄا پاٺ ڪئي. ھر سال ان ڏينھن تي ’مھراڻ جشن‘ ملھايو ويندو ھو. مھراڻ مھاڻي پنھنجي ٻيڙي انھيءَ طرف رواني ڪئي، جيڏانھن سنڌو وھي آئي ٿي. مھراڻ، ست پھلوان جوان ٻيڙي ڪاھڻ لاءِ ساڻ کنيا. چئن پنجن مھينن جي پنڌ کان پوءِ مھراڻ ’مانسرو ور ڍنڍ‘ تي پھتو. اتان جا سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد ٿيل ماڻھو ’مھراڻ‘ کي ديوتا سمجھڻ لڳا ۽ سندس قدم چمڻ لڳا. ٻھ مھينا مھراڻ پنھنجي ٻيڙي مانسرو ور ڍنڍ ۾ ڦيرائي گھيرائي. ان سمي مانسرو ور جا ٻھ ڊيم يا ٻھ حصا ھئا: ڏکڻ واري حصي کي مھراڻ ديوتا جي ڍنڍ چوڻ لڳا ۽ اتر واري حصي کي مانسرو ور. مھراڻ جڏھن واپس مھين طرف موٽيو، تڏھن ھڙپ ۽ ڌرپ نالي ٻن ديوتائن، مھراڻ کي ٿورن ڏينھن لاءِ پاڻ وٽ ترسايو. مھراڻ جي آجيان لاءِ ھڪ جشن ڪرايو ويو، جنھن ۾ ’سنڌوءَ‘ جو نالو بدلائي ’مھراڻ‘ رکيائون. ’مھراڻ‘ سانوڻ جي مند ۾ مھين جي تڙ تي پھتو. مرد ۽ عورتون قطارون ٻڌي گھٽين ۾ بيٺا ۽ مھراڻ ۽ سندس ساٿين تي ڪنول جي گلن جي ورکا ڪندا رھيا. مھراڻ جي ستن ساٿين کي ’ميد مھاڻا‘ سڏيائون. يارھن ڏينھن وٽن رھي، مھراڻ، انھيءَ طرف ٻيڙي ڌڪي، جيڏانھن سنڌوءَ جو وھڪرو وھيو ٿي. ستن ڏينھن اندر ٻيڙي شاھبندر واري ھنڌ تي پھتي. سمنڊ متل ڏسي مھراڻ جي ھمراھن دل نھ جھلي ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي ٻيڙي ٻڌي ڇڏيائون. مھراڻ ٻن مھينن بعد وري موٽ کائي، سڀني ساٿين سان گڏ مھين بندر تي پھتو“.

روايت ڪندڙ اڀري خان ملاح وڌيڪ ٻڌايو تھ ”مھراڻ جڏھن کاري ڇاڻ کان ٿي موٽي آيو تھ ھن کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو مھين وارن ’سوڀارو‘ رکيو. مھراڻ، کاري ڇاڻ ۾ سمنڊ جي ڏيا ڏٺي ھئي ۽ محسوس ڪيائين تھ سندس ٺھيل ٻيڙي سمنڊ جي سٽ سھي نھ سگھندي. ھن پوءِ پوري ھڪ سال جي محنت سان وڏو ٻيڙو تيار ڪيو ۽ ان کي مھين جي وڏي تڙ تي بيھاريو. پاڻيءَ ۾ لاھڻ کان پوءِ انھيءَ ٻيڙي يا ’واڻ‘ جا رسا، سڙھھ، آلات ۽ کوھو تيار ڪيائين. وري بھ واھوندن جي مند ۾ سون، چاندي، عاج ۽ ڪپھھ ٻيڙي ۾ وجھي، کاري ڇاڻ کان سمنڊ ۾ پھتو. انھيءَ دؤر ۾ بابلين ۽ سميرين جو واپار سنڌ جي واپاري مرڪز ’مھين‘ سان ھلندو ھو. مھراڻ بھ سمنڊ جو واپار سکيو.

راويت ڪندڙ وڌيڪ ٻڌايو تھ ”سؤ سال مھراڻ ڏيساور سان واپار ڪندو رھيو، پوءِ سوڀاري، جنھن کي ’ناکئو سوڀارو‘ سڏيو ويندو ھو، بابلين ۽ سميرين سان واپاري تعلقات قائم رکيا ۽ مھراڻ جي نقش قدم تي ھلندو رھيو.“

مھاڻا: ’مھاڻا‘ نالو ميربحرن جو بنيادي نالو آھي. ڪن محققن جو چوڻ آھي تھ ’مھاڻو‘ لفظ ’مھراڻو‘ آھي، جو بدلجي مھاڻو ٿيو آھي؛ ڪن جو چوڻ آھي تھ ’مھاڻو‘ لفظ جي معنيٰ آھي ’مانائتو‘ ميربحر يا اميرالبحر (بحر جو بادشاھھ). ميربحر نالو عربن کان پيل آھي. مھاڻو بھ ايترو ئي تعظيم وارو نانءُ آھي. مھاڻا رڳو مڇي ڪونھ ماريندا ھئا، مگر ھو ٻيڙا ۽ غوراب بھ ھلائيندا ھئا. سنڌ جي ملاحن کي وڏا ٻيڙيائت بھ چوندا آھن. ملاح يا مھاڻو قبيلو، سنڌ جو اوائلي قبيلو آھي، ڇو جو پھرين سڀ ماڻھو درياھھ جي ڪنارن تي آباد ٿيا ھئا. ان ڳالھھ جي ڪوبھ محقق يا تاريخدان مخالفت نٿو ڪري سگھي. مھين جا مھاڻا، ھنرمند ۽ وڻجارا ھئا. ھنن جو ڏورانھن ڏيھن سان واپار ھلندو ھو. مھين جو شھر مھاڻن جو ٻڌايل شھر ھو، ان لاءِ رئيس ضياءُ الدين بلبل ۽ تاج صحرائيءَ ڪيترا دليل ۽ ثبوت ڏنا آھن.

مھاڻو قبيلو سنڌ جو وطن پرست قبيلو آھي، جيڪو صدين کان سنڌ جي حفاظت لاءِ جان ۽ مال جي قرباني ڏيندو رھيو آھي.

’ميد‘ پھريان جان نثار آھن، جن سڪندراعظم کي ٽوٽا چٻايا. سڪندر پاڻ سان گڏ فنيقي ملاح آندا ھئا. ميدن سڪندر جي لشڪر تي رات جو حملا ڪري، يوناني لشڪر کي جاني ۽ مالي طرح وڏو نقصان رسايو. جيتوڻيڪ سڪندر جا سپاھي، جن ميدن کي ماريندا ھئا، تن جا سر وڻن ۾ ٽنگي ڇڏيندا ھئا تھ جيئن ميدن تي ھراس ويھي، پر ھو بھادر مرد، ھر روز مٿن راتاھا ڏيندا يعني سڪندر جي لشڪر تي حملا جاري رکندا ھئا. ميدن جي ڊپ کان سڪندر دل مان دنيا فتح ڪرڻ جو خيال لاھي، بابل ڏانھن موٽ ڪئي ۽ ناڪاميءَ جي سور ۾ اتي وڃي مئو.

راءِ گھراڻي جي حڪمران راءِ سھاسيءَ جي دؤر ۾ ملاحن يا مھاڻن کي آبياني جو حصو ملندو ھو، جنھن جي عيوض ھو درياھي يا سامونڊي حدن جي حفاظت ڪندا ھئا. چچ ۽ ڏاھر بھ ملاحن کي آبياني جو ڪجھھ حصو ڏنو. ان دور ۾ جيڪي آباديون سنڌو درياھھ جي پاڻيءَ تي ٿينديون ھيون، تن جي آبياني جي رقم ملاحن کي ملندي ھئي. ديبل بندر تي واسو يا واسوا (ڪارو) راڄنيتي ۽ پئنچات جو مکيھ ميمبر ھو. راجا ڏاھر جي وقت ۾ جڏھن سرانديپ/ سلون جا جھاز توائي ٿي، طوفان ۾ ڌڪجي، سنڌ جي حدن ۾ آيا، تڏھن ڪاري واسو پنھنجي غورابن تي چڙھي، چار جھاز يا غوراب، جن ۾ عربن جون چند عورتون بھ ھيون ۽ گڏوگڏ ڪيترو ئي مال اسباب پڻ ھو، گھيري ۾ آڻي، ديبل بندر تي آندا. ديبل شھر جي گورنر عربن جي مال ۽ عورتن مان سرڪاري اعلانيھ حصو نھ ڏنو، ان ڪري واسو ناراض ٿي پيو ۽ عربن جا جھاز جڏھن ديبل بندر فتح ڪرڻ لاءِ سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيا تھ واسوءَ جي حڪم تي درياھي ڌاڙيلن (ملاحن) جھازن کي نھ روڪيو ۽ اھي آسانيءَ سان بندر تي پھچي ويا.

مھين کان پوءِ ميدن پنھنجا حق سنڌو درياھھ تي قائم رکيا ۽ پنھنجيءَ طاقت سان ملاح قبيلي کي اوج ڏياريو. ان کان ڪيتريون صديون پوءِ بھ ملاح يا مھاڻا پنھنجن حقن جي حفاظت ڪندا آيا. عربن جي دور- حڪومت ۾ مڇيءَ تي ڪا ڍل وغيره ڪانھ ھئي، پر سنڌ جي سامونڊي حدن جي نگھباني عرب ملاحن جي حوالي ڪئي وئي.

سنڌو درياھھ جي وھڪرن جو جائزو:

سنڌو درياھھ جي قدامت، سنڌ جي تھذيب کان بھ پراڻي آھي. ٿٻيٽ مان ”سنگي ڪباب (شينھن جي وات وٽان) مانسرو ور ڍنڍ ۽ ھماليھ جي اوچن پھاڙن جي گود مان ٿيندي، سنڌوندي جابلو علائقن مان ور وڪڙ کائي، ميداني علائقن ۾ پھچي ٿي. ان بعد سنڌ جي حسين واديءَ مان وھي، کاري ڇاڻ کان بھ ھيٺ ڊيلٽا ٺاھي، سمنڊ ۾ پوي ٿي.

سنڌو نديءَ بابت آثار قديمھ جي ماھرن جي تحقيقات آھي تھ سنڌ ڌرتيءَ تي پنجن ميلن کان وڌيڪ ڪٿي بھ اھڙي زمين ڪانھ ملندي، جا سنڌوءَ اٿلائي نھ ھجي. سنڌونديءَ وقت بھ وقت پنھنجا رخ پئي بدلايا آھن: ڪڏھن ’کير ٿر‘ جي ڀر ۾ وھي آھي تھ ڪڏھن ٿر جي سار لڌي اٿس. سنڌ جون سموريون ڍنڍون، سنڌو درياھھ جا پراڻا پيٽ آھن. ’منڇر‘ جھڙي ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پڻ سنڌوءَ جي ڇڏيل پراڻ آھي. سنڌوءَ جڏھن بھ پنھنجي وھڪري جو رخ بدلايو آھي تھ پراڻي وھڪري کي ڍنڍ جي صورت ۾ ڇڏيو آھي. ڪيترا سال ’بَر ھرن‘ جي موسم يا درياھي چاڙھھ جي موسم ۾ اھي پراڻ جا ڍورا ڀرجي وھندا ھئا. لطيف سائينءَ سر ڏھر ۾ ڍور، ڍاڳي، ٻلھيار ۽ پراڻ جو ذڪر ڪيو آھي، اھي بھ سنڌوءَ جا ڇڏيل ڍورا آھن. ’منڇر‘ واري درياھھ لاءِ ھڪ آرڪيالاجيءَ جي ماھر لکيو آھي تھ: ”منڇر جي پيٽ وارو درياھھ، مھين جي تباھيءَ جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو“. ھن وڌيڪ لکيو آھي تھ: ”راتو رات منڇر واري درياھھ جي پيٽ ۾ ٻھ ٽڪر اڀري پيا، ڄڻ درياھھ کي آڏو بند اچي ويو ۽ پاڻيءَ پوئتي اٿل کاڌي لوھم ۽ مھين جا شھر انھيءَ اٿل ۾ تباھھ ٿيل ڀانئجن ٿا.“

سنڌوءَ جو منڇر وارو وھڪرو:

سنڌو درياھھ مھين جي اوڀر ۾ وھندو ھو. موجوده ڏوڪريءَ جي ڏکڻ کان وٺي راڌڻ جي ’گھڙي جي پراڻ‘: انھيءَ درياه جو پيٽ ھو. گھڙي جي ڍنڍ کان درياھھ، ’ٻيلي پتڻ‘ کان وھندو، سون مياڻيءَ جو اولھھ وارو پاسو وٺي، موجوده جوھيءَ ۽ ڇنيءَ کان منڇر جي پيٽ ۾ وڃي پوندو ھو. ان درياھھ کان اڳي سنڌوءَ جو وھڪرو موجوده ’چڪڻ ڍنڍ‘ وارو ھو، جيڪو اوڀر کان وھي لوھم جي اولھھ ۾ وھندو، منڇر واري پيٽ ۾ وڃي پوندو ھو. مھين جي تباھيءَ جو ڪارڻ جيڪڏھن منڇر جي پيٽ ۾ اڀريل ٽڪر آھن تھ منڇر ڍنڍ، سنڌوءَ جي ڇڏيل ڍنڍ چئبي، جيڪا مھين جيتري پراڻي آھي. اھا ڳالھھ تھ واضح ٿيل آھي تھ سنڌ جا مشھور شھر، سنڌونديءَ جا مشھور واپاري بندر پڻ ھئا.

سنڌوءَ جا ڦاٽ ۽ واھھ:

سنڌو، جڏھن ڊيمن ۽ بندرن جي گرفت ۾ ڪانھ ھئي، تڏھن پنھنجا وھڪرا بدلائيندي رھندي ھئي، ان ڪري سنڌوءَ کي ’پورالي ندي‘ چوندا ھئا. سنڌو جڏھن سانوڻ يا ھاڙھھ جي برھرن ۾ موج ۾ ايندي ھئي، تڏھن ننڍين ننڍين ڪسين کي ويڪرا ڦاٽ ٺاھيندي ھئي، جيڪي سنڌ جي سرزمين کي آباد ڪندا ھئا. اھڙا ڦاٽ سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھوندا ھئا.

الھندو نارو، اڀرندو نارو، ڦليلي ۽ پيڃاري، انھيءَ دؤر جا اھڃاڻ آھن. سنڌ ۾ ڪن ٻين درياھن جا بھ تاريخي نالا آھن، جھڙوڪ ھاڪڙو درياھھ، ريڻ درياھھ، سھڻيءَ جو درياھھ، اھي درياھھ، سنڌو درياھھ مان ڦٽا آھن. ھاڪڙي لاءِ محقق لکن ٿا تھ ھي سنڌوءَ کان الڳ درياھھ ھو. آءٌ پنھنجي خيال موجب چٽو چوڻ چاھيان ٿو تھ ھاڪڙو سنڌوءَ جي ٻھ درياھيءَ جو اھڃاڻ آھي. ھر دؤر ۾ سنڌوندي ڪيترين جاين تي ٻھ درياھي ڪندي ھئي: ھڪ وھڪرو (سون مياڻي دادوءَ جي شھر جي اتر اولھھ ۾ چند ميلن تي بھ آھي)، اصلي وڏو وھڪرو سنڌوءَ جي نالي سڏبو ھو. ٻئي وھڪري کي ٻھ درياھي چوندا ھئا. ھاڪڙو بھ روھڙيءَ کان ستر ميل اتر ۾ سنڌوءَ جي ٻھ درياھيءَ جو روپ ٺاھي، بڪار جي ميدان مان وھي، اروڙ جي اوڀر کان ٿيندو ڪڇ تائين پھچندو ھو. ڍوري ناري جو ڍورو، ھاڪڙي جو ڇڏيل آھي. پاڻيءَ جي لحاظ کان سنڌ جي ڪيترن شھرن جا نالا ملن ٿا، جھڙوڪ: سر، چاھي، وانءِ، تڙ وغيره. مثال: نبيسر، سليمان جي چاھي، ھنڱورن جي وانءِ، گجوءَ جو تڙ وغيره.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org