سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :1

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

ڊاڪٽر فهميده حسين

ناشر طرفان

        شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر ۽ پيغام، صدين کان سنڌين پنهنجي ساهه سان سانڍيو ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي تائين پئي پهچايو آهي. اها اسان جي ڏاهن ۽ سياڻن، سگهڙن ۽ سالڪن جي ڀٽائي جي در تي، محبت واري مڃتا آهي، جنهن ۾ عشق ئي بنيادي جذبو رهندو پئي آيو آهي. اهو عشق ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي دلين ۾، پنهنجن محبوبن جا مضبوط چِٽَ چِٽي ٿو. اهي اولڙا ۽ عڪس سدائين نه رڳو دلپسند رهيا آهن، پر سچن جذبن سان سينگاريل پڻ هوندا آهن. اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ جي ماڻهن لطيف سائين جي هستي، ڪلام ۽ پيغام سان بي مثال محبت ڪئي آهي. اُن ۾ اسان جي وستين واهڻن جا عام ماڻهو به آهن ته شهرن جا پڙهيل ڪڙهيل عالم ۽ اديب به آهن. اسان جي عام ماڻهن لطيفي لات کي وِهڃائي اسان تائين پهچايو آهي، ۽ اسان جي محققن ۽ شارحن انهيءَ فڪر کي ٻين تائين پهچايو آهي، پر ڇا اسان شاهه جي فڪر کي سندس مقام ۽ مرتبي موجب ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪامياب به ٿيا آهيون؟ اهو سوال لطيف جي پيغام جي هڪ طالبِ علم جي حيثيت ۾ سدائين منهنجي ذهن ۾ رهندو آيو آهي.

        جڏهن اسين دنيا جي ٻين اهڙن شاعرن جي ڪلام تي ٻين ٻولين ۾ ٿيل دنيا جي عالمن جي تحقيق جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ڪتاب گهرن ۾ سون جي تعداد ۾ اُنهن بابت ڪتاب موجود آهن. مولانا روم، حافظ شيرازي، عمر خيام، سعدي، عطار ۽ انيڪ ٻيا شاعر جن تي خود پنهنجي ملڪ جي عالمن عالمي سطح تي تحقيق ڪئي آهي، ۽ انهيءَ جي بنياد تي ٻين پرڏيهي عالمن به  ايڏا وڏا علمي ڪشالا ڪٽيا آهن، جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، علم ادب جي سڄي دنيا نه رڳو انهن جي نالن کان واقفيت رکي ٿي پر انهن جي علمي مقام ۽ مرتبي کان پڻ ڀليءَ ڀت ڄاڻ رکي ٿي. اسان جي ڀٽائي بادشاهه جو رُتبو، دنيا جي انهن شاعرن جي مقابلي ۾ ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي، پر اِهو فقط اسين سنڌي ٿا ڄاڻون، ايستائين جو هن مُلڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن تائين، سندس مانُ مٿانهون نه ڪري سگهيا آهيون.

        آڳاٽي دور ۾، شاهه لطيف جا گهڻو ڪري اهڙا شائق هئا، جيڪي سندس ڪلام کي پڙهندا ۽ سمجهندا هئا، ٻڌندا ۽ دل سان هنڍائي ياد ڪندا هئا. اڄ جي صورتحال مختلف آهي، اڄ گهڻي ڀاڱي، فقط ڀٽائي سائين جي شاعريءَ کي ٻڌندڙ وڃي رهيا آهن. اسان جو قومي الميو اهو به آهي جو اڄ تائين، رسالي جو مڪمل مستند متن به مرتب نه ڪري سگهيا آهيون. اسان جي محققن کان اڃان اهو به ڪين سَريو آهي جو هڪ جاءِ ويهي، رسالي جي جديد انداز ۾ ڪڇ- وهٽ ڪن، ۽ شاهه صاحب جي ڪلام جي هيئت ۽ مقصديت موجب ڪو عام مقبول متن تيار ڪري سگهن. رسالي جي اڪثر ڇاپن ۾ ڪيترائي بيت موجود نه آهن ۽ ڪي وري غير معتبر روايتن جي آڌار تي، رسالن ۾ شامل آهن. مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي کي جديد اصولن موجب مرتب ڪرڻ جي تمام وڏي ڪوشش ڪئي آهي. اهو هڪ نهايت ڏکيو ۽ مشڪل ڪم آهي، جيڪو ساراهن جوڳو آهي. اسان کي ان جي تعريف ڪرڻ يا همت افزائي ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي. اسان سنڌ جي موجوده ادبي پسمنظر تي جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته اسان کي صاف معلوم ٿيندو ته اسان جي آڏو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا محقق موجود آهن، جيڪي رسالي جي مستند متن بابت ڪو مثبت رايو ڏئي سگهن ٿا. هن وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت اِها آهي ته اسان جا دانشور هن ڳوڙهي مسئلي ۽ علمي خال کي ختم ڪرڻ ڏانهن تڪڙو ڌيان ڏين. جيڪو اسان جي تجسس جي تسڪين جو باعث بڻجي سگهي، سوال اِهو آهي ته ڇا اسين تجسس ۽ تحقيق جي ميدان ۾، پنهنجي تاريخي اهميت واري حيثيت وڃائي ته نه ويٺا آهيون؟

        نوجوان نسل جي لکندڙن ۾، شاهه جي رسالي جي متن کانسواءِ، ٻين گهڻن رُخن تي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان تحقيقي ڪم ڪرڻ جو لاڙو ڏسجي ٿو،  جيڪو همت افزا ۽ خوش آئند انداز آهي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو ان ڏس ۾ هيءُ تحقيقي مقالو، خاص اهميت جو حامل آهي.

        فهميده حسين، اسان مڙني کي سوچ ويچار جي جديد رجحان موجب دعوت ٿي ڏئي جنهن جي وسيلي رسالي ۾ سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ توڙي تمدني انداز ئي، نئين علمي ماحول ۽ ادبي لاڙن جي اعتبار کان نباهڻ جي دلي محنت ڪئي وئي آهي. هُن، شاهه جي ڪلام ۾ عورت جي ڪردار ۽ حيثيت جو گهرو اڀياس ڪري، تحقيق جي ميدان ۾، هڪ نئون باب کوليو آهي، ڊاڪٽر فهميده حسين جو هيءُ ڊاڪٽوريٽ جو مقالو، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي اشاعتي سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي. هن کان اڳ شاهنواز سوڍر ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سڌابي جا مقالا شايع ڪري چڪا آهيون.

        سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جي اهم ڪمن ۾ اهو به شامل آهي ته سنڌي ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي بابت عام طور تي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ خاص طور تي تحقيقي ڪم جي پوري طرح سان همت افزائي ڪئي وڃي ۽ تحقيق توڙي تحرير جي اعتبار کان، شاهه صاحب جي فڪري اساسي کي، جديد زماني جي ضرورت موجب پيش ڪيو وڃي.

        منهنجو ذاتي خيال آهي ته اسان جا محقق اِن ڏس ۾ پوري دلجمعي سان ڪو ڪم نه ڪري رهيا آهن. شاهه لطيف اسان کي گهڻو ئي ڪجهه ڏنو آهي، پر ان جي موٽ ۾ اسان پاڻ اڃان اِنهيءَ جي ڪا ڀليءَ ڀت موٽ نه ڏني آهي. سنڌ جو عام ماڻهو ته تتيءَ ۽  ٿڌيءَ، ڏک سُک، امن ۽ انتشار ۾، شاهه کي پنهنجي جيءُ ۾ جاءِ ڏئي پيا جِينِ. هنن لاءِ، شاهه جي حيثيت هڪ ڀرجهلي واري آهي. هو اسان جي دردن جو دارون به آهي ته پنهنجي ڪلام وسيلي آٿت ڏيڻ وارو به. وقت جي ناانصافين کي صبر سان سهڻ جو سبق به هن ئي اسان کي پڙهايو آهي ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سان مهاڏي اٽڪائڻ جو عزم به اسان کي کائنس ئي پلئه پيو آهي. لطيف الفت، رفاقت ۽ محبت جي بي مثال جذبن ۾ سگهه پيدا ڪرڻ وارو شاعر آهي. هن سنڌ توڙي اسان کي شناخت عطا ڪئي آهي، ۽ زندگيءَ کي معنيٰ ۽ مقصد سان مالامال ڪيو آهي. قدرت ۽ قسمت هونئن ته سنڌ تي ڪي خاص ڀال نه ڀلايا آهن، پر لطيف جي حوالي سان سنڌ تي خاص عنايت ٿيل آهي، ۽ جيسين لطيف جو لازوال پيغام زنده آهي، تيسين سنڌ جي ثقافت ۽ زبان کي ڪوبه خوف خطرو نه آهي.

ڪراچي

22 جولاءِ 1993ع

 

مخلص

عبدالحميد آخوند

سيڪريٽري ثقافت سنڌ حڪومت

۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز

                انتساب

ارپيان ٿي پنهنجن ٻن بهترين دوستن، ٻن روشن خيال مردن کي جن جي پيار ۽ اعتبار سبب آءٌ هڪ عورت زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهيس جيڪو مون چاهيو. انهن مان هڪ منهنجي زندگيءَ جي ابتدا هو ۽ ٻيو ان جي انتها آهي. هڪ منهنجو بابا هو ۽ ٻيو منهنجو جيون ساٿي.

مهاڳ

        گذريل ڪيترن ئي سالن کان عام طرح سان ”عورت“ ۽ خاص طرح سان ”سنڌي عورت“ جي حوالي سان تمام گهڻو پڙهندي رهندي هئس ۽ جڏهن به انهن ٻن موضوعن تي لکڻ ويهندي هئس ته حوالي طور، يا ڪنهن نڪتي جي سمجهاڻيءَ لاءِ، از خود ڪونه ڪو شاهه جو بيت دل تي هُري ايندو هو، ۽ ائين پنهنجي لکيل ڪيترن ئي مضمونن ۾ جڏهن مون، شاهه جا بيت ڏنا ٿي ته ان ۾ شعوري ڪوشش بنهه ڪانه هوندي هئي. پوءِ هڪ ڀيري، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار تي لکڻ ويٺيس، ۽ شعوري طرح سان ويهي رسالي کي اٿلايم پٿلايم. ان کانپوءِ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا، ان موضوع تي لکيم، پر انهن مان ڪوبه مڪمل نه ٿي محسوس ٿيم. عورتن جا ڪردار به گهڻا هئا ۽ مجموعي طرح عورت جو ڪردار به اڀري ٿي بيٺو، پر شاهه صاحب عورت جو ڪهڙو روپ ٿي پيش ڪرڻ يا ڏيکارڻ چاهيو، يا وٽس عورت جو ڪهڙو روپ بهترين هو، ان ڏس ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڙهيم. گهڻو ڪري لکندڙ مرد هئا، جن وٽ عورت جي باري ۾ پنهنجو هڪڙو مخصوص نظريو هو، ڪيترين ليکڪائن پڻ انهيءَ حوالي سان لکيو هو پر انهن به عورت جي هڪ ڪمزور هستي واري حيثيت ۾ وسياهه رکي لکيو هو. مون انهيءَ مفروضي کي رد ڪرڻ جي خيال سان لکڻ ٿي چاهيو، ان لاءِ ضروري هو ته شاهه صاحب جي زندگي جي اهڙن پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺجي جن جو تعلق عورت سان رهيو هجي ۽ سندس نفسيات کي سمجهي پوءِ سندس ڪلام ۾ عورت جي انهي روپ کي سمجهجي جيڪو هن ڏٺو ۽ ٻين کي ڏيکارڻ چاهيو هئائين. ان حوالي سان سندس شاعري پڙهندي اها ڳالهه به ضروري سمجهيم ته سندس ڪلام جي عمومي خوبين ۽ سندس فلسفي کي پڻ سمجهجي، وري اهو به ضروري هو ته عورت جي حوالي سان ڪيل ٻين ٻولين جي شاعريءَ مان به ڪجهه مثال چونڊي ڀيٽ ڪري ڏسجي ته جيئن سندس پيش ڪيل روپ کي بهتر طور سمجهي سگهجي. اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي مون مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو، انهيءَ وچ ۾ منهنجو پنهنجي والد محمد يعقوب ”نياز“ سان به بحث هلندو رهندو هو ۽ هُن منهنجا خيال ٻڌي، منهنجي دلچسپي ڏسي مون کي انهيءَ ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ ان موضوع تي پي. ايڇ. ڊي. ڪرڻ جو مشورو ڏنائين. ڪجهه وقت کانپوءِ پاڻ گذاري ويو، پر منهنجي ذهن ۾ اهو جنون اهڙو پئجي ويو جو انهي بابت سوچيندي رهندي هئس. هڪ ڀيري محترم اياز حسين قادريءَ سان ذڪر ڪيم ته انهي يڪدم مون کي رجسٽريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنو. بس پوءِ ته لڳي ويس ڪم کي، سائين قادري صاحب وقت بوقت پنهنجي قيمتي مشورن سان گڏوگڏ تمام بهترين ڪتاب مهيا ڪيا. شاهه عبداللطيف چيئر جي سموري لائبريري منهنجي اڳيان هئي ۽ ادا سراج جي اڌ لائبريري منهنجي گهر ۾! ان کان سواءِ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جون لائبريريون پڻ تمام گهڻيون ڪم آيون. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي محترم قاضي خادم تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن جي چيئرمين ڀاءُ سليم ميمڻ پڻ قيمتي مشورا ڏنا.

        هيءَ تحقيق ڪندي آءٌ جيترن به ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ آيس انهن مون کي تمام گهڻو همٿايو، سڀني جا نالا هتي لکڻ ممڪن نه سمجهندي آءٌ سندن ٿورا هتي ضروري مڃڻ چاهينديس. هڪ ڳالهه اها پڻ قبول ڪندس ته عورت هئڻ جي ناتي جتي ڪجهه ڏکيايون پيش آيم اتي ڪي رعايتون پڻ مليم جن منهنجو حوصلو قائم رکيو.

        سائين اياز قادريءَ جا سڀني کان وڌيڪ ٿورا جنهن ڪيترين اختلافي ڳالهين کي منهنجي راءِ جي حق طور قبول ڪندي مون سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ مون کي منهنجي حق کان به وڌيڪ وقت ڏنو ۽ چانهيون پياريون!

ڪراچي -1 جنوري 1991                   فهميده حسين

تعارف

انساني ارتقاءَ جي پهرئين ڏاڪي تي جڏهن انسان اڃا اڻ سڌريل هو تڏهن به هو ”مرد“ ۽ ”عورت“ جي ٻن جنسن ۾ سلهاڙيل هو. سندس زندگيءَ جي بنهه بنيادي ۽ پهرين تجربن ۾ انهيءَ سنگ ۽ ساٿ بنيادي حيثيت ٿي رکي. جتي زندگي جا ٻيا تجربا پنهنجي وايو منڊل مان حاصل ڪيائين ۽ ڌرتي (مٽي) هوا، پاڻي يا حيوانات، نباتات ۽ ڪائنات جي ٻين وجودن کي مشاهدي جي قوت سان پسي سگهيو، اتي اهو سنگ، سندس ”جبلت“ جو حصو هو. انساني تهذيب جي پراڻي ۾ پراڻي دور کان وٺي هن وقت تائين، مرد ۽ عورت هڪ ٻئي جا پل پل جا ساٿي رهيا آهن ۽ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان جي سفر جو آغاز مرد ۽ عورت جي سنگم سان ٿيو، انهيءَ سنگم سان هن جو نسل پيدا ٿيو، وڌيو ويجهيو، علم، فن، صنعت، حرفت، تهذيب ۽ تمدن جي به ارتقا ٿي ۽ دنيا جا سڀ رشتا ناتا انهيءَ ساٿ ۽ سنگ جا سڌا يا اڻ سڌا نتيجا آهن.

        اها هڪ جدا حقيقت آهي ته انسان پنهنجي انهن ٻن مختلف روپن ۾، ٻن جدا جنسن جي حيثيت ۾، مختلف دورن ۾ مختلف حيثيتون ماڻيون آهن. مختلف سماجي سٽائن ۾ ڌار ڌار حالتن ۾ هنن جو هڪ ٻئي سان ورتاءُ مختلف رهيو آهي. مختلف دورن ۽ سماجن ۾ انسان جي ٻن مان هڪ روپ ۾ عورت جي جيڪا به حيثيت رهي آهي انهيءَ تي بحث ڪرڻ کان اڳ اسين ان حقيقت تي روشني وجهنداسين جنهن ۾ ڪنهن به ڪا تبديليءَ ۽ ڦيرڦار نه آئي آهي. اها آهي رت جي رشتن ذريعي قائم ٿيل حيثيت. عورت جي حيثيت جنم ڏيندڙ ماءُ جي به آهي ته ساڳئي پيٽ مان جنم وٺندڙ ڀيڻ جي به آهي. هوءَ زندگيءَ جي ڏکن سکن ۾ ساٿ ڏيندڙ زال به آهي ته پيار ۽ محبت، سڪ ۽ سلامتي جو اهڃاڻ، ڌيءَ به آهي. سندس اهي حيثيتون پنهنجي جاءِ تي اٽل آهن. عورت جي هڪ حيثيت اهڙي به آهي جنهن تي سموري دنيا جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي طريقي سان اظهار خيال ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي ذهني ارتقا، سماجي پس منظر ۽ شخصي تجربن جي روشنيءَ ۾ هڪ روپ ڏنو آهي جيڪو کيس محبوب، پرين يا سپرينءَ جهڙن خوبصورت لفظن سان سينگاري ٿو.

        عورت جي انهن سڀني مختلف روپن ۾ ماءُ جي حيثيت پنهنجي جدا خصوصيت رکي ٿي. تخليق جي عمل دوران پنهنجي وجود ۾ پلجندڙ جيو کي پنهنجو رت ۽ ست ڏيڻ، تخليق جي پيڙا سهڻ ۽ پنهنجي سهپ جي قوت ثابت ڪرڻ کانپوءِ دنيا ۾ آندل ننڍڙي وجود کي، نئين انسان کي ٿڃ جي روپ ۾ امرت پيارڻ ۾ راحت محسوس ڪرڻ، راتين جو مٺي ننڊ ڦٽائي، اوجاڳا عبادت سمجهڻ، ننڍڙي وجود کي نپائڻ، تاتڻ، سانڍڻ کانپوءِ هن دنيا ۾ منهن مٿي ڪري هلڻ جهڙو ڪرڻ واري اها ئي ته هستي آهي جيڪا ڄڻ ته سموري انسانيت جي ماءُ آهي. سندس قرباني، مامتا ۽ پيار جو اڻکٽ خزانو کٽڻ جو ناهي، سندس ان محبت واري محنت ۾ ڪو غرض ڪونهي، ڪو لوڀ ڪا لالچ ڪانهي.

        هڪ زال جي حيثيت ۾ هوءَ جيون ساٿياڻي آهي. ڏک سڪ ۾ هڪ جيتري ڀاڱي ڀائيوار آهي. پنهنجا سُک ورهائي ڇڏيندي، پر ڏک سمورا پنهنجي پاند ۾ پئي لڪائيندي. هوءَ سر تا پا محبت آهي. سندس جذبن جي سچائي ۽ فرض ادائي سندس ساٿيءَ جي زندگي کي ڪاميابين سان همڪنار ڪندي ته پئي ٻهڪندي. عورت زال جي حيثيت ۾ مڙس جي زندگيءَ ۾ سونهن ۽ سڪون جي بهار آڻي ٿي ۽ ان جي پل پل ۾ نواڻ ڀري ٿي.

        ان ئي ساڳي عورت ڀيڻ جي حيثيت ۾ ايترو پيار ونڊيو آهي ۽ ايڏيون قربانيون ڏنيون آهن جو دنيا ۾ هي رشتو ڄڻ ته ايثار ۽ قرباني، سڪ ۽ پيار جو اهڃاڻ بنجي ويو آهي. خدمت ۽ محبت هن جي خاص خوبي آهي. هوءَ صبر ۽ تحمل جو نمونو، فراخ دل سٻاجهي، سلڇڻي ماءُ- ڄائي هر ڏکيءَ مهل تي هڪي حاضر هوندي آهي.

        ڌيءَ جو رشتو ايڏو ته پيارو آهي جو مختلف سماجن ۾ سندس جنم تي رنج ٿيڻ ۽ ارهائي ظاهر ڪرڻ جي باوجود، جڏهن هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائڻ لڳندي آهي ته ماءُ ۽ پيءُ ٻلهار پيا ويندا اٿس. سنڌي سماج ۾ ته کيس ”امڙ“ ۽ ”امان“ چئي مان ڏنو ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ منجهس نهٺائي،، نماڻائي ۽ قياس جا جذبا اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. سندس ڪردار کي اسين ”نياڻي“ جهڙي اکر ۾ سموهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جنهن جو دنيا ۾ ڪو ترجمو نٿو ٿي سگهي. جنهن جي گهڻ پاسي معنيٰ رڳو سنڌي سماج سمجهي ٿو.

        شاعرن، اديبن ۽ دنيا جي سمورن فنڪارن عورت جي جنهن حيثيت کي ڳايو آهي سا آهي محبوبه، پرين، سپرينءَ جي. ڪن کيس ”پيار“ جي علامت ڪري پيش ڪيو آهي ته ڪن ”سونهن“ جو اهڃاڻ ڪري اهميت ڏني اٿس. ڪي فنڪار سڌو سنئون سندس انساني عضون جي ساراهه ٿا ڪن ته ڪي سندس اندر جي اوجر جي ٿا واکاڻ ڪن. ڪي کيس حقيقت ٿا سمجهن ته ڪي ڪنهن ٻي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ جو ذريعو ٿا بنائين. مطلب ته عورت جو اهو ڪردار ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ فن لطيف جي مختلف اظهارن ۾ ضرور موجود آهي. پوءِ ان جي نوعيت خود انهيءَ فن پاري جي دور جي سماجي نفسيات مطابق ڪجهه به ٿي سگهي ٿي. ان سماج جي هڪ فرد جي حيثيت ۾ ان فنڪار جو ورتاءُ پنهنجي ڪردار جي تخليق ۾ ضرور ڪو ڪردار ادا ڪندو هوندو. سندس ورتاءَ کي سمجهڻ لاءِ سندس فن پاري جا ڪردار آئيني جو ڪم ڏئي سگهن ٿا ۽ انهن جي معرفت سماج جي فردن، عورت ۽ مرد جي تعلق کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

        آڳاٽي زماني کان وٺي اڄ تائين انساني تمدن جي سڀ کان اهم ۽ ڏکين مسئلن مان هڪ اهو آهي ته اجتماعي زندگي ۾ عورت ۽ مرد جو تعلق ڪهڙن بنيادن تي قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهوئي تعلق دراصل تمدن جي پيڙهه جو پٿر آهي. ان مسئلي کي سمجهڻ لاءِ فطرت جي سمورين حقيقتن تي ڳوڙهي نظر وجهڻي پوندي.

        ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”انسان هڪ ننڍي دنيا آهي.“ واقعي ته سندس بدني بناوت، سندس قوتون، جبلتون، خواهشون، ضرورتون، سندس اڌما ۽ احساس، پنهنجي وجود جي اندر ۽ وجود کان ٻاهر جون ڪيفيتون، ٻين تي اثر وجهڻ، ٻين کان اثر قبول ڪرڻ، جسماني ۽ عقلي طرح پنهنجو وجود قائم رکڻ لاءِ ڪوششون، حياتيءَ سان پيار، پنهنجي زندگيءَ جي وهڪري کي ماضيءَ کان حال ۽ حال کان آئيندي تائين جاري رکڻ جو جتن، نسلن کان نسلن تائين پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ جون تدبيرون ڪرڻ، اهي سڀ حقيقتون ثابت ڪن ٿيون ته انسان جي اندر ۾ هڪ دنيا سمايل آهي، يا هو پاڻ مجسم اها دنيا آهي. قول آهي ته ”عورت نصف انسانيت آهي“ مرد انسانيت جي هڪ حصي جي ترجماني ڪري ٿو ته عورت ٻئي حصي جي، عورت کي نظر انداز ڪري انسان ذات جي ڀلائي جي لاءِ هر ڪا ڪوشش اڌوري ۽ اڻپوري رهندي. ڀلا ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙي سماج جو تصور ڪري سگهي ٿو جيڪو رڳو مردن تي ٻڌل هجي، جنهن ۾ عورتن جي ضرورت نه هجي؟ ٻئي جنسون هڪ ٻئي جي ضرورت آهن، نه مرد عورت کان سواءِ پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿو ۽ نه عورت مرد کان بي نياز رهي سگهي ٿي. اها هڪ ٻئي جي ضرورت سماجي ۽ معاشرتي به آهي ته نفسياتي به، پر سڀ کان وڌيڪ آهي سندن هڪ ٻئي لاءِ ضرورت، هن ڌرتيءَ تي انساني نسلن جي تخليق ۽ واڌاري لاءِ، يعني جنسي ضرورت، جنهن کي ڪڏهن کلي طرح ۽ ظاهر ظهور قبول ڪيو ويو آهي، ڪڏهن عشق، محبت ۽ وصل جي نالن سان قبول بنايو ويو آهي ته ڪڏهن ڪٽنبي، سماجي يا مذهبي منظوريءَ سان شاديءَ جو نالو ڏنو ويو آهي. هڪ طرف سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ عورت مرد جو ساٿ زندگي جي هر شعبي ۾ کپي ٿو ته ٻئي طرف جنسي تقاضا هنن کي مجبور ٿي ڪري ته هو هڪ ٻئي جي دامن ۾ سک ۽ اطمينان ڳولين ۽ انسانذات جي ايندڙ نسلن جي تخليق ڪن، پر سندن سڀئي لڳ لاڳاپا، سندن اجتماعي زندگيءَ ۾ ساٿ ۽ سهڪار توڙي ترقي صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن ٻنهي جا جنسياتي، نفسياتي، سماجي ۽ سياسي ناتا به صحيح هجن ۽ سندن سڀئي عمل فطري حدن ۾ هجن ۽ منجهن برابري ۽ توازن هجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سماجي ۽ معاشرتي توازن ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ اڌ آباديءَ کي برتر ۽ ٻئي اڌ کي ڪمتر ڄاڻي، انهن جي وچ ۾ ويڇو پيدا ڪيو ويو ته اهو سماج ترقي جي رفتار ۾ ٻين سماجن کان پٺتي رهجي ويندو. انساني سماج جي هر ترقيءَ ۾ سماج جي جسم جا سڀئي انگ هڪ جهڙا صحتمند هئڻ تمام ضروري آهي. پر افسوس ته هن ڌرتي جي مظلوم ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي. کين ”لطيف جنس“ ”نازڪ هستي“ يا ”صنف نازڪ“ چئي به وڌ ۾ وڌ غير لطيف ۽ ڳرا ڳرا ظلم سهڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي دنيا جي هر قسم جي سماج ۾، ڌرتيءَ جي جدا جدا ڪنڊن ۾، جتي به نظر ڊوڙائجي ٿي مختلف دورن ۾ عورت ڏاڏ جو شڪار رهي آهي. پوءِ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ!

        اڄ عورت تقريباً دنيا جي هر سماج ۾ پست حالت ۾ ڇو آهي ۽ دنيا جي سڀني مادي وسيلن تي مرد جو اختيار وڌيڪ هئڻ جا ڪهڙا سبب آهن، هڪ جهڙا انسان هئڻ جي باوجود ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ورتاءُ ائين ڇو آهي؟ جڏهن ته اها مڃيل حقيقت ته:

“Since women are half and sometimes more than half of mankind, they always have shared the world and its work equally with men” . (1)

 

        ڇاڪاڻ جو عورتون انساني آباديءَ جو اڌ يا ڪٿي ڪٿي ته اڌ کان وڌيڪ حصو آهن، ان ڪري هنن هميشه ڪم ۾ مردن سان ڀائيواري ڪئي آهي. هن ڌرتيءَ جي گولي تي انساني زندگيءَ جي ابتدا کان ارتقاءَ جي سڀني مرحلن کي جاچڻ کانپوءِ مختلف دورن ۾ قائم ٿيل جدا حيثيتون پرکڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سائنسي بنيادن تي مرد ۽ عورت جي جسماني بناوٽ، نفسياتي جوڙجڪ ۽ ذهني سطحن وغيره جو پاڻ ۾ تقابلي مطالعو ڪري ڏسون. ان کان پوءِ انهن جي روين کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. اهو پڻ معلوم ٿي سگهندو ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ عورتن سان ورتاءُ ڪهڙن بنيادن تي هڪ ٻئي کان مختلف ٿيو آهي. قديم تهذيبن، يونان، روم، عرب دنيا، هندستان ويندي سنڌ جي قديم ترين سڀيتا تائين عورت جي حيثيت ڪهڙي رهي آهي.

        اهي سڀ ڳالهيون جڏهن سماج ۾ عورت جي حيثيت متعين ڪنديون تڏهن اسان مختلف دورن ۾ ادب ۽ شاعريءَ مان مثال چونڊي، عورت جي حيثيت کي بهتر نموني سمجهي سگهنداسين. سنڌي ادب ۽ شاعري جي حوالي سان اهو طئي ڪري سگهنداسين ته هن خطي ۾ لوڪ روايت يا عوامي ادب کان وٺي، سنڌ جي بنيادي يا اساسي شاعرن وٽ عورت جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي ۽ انهي سلسلي ۾ ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪهڙو رويو رهيو آهي، جنهن جي هڪ ڪڙي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙو عظيم انقلابي شاعر آهي.


(1) Lemer, Gerda, The Creation of Patriarchy—Oxford University press 1986 ppp-4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com