سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 3

صفحو : 26

ڪي ٻيون عارف، عابد، زاهد ۽ صالح عورتون

 

حضرت رسول الله ﷺ جي بيبين کانپوءِ، اڪثر اوليائن جي تذڪري وارن ڪتابن ۾، هيٺين زالن جو بيان ڏنل آهي:

(1)        بي زائده: خليفي حضرت عمر رضه جي ٻانهي هئي،

(2)        بيبي شعوانه: عجم جي هئي، خوش آواز، وعظ ڪندي هئي، ۽ وڏا بزرگ هن جو وعظ ٻڌندا هئا، سنه 175هه ۾ وفات ڪيائين.

(3)        بيبي غفيره: بصري جي هئي، خدا جي لاءِ ايترو رنائين، جو انڌي ٿي پيئي، وفات جو سن 180هه.

(4)        بيبي نفسه: حسن بن زيد جي ڌيءُ، مصر جي رهاڪو، ۽ امام ”شافعي“ جي همعصر، وفات جو سن 208هه.

(5)        بيبي فاطمہ نيشاپوريه: هيءَ مشهور عورت خراسان جي هئي، ۽ پوءِ، مڪي جي رهاڪو ٿي، شيخ ”بايزيد بُسطامي“، مشهور اولياء، هن جي نهايت گهڻي تعريف ڪئي آهي، قرآن شريف جي معنيٰ تمام چڱي سمجهندي هئي، وفات جو سن 220هه.

(6)        بيبي اُم عيسيٰ: ابراهيم عربيءَ جي ڌيءُ، فقہ ۾ فتوائون ڏيندي هئي، وفات سن 338هه.

 (7)       بيبي اُم محمد: شيخ ابي عبدالله”خفيف“ جي والده، مشاهدي ۽ مڪاشفي واري هئي، پٽ سان گڏ حجاز جو سفر ڪيائين.

(8)        بيب اُمة الواحد: اصل نالو ”ستينه“ ڌيءُ حسين بن اسماعيل حاڪميءَ جي، قرآن مجيد، حديث، فقہ ۽ نجوم جي علم مان  خوب واقف هئي، وفات جو سن 377هه ۽  عمر 90 ورهيه.

(9)        بيبي اُمة السلام: قاضي ابوبڪر بن ڪامل جي ڌيءُ ۽ محمد بن اسماعيل بصلانيءَ جي شاگرد هئي، وري ابو علي سندس شاگرد هو. اهي سڀ مشهور بزرگ آهن، وفات جو سن 390 هه.

(10)    بيبي ميمونه، واعظه: ڌيءُ شاقوله جي، قرآن جي حافظه، تمام عمدو وعظ ڪندي هئي، هڪڙو ئي پهراڻ 47 ورهيه ڌوئي ڍڪيائين، وڏي ڪرامت واري هئي، وفات جو سن 393هه.

(11)    بيبي خديجه، واعظه:  شيخ عبدالقادر جيلانيءَ رحمته الله عليہ جي چاچي، وڏي ڪرامت واري هئي.

(12)    بيبي اُم محمد بن علي: ابن مسعود جي همعصر ۽ مصاحب، ڏاڍي پرهيز گار، وفات جو سن 460هه.

(13)    بيبي ڪريمه مروزيه: احمد بن محمد جي ڌيءُ، ظاهري ۽ باطني علم واري، علم حديث پڙهائيندي هئي.

(14)    بيبي فاطمہ، واعظه: حسين بن حسن جي ڌيءُ، شهر جي عورتن کي وعظ ڪندي هئي، وفات جو سن 521هه

(15)    بيبي فاطمه: نصر بن عطار جي ڌيءُ، سيد گهراڻي جي، ڏاڍي رياضت ۽ مجاهدي ۽ زهد واري، وفات جو سن 573هه.

(16)    بيبي ساره: شيخ نظام الدين، مشهور دهليءَ واري اولياء جي ماءُ، فاضله، عالمه ۽ زاهده هئي.

(17)    بيبي فاطمه”سام“، مشهور عارفه شيخ نظام الدين ۽ شيخ فريد الدين گنج شڪر هن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته هوءَ مرد هئي، پر عورتن جي صورت ۾ پيدا ٿي، وفات جو سن 643هه.

(18)    بيبي قرسم: شيخ فريد الدين گنج شڪر جي والده، مشهور عارفه، وفات جو سن 648هه.

(19)    بيبي زليخا: شيخ نظام الدين اولياء جي والده، ڏاڍي ڪرامت واري، وفات جو سن 643هه.

(20)    بيبي اولياء، دهليءَ جي ويٺل، مشهور صالحه، وفات جو سن 655هه.

(21)    بيبي راستي: رڪن الدين ملتانيءَ جي والده، ڏاڍي عابده ۽ زاهده، قرآن مجيد جي حافظ، شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي ننهن، وفات جو سن 695هه.

(22)    بيبي لکڪشميري: اصل هندو هئي، پوءِ مسلمان ٿي، بلبل شاهه جي مريدياڻي، مشهور عارفه ۽ ڏاڍي ڪرامت واري، هن جا گهڻائي نقل ڪتابن ۾ لکيل آهن، گهڻا شعر به چيا اٿس. وفات جو سن 756هه.

(23)    بيبي فاطمه سيده، گيلاني: ميران محمد شاهه”موج درياء“ بخاري لاهوريءَ جي بيبي، ۽ سيد صفي الدين جي ماءُ، ڏاڍي عابده ۽ زاهده، ”بيبي ڪلان“ جو لقب مليل هوس، وفات جو سن 1016هه.

(24)    جمال خاتون: ميان مير لاهوريءَ جي ڀيڻ، ۽ قاضي ساينده جي ڌيءُ، ڏاڍي ڪرامت واري ٿي گذري آهي، وفات جو سن 1049هه.

(25)    بيبي لبانه: بيت المقدس جي ويٺل، ڏاڍي ڪرامت واري.

(26)    بيبي مريم: بصري جي ويٺل، بيبي رابعه جي همعصر هئي، ۽ سندس خدمت ۾ رهي.

(27)    بيبي والهه: بصري جي عابده، صالح مُري جي همعصر، عمدا شعر پڙهندي هئي.

(28)    بيبي معاذه: بيبي رابعه واري ”عدوي قبيلي جي، ۽ سندس مائٽياڻي، چاليهه ورهيه منهن مٿي آسمان ڏي نه ڪيائين، نه ڏينهن جو کاڌائين، نه رات جو سُتي.

(29)    بيبي ڪرويه حفصه: بصري يا اهواز جي ويٺل، بيبي ”شعوانه“ جي خدمت ۾ رهي.

(30)    بيبي رابعه شاميه: احمد بن ابي الحواريءَ جي بيبي، خدا جي عشق ۾ ڏاڍا شعر پڙهندي هئي.

(31)    بيبي حڪيمه دمشقيه: شام جي سيدن مان هئي ۽ رابعه شاميه جي اُستاد هئي.

(32)    بيبي حفصه: سيرين جي ڌيءُ، ۽ مشهور محمد سيرين جي ڀيڻ، ڏاڍي زاهده ۽ عابده.

(33)    بيبي آم حسان: ڪوفي جي زاهدن مان هئي، سفيان ثوري سندس زيارت ڪندو هو، ڏاڍي ڪرامت واري هئي.

(34)    بيبي فاطمه زيتونه: ابو حمزي، جنيد ۽ نوري مشهور اوليائن جي خدمت ڪيائين، ڏاڍي ڪرامت واري هئي.

(35)    بيبي اُم علي: احمد بن خضرويه، مشهور اولياء جي بيبي.

(36)    بيبي فضه: شيخ ابو الربيع مالڪيءَ هن جي گهڻي تعريف لکي آهي.

(37)    بيبي فاطمه: ابو بڪر ڪتاني جي ڌيءُ، خدا جو ذڪر ٻڌندي مري ويئي.

****

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org