سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :17

اهڙن ڏينهن ۾ غريبن جو ڪيترن ڳالهين مان نشو ٽٽي چڪو هو ۽ هاڻي تڪليف جي زندگي گذاري رهيا هئا، پر تنهن هوندي به انهن کي مذهبي اميد جي تسڪين هئي. پر اعليٰ طبقي وارن مان گهڻن ايمان ۽ اعتقاد وڃائي ڇڏيو هو، جڏهن هُو تباهه ٿيل دنيا کي ٽڪي رهيا هئا، تڏهن کين ڪنهن به قسم جو آسرو ڪونه هو، ته هڪ وسيع دنيا اچڻ واري آهي، جنهن جي آخري انصاف ۽ حسن جي جلوي ۾ اهي بڇڙايو سڙي ختم ٿي وينديون. حقيقت ۾ اهو اعتقاد برقرار رکڻ مشڪل هو، ته سن 1818ع واري ڌرتي، هڪ رحيم ۽ ذهين خدا جي هٿن ۾ هئي. شيطان فتحمند ٿي چڪو ۽ هرهڪ انسان مايوس ٿي چڪو هو. والٽيئر طوفان جو ٻج ڇٽيو هو ۽ هاڻي شاپينهاور لاب لڻي رهيو هو.

ڪڏهن به بديءَ جو مسئلو اهڙيءَ صفائي ۽ قوت سان فلسفي ۽ مذهب جي منهن ۾ ڪونه اڇلايو ويو هو. بالوني کان وٺي ماسڪو تائين هرهڪ قبر لاپرواهه ستارن کان سوال پڇي رهي هئي. ڪيترو عرصو هيءَ تباهي، اي رب ۽ ڇو اي خدا؟ ڇا هيءَ عالمگير آفت خدا جي بدلي جو نتيجو هئي. جيڪا هن عقل جي دؤر تي عائد ڪئي. ڇا اهو عقل وارن لاءِ اشارو هو، ته هو پڇتاءُ ڪن ۽ پراڻين نيڪين، ايمان، اميد ۽ احسانمنديءَ طرف واپس موٽن؟ شيگل  نوويلس، شئتوبران دي مسي، سادي ۽ ورڊس ورٿ جو اهو خيال هو ۽ هو سڀ قديمي ايمان طرف واپس وريا، ڄڻ ته هو فضول خرچ ڪندڙ هئا، جن جا کيسا خالي ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجن گهرن ڏي واپس ورڻ جا خواهشمند هئا. پر ڪن ٻين سخت جواب پيش ڪيو. سندن رايو هو، ته يورپ جي بداانتظامي ساري دنيا جي آستاني تي ويهي ٻچا ڦوڙي رهي هئي. اهو رايو هو بئرن، هين، لرمانٽاف، ليوپارڊي ۽ اسان جي ذڪر ڪيل فلسفي جو.

 

هڪ انسان: The Man

شاپينهاور ڊئنزگ شهر ۾ فيبروري مهيني جي 22 تاريخ 1778ع ۾ ڄائو. سندس والد هڪ واپاري هو، هو قابليت جي ڪري مشهور هو، ساڳي وقت هو سخت مزاج، سڀاءُ جو خودمختيار ۽ آزاديءَ جو پياسي هو. جڏهن شاپينهاور پنجن سالن جو هو، تڏهن سندس پيءُ ڊشنزگ ڇڏي هئمبرگ ۾ رهائش اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ ته سن 1713ع ۾ ڊئنزگ پولينڊ سان لڳي پنهنجي آزادي وڃائي چڪو هو. ان ڪري ننڍي شاپينهاور جي پرورش واپاري ۽ مالي ماحول ۾ ٿي. سندس پيءُ جي مرضي ٿي، ته سندس فرزند واپاري ڪمن ۾ ڀڙ ٿئي، پر هن جي دل واپار سان نه لڳي ۽ جلد ئي واپار ڇڏي ڏنائين، ان جي باوجود اوائلي ماحول سندس طبيعت ۾ شوخي ۽ حقيقت پسندي پيدا ڪئي ۽ سندس دماغ ۾ دنيا ۽ انسانن جو علم قائم ڪيو. ان ڪري ئي هو هڪ خلوت پسند ۽ غير عملي فلسفي جي تصور کي ڌڪارڻ لڳو. سندس پيءُ سن 1805ع ۾ خودڪشي ڪئي. سندس ڏاڏي چريائيءَ ۾ مري وئي هئي.

شاپينهاور چئي ٿو، ته اخلاق يا عزم پيءُ کان ورثي ۾ ملي ٿو ۽ ذهن ماءُ کان. سندس ماءُ کي ذهن هو، هوءَ پنهنجي وقت جي مشهور ناول نويس هئي، پر هوءَ پنهنجي مزاج واري هوندي هئي ۽ وقتي طور ناراض ٿي ويندي هئي. هن پنهنجي خشڪ مزاج مڙس سان خوشيءَ واري زندگي نه گذاري. جڏهن سندس مڙس مري ويو، تڏهن ڇڙواڳيءَ جي زندگي گذارڻ لڳي. هوءَ هاڻي ويمار ۾رهڻ لڳي. جو اهڙي قسم جي زندگيءَ لاءِ موزون ماحول هو. جهڙي طرح شيڪسپيئر جي ناٽڪ ۾، هئمليٽ کي پنهنجي ماءُ جي جلدئي ٻي شادي تي غصو آيو، تهڙي طرح شاپينهاور کي به پنهنجي ماءُ جي روش تي سخت صدمو پهتو. پنهنجي ماءُ سان جهڳڙن ڪرڻ ڪري هو، عورت ذات کان بدظن ٿي ويو. سندس ماءُ جي خطن مان هڪ ان حالت تي روشني وجهي ٿو: ”مان توکي برداشت ڪري نه ٿي سگهان. تنهن جي موجودگي منهنجي لاءِ بار آهي. تنهنجي خودبيني تنهنجي سڀني چڱن صفتن تي پاڇو ٿيون وجهي ڇڏن. تون دنيا لاءِ بيڪار آهين، ڇو جو تون ٻين ماڻهن جي عيب جوئي ڪرڻ کان باز نه ٿو اچين.“  تنهن ڪري هنن عليحده رهڻ جو انتظام ڪيو. هو فقط ڪڏهن ڪڏهن هڪ مهمان جي حيثيت ۾ خاص دعوت ملڻ تي پنهنجي ماءُ وٽ ويندو هو. مائٽ ٿي هڪ ٻئي سان نفرت ڪجي، تنهن کان  بهتر اهو آهي، ته ڌاريو ٿي ڪري هڪ ٻئي سان فضيلت سان پيش اچجي. ڪڏهن ڪڏهن گيٽي شاپينهاور کي ساڻ ڪري سندس ماءُ وٽ ويندو هو. هڪ ڀيري جڏهن گيٽي پيشنگوئي ڪئي، ته سندس پٽ هڪ اعليٰ هستي ٿيڻ وارو آهي، تڏهن کيس ڏاڍي خار لڳي، ڇا ٻه ذهين شخص ساڳي ئي ڪٽنب ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا؟ هڪ دفعي سخت غصي جي حالت ۾ ماءُ پنهنجي پٽ ۽ رقيب کي ڏاڪڻ کان هيٺ ڌڪي ڇڏيو. جنهن تي سندس پٽ کيس ٻڌايو، ته مستقبل زماني ۾ ماڻهو سندس پٽ جي ڪري ئي سندس نالو ياد ڪندا. جلد ئي شاپينهاور ويمار کي الوداع چيو. ۽ جيتوڻيڪ ان کان پوءِ به سندس ماءُ چوويهه سال زندهه رهي، پر سندس پٽ سندس منهن ڪونه ڏٺو. بئرن جو به سن 1778ع جي پيدائش هو، تنهن کي به پنهنجي ماءُ وٽان اهڙو ئي تجربو حاصل ٿيو هو. ان حالت جي ڪري ئي اهي ٻه شخص نااميديءَ جو شڪار ٿي ويا. ان شخص جنهن ماءُ جي محبت نه ڏٺي آهي، پر اٽلو نفرت، تنهن کي دنيا سان عشق ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونه آهي.

ان دؤران ۾ شاپينهاور يونيورسٽيءَ جي تعليم مان فيضياب ٿي چڪو هو ۽ مقرر ڪيل نصاب کان گهڻو وڌيڪ علم حاصل ڪيو هئائين. هو عشق ۽ دنيا کي لت هڻي چڪو هو، جنهن جو اثر سندس اخلاق ۽ فلسفي تي پيو. هو ملول، خشڪ مزاج ۽ شڪي ٿي پيو. هميشه ڊپ ۽ خراب وهم سندس دماغ تي پيا حملو ڪندا هئا. هميشه پنهنجو سامان قلف ڪنجيءَ هيٺ رکندو هو ۽ ڪڏهن به سنوارت لاءِ ڪنهن حجم وٽ ڪونه ويندو هو، متان هو سندس گلو ڪاٽي ڇڏي. هميشه سمهڻ مهل پنهنجي ڀرسان ڀريل پستول رکندو هو، پر اها ڳالهه ته پاڻ چور جي فائدي وٽان هئي. هو گوڙ برداشت ڪري ڪونه سگهندو هو. هو لکي ٿو، ته : ”هميشه اهو منهنجو رايو ٿي رهيو آهي، ته جيتري قدر ڪو ماڻهو گوڙ برداشت ڪري نه سگهندا، ايتري قدر هو وڌيڪ ذهن وارو هوندو. گوڙ ذهين شّصيتن کي چيچلائي ٿو. جسماني قوت جو ضرورت کان وڌيڪ اظهار، جهڙوڪ در کڙڪائڻ، مترڪا هڻڻ، شين کي اٿلائڻ پٿلائڻ وغيره منهنجي لاءِ سڄي زندگيءَ ۾ تڪليف جو باعث بڻيو آهي.“ هن کي پنهنجي ڏاهي هجڻ جو گهڻو احساس هوندو هو، جنهن کي ڪنهن نه سڃاتو هو. دنياوي ڪاميابي ۽ مشهوري نه ڏسڻ ڪري، هُن پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ خود پنهنجي روح کي جذب ڪرڻ لڳو.

کيس نه ماءُ هئي، نه زال، نه اولاد، نه گهر گهاٽ ۽ نه وطن. هو بلڪل اڪيلو هو ۽ کيس هڪ به دوست ڪونه هو، هڪ ۽ ڪجهه به نه هجڻ جي وچ ۾ غير محدوديت آهي. گيٽي کان به وڌيڪ هو قومي سرگرمين کان پري هو، سن 1813ع ۾ هو فشيءَ جي زير اثر نيپولين خلاف آزادي جي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رضامند ٿيو ۽ هن هٿيار به خريد ڪيا. پر عقلمندي کيس پنهنجي گرفت ۾ رکيو. هن پنهنجي ذهن ۾ بحث ڪيو، ته نيپولين ته پاڻ پنهنجي خود بيانيءَ ۽ ادائيءَ ۽ ڊگهي زندگيءَ لاءِ شهوت جي جذبي کي  عملي جامو پهرايو، جنهن جي ظاهر ڪرڻ جي عام ماڻهن کي همت ڪانه آهي.“ جنگ تي وڃڻ جي بدران هو هڪ ڳوٺ ۾ ويو ۽ فلسفي تي هڪ اعليٰ مقالي تيار ڪرڻ ۾ محو ٿي ويو.

سن 1813ع ۾ هن ڪتاب ”مڪمل عقل جون چار پاڙون“ لکي پورو ڪيو، تنهن کان پوءِ هن پنهنجو سڄو وقت ۽ پنهنجي سڄي قوت ان تصنيف کي ڏني، جيڪا سندس شاهڪار ٿيڻ واري هئي، يعني ”دنيا عزم ۽ تصور جي حيثيت ۾“. هن پنهنجو قلمي نسخو هڪ پبلشر ڏي موڪليو ۽ هن لکيو ته: ”اهو ڪتاب پراڻن خيالن جي نئين   ۾ پيشڪش نه آهي، پر هڪ اصلي سوچ جو اعليٰ نمونو هو، جيڪو عام فهم، قوت ۽ حسن وارو آهي. اهو ڪتاب ٻين سوين ڪتابن جو سرچشمو ٿيندو.“ ان ڪتاب بابت شاپينهاور اهڙي ته خود اعتمادي ۽ خودبيني اختيار ڪئي، جو ڪيترا سال پوءِ به کيس پورو يقين هو ته هن فلسفي جا خاص مسئلا حل ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪائنات جا سڀ راز ظاهر ڪري ڇڏيا هئا.

ان هوندي به انهيءَ ڪتاب ماڻهن جو ڌيان ڪونه ڇڪايو. دنيا اهڙي ته مفلس ۽ ٿڪل ٽٽل ٿي چڪي هئي، جو اها مفلسي ۽ ٿڪاوٽ بابت ڪجهه پڙهڻ تي راضي نه ٿي. ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان تيرهن سال پوءِ مصنف کي ٻڌايو ويو، ته اشاعت جو گهڻو حصو ردي پنو ڪري وڪيو ويو. ”زندگيءَ جي سياڻپ“ ۾ هن ناموس تي هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن لشٽنبرگر جا ٻه خيال پيش ڪيا: ”ان قسم جا ڪتاب آئيني مثل آهن، جيڪڏهن ڪو گڏهن ان ۾ نهاريندو، ته ان کي فرشتي جي صورت نظر ڪونه ايندي.“ ٻيو ته : ”جڏهن ڪو دماغ ۽ ڪو ڪتاب پاڻ ۾ ٽڪرجن ٿا ۽ انهن مان هڪ خالي نظر اچي ٿو، ته پوءِ ڇا اسان کي هروڀرو اهو اندازو لڳائڻ گهرجي، ته ڪتاب هميشه خالي آهي؟“ هڪ زخمي غرور جي آواز سان اڳتي وڌي ٿو: ”جيترو وڌيڪ ڪو انسان مستقبل ۾ رهي ٿو، اوترو وڌيڪ همعصر ماڻهو ان کي ڌاريو ڪري سمجهن ٿا. سندس تصنيف همعصر ماڻهن لاءِ ڪانه آهي، پر سڄي انسان ذات لاءِ، ان ڪري سندس تصنيف ۾ مڪاني رنگ ۽ روپ ڪونه آهي، جو ان زماني ۾ ماڻهن تي اثر پيدا ڪري.“ تنهن ۾ ماڻهن تي اثر پيدا ڪري.“ تنهن کان پوءِ وري هُو بلاغت کان ڪم وٺي ٿو: ”جيڪڏهن ڪو نغمي ساز ڄاڻيندو هجي، ته حاضرين سڀ ٻوڙا آهن، ته پوءِ هو انهن جي داد ڏيڻ تي خوش ٿيندو ڇا؟ جيڪڏهن چند ماڻهن کي رشوت ڏني وڃي، ته هو هڪ خسيس فنڪار کي به ساراهين ته پوءِ انهن جو ساراهڻ فنڪار لاءِ فخر جو باعث ٿيندو ڇا؟“ ڪن انسانن ۾ خودبيني، ناموس جي غير موجودگيءَ جو، پورو اجورو آهي، ڪن ٻين انسانن ۾ ناموس جي موجودگيءَ ۽ خودبينيءَ جي وچ ۾ پورو تعاون ٿيندو.

هن ڪتاب ۾ شاپينهاور پنهنجي فڪر جو اظهار ايتري ته گهرائي سان ۽ مڪمل طور ڪيو جو ٻيا سندس لکيل ڪتاب صرف ان جي تشريح جو ڪم ڏين ٿا. سن 1836ع ۾ هن ”قدرت ۾ عزم“ تي هڪ مضمون شايع ڪيو، جيڪو پوءِ سندس اصلي ڪتاب جي وڏي ڇاپي ۾ داخل ڪيو ويو، سن 1841ع  ۾ سندس ڪتاب ”اخلاقيات جا ٻه بنيادي مسئلا“ ظاهر ٿيو. سن 1851ع ۾ سندس مضمون جا ٻه وڏا جلد شايع ٿيا، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. اهڙن عام فهم ۽ عقل سان ڀرپور ڪتابن جي اجوري لاءِ کيس صرف ڏهه ڪتاب مفت ۾ اعزازي طور مليا. اهڙين حالتن ۾ پراميد رهڻ مشڪل آهي.

ويمار ڇڏڻ کان پوءِ فقط هڪ حادثي سندس ادبي ۽ فلسفياڻي اڪيلائي ۾ خلل وڌو. کيس اميد هئي، ته هو پنهنجي فلسفي کي جرمنيءَ جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ پيش ڪندو. سن 1822ع ۾ هن کي اهو موقعو مليو، برلن جي يونيورسٽيءَ کيس دعوت موڪلي. ڄاڻي ٻُجهي هن پنهنجي تقريرن لاءِ وقت ساڳيو انتخاب ڪيو، جنهن ۾ هيگل پنهنجي سکيا ڏيندو هو. کيس اميد هئي، ته شاگرد کيس ۽ هيگل کي آئينده جي اکين سان ڏسندا. پر شاگرد ايتري قدر پيشبيني ڪري نه سگهيا، جيتري قدر کيس توقع هئي. نتيجو اهو نڪتو جو شاپينهاور خالي بينچن کي مخاطب ٿي تقريرون ڪرڻ لڳو. هن استعفا ڏني ۽ پنهنجي تصنيف ۾ هيگل لاءِ سخت لفظ استعمال ڪرڻ لڳو، سن 1831ع ۾ برلن ۾ ڪالرا ڦهلجي وئي. هيگل ۽ شاپينهاور ٻئي ڀڄي ويا. پر هيگل وقت کان اڳ ۾ واپس آيو. ڪالرا جو شڪار  ٿيو ۽ ٿورن ڏينهن اندر مري ويو. شاپينهار وڃي فرئنڪ وٽ پناهه ورتي ۽ پنهنجي ٻاهتر سالن جي عمر جو آخرين حصو گذاريائين.

هڪ نااُميديءَ جي پوئلڳ وانگر هن پنهنجي قلم کي روزگاريءَ جو هٿيو ڪونه بڻايو. پنهنجي والد جي ڌنڌي مان هن کي ڪجهه معاوضو ملندو هو. جنهن مان هو پنهنجو پيٽ قوت ڪندو هو. هن پنهنجو پيسو اهڙي عقلمنديءَ سان سيڙايو. جنهن جي توقع هڪ فلسفي کان ڪري نه ٿي سگهجي.جڏهن هڪ ڪمپني ناڪامياب وئي ۽ ٻين حصيدارن ستر سيڪڙو پيسا قبول ڪيا. تڏهن هو هڪدم اٿي بيٺو، ته کيس پورا پيسا ملن، آخرڪار هو پنهنجي منشا ۾ ڪامياب ٿيو، کيس ايترو پيسو هو جو ٻه ڪمرا ڪرائي تي وٺي سگهي. پنهنجي زندگيءَ جا آخرين ٽيهه سال اتي فقط هڪ ڪُتي جي سنگت ۾ گذاريائين، پنهنجي ننڍڙي گهنڊيدار وارن واري ڪُتي کي هو ’آتما‘ ڪري سڏيندو هو، پر شهري مسخرا ان کي ننڍو شاپينهاور ڪري سڏيندا هئا. هڪ انگريزي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان ٿورو اڳي هو هڪ سونو سڪو ميز تي رکندو هو ۽ ماني ختم ڪرڻ تي وري ان کي کيسي ۾ وجهندو هو. هڪ ڏينهن هڪ ڪاوڙيل ملازم کانئس هر روز ان عجيب رسم ادا ڪرڻ جو مطلب پڇيو. شاپينهاور جواب ڏنو، ته هن ارادو ڪيو هو، ته جنهن ڏينهن انگريز آفيسر گهوڙن، عورتن ۽ ڪتن متعلق گفتگو نه ڪندا، ان ڏينهن هو اهو سڪو غريبن کي خيرات طور ڏيندو.

يونيورسٽين سندس ڪتاب کي نظرانداز ڪيو. ڄڻ ته اهي سندس دعويٰ ثابت ڪري رهيو هيون، ته فلسفي ۾ ترقي صرف تعليمي ادارن کان ٻاهر  ٿي سگهي ٿي. نٽشي چوي ٿو، ته جرمنيءَ جي عالمن کي ان تان خار لڳي جو شاپينهوار جو نظريو سندن نظرينک ان عليحده هو. پر هاڻي هن صبر جو سبق سکيو هو. هن کي يقين هو ته دير آيد ليڪن درست آيد، مطابق. آهستي آهستي ماڻهو سندس بزرگي جو اعتراف ڪرڻ لڳا. وچين طبقي جا ماڻهو جهڙوڪ وڪيل، حڪيم هاڻي محسوس ڪرڻ لڳا، ته شاپينهاور کين مابعدالطبيعيات جي اڙانگن اوڙاهن ۾ وجھڻ نه پيو چاهي، پر ان جي ابتڙ هو حقيقي زندگيءَ جي تحقيقي عام فهم زبان ۾ پيش ڪرڻ پيو چاهي. يورپ، سندس فلسفي ڏانهن رُخ رکيو، ڇاڪاڻ ته سندس فلسفو 1815ع جي نااميديءَ جو آواز هو. سائنس جو يدينيا تي حملو، غربت ۽ جنگ تي اشتراڪيت جي تهمت ۽ ”بقا لاءِ جدوجهد“ وارو حياتياتي نظريو، انهن سڀني گڏجي شاپينهاور جي ناموس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

هو اڃا ايترو ٻڍو نه ٿيو هو، جو کيس عام مقبوليت مان مزو نه اچي. هن بابت جيڪي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا هئا، تن کي هو شوق سان پڙهندو هو. هن پنهنجي دوستن کي چئي ڇڏيو هو، ته جيڪي ڪجهه سندس فلسفي جي تنقيد بابت لکت هٿ لڳي، سو کيس موڪلي ڏين ۽ هو ٽپال خرچ ڀريندو. اهڙي ريت ٻڍاپڻ ۾ هڪ نااميديءَ جو پوئلڳ زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لڳو. رات جي کاڌي کان پوءِ هو چاهه سان بنسري وڄائيندو هو ۽ وقت جي شڪرگذاري ڪرڻ لڳو، جو وقت کيس جوانيءَ جي ؟ شعلن کان نجات ڏني هئي. سن 1858ع ۾ جڏهن هو پنهنجي ستر سالن واري سالگرهه ملهائي رهيو هو، تڏهن هر طرف کان کيس مبارڪباد جا پيغام پهچڻ لڳا.

هاڻي کيس فقط زندگيءَ جا ٻه سال وڃي بچيا هيا. سيپٽمبر 21، 1860ع ۾ هو اڪيلو ناشتي کائڻ لاءِ ويٺو ۽ ظاهر طور بلڪل تندرست هو. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ گهر جي مالڪياڻي اڃا تائين کيس ساڳي هنڌ ويٺل ڏٺو، پر پکيئڙو پرواز ڪري ويو هو.

 

دنيا هڪ خيال جي حيثيت ۾: The Wrold as Idea

سندس ڪتاب ”دنيا هڪ عزم ۽ تصور جي حيثيت ۾“ کوليندي ئي پڙهندڙ سندس تحريري طرز کان متاٿر ٿي وڃي ٿو. هتي ڪانٽ جي اصطلاحن جي اڻانگائي ۽ پيچيدگي ڪونه آهي، نه هيگل جي حواس جا خطا ڪندڙ تجريديت، نه اسپنوزا جي جاميٽري، سڀ ڪجهه صاف ۽ منظم آهي ۽ هر ڪشمڪش آهي ۽ تنهن ڪري تباهي آهي، ڪهڙي نه سنئين سڌي ايمانداري ڪهڙي نه تفريح بخش قوت ۽ ڪهڙي نه مڪمل استقامت! سندس پيشرو صرف  نظرين کي پيش ڪن ٿا ۽ پنهنجين نظرين کي سمجھائڻ لاءِ مثال پيش نه ٿا ڪن، پر شاپينهاور هڪ واپاريءَ جي پٽ وانگر حقيقي دنيا مان مثال پيش ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ظرافت کان پڻ ڪم وٺي ٿو. ڪانٽ کان پوءِ فلسفي ۾ مزاح آڻڻ ته هڪ عجيب روايت هئي.

پوءِ ڇو ڪتاب کي رد ڪيو ويو؟ ڪجهه ان ڪري جو مصنف يونيورسٽي جي استادن تي حملا ڪيا، جيڪي هوند ڪتاب کي مشهور ڪن ها. سن 1818ع ۾ هيگل جرمنيءَ ۾ فلسفي جو ڊڪٽيٽر هو، پر تنهن هوندي به شاپينهاور هن تي حملو ڪرڻ لاءِ هميشه تيار هو. ٻئي پاڇي جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو ته: ڪوبه زمانو فلسفي لاءِ اهڙو ناساز نه ٿيو آهي، جهڙو اهو جنهن ۾ فلسفي کي سياسي مقصدن خاطر يا روزگاريءَ حاصل ڪرڻ خاطر عام نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. ڇا اسان ان نصيحت جي مخالفت نه ٿا ڪري سگهون، ته پهريائين زندهه رهڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ فلسفو پروڙڻ گهرجي، اهي شريف ماڻهو زندهه رهڻ جا خواهشمند آهن۽ فلسفي ذريعي زندهه رهڻ ٿا چاهن. پنهنجن زالن ۽ ٻارن سان گڏ هو فلسفي جي سپرد ڪيا ويا آهن. اهو قاعدو ڪهڙو نه سٺو آهي، ته جنهن جي ماني کائو، تنهن جي ئي ساراهه جا گيت ڳايو. فلسفي جي ذريعي پيسو ڪمائڻ قديمي سوفسطاين جو خاص ڳُڻ ليکيو ويندو هو. سون سان صرف معمولي ماڻهو خريد ڪري سگهبا آهن، اهو ناممڪن آهي ته اهو زمانو، جنهن ۾ هيگل جهڙي حقير انسان کي سڀ کان اعليٰ فلسفيءَ ڪري تسليم ڪيو ويو هجي، سو ٻئي ڪنهن فلسفيءَ سان انصاف ڪري. سچ هميشه ٿورن ماڻهن وٽ هوندو  آهي، تنهنڪري سچ کي انهن چند ماڻهن لاءِ انتظار ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي غير معمولي خيالي نظام ذريعي ان مان راحت حاصل ڪن. زندگيءَ ٿوري آهي، پر سچ ڏورانهن ملڪن ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪري ۽ گهڻو عرصو زندهه رهي ٿو.“

اهي پويان لفظ شاندار آهن، پر هتي به گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو کٽا وارو قصو آهي، ڪهڙو به ماڻهو عوام وٽ پسند ٿيڻ لاءِ اهڙو بي چين نه هو ، جهڙو شاپينهاور، اهو وڌيڪ شان وٽان هجي ها، جيڪڏهن هو هيگل جو نالو به نه وٺي ها. جيڪي زندهه آهن، انهن بابت اسناک ي خراب لفظ چوڻ ڪونه جائي. سندس نماڻائي ۽ نهٺائي، ته هنن لفظن مان صاف ظاهر آهي. فرمائي ٿو ته: ”ڪانٽ ۽ منهنجي وچ ۾ فلسفي جي ڀيٽ جي لحاظ ڪا ڳالهه نه ٿو ڏسي سگهان.“ ”منهنجو هيءُ خيال آهي، ته دنيا هڪ عزم آهي، فلسفي جي نالي ۾ ان خيال جي گهڻي وقت کان وٺي ڳولها ڪئي وئي آهي، پر ان کي ڪوبه هٿ ڪري ڪونه سگهيو آهي.“ ”منهنجو مقصد صرف هڪ خيال پيش  ڪرڻ جو آهي، پر سڄي ڪتاب لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه مختصر طريقو مون کي معلوم نه ٿيو. هيءُ ڪتاب ٻه ڀيرا پڙهڻ گهرجي ۽ پهرئين ڀيري نهايت صبر سان.“ نهٺائي بابت ته هو خود چوي ٿو ته: نهٺائي محض هڪ منافقيءَ واري  نيچائي آهي. هيءَ دنيا جنهن ۾ حسد جي باهه ڀڙڪا ڏيئي رهي آهي، ان ۾ هڪ  انسان پنهنجن خوبين ۽ قابليتن جي ٻين ناقابل ماڻهن کان معافي وٺي رهيو  آهي.“ ”ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي، ته جڏهن نهٺائيءَ کي نيڪي ڪري تسليم ڪيو ويو، تڏهن اها بيوقوفن لاءِ ڏاڍي ڪارگر ٿابت ٿي. ڇاڪاڻ ته هرهڪ کان اها توقع ڪري سگهجي ٿي، ته هو پاڻ بابت ائين چوي، ڄڻ ته هو بيوقوفن مان هڪ آهي.“

شاپينهاور جي ڪتاب جو پهريون جملو سندس نهٺائي هرگز نه ٿو ڏيکاري: ”هيءَ دنيا محض منهنجو تصور آهي.“ جڏهن فشي ساڳي قسم جو خيال ظاهر ڪيو، تڏهن پيچيده خيال جرمن واسين به پڇيو: ”سندس زال ان بابت ڇا ٿي چوي؟“ پر شاپينهاور کي ته زال ڪانه هئي. سندس مطلب نهايت سادو هو. شروعات کان ئي وٺي هو ڪانٽ جي نظرئي کي قبول ڪرڻ جو خواهشمند هو، ته ٻاهرين دنيا جي خبر اسان کي احساسن ۽ تصورن ذريعي پوي ٿي. تنهن کان پوءِ هو تصوريت جو صاف صاف ۽ پوري قوت سان اظهار ڪري ٿو. ڪتاب جي ان حصي ۾ اصليت بلڪل گهٽ آهي ۽ جيڪڏهن پهريون حصو آخر ۾، آخري حصو پهرين اي ها، ته بهتر ٿئي ها. دنيا کي هڪ نسل کان پوءِ شاپينهاور جو اصلوڪو خيال معلوم ٿيو، ڇاڪاڻ ته ٻن سو صفحن کان پوءِ ئي هن پنهنجو اصلوڪو خيال ظاهر ڪيو.

پهرئين حصي جو سڀ کان اهم ڪم، ماديت تي حملو آهي. اسان ائين ڪيئن چئي سگهون ٿا، ته نفس پڻ هڪ قسم جو مادو آهي، جنهن صورت ۾ صرف نفس جي ذريعي ئي اسان مادي کي سڃاڻون ٿا؟

ماديت جي نظرئي جي پيروي ڪندي، جڏهن اسان چوٽيءَ تي پهچنداسون، ته نيٺ اسان کي پنهنجي بيوقوفيءَ تي کل اچي ويندي، ڄڻ ته هڪ خواب مان جاڳندي ئي اسان کي پنهنجي خطرناڪ ڀل معلوم ٿي وڃي ٿي. ايتري محنت کان پوءِ جنهن علم تائين اسان پهتا هئاسون، سو ته شروع کان وٺي اسان فرض ڪري ورتو هو. اسان چئون ٿا، ته هر شيءِ محض مادو آهي، پر جڏهن اسان تصور ڪيو، ته اسان مادي بابت سوچ ويچار ڪري رهيا هئاسون، تڏهن درحقيقت اسان ان فاعل بابت سوچ ويچاري ڪري رهيا هياسين، جيڪومادي کي ڄاڻي ٿو. اهڙيءَ ريت پوئين منزل ائين نظر اچي ٿي، ڄڻ ته اها شروع کان وٺي ئي طئي ڪيل هئي. ماديت، زندگيءَ جي نمائش جي طبعي ۽ ڪيميائي قوتن ذريعي تشريح ڪري ٿي ۽ انهن قوتن جي وري ميڪانيڪي قوتن ذريعي سمجھاڻي پيش ڪري ٿي. پر مان ڪڏهن به قبول نه ڪندس، ته سادي ۾ سادي ڪيميائي ملاوت به ميڪانيڪي قوتن جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. روشني، گرمي ۽ بجليءَ جي ڳُڻن جي ميڪانيڪت جي قاعدن ماتحت سمجھاڻي ڏيڻ بيوقوفي آهي،انهن بابت هڪ محرڪ قوت کي تسليم ڪرڻ نهايت لازمي آهي.

نه! پهريائين مادي جي تحقيق ڪرڻ ۽ تنهن کان پوءِ خيال جي، ان طريقي سان مابعدالطبيعيات جو معمو حل ڪرڻ ۽ حقيقت جو جوهر ڳولي لهڻ ناممڪن آهي. اسان کي ان شيءِ سان شرعات ڪرڻ گهرجي، جنهن بابت اسان کي سنئين سڌي ۽ گهري معلومات آهي، اها شيءِ، پنهنجو ذهن آهي. ٻاهران اسان کي شين جي فطرت معلوم نه ٿيندي، ڪيتري به کڻي اسان جاچ جونچ ڪيو، ته به اسان کي پاڇن ۽ نالن کان سواءِ ڪي به هٿ ڪونه ايندو. اسان ان ماڻهوءَ وانگر آهيون، جنهن کي قلعي جو در هٿ نه اچي ۽ جو قلعي جي ٻاهرين ٺاهه ٺوهه جا نقشا چٽي. اچو ته اسان اندر داخل ٿيون. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ذهنن جي اصلي فطرت معلوم ٿي وئي، ته پوءِ ٻاهرين دنيا جي جاچ پڙتال مشڪل ٿيندي.

 

دنيا هڪ عزم جي حيثيت ۾: The World as Will

الف- زندهه رهڻ جو عزم: The Will to live

گهڻو ڪري سڀني فلسفين قبول ڪيو آهي، ته نفس جو جوهر خيال ۽ سجاڳيءَ ۾ آهي. انسان ڄاڻندڙ ۽ عقل ڪم آڻيندڙ جانور ڪري ليکيو ويندو آهي. ان ڪري شاپينهاور چيو، ته ”سڀ کان پهريائين اسان کي گهرجي، ته هيءَ عالمگير انتهائي غلطي دور ڪريون.“ ”شعور اسان جي نفسن جو مٿاڇرو حصو آهي، جيئن اسان ڌرتيءَ جو صرف ٻاهريون تهه ڏسون ٿا، تيئن اسان کي پنهنجي ذهن جو صرف ظاهر حصو نظر اچي ٿو.“ شعوري ذهن جي هيٺان، شعوري يا لاشعوري عزم لڪل رهي ٿو، جيڪو زندگيءَ جي لازمي ڇڪ يا اسان کي ائين نظر اچي، ڄڻ ته عقل عزم جي اڳواڻي ڪري ٿو، پر اهو ائين آهي، جيئن ڪو رستي ڏيکاريندڙ پنهنجي مالڪ جي رهبري ڪري. عزم هڪ مضبوط انڌي ماڻهوءَ وانگر آهي. جنهن جي ڪُلهن تي عقل وارو هڪ منڊو ماڻهو ويٺو آهي، جيڪو ڏسي سگهي ٿو. اسان ڪا شيءِ ان ڪري نه ٿا چاهيون. ته ان لاءِ اسان کي ڪي سبب آهن، پر جنهن شيءَ لاءِ اسان کي خواهيش جاڳي ٿي. ان لاءِ اسان سبب ڳولي ٿا لهون. پنهنجن خواهشن کي لڪائڻ خاطر اسان پيچيدهه فلسفا ۽ دينيات جا اصول مرتب  ڪريون ٿا. ان ڪري شاپنهاور انسان کي مابعدالطبيعباتي جانور ڪري سڏي ٿو. ٻيا جانور مابعدالطبيعبات جي اصولن بنا خواهش ڪن ٿا. جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي مڃائڻ لاءِ دليل بازي ڪندي ۽ سمجھاڻيون پيش ڪندي ٿڪجي ٿا پون، تڏهن آخرڪار اسان کي معلوم ٿو ٿئي، ته اسان کي سندس عزم سان واسطو آهي. تنهن ڪري منطق بيڪار آهي. منطق سان ڪنهن به ڪنهن کي ڪونه مڃايو آهي. منطق جا ڄاڻندڙ به فقط پيسي خاطر منطق کي استعمال ڪن ٿا. ڪنهن به ماڻهو کي مڃائڻ لاءِ توهان کي سندس خود غرضي، خواهش ۽ ارادي ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. ڏسو ته اسان پنهنجي فتحن کي ڪيترو نه وڌيڪ ياد ڪريون ٿا، پر پنهنجن  ناڪاميابين کي ڪيترو نه جلد ئي وساري ٿا ڇڏيون، خود حافظو به عزم جو نوڪر آهي. حسان ڪتاب ٺاهيندي، گهڻو ڪري اسان پنهنجي فائدي وٽان ڀلون چڪون ڪندا آهيون، پر فقط ورلي پنهنجي نفعي خلاف، جيتوڻيڪ کڻي اسان جو ارادو ڪهڙو به نيڪ هجي، ڪنهن به ماڻهوءَ جو فهم نهايت تيز ٿئي ٿو، جڏهن ڪن معاملن جو سندن خواهش سان گهرو تعلق ٿئي ٿو.عام طور ذهن يا ته خطري ۾ ترقي ڪندو آهي، جيئن هڪ لومڙ جي حالت ۾ يا ته وري ضرورت جي وقت ۾ جيئن هڪ مجرم جي حالت ۾. پر هميشه ذهن خواهشن جو زيردست ٿيندو آهي ۽ سندس مددگار به رهندو آهي. جڏهن ذهن خواهش کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن من ۾ مونجهارو پيدا ٿيندو آهي. اهو   ماڻهو فقط غلطين جو شڪار ٿيندو، جيڪو هميشه فقط عقل ۽ فڪر ماتحت عمل ڪندو.

ڏسو ته ماڻهو خوراڪ، رفيق حيات ۽ ٻارن واسطي ڪهڙا نه حيران ۽ پريشان آهن؟ ڇا هيءُ سڀ فڪر جو نتيجو آهي؟ هرگز نه. ان حيراني ۽ پريشانيءَ جو سبب آهي، زندهه رهڻ جي نيم شعوري عزم ۽ مڪمل طور زندهه رهڻ جو عزم. ظاهريءَ طور ائين نظر اچي ٿو، ڄڻ ته ڪا سامهون واري قوت ماڻهن کي ڇڪي رهي آهي. پر حقيقت ۾ سندن پٺيان ڪا طاقت کين ڌڪي رهي آهي. هو سمجهن ٿا ته جيڪي قوتون هو ڏسن ٿا، سي سندن رهبري ڪري رهيون آهن، پر حقيقت ۾ هو پنهنجن لڪل جبلتن ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن. ذهن محض خارجي معاملن جووزير آهي. قدرت ان کي انفرادي عزم جي خدمت لاءِ پيدا ڪيو آهي. تنهن ڪري ذهن کي فقط ايتري قدر شين جي ڄاڻ ٿئي ٿي، جيتري قدر هو عزم جو گهرجن کي پورو ڪري سگهن. پر انهن کي ڪٿڻ ۽ انهن جي حقيقي هستي سمجھڻ ذهن جو ڪم ڪونه آهي. عزم ئي هڪ نفس  جو دائمي ۽ غير متبادل جُزو آهي. اهو ئي شعور کي متحد ڪري ٿو ۽ سڀني خيالن ۽ تصورن کي هڪ هنڌ جمع ڪري ٿو ۽ منظم ڪري ٿو.

اخلاق جو دارومدار به عزم تي آهي ۽ نه ذهن تي. اخلاق به ارادي ۽ روش جي مستقل مزاجي ۽ سلسلي کي چئبو آهي. عوامي زبان صحيح راهه تي آهي. جڏهن اها دل کي دماغ تي ترجيح ڏئي ٿي، اها ڄاڻي ٿي، ته نيڪ نيتي صاف دماغ کان وڌيڪ گهرائي ۽ ڀروسي واري آهي. جڏهن عوامي زبان ۾ ڪنهن کي سڃاڻو، ڄاڻو ۽ چالاڪ سڏيو ويندو آهي، ته ان کي شڪ ۽ نفرت جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي. تيز فهم ماڻهو اسان جي تعريف جو لائق ٿيندو. پر نه اسان جي محبت جو. سڀني مذهبن هر ماڻهوءَ کي صاف ۽ اعليٰ دل رکڻ لاءِ انعام باسيا آهن، پر نه دماغ ۽ فهم جي خوبيءَ لاءِ ڪو انعام آڇيو آهي.

جسم به عزم جي پيدائش آهي. هڪ ڪچي ۽ نامڪمل ٻار ۾ خون هڪ قوت جي حڪمن هيٺ جسم ۾ ڌڪجي ٿو ۽ ان ۾ سنها پيچرا يا نليون ٺاهي ٿو. اهي پيچرا پوءِ شريانن ۽ رڳن جي صورت وٺن ٿا. علم حاصل ڪرڻ جو عزم دماغ کي ٺاهي ٿو ۽ پڪڙڻ جو عزم هٿ ٺاهي ٿو. ساڳيءَ ريت کائڻ جو عزم هاضمي جو سرشتو مڪمل ڪري ٿو. درحقيقت اهي جوڙا عزم جون مختلف صورتون ۽ جسم جون مختلف صورتون، هڪ ئي حقيقت جا ٻه پاسا آهن، اها نسبت جذبن جي حالت ۾ بهترين ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جڏهن ڪو جذبو ۽ اندروني جسماني تبديلي هڪ ئي پيچيده يونٽ ٺاهيندا آهن.

 عزم جو عمل ۽ جسم جي حرڪت ٻه مختلف شيون نه آهن، جن کي سبب ۽ نتيجي جو قاعدو متحرڪ ڪري ٿو. اهي هڪ ئي حقيقت آهن. بدن جي حرڪت، عزم جي عمل جي ظاهري صورت آهي. اهو سچ جي بدن جي هرهڪ حرڪت سان لاڳو آهي. بدن جي مختلف حصن جو تعلق مکيه خواهشن سان هئڻ گهرجي، جن جي ذريعي عزم پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو. ڏند، گلو ۽ آنڊا بک جو ظاهري روپ آهن. ٻارن پيدا ڪرڻ جا عضوا جنسي خواهشن جو ظاهري روپ آهن، سڄو تنتي سرشتو عزم جو هٿيار آهي، جنهن کي اندر ۽ ٻاهر ڦيرائي گهيرائي ٿو.  مطلب ته هرهڪ فرد جي بدني بناوت جو دارومدار سندس عزم تي آهي ۽ عزم اخلاق جو جوهر آهي.

ذهن  ٿڪجي پوي ٿو، پر عزم ڪڏهن به نٿو ٿڪجي، ذهن کي ننڊ جي ضرورت آهي، پر عزم ننڊ ۾ به ڪم ڪري ٿو. ٿڪ به سور وانگر دماغ ۾ ديرو ڄمائي ٿو. اهي مشڪون جيڪي دماغ سان ڳنڍيل ڪونه آهن، جهڙو دل کي ٿڪ جي ضرورت ڪانه آهي. دماغي خوراڪ حاصل ڪري ٿو، پر عزم کي کاڌي  جي ضرورت ڪانه آهي. دماغي پورهئي ڪندڙن کي ننڊ جي وڌيڪ ضرورت ٿئي ٿي. ننڊ جي حالت ۾ انسان جي زندگي نباتاتي درجي تي پهچي وڃي ٿي، پر پوءِ عزم پنهنجي اصلوڪي ۽ لازمي فطرت مطابق ڪم ڪري ٿو. کيس ڪابه رنڊڪ ڪانه ٿي ٿئي. دماغ جي حرڪت ۽ علم حاصل ڪرڻ جي پورهئي ڪري، سندس قوت ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ نه ٿي ٿئي، تنهن ڪري ننڊ ۾ عزم جي سڄي قوت جسماني نظام جي برقراري ۽ ترقيءَ طرف رجوع ٿئي ٿي. تنهن ڪري ننڊ ۾ زخمن جو علاج ٿئي ٿو. ماءُ جي رحم ۾ ڪچو ٻار مسلسل ننڊ ڪري ٿو ۽ معصوم ٻار گهڻو عرصو ننڊ ڪري ٿو. زندگي ننڊ خلاف ڪشمڪش آهي. پهريائين اسان ان تي فتح حاصل ڪريون ٿا. پر آخرڪار هوءَ اسان تي غالب پئي ٿي. ننڊ موت جو هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو اسان ان ڪري اڌارو ورتو آهي، ته اسان جي ٿڪل ٽٽل جسم ۾ وري نئين جان پئي. ساڳي وقت ننڊ اسان جو دائمي دشمن پڻ آهي، سجاڳيءَ جي حالت ۾ به ڪجهه قدر اها اسان تي غالب پئي ٿي. انهن دماغن مان ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي، جن تي هر رات عجيب ۽ غريب خواب اچي پنهنجو ديرو ڄمائين ۽ جيڪي سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ وري ٻيهر پنهنجو فڪر شروع ڪن؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org