سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: محبت پائي مَن ۾

باب --

صفحو :1

محبت پائي مَن ۾

جميل الزمان

 

ڏات _____ 4

ڪتابي سلسلو

 

 

محبّت پائي من ۾

 

  

 

ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي

شاههؒ

 

 

 

پنهنجي طرفان

 

”ملاقات“ ۽ ”اتر لڳا آءُ پرين“ بعد ”محبت پائي من ۾“ منهنجو ٽيو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ پهرين ٻن مجموعن ۾ نظم ۽ مثنوي وغيره به شامل ڪيا ويا هئا، ليڪن هينئر فقط غزل ڏنا اٿم.

”محبت پائي من ۾“ کي اگر منهنجو ديوان چيو وڃي ته غلط ڪو نه ٿيندو، دراصل هيءُ ڪتاب هينئر ڇپرائڻو ڪو نه هوم، ارادو هو ته اڳتي هلي ڪڏهن کڻي ديوانِ جميل جي نالي سان ڇپرائيندس. پر ٻن سببن جي ڪري پنهنجي فيصلي کي بدلائڻو پيو.

 

(1) هن مجموعي ۾ آيل غزل ڪٿي به شايع نٿي ٿي سگهيا جومرضي هئي ته اهي سڀ گڏ ڇپجن.

(2) انسان جا حالات ڦرندا ٿا رهن، هن وقت شاعري سٺي ٿي لڳي متان ڪٿي اها دلچسپي گهٽجي نه وڃي. يا ماڳهين اهڙو ذهني ڦيرو اچي جو پنهنجو قيمتي اثاثو پنهنجي هتان ڦاڙي ڇڏڻو پويم (هالا ۾ ئي اهڙو مثال موجود آهي).

 

اميد اٿم ته اوهان جهڙن با ذوق دوستن کي منهنجي اڳين ڪتابن وانگي هي ننڍڙو مجموعو به پسند ايندو.

آءُ پنهنجي دل ۽ جذبات جو ٿورائتو آهيان جي اڃا مون سان منهنجي حال تي هلندا اچن. جناب طارق اشرف جو مڪمل تعاون حاصل رهيو، ان لاءِ ٿورائتو آهيان.

 

مخدوم جميل الزمان

اٺاس بنگلو، هالا

29- جولاءِ 1987

 

 

 

 

 

 

 

ڏات طرفان

                                

ڏات ڪتابي سلسلي پنهنجي محدود وسائل جي باوجود هڪ سال جي مختصر عرصي دوران ٽي ڪڙيون (صبوحي، اتر لڳا آءُ پرين، ۽ دلربا دلربا) اوهان جي آڏو پيش ڪيون، توهان جي هٿن ۾ موجود ڪتاب ڏات جي سفر جو چوٿون سنگ ميل آهي. هن سلسلي جا ايندڙ ڪتاب، ”سج وڙاءُ“ (شاهه صاحب جي بيتن جو انتخاب)، مخدوم  امين  فهيم  جي  غزليات  جو  مجموعو،  ”خوش الحان“ مصري فقير (سوانح ۽ شاعري) ۽ سنڌ جي نوجوان شاعر مخدوم سعيد الزمان عاطف سروري جي دلڪش شاعري جي مجموعي کان علاوه ٻيا به مختلف ڪتاب فهرست ۾ شامل آهن، جيڪي انشاءَ الله وقت بوقت منظر عام تي آڻيندا رهنداسين.

اميد ته اڳين ڪتابن جيان ”محبت پائي من ۾“ کي به پسند ڪيو ويندو.

اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجون ادبي ڪاوشون ۽ رايا هيٺ ڏنل ايڊريس تي موڪليندا ته جيئن اسين ڏات سلسلي کي جاري رکندي، سنڌيءَ ٻوليءَ جي آسمان سخن تي نوان ستارا جوڙيندا رهون.

 

مهرباني

سيد احسان علي شاهه

صدر

ڏات ڪتابي سلسلو

A – 8 يونٽ نمبر 3 شاهه لطيف آباد سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org