سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :1

چُهنڊڙيون

مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ

 

مصنف جي ڪتابن جي فهرست

1-     بهارِ طالب

2-    رباعياتِ طالب (ٻيو ڇاپو)

3-    خود شناسي

4-    شيطان

5-     اسلامي تصوف

6-    منتخب امام غزالي جا خط

7-    يادِ رفتگان

8-    ڪچڪول

9-    شانِ سروري

10-ڪافي

11- ڇپر ۾ ڇڙيون (ٻيو ڇاپو)

12-سنڌ جو سانوڻ (مثنوي)

13-ديوانِ طالب الموليٰ

14-آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (مثنوي)

15- هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاههؒ

16-شام ۽ صبح (نظم)

17-مثنوي عقل و عشق (ٻيو ڇاپو)

18-بي پير اکيون

19-مصريءَ جون تڙون

20-                 سدا وسين سنڌڙي

21-لغات سنڌي مخففات

22-                 آب حيات

23-                 چهنڊڙيون

 

 

ٻه اکر

 

 مون هن ڪتاب جو نالو ”چهنڊڙيون“ ان ڪري رکيو آهي جو ڪتاب ۾ جيڪي به قطعا آهن، انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شخصيت بابت ڪجهه نه ڪجهه چهنڊڙي جي قسم جو مگر سچو اشارو ڏنو ويو آهي. هنن قطعن ۾ توهِينَ هرگز ڪانه ٿيل آهي. مگر صرف حقيقت کان ئي ڪم ورتو ويو آهي، دارومدار فقط پڙهڻ واري تي ڇڏيل آهي ته هو حقيقت کي تسليم ڪري ٿو يا نه. جيڪڏهن ڪنهن هن ڪتاب تي بي جا تنقيد ڪئي ته ان کي بي انصافي چيو ويندو ۽ جنهن صحيح طرح تسليم ڪيو ته تنهن کي انصاف ڪندڙ سمجهبو.

هت گذارش ڪندس ته بي انصافي کي ترڪ ڪري انصاف کي ئي هٿ ۾ کنيو ويندو ته اصليت ۽ حقيقت سامهون اچي بيهندي. انصاف پسندي هڪ عظيم بتهرين صفت آهي، جيڪا هر انسان ۾ هئڻ گهرجي. ڪتاب چهنڊڙيون هاڻ جڏهن ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آيو آهي، تڏهن وري نئين نوٽ لکڻ جي ضرورت سمجهڻ ۾ آئي ۽ هي نوٽ لکيو ويو آهي. آخر ۾ آءُٗ انهن تمام حضرات سان معذرت ڪريان ٿو متان ڪن صاحبن پاڻ ڏي ئي نه ڪجهه اشارا سمجهيا هجن. يقين سان چوان ٿو ته گهڻو ڪري شخصي ڳالهه ڪنهن ڏي به نه لکي وئي آهي.

 

والسّلام

 طالب الموليٰ

28 سيپٽمبر 1991ع

هالا 


 

 

 

اداري طرفان

 

بِسمِ الله الرَّحمٰنِ الرَّحيم

 

”طالب الموليٰ اڪيڊميءَ“ جو هي پنجون شاهپارو ”چهنڊڙيون“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.

اڪيڊمي کي فخر آهي ته خداوند تعاليٰ جي مدد سان ٿوري عرصي ۾ گهڻا ڪتاب ڇپائي علم دوستن تائين پهچايو اٿس.

اڄڪلهه جي نفسا نفسي واري دور ۾ سچ ڳالهائڻ وڏي جراءت آهي، خصوصاً متاثر نه ڪندڙ سچ جو قدر ته ايترو ئي وڃيو بچي، جيترو هڪ لذيذ ڪوڙ جو ٿئي ٿو.

قبلا مخدوم محمد زّمان طالب الموليٰ سائين جنجو هي ڪتاب هڪڙي وزن ۽ بحر تي لکيل سؤ کان وڌيڪ قطعن تي مشتمل آهي، جيڪي (قطعا) سندن تجربي، صاف گوئي، سچائي، بيباڪي، مشاهدي، فڪر ۽ بلند سوچ جو مظهر آهن، اميد اٿئون ته باذوق ۽ سوچيندڙ دوست خوب مستفيض ٿيندا، جو آءُ‘ سمجهان ٿو ته پنهنجن وڏن، بزرگن ۽ دانشورن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ سعادت مندي ۽ خوش بختي آهي.

 

 

مخدوم مخدوم جميل الزّمان

3 فيبروري 1992ع

سپر هاءِ وي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org