سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 14

 

آفتابِ علم

 

 روشن ٿيو جهان ۾ جڏهن آفتابِ علم

کوليو جڏهن دبير ازل جي ڪتابِ علم

مفتوح ٿيو زماني ۾ جنهن وقت بابِ علم

قدرت جڏهن ڪئي دلِ انسان منابِ علم

پيدا ٿيو نورِ علم بشر جي دماغ ۾

الله ڪيو فروغِ عطا ان چراغ ۾

طوبيٰ کان خوشنما نظر آيو نهالِ علم

روشن ڪمالِ مهر کان افزون ڪمالِ علم

ٿيو رشڪ حسنِ حور وپري جو جمالِ علم

الله جي وصال جو زينو وصالِ علم

لا ريب راه راست جو ٿيو علم رهنما

پڻ معرفت خدا جو اهو آهه پيشوا

جڏ تند بادِ علم کان گم ٿيو سحابِ جهل

تڏ سر عوام جي تان لهي ويو عذابِ جهل

ڪاشانهء جهان جو ٿيو بند بابِ جهل

ڪانونِ دهر ۾ نه رهيو التهابِ جهل

چهرو ٿيو نور عقل کان آئيني جي مثال

سينو بشر جو علم کان گنجيني جي مثال

دريا جي ٿيو بشر ته انهيءَ جو گهر ٿيو علم

ذاتِ بشر چمن ته شجرِ باروا ٿيو علم

انسان جي شجر ته انهيءَ جو ثمر ٿيو علم

جي آدمي ٿيو چشم ته ان ۾ نظر ٿيو علم

باعلم هوءِ ته نيڪ ۽ پڻ باصفا ٿئي

بي علم هوءِ ته آدم انسان ڇا ٿئي!

انسان جو ڪمال جي آهي ته علم آهه

هڪ مال لازوال جي آهي ته علم آهه

تصويرِ باجمال جي آهي ته علم آهه

تنويرِ بيمثال جي آهي ته علم آهه

پرديس ۾ جي يار ۽ مونس ته علم آهه

غربت ۾ غمگسار ۽ مونس ته علم آهه

بي علم بي فروغ اگر رشڪِ حور آهه

جي علم هوءِ ته رازِ نهان جو ظهور آهه

ديجورِ جهل علم جي، پرتوَ کان دور آهه

اکين جو نور، قلب و جگر جو سرور آهه

بي علم خوش خصال ۽ جي بافراغ آهه

هڪ گهر عجيب آهه ته او بي چراغ آهه

علم آهه هڪ گُهَر جو منور ۽ باصفا

هڪ جوهر آهه علم پر از آبِ انحلا

جسمِ بشر تي زيورِ علم آهه خوشنما

عالم اگر حسين نه آهي ته آهه ڇا؟

توقير علم کان ۽ طاقت به علم کان

دارين جي ملي ٿي سعادت به علم کان

هي زر نه آهه چور جو جنهن تي هجي نظر

هي سر نه آهه تيغ جو جنهن کي رسي ضرر

هن گهر کي ناهه سيل جو ڪو خوف ۽ خطر

هن آرسي کي زنگ جو مورؤن ٿئي اثر

زينت ڪريهه جي ۽ ڪرشمو وجيهه جو

زبور سفيهه جو ۽ ٿيو فر فقيهه جو

ٿيو شان لاءِ ناهه هي شوڪت جي واسطي

شهرت جي لاءِ آهه نه دولت جي واسطي

حجت جي واسطي نه خصومت جي واسطي

ني عيش لاءِ مور نه عشرت جي واسطي

بهرِ خودي نه دهر جي تزيين لاءِ آهه

علم آدمي کي وقف ٿيو دين لاءِ آهه

با علم ذي وقار ۽ عالي اثير آهه

محتاج ۽ فقير ته او پڻ امير آهه

دانا ۽ پاڪباز ۽ بينا، بصير آهه

نوڙن ٿا سڀ انهيءَ کي او نخلِ ثمير آهه

وارث جي آهه ڪو ته اهي انبيا جا ٿيا

عالم ٿيو جن جو نام او عارف خدا جا ٿيا

انسان انڌو، جو ناه انهيءَ ۾ ڪو نور علم

اکيون کليون بشر جون، جڏهن ٿيو ظهورِ علم

راحت ۽ عيش آه جي آهي حضورِ علم

لطفِ دوام آهه، جي آهي سرور علم

لاشڪ ٿيو جهل شني ۽ ٿيو علم زين آهه

چشم بشر ٿي، علم جي سر تي جا عين آهه

واقف ٿيو جو هدايتِ ”لوکان صين“ کان

او منجهه عرب هجي ته پڙهي علم چين کان

بيشڪ وٺي تمتع دنيا ۽ دين کان

جو علم کي پڙهي وڃي ڪوشش يقين کان

پهچائي سڀ کي علم معلا مقام ۾

”دلگير“ جو چوڻ هي ٿيو آخر ڪلام ۾


صبح بهار يا بهارِ صبح

 بهار صبح جي آهي ڏنو پيامِ نشاط

چمن ۾ آهه نئين سر ٿيو اهتمامِ نشاط

ترانه سنج ٿيا شاخن تي طائرانِ چمن

ادب سين غنچه ڏني اڄ صلائ عامِ نشاط

شرابِ ذوق ترنم کان مست ٿي قمري

چمن ۾ سرو ٿيو ميناي سبز فامِ نشاط

نگاهه شوق کي بيخود ڪيو آبادِ بهار

گلن جو بادهء شبنم کان پر ٿيو جام نشاط

نسيمِ صبح چمن ۾ ڦري ٿي متوالي

شميمِ گل کان معطر ٿيو مشامِ نشاط

سوار نڪهتِ گل ٿي هوا جي مرڪب تي

ڪڏائي خوب سمندِ سبڪ خرامِ نشاط

بياضِ روي چمن، ياڪ جوش بوي بهار

سوادِ گيسوئ سنبل ٿيو ياڪ شامِ نشاط

فلڪ تي باده ڪشن لاءِ هئن چوي خورشيد

شرابِ ناب صبوحي کان پر ٿيو جامِ نشاط

پيو پيو جو نه دائم رهي ٿو وقتِ بهار

بهارِ عمر ڪٿي آهه، ڪٿ قيامِ نشاط

پيو پيو جو نه دائم رهي ٿي موسمِ گل

صداي عيش ڪٿي آهه، ڪٿي پيامِ نشاط

سڄو چمن ٿيو طلسمِ نگار خانهء عيش

گلن ۾ آهه ٿيو رنگ ميء دوامِ نشاط

لٽايو آهه خمِ عيش ساقي گردون

خوشا نويدِ مسرت خوشا پيامِ نشاط

سڄي جهان کي سيراب تو ڪيو ساقي!

رهان ٿو بزمِ طرب ۾ مان تشنه ڪام نشاط

مريد پير مغان جو به آهي هي ’هارون‘

ڪرم سان ڪر تون عطا ان کي هڪڙو جامِ نشاط


رات جي بات

رات جو وقت ٿيو مخلوق جي آسائش جو

رات جو وقت خيالات جي آرائش جو

رات جو وقت خرابات جي افزائش جو

رات جو وقت ٿيو ظلمات جي زيبائش جو

ساعتِ امن وسڪون به رمز واشارات جو وقت

طاعتِ رب علا، حمد ومناجات جو وقت.

مظهرِ خيريتِ جمله جهان رات جو وقت

مصدرِ عافيتِ خوابِ گران رات جو وقت

محضرِ راحت ۽ امن و امان رات جو وقت

منظرِ قدرتِ خلاق زمان رات جو وقت

رات جو وقت ملاقات مدارات جو وقت

دلڪشا، رنج ربا، روح افزا رات جو وقت

خوابِ نوشين جي سبب، خوابِ پريشان جي سبب

بزمِ عشرت جي سبب، گوشهء حرمان جي سبب

دورِ عصيان جي سبب، طاعتِ سبحان جي سبب

رات جو وقت عجب وقت ٿيو انسان جي سبب

جنس عشرت جي سبب بيش بها رات جو وقت

عيشِ خلوت جي سبب راهنما رات جو وقت

رات جو وقت زهي وصلِ دلارا جي گهڙي

عرض معرض جي، اظهار تمنا جي گهڙي

تاب، تسڪين، تسلي ۽ مدارا جي گهڙي

مهر و الطاف و مروت جي، مداوا جي گهڙي

ان جي قسمت ٿي چڱي جنهن کي هيءَ سوغات ملي

اُو چڱو جنهن کي سدا وصل سندي رات ملي

چور رهزن جي سبب وجه طرب رات جو وقت

قلب فاسق جي شرارت جو سبب رات جو وقت

فاجرن کي سببِ لهو و لعب رات جو وقت

بهرِ بيمار دمِ رنج و تعب رات جو وقت

رات ڪاريءَ کان ذرو ڪين جي زنهار ڊڄن

پردهء شب ۾ بديءَ کان نٿا بدڪار ڊڄن

رات جو وقت تضرع جو پريشانيءَ جو

دولتِ زهد، رياضت جي نگهبانيءَ جو

فڪر جو، خوض جو، خلوت جو، ثنا خوانيءَ جو

ذڪر جو، قلبِ منور جي درخشانيءَ جو

ڪن رياڪار سڄو ڏينهن ريا جون ڳالهيون

رات جو مردِ خدا ڪن ٿا خدا جون ڳالهيون

رات جي وقت پڙهن خوب ٿا تهجد جي نماز

رات جي وقت ٿئي شوق سان ٿي شمع گداز

رات جو ڪن ٿا مزا واه جا عاشق جانباز

رات جي واه ڪي تعريف تو اي ’شاهنواز!‘

تنهنجو هي نظم ڏسي ’بلبل‘[1] تحسين چوي

جنهن مثل ڪونه ٻيو شعر ٿو شيرين چوي

 

نظارهء گورستان

ٿيو پيشِ نظر هڪ جهنگل ۾ ميدان ڪو گورِ غريبان جو

هو رتبهء درجه ات يڪسان محتاج و گدا ۽ سلطان جو

هو رستم خاڪ تي پيو بيڪس، ڪجهه زور نه سام و نريمان جو

ات خليل و خدم ڪجهه ڀي ته نه هو فعفور ۽ قيصر خاقان جو

ڪجهه ٽڪرا سنگ لحد جا هئا، ڪجهه جسم جون هيون هڏيون باقي

هو تن جو نظارو ياس افزا، جي دور فلڪ ڇڏيون باقي

هر مدفن شمع جمالن جو خاموش نظر ات آيو ٿي

ڪي جسم برهنه خاڪ تي هئا حيوان جي ويا ات کايو ٿي

طوفانِ مصيبت چشم سنديم هن عالمِ غم تي وسايو ٿي

وحشت کان ٿي دل ايئن خوفزده جنهن روح اندر لرزايو ٿي

انجام هو پنهنجي پيشِ نظر اعمال ٿي بد ات ياد آيا

ڪجهه خوف ۽ ڪجهه تشويش رهي افعال ٿي بد ات ياد آيا

هڪ قبر ۾ حسن جي ديوي هئي، پر بستر خاڪ بنايل هوس

گل شمع جمال ٿي ويئي بلڪل، اونداهيءَ ۾ گهر ڇانيل هوس

احباب و عزيز قريبن مان، ڪو ساڻ نه لڪل آيل هوس

سر تي جي هيس چادر خاڪي، پڻ خاڪ تي تڪيو لڳايل هوس

هن ياس گهِ تنهائي ۾، ڪو ڪنهن کي نٿي آرام آيو

مرحوم چئين تان شفقت ڪئين، جي ياد ۾ ڪنهنکي نام آيو

هو خاڪ ۾ آهو چشم به بسمل تيرِ اجل پهلو ۾ لڳل

هئا شيرين لب سڀ ترش ٿي ويا ۽ شاهدِ ناز شهيد ٿيل

خاموش هئا سڀ پرده نشين آغوشِ لحد جن لاءِ پٽيل

حيران هئا سڀ سيمبدن هستي جو خزانو جنجو لٽيل

ميدان ۾ هئا هڪ سو ئي پيل سڀ پرده نشين بي گور و ڪفن

هوا طعمه زاغ و زغن ٿي ويا هيهات سڀيئي سيب ذقن

هو غنچه گلشن شاهنشاهي گلرخ نام انارڪلي

اڄ بيڪس بي وس عبرت گاهِ قبر ۾ تنها هئي جا ستي

کاڌئين ٿي ٿڏا ات واٽن تي ايءَ حالت مون اکين سان ڏٺي

هڪ راهگذار تي قبر بنيل هئي پڻ قطب الدين ايبڪ جي

دل منهنجي ڏڪي وئي دنيا ۾ هي حال سڀئي اکين سان ڏسي

هڪ فرد رعايا جي زمري ۾ سلطان عاليشان پسي

هڪ غار محلِ دارا هو، هڪ قبر هئي تختِ اسڪندر

هڪ مدفن جهڙو تهڙو هو، فرعون جو هو بي سامان گهر

شداد پيل هو خاڪ مٿي، سيني تي لحد جو پيل پٿر

نمرود جو تاج و تخت ڪٿي، تَنَ تي نه ڪفن جي هئي چادر

هڪ قبر مان آئي مون کي ندا، آثارِ جهانگيري مان آهيان

هو نورجهان جو مدفن ڏس، دربارِ جهانگيري مان آهيان

هر سرو مقابر گاه سندو با قامتِ موزونِ رعنا

گويا هو زبانِ حال سان آءٌ آهيان آه جو پهريون حرف بجا

پئي غار لحد تي چشم جڏهن هو حرف دوم جو نقش نما

نظارو گورستان جو هو هڪ ياس جو عالم ٿيو گويا

هڪ شمعِ تربت خوفزده ڪنهن دم ٿي ٻري ڪنهن دم ٿي اجهي

لرزان سوزان گريان عبرت ڪنهن دم ٿي ويٺي ڪنهن دم ٿي اٿي

هر چيز جهانِ فاني جي، هڪ روز ٿي ويندي يار فنا

هر مهرخ ويندو خاڪ ۾ گڏجي، ٿيندو ڏسجو ڇا مان ڇا!

سڀ نقش ته ويندا جهٽ مٽجي ۽ ظاهر رهندي ذات خدا

۽ صُور وڄڻ سان مٽي، پاڻي، باهه، هوا ٿي ويندا هوا

ان وقت وڄندو نقارو، آواز ۾ جنهن جي هيبت آهه

سڀني کي چوندو سڀ جو مالڪ،”ڪنهن جي اڄ ته حڪومت آهه“

هن ميدان ۾ هڪ يار ڏٺم، جنهن زار رنو ٿي خسته جگر

لرزي ٿي زمين قبرستان جي، هو آه و فغان ۾ ان جي اثر

پوءِ مون کي ڏسي هن طرح چيئين، قبرون ڪي ڏيکاري ات ظاهر

هي پيُ، هوءَ امان، هوءَ ڀيڻ ۽ ڀاءُ، هوءَ زال اٿم، هو نورِ نظر

غم دل ۾ مرڻ جو ڪين اٿم، ايندو جو منهنجو پڻ وارو

پر هاءِ فراقِ يار گران، ان ڳالهه وڌو ٿم هي ڳارو


[1]  مرحوم رئيس شمس الدين بلبل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org