سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: گليور جو سير ۽ سفر

باب

صفحو : 13

تعارف

”جوناٿن سئفٽ“ هڪ انگريز اديب آهي، ۽ ڪنهن انگريز اديب جو سنڌي ادب ۾ تعارف ڪرائڻ سَولي ڳالهه نه آهي. موجوده دور ۾ انگريزي ادب ۾ تنقيد جو فن تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي. ان ۾ هيئت ۽ مواد، فن ۽ فڪر، حسن ۽ نزاڪت جي باريڪين تي اعليٰ ۽ معياري مضمون لکيا ويا آهن، خود تنقيد جو فن مختلف ۽ متضاد فڪر جي دائرن ۾ ورهائجي ويو آهي. ان جي برعڪس سنڌي ادب ۾ جديد تنقيد جو فن اڃان ابتدائي مرحلن ۾ آهي.  هيستائين اسان وٽ ڪلاسيڪي عربي ۽ فارسي ادبن جي گهڻي اثر سبب، عام طرح تنقيد فقط رواني نقطه نظر کان ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري ڪنهن انگريز فنڪار جي خيال ۽ فن کي سنڌيءَ ۾ انگريزي تنقيد جي معيارن مطابق پيش ڪرڻ ۾ ڪافي دقت پيش اچي ٿي. بهرحال، مون پنهنجي سمجهه ۽ وس آهر، آسان زبان ۾، ”سئفٽ“ جي خيال ۽ فن جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن عام سنڌي پڙهندڙ تنقيد کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن. سئفٽ جي تعارف جي سلسلي ۾ هِتي هڪ ٻي مشڪلات به درپيش آهي. ”گليور جو سفر“ چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پر مرزا قليچ بيگ مرحوم فقط پهرين ٻن ڀاڱن جو ترجمو ڪيو آهي. هاڻي هن ڪتاب جو مجموعي تاثر سئفٽ جي فن جي اهميت کان صحيح معنيٰ ۾ واقف ٿيڻ تيستائين ناممڪن آهي، جيستائين چوٿين ڀاڱي جو مطالعو نه ڪيو وڃي، ڇو جو تنقيدي لحاظ کان هن تصنيف جو چوٿون ڀاڱو نهايت اهم آهي، تنهن ڪري مون هن تعارفي مضمون ۾ چوٿين ڀاڱي جي نسبتن زياده تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.

                جوناٿن سُئفٽ (1665ع _1745ع) هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو هو، اڃا جڏهن ٽن سالن جو ٿيو ته پيءُ وفات ڪري ويس، تنهنڪري هن جي تعليم جو بار سندس چاچي تي پيو، جيڪو هڪ وچولي درجي جو وڪيل هو. سئفٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊبلن کان لنڊن ۾ آيو، جتي پوءِ  هو ”سروليم ٽيمپل“ جو ذاتي سيڪريٽري اچي ٿيو. سر وليم ٽيمپل راڻيءَ (آئن) جي درٻار جو هڪ امير هو، جيڪو ڪجهه وقت وزير به ٿيو هو. هن جي ذريعي سئفٽ جي لنڊن جي مختلف سياسي حلقن سان واقفيت ٿي، جنهن جو اڳتي هلي سئفٽ جي ذاتي زندگيءَ ۽ فن تي تمام گهڻو اثر پوڻو هو. ارڙهين صديءَ جي انگريزي سياست ۾ رشوتستاني، اقرباپروري، پارٽيبازي، سياسي سازشن ۽ چالبازين جو دور هو. پر ظاهري طرح انهن سياسي خرابين کي ايمانداري، اخلاق پرستي ۽ اميرانه نفاست پسنديءَ جي پُر فريب پردن ۾ لڪايو ويندو هو، سئفٽ جي زندگيءَ جو ڳچ حصو ان سياسي ماحول ۾ گذريو. راڻي آئن جي ڪابينا جي ڪن وزيرن سان هن جا دوستانه تعلقات هئا. ملڪ جي سياسي معاملن ۾ هن سان مشورا ڪيا ويندا هئا، ۽ امير ۽ وزير ننڍين توڙي وڏين دعوتن ۾ هن کي هميشه گهرائيندا هئا. سئفٽ سياسي حلقن ۾ مقبوليت ۽ اهميت فقط پنهنجي قلم جي زور تي پيدا ڪئي، پر هو ان ماحول ۾ ترقي ڪري نه سگهيو.

                سئفٽ دوستيءَ جي ناتن ۽ ذاتي لاڳاپن ۾ سياسي چالبازين جي دخل اندازيءَ کي هميشه برو سمجهندو هو، تنهنڪري هن جا امير ۽ وزير دوست هميشه سندس سادگيءَ مان فائدا وٺندا رهندا هئا. پر پڇاڙيءَ تائين هن جي مستقبل کي سڌارڻ ۾ هنن پاڻ سندس ڪا خاص مدد ڪانه ڪئي. سئفٽ جي هيءَ آرزو هوندي هئي ته کيس بشپ (وڏي پادريءَ) جو عهدو حاصل ٿئي. پر جيستائين ”ڊچيس آف سمرسيٽ“ جيئري رهي، هو بشپ ٿي نه سگهيو، ڊچيس آف سمرسيٽ جنهن تي هن پنهنجي ٻئي مڙس کي مارائڻ جي تهمت مڙهي هئي، راڻي آئن جي خاص درٻارين مان هئي، ۽ سدائين سئفٽ جي خلاف راڻي آئن جا پيئي ڪَن ڀريندي هئي. هوءَ راڻيءَ جي وفات کانپوءِ مُئي. گهڻين نااميدين کان پوءِ سئفٽ کي سينٽ پئٽرڪ چرچ  (ڊبلن _آئرلينڊ) جو ڊِين (پادري) مقرر ڪيو ويو. هو هڪڙي هنڌ چئي ٿو ته ”منهنجي درٻاري دوستن هڪ اهڙي ملڪ ۾ منهنجي تقرري ڪرائي آهي، جتي آءٌ پاڻ کي ملڪ بدر سمجهان ٿو.“ هن انهن دوستن جي وزارتن کي بچائڻ لاءِ مضمون لکيا، ساڻن سازشن ۾ شريڪ ٿيو، ۽ دشمن پيدا ڪيائين. پر آخر ۾ نتيجو هي مليس، جو هڪ ننڍي عهدي ڪاڻ لنڊن ڇڏڻي پيس. جيتوڻيڪ سياسي ماحول ۾ رهي، هن کي ڪو خاص مالي فائدو نه ٿيو، پر ان مان سندس ادب ۾ سياسي ۽ سماجي طنز جي فني لياقتن کي جرڪڻ جو سٺو موقعو مليو. ان زماني ۾ هن ”هڪ ٽب جي ڪهاڻي“ (A Tale of Tab)  جهڙو هڪ اعليٰ مضمون لکيو، جيڪو عيسائيت جي ڪئٿولڪ ۽ پيوريٽن فرقن تي هڪ عميق طنز آهي.

                ”گليور جو سفر“ به هڪ طنزيه تصنيف آهي، ليڪن ان ۾ سئفٽ جي طنز جو دائرو تمام وسيع آهي. سئفٽ ان تصنيف ۾ سڄي انسانيت جي حماقتن بڇڙائين ۽ اخلاقي ڪمزورين تي سخت چوٽون ڪري ٿو. سئفٽ شاعري به ڪئي، پر سندس شعر ايترو معياري نه آهي. سندس همعصر اديبن مان ان ميدان جو مڃيل شاعر پوپ(Pope)  آهي، جيڪو ارڙهين صديءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اعليٰ ترين شاعر ليکيو وڃي ٿو. سئفٽ جي نثر توڙي نظم ۾ البت اسان کي هڪ ڳالهه مشترڪ ملي ٿي هن جو نثر ۽ نظم ٻئي نمايان طرح طنزيه آهي. ان صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ اڃان جڏهن ماڻهو ”روسو“  جي رومانوي تحريڪ کان متاثر نه ٿيا هئا، ۽ پاڻ کي ڪنهن  ”ڪائناتي مصيبت“ جي شڪنجي ۾ ڦاٿل نه سمجهندا هئا، تڏهن زندگيءَ ڏانهن سندن زوايه نگاهه اڪثر مزاحيه هو، ان زاويئه نگاهه جي مطابق انسان پاڻ کي پنهنجي ڪمزورين ۽ حماقتن جي نتيجي ۾ اڪثر کِل جهڙين حالتن ۾ وجهيو ٿو ڇڏي. ۽ اديبن جي آڏو ”مزاح“ جو ڪم هي هوندو آهي ته ان جي ذريعي انسان جي هنن ڪمزورين ۽ حماقتن کي مختلف طريقن سان پيش ڪيو وڃي. ”فيلڊنگ“ ۽ ”جين آسٽن“ ناولن جي نئين ۽ اُسرندڙ صنف ۾ ، ”پوپ“ شاعريءَ جي ذريعي سماج ۽ فرد جي حماقتن تي طنز ڪئي آهي. سئفٽ جي طنز جو مکيه دائره عمل مضمون نويسي آهي.

                پر انهن چئن جي طنز جدا جدا نوعيت جي آهي. ”آلڊس هڪسلي“ جي نظر ۾ فيلڊنگ جي طنز ٿڌي آهي ۽ منجهس ذهانت جو عنصر وڌيڪ آهي. جين آسٽن فرد جي هلت چلت  ۽ سماج جي ريتن رسمن تي نفيس ۽ نرم ٽوڪون ڪري  ٿي، ۽ پوپ جي طنزيه شاعريءَ ۾ سماج ۽ خاص ڪري اميرانه سماج سان همدرديءَ جو اظهار ملي ٿو. پر سئفٽ جي طنز، ”ايف. آر. ليوس“ جي چوڻ مطابق، منفي آهي، جيڪا انسان کي شرمسار ڪري ٿي، ڊيڄاري ٿي ۽ حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. ايتريقدر جو جڏهن ”گليور جو سفر“ پهريون دفعو شايع ٿيو، تڏهن ڪن ”نيڪ اخلاق ۽ نفاست پسند“ امير حلقن ان ڪتاب کي بداخلاقي ۽ انسان دشمنيءَ جو حامل سمجهي بنهه پڙهڻ کان ئي نابري واري ڇڏي. هڪڙي نقاد ته اهو به چيو ته ”آءٌ ان ڪمري ۾ ئي ويهڻ پسند نه ڪندس، جتي ”گليور جو سفر“ رکيل هوندو، ۽ راڻي آئن جي درٻاري حلقن ان ڪتاب کي سخت ناپسند ڪيو، جن اميرن ۽ وزيرن تي ان ۾ ڇنڊا هنيا ويا هئا، سي ته تپي باهه ٿي ويا، پر هو سئفٽ جي خلاف ڪجهه ڪري به نٿي سگهيا. سئفٽ ۽ سندس دوستن کي خبر هئي ته ڪتاب جي خلاف لنڊن ۾ ڪاوڙ جو طوفان اُٿندو. تنهن ڪري سياڻپ کان ڪم وٺي ”گليور جو سفر“ اول اول مرڳو سئفٽ جي نالي سان ئي شايع نه ڪرايو ويو.

                اڄ ٻه سوء سالن کان پوءِ بدليل تنقيدي قدرن جي تحت سئفٽ تي بداخلاقي ۽ غير مناسب پسنديءَ جون تهمتون نٿيون مڙهيون وڃڻ، بلڪه سندس تصنيفن کي پاڻ ڏاڍي چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، جو ان تصنيف جو قريب قريب يورپ جي هر زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. هاڻي، جيستائين سئفٽ جي زندگيءَ ڏانهن زاويئه نگاهه جو تعلق آهي، ته ان سلسلي ۾ نقادن جا رايا مختلف آهن. ”ڪارل وئن ڊورين“ هن کي انسانذات سان نفرت ڪندڙ (Misanthrope)  سمجهي ٿو، ”مڊلٽن مَري“ ۽ ”رڪارڊو ڪئنٽانا“ جي  آڏو هو انسانيت جي اثباتي قدرن جو حامي آهي، ۽”ايف. آر. ليوس“ پنهنجي مضمون ”سئفٽ جي طنز“ ۾ چئي ٿو ته هُن جي لکڻين ۾ بي پناهه قوت آهي، پر ”قابل تعريف ذهانت“ نه آهي، ۽ ان قوت ۾ ايتري ته شدت آهي، جو سئفٽ منفي فنڪار ٿيو پوي. انهن متضاد راين جي پيش نظر ڪنهن قطعي فيصلي تي پهچڻ کان اڳ هي ضروري آهي ته سئفٽ جي دور جو ۽ خود ڪتاب ”گليور جو سفر“ جو، تفصيلي ذڪر ڪيو وڃي.

                 سئفٽ ارڙهين صديءَ جي دور کي پنهنجن ٻين همعصرن وانگر ”روشن خياليءَ جو دور“ ڪري ليکيندو هو. ”روشن خياليءَ جو دور“ جي هڪ _ ٻن جملن ۾ تشريح ڪرڻ ناممڪن آهي.. البت ان جو بنيادي تصور هيءَ عقيدو آهي ته رڳو عيسائي، خدا جي مٿن خاص نظر ڪرم سبب، مرڻ کان پوءِ درجئه ڪماليت تي رسندا، پر مرڻ کان اڳ هر انسان هن زمين تي درجه ڪماليت کي پهچي سگهي ٿو. ان عقيدي جي شروعات ”نيوٽن“ جي سائنسي کوجنائن سان ٿي. سترهن صديءَ جي آخر ۾ نيوٽن پهريون دفعو دنيا کي ٻڌايو ته ڪيئن مختلف گرهه طبعي قوانين جي تحت ڦرن پيا، ۽  انهن قوانين جي مدد سان اسين ڪائنات جي ٻين مظهرن کي به پروڙي سگهون ٿا. نيوٽن کانپوءِ انگريزي فيلسوف ”لاڪ“ آيو، جنهن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن خارجي ڪائنات هڪ نظام جي تحت هلي پيئي، تيئن انسان جي سماجي زندگي به ڪن اُصولن تي مبني آهي. سماج ۾ خرابيون ان ڪري نٿيون پيدا ٿين، جو انسان ازل کان گهنگار آهي، يا خدا انسانن جي قسمت اڳ ۾ ئي لوح قلم تي لکي ڇڏي آهي، پر انسان جڏهن به زندگيءَ جي عام فهم اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي، تڏهن ان جو نتيجو سماجي ۽ انفرادي خرابين جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

                هاڻي جهڙيءَ طرح اسين ڪائنات جي طبعي نظام کي عقل (Reason)   جي مدد سان سمجهي سگهون ٿا، اهڙي طرح ان جي مدد سان انساني لاڳاپن جي اُصولن کي به معلوم ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن عقل جي ذريعي اسان کي خبر آهي ته ڏينهن ۽ رات ڇو ٿا ٿين، ته ساڳئي عقل جي روشنيءَ ۾ اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن. طبقاتي تفريق مصنوعي آهي. جمعي جي ڏينهن کي هفتي جي ٻين ڏينهن تي ڪابه فضيلت حاصل نه آهي، ۽ اميرن کي ڪو حق نٿو پهچي ته غريبن جي محنت تي موجون ڪن. مختصر هي ته عقل اسان کي زندگيءَ جي صحيح حقيقتن کان آگاهه ڪري ٿو، ۽ ساڳئي وقت اسان ۾ اهڙي اخلاقي پختگي به پيدا ڪري ٿو، جيڪا انسان جي حيواني جبلتن کي قبضي ۾ رکي ٿي ۽ نفس اُماره کي اُسرڻ نٿي ڏئي. عقل جي روشنيءَ ۾ ترقي ڪندو انسان اُن دنيا ۾ درجه ڪماليت کي رسي سگهي ٿو.

                سئفٽ جي دور جي ان مختصر بيان کانپوءِ هاڻي اچو ته ”گليور جو سفر“ جو تنقيدي جائزو وٺون. ڪن نقادن جي راءِ ۾ ان ڪتاب ۾ سئفٽ جو فن ۽ خيال عروج تي آهي. ڪي وري ”هڪ ٽب جي ڪهاڻيءَ کي سندس بهترين تصنيف تصور ڪن ٿا. بهرحال انهن ٻنهي جي نسبتي اهميت کڻي ڪهڙي به هجي، پر ان حقيقت کان ڪو انڪار نٿو ڪري  ته انهن تصنيفن جي ڪري سئفٽ کي ” ظرافت جو شهنشاهه“ ڪري مڃيو ويندو آهي. ”گليور جو سفر ۽ تصوراتي حقيقت پسندي (Fantastic Realism)  جي ٽيڪنڪ ۾ لکيو ويو آهي ته گليور هڪ سڌو، سادو ۽ سمجهدار انسان آهي، جيڪو پنهنجي مسافرين جو احوال بنا ڪنهن مبالغي جي ڏئي ٿو، هو مختلف سفرن جي دوران ۾ اهڙن ملڪن ۾ وڃيو نڪري، جتي جي دنيا ئي نرالي آهي. ڪٿي ماڻهو هڪ انچ جيتر آهن، ته ڪٿي جانورن ۾ انسانن جي اعليٰ تهذيب آهي ۽ انسانن ۾ جانورن جي مڪمل حيوانيت، هاڻي هيءَ هڪ تخيلي دنيا آهي. پر جڏهن گليور انهن عجيب ملڪن جي رسمن، رواجن، اُصولن ۽ حڪومت جي نظامن جو ذڪر ڪري ٿو ته ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ هو ڄاتل سڃاتل انساني تهذيب ۽ تمدن جي بڇڙاين، حماقتن ۽گندگيءَ تي ٽوڪون ڪري رهيو آهي. انهن ملڪن جا رهواسي به انسانن وانگر سازشون ڪن ٿا، هڪٻئي سان ساڙ ۽ بغض رکن ٿا، ۽ ڪٿي ته صفا ذلت جي گهرائين ۾ ڪِريو ٿا پون، هنن عجيب غريب ماڻهن جو وجود فقط علامتي (Symbolic)  آهي. هو حقيقت ۾ سچي پچيءَ انساني تهذيب جي نمائندگي ڪن ٿا.

                ”گليور جو سفر“ چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ ”لليپٽ“ جو بيان  آهي، جيڪو انگلينڊ جي نمائندگي ڪري ٿو. لليپٽ جي ننڍڙن ماڻهن جي درٻار جو احوال، ارڙهين صدي جي انگريزي وزيرن ۽ اميرن جي سياسي سرگرمين سان ملي ٿو. ”فلمنئپ“ شاهي خزانچي، وزيراعظم ”والپول“ آهي. هو ٻين وزيرن کان هڪ انچ وڌيڪ رسيءَ تان ٽپي ڄاڻي ٿو. هاڻي رسي ٽپڻ جو تصور ئي کِل جهڙو آهي. سئفٽ هتي والپول جي چالاڪي ۽ جي حضوريءَ کي ٽوڪي ٿو.لِليپٽ جي درٻار ۾ ٻه مخالف ڌريون آهن. هڪ ڌر ننڍي کڙيءَ جا ٻي ڌر وڏي کڙيءَ جا جوتا پائي ٿي. ننڍي کڙيءَ واري ڌر ”وگ“ آهي، ۽ وڏي کڙيءَ واري ”ٽوري“. هي ٻيئي انگلينڊ جون قديم سياسي جماعتون آهن، جن کي هاڻي ليبر ۽ ڪنزرويٽو جماعتون سڏجي ٿو. بادشاهه جي نظر ڪرم ننڍيءَ کڙي واريءَ ڌر تي آهي، پر سندس شهزادو چالاڪي ڪري ٻنهي ڌرين کي راضي رکڻ لاءِ ساڳئي وقت ننڍيءَ  ۽ وڏيءَ کڙيءَ جا جوتا پائي ٿو. هو جڏهن منڊڪائي هلي ٿو ته بنهه مسخرو پيو لڳي. سئفٽ جي دور جا شهزادا ۽ بادشاهه مخالف ڌرين کي هڪ ئي وقت راضي رکڻ لاءِ مضحڪ خيز حرڪتون ڪندا هئا.

                گليور، جيڪو سياڻپ جي تلاش ۾ آهي، شروع ۾ لِلليپٽ جي باشندن ۽ بادشاهه جي مهمان نوازيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو، پر پوءِ آهستي آهستي کيس معلوم ٿئي ٿو ته هي ماڻهو اخلاقي طرح ڪِريل آهن. هو هڪ ٻئي سان سياسي بغض رکن ٿا ۽ پاڙيسري ملڪ ”بليفسڪو“ (جيڪو فرانس آهي) سان ڪين جهڙين ڳالهين تان جنگيون ڪن ٿا، بليفسڪو جو بادشاهه جڏهن لليپٽ تي حملي ڪرڻ جون تياريون پيو ڪري، تڏهن گليور هن جا پنجاهه جهاز پڪڙي لليپٽ تان جنگ جي آفت کي ٽاري ٿو. پو لليپٽ جو بادشاهه لالچي آهي. هو گليور کي حڪم ڏئي ٿو ته هو بليفسڪو جا سڀ جهاز پڪڙي اُن ملڪ کي اڳوپوءِ سندس غلام بنائي ڇڏي. گليور هڪ امن پسند انسان آهي ۽ هو بادشاهه جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. ان تي بادشاهه ۽ وزير ملي گليور کي غدار قرار ڏين ٿا. فلمنئپ هن کي وڌيڪ بدنام ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال تي الزام لڳائي ٿو ته هن جا گليور سان ناجائز تعلقات آهن. (ان واقعي جو ذڪر مرزا قليچ بيگ پنهنجي ترجمي ۾ آندو آهي.) هاڻي گليور تي واضح ٿئي ٿو ته هو هتي جي باشندن کان اخلاقي طرح برتر آهي. هو آخر ۾ جان بچائڻ لاءِ لِليپٽ ڇڏي ٿو. ان پهرئين ڀاڱي ۾ سئفٽ جون طنزون شديد نه آهن. شروع کان وٺي آخر تائين انداز بيان مزاحيه آهي.

                پر ٻئي ڀاڱي ۾ سئفٽ جي طنزن ۾ شوخيءَ جو عنصر غالب آهي. ان ڀاڱي جي طنزيه شوخي انسان جي تهذيب ۽ ان ۾ سندس ايمان ۽ فخر تي حملا ڪري ٿي، لليپٽ ۾ گليور جسماني توڙي اخلاقي لحاظ کان ان ملڪ جي ماڻهن کان برتر هو، پر ”برابڊنگ نئگ“ ۾ اچي حالتون بدلجي وڃن ٿيون. هتي گليور برابڊنگ نئگ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ جسماني ۽ اخلاقي لحاظ کان هيچ ۽ ڪمتر ٿيو پوي. ٻئي ڀاڱي جا اهم باب ته اُهي آهن، جن ۾ گليور ۽ برابڊنگ نئگ جي بادشاهه جي وچ ۾ مباحثو ٿئي ٿو. بدقسمتي سان مرزا قليچ بيگ انهن بابن جو ترجمو نه ڪيو آهي، جن جي پڙهڻ کان سواءِ اسين ٻئي حصي جي فني ۽ فڪري اهميت کان پوريءَ طرح واقف ٿي نٿا سگهون.

                برابڊنگ نئگ جو ديو هيڪل بادشاهه هڪ فيلسوف آهي. هو گليور کان سندس ملڪ جي علم، مذهب، ريتن، رسمن ۽ حڪومت جي نظام بابت پڇي ٿو. گليور ڏاڍي فخر سان پنهنجي تهذيب جون خوبيون ٻڌائي ٿو. پر هو بادشاهه کي مطمئن نٿو ڪري سگهي. اُلٽو بادشاهه سندس ملڪ جي قانون ۽ سياسي نظام تي اعتراض واري ٿو. جڏهن گليور هن کي يورپ جا تاريخي واقعا ٻڌائي ٿو، تڏهن هو حيران ٿي وڃي ٿو. گليور جي چوڻ موجب ”يورپ جا ملڪ“ هڪٻئي سان هميشه وڙهندا رهندا آهن. ماڻهو ملڪ سان غداريون ڪندا آهن، خون، چوريون ۽ ڌاڙا هنن جي روزمره جي زندگين جون ڳالهيون آهن، ۽ هي خرابيون انڪري آهن جو ماڻهو ”لالچي، مڪار،پاڳل ۽ حاسد آهن“ هوڏانهن برابڊنگ نئگ انهن خرابين کان پاڪ آهي. تنهنڪري جيئن گليور انساني تهذيب جي زياده کان زياده وضاحت ڪري ٿو، تيئن پاڻ بادشاهه جي نظر ۾ انسانذات جي عزت ۽ احترام گهٽيو وڃي.  گليور هن کي توب ٺاهڻ جو هنر سيکارڻ ٿو گهري ۽ ٻڌائيس ٿو ته توبن جي ذريعي وڏن وڏن لشڪرن کي منٽن ۾ نيست و نابود ڪري سگهجي ٿو. هيءَ ڳالهه ٻڌي بادشاهه جا طاق ئي لڳي وڃن ٿا. هن جي خواب و خيال ۾ به نٿو اچي سگهي  ته هيءَ جيتا مڙي انسانذات ايتري قدر  تباهه ڪُن ٿي سگهي ٿي. هو گليور کي منع ٿو ڪري اڳتي ڪڏهن به سندس سامهون ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪري. هو اهڙي تباهي آڻيندڙ راز کي ڄاڻڻ کان، اڌ ملڪ وڃائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. سڄي مباحثي ۾ برابڊنگ نئگ جو بادشاهه گليور کان اخلاقي طرح نهايت برتر ثابت ٿئي ٿو.

                جڏهن گليور هن کي انساني تهذيب جا قابل، فخر ۽ قابل تعريف پهلو ٻڌائي دنگ ٿو ڪري، تڏهن برابڊنگ نئگ جو بادشاهه چويس ٿو”زمين تي جيڪي به خسيس جيتامڙا چُرن پيا، تن ۾ انسانذات سڀني کان وڌيڪ ڪِني ۽ ڌڪار جوڳي جنس آهي.“ هنن جملن ۾ سئفٽ جي طنز تمام تيز ۽ وڌيڪ وڍيندڙ آهي. بادشاهه جي ڳالهين مان سئفٽ کي معلوم ٿئي ٿو ته سندس ملڪ ۾ بلڪ صلح ۽ سانت آهي. رعيت جي زندگي هڪ سٺي معياري ۽ اخلاقي نظام جي تحت آهي. ان جو مطلب هي نه آهي ته برابڊنگ نئگ جو هرڪو باشندو اخلاق جي اعليٰ معيارن جي پوئواري ڪري ٿو. هنن ۾ ڪي ”گلمڊال ڪلچ“ جي پيءُ جهڙا به آهن، جنهن گليور سان ظالمانه سلوڪ ڪيو هو. پر مجموعي طرح ملڪ جو اخلاقي، معيار بلند آهي. 

                پر گليور جي آڏو هي ديون جهڙا انسان اڃا به مڪمل نه آهن. سندن رڳو سياسي ۽ اخلاقي نظام قابلِ رشڪ آهي. هو فڪري لحاظ کان غير معمولي معيار جا نه آهن. هنن کي فقط شاعري، تاريخ ۽ حسابن سان دلچسپي آهي. فڪر جون ٻيون راهون اڃا هنن لاءِ کليون نه آهن، ۽ گليور جي معياري سياڻپ لاءِ تلاش جاري  ٿي رهي. هو برابڊنگ نئگ ۾ رهي بيزار ٿي پوي ٿو. هن ملڪ ۾ سندس حيثيت هڪ پاليل جانور جهڙي آهي. کيس انساني فخر ۽ عزت حاصل نه آهي. هو معمولي ڪتن ۽ ٻلن کان به ڊڄي ٿو، جيڪي هن کان وڏا ۽ سگهارا آهن. خوش قسمتيءَ سان هڪ گُرڙ پکي گليور کي اڏائي وڃي سمنڊ ۾ ڦٽو ٿو ڪري، جتان هڪ جهاز جا خلاصي بچائي ٿا وٺنس. اهڙيءَ طرح هو ان خشڪ ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ کان نجات پائي ٿو.

                ”گليور جو سفر“ جو ٽيون ڀاڱو سڄي ڪتاب جي اسڪيم ۾ ٺهڪي نٿو اچي، ان هڪڙي ڀاڱي ۾ سئفٽ چئن مختلف ۽ انوکن ملڪن جو احوال ڏئي ٿو، پر انهن ملڪن جي جدا جدا قصن ۾ ڪوبه ربط نه آهي. سڀ قصا ٽڙيل پکڙيل آهن، ته وري انهن ملڪن جي بيان جي ذريعي انساني سماج ۽ انساني کوجنائن تي پيش ڪيل طنز ئي ايتري اهم آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪٿي ڪٿي ته سئفٽ تمام گهڻي مبالغي کان ڪم ورتو آهي. تنهن ڪري ٽئين ڀاڱي جو تفصيلي ذڪر هتي مناسب نه آهي.

                هاڻي اچو ته چوٿين سفر جو جائزو وٺون، جيڪو هن سڄيءَ تصنيف جو اهم ترين ڀاڱو آهي. گليور جو چوٿون  سفر ”وينمن جي ملڪ ڏانهن سفر“ جي نالي سان آهي. ان ۾ پلاٽ  ۽ مرڪزي خيال جي هم آهنگي ۽ تسلسل عروج تي پهتل آهي. ان کان سواءِ طنزيه انداز بيان ۽ ڪردارن جي پيشڪش ايتريقدر  ته شديد ۽ قوت ڀري آهي، جو هڪ عام پڙهندڙ تي پهريون تاثر هي ويهي ٿو، ته سئفٽ انسانيت سان نفرت ڪري ٿو. لليپٽ ۽ برابڊنگ نئگ جي سفرن جو مجموعي تاثر گهڻي قدر رڳو مزاحيه آهي. تنهنڪري ٻارن کي پهريان ٻه ڀاڱا پڙهڻ ۾ بيحد لطف ايندو آهي. پر چوٿين ڀاڱي ۾ انسان ۽ انساني سماج تي ايتريون ته جامع ۽ فصيح ٽوڪون ۽ طنزون ڪيل آهن، جو  هڪ دفعو ته اسان جو انسان جي اشرف المخلوقات هئڻ مان ايمان ئي کڄي وڃي ٿو پر هي فقط ظاهري تاثر آهي، جنهن جي تائيد يا ترديد ان حصي کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کانپوءِ ڪئي ويندي.”وينمن جي ملڪ ڏانهن سفر“ جا ٻه مرڪزي خيال آهن. هڪ ته جڏهن انسان عقل جي زندگي نه گذاريندو آهي، تڏهن ذلت ۽ خواريءَ جي اوڙاهه ۾ ڪِري انتهائي حيوانيت جو روپ اختيار ڪندو آهي، ۽ ٻيو جڏهن ڪابه ساهه واري جنس عقل جي زندگيءَ کي پنهنجو ڪندي آهي، تڏهن اها نه فقط انسان کان اعليٰ ۽ برتر ٿيندي آهي، پر مثالي درجه ڪماليت کي وڃي رسندي آهي.

                پهرئين مرڪزي خيال جو تعلق ”واهوئن سان آهي، جيڪي ان ملڪ جا ”جانور آهن. ۽ ٻئي جو تعلق ”وِينَمَن“ سان آهي، جيڪي ان عجيب دنيا جي مثالي مخلوق آهن. ”واهو“ جسماني مناسب جي لحاظ سان گليور جا هم شڪل آهن. هو دراصل انسان آهن، ۽ ذلت جي گهرائين ۾ ڪِريل آهن. ”وينم“ گهوڙا آهن، جن جو ان ملڪ ۾ اقتدار ۽ راڄ آهي هو واهوئن کي پاليندا آهن، ۽ هنن کان  پورهيو ڪرائيندا آهن. شروع شروع ۾ جڏهن گليور وينمن جي ملڪ ۾ اچي ٿو، ته واهوئن کي ڏسي ڊڄي وڃي ٿو. هنن جو سڄو جسم، منهن ۽ پيٽ کاسواءِ، وارن سان سٿيل آهي. پيرن ۽ هٿن جي آڱرين ۾ ڊگها ۽ سنها نُنهن اٿن هو ڀولڙن وانگر سولائيءَ سان وڻن تي چڙهي وڃن ٿا، ۽ پاڻ ۾ وڙهن ۽ رانديون ڪن ٿا. هنن جون شڪليون خراب ۽ بگڙيل آهن. گليور کي ڏسڻ شرط ئي هنن کي بُڇان اچي ٿي. اوچتو هو گليور کي ڏسي، چوڌاري ورائي وڃنس ٿا. گليور بچاءَ خاطر هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي ٿو. ڪي ”واهو“ وڻ تي چڙهي مٿانئس گند ڦٽو ڪن ٿا، ۽ سڀ ڪپڙا خراب ڪري ڇڏينس ٿا.

                پوءِ گليور کي خبر پوي ٿي ته هي ”واهو“ هن جهڙا انسان آهن. هڪ وينم کيس پنهنجي گهر وٺي اچي ٿو ۽ ٻڌائيس ٿو ته ”تون به واهوئن جي جنس مان آهين.“ تنهن تي گليور پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ هن جي آڏو يورپ جي تهذيب جي ساراهه ڪري ٿو، پر باشعور وينم کِلي  چويس ٿو ته ”انهن سڀني ڳالهين جا نشان اسان کي واهوئن ۾ ملن ٿا. واهو پاڻ ۾ ننڍيون وڏيون جنگيون ڪندا آهن، چمڪندڙ پٿرن جي ذخيره اندوزي ڪندا آهن، ۽ انهن تي پاڻ ۾ جهيڙا ڪندا آهن، جيتوڻيڪ هو چمڪندڙ پٿرن کي استعمال ۾ آڻي نه سگهندا آهن، ۽ هو ٻين کي بک ماري، پاڻ عيش ڪندا آهن. هن ملڪ ۾ بيماريون فقط واهوئن کي لڳن. هنن جو هڪ سردار ٿيندو آهي، جيڪو جسم ۾  سڀني کان بڇڙو ۽ ذهن ۾ سڀني کان شيطان هوندو آهي. هو شهوتي ۽ حريص آهن، منجهن ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ دوست جي ڪا تميز نه آهي، ۽ ان سان گڏ هو ناقابلِ اصلاح، حرفتي، هڪٻئي جا بدخواهه ۽ ظالم آهن.“

                واهوئن جي برعڪس اُتي جا ”وينم“ هڪ مثالي مخلوق آهن. سندن سڄي زندگي ”عقل“ جي روشني ۾ گذري ٿي. هو درجه ڪماليت تي رسيل آهن، ۽ ان لحاظ کان ”روشن خياليءَ جو دور“ هنن وٽ آهي. هو پاڻ ۾ جنگيون ڪونه ڪن. هنن وٽ بيماريون ڪونه اچن. سماجي ڀلائي ۽ دوستي سندن زندگيءَ جا ٻه زرين اصول آهن، ۽ اخلاقي برتريءَ ۾ برابڊنگ نئگ جي باشندن کان به اعليٰ آهن. هو ڪوبه ڪم جذبات جي زير اثر ڪونه ڪن. ڪاوڙ، برائي، گِلا، غيبت ۽ ڪوڙ جو سندن زندگيءَ ۾ ذرو به دخل نه آهي. سندن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت حڪومت جي حوالي آهي. مائٽ ٻارن جون شاديون ٻارن جي پنهنجي مرضيءَ سان ڪرائيندا آهن. جوان وينم جذباتي پيار مان ڪجهه نه ڄاڻن. هو وڏائي ۾ وڏاءُ کان پري ڀڄن، ۽ صفائي ۽ سٿرائي سندن زندگيءَ جا متا آهن. مطلب ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين هنن جي ذاتي سماجي زندگي عقل جي روشنيءَ ۾ گذري ٿي.

                واهوئن ۽ وينم جي زندگين ۾ هڪ عظيم تضاد آهي، ۽ ان تضاد جي ذريعي سئفٽ اسان تي چٽيءَ طرح واضح ڪري ٿو ته واهُو بيحد ڪِريل ۽ ذليل آهن. واهوئن جي علامت جي پس پرده سئفٽ انسانذات ۽ انساني سماج تي هڪ اهڙي گهري چوٽ ڪري ٿو، جيڪا اڄ تائين ڪنهن ٻئي طنزيه فنڪار جي قلم مان نه نڪتي آهي. برابڊنگ نئگ ۾ گليور پاڻ کي رڳو اخلاقي ۽ جسماني طرح ڪمتر سمجهي ٿو، پر هِن مثالي ملڪ ۾ اچڻ کانپوءِ هن جو سڄو روح احساس ڪمتريءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو، ۽ هر لحاظ کان هو پاڻ کي خسيس ۽ هيچ سمجهڻ لڳي ٿو. هاڻي ڪوشش ڪري هو وينمن جهڙي زندگي گذاري ٿو، پر هو نيٺ گليور کي ملڪ بدر ڪن ٿا. سندن قانون جي مطابق گليور ان مثالي دنيا ۾ رهڻ جي قابل نه آهي. گليور ڀڳل دل سان هي ملڪ ڇڏي ٿو، ۽ جڏهن واپس وطن اچي ٿو، ته انسانن جي بدران گهوڙن سان پيار ڪري ٿو ۽ گهوڙن جي صحبت ۾ رهي ٿو. هن کي انسانذات سان هميشه هميشه لاءِ نفرت ٿي وڃي ٿي.

                هاڻي، ”ڪارل وئن ڊورين“ جي خيال ۾ سئفٽ جي ويس ۾ انسان کي بي انتها ذليل ۽ خوار ڪري پيش ڪيو آهي، تنهنڪري اسين هي چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سئفٽ انسانذات سان  نفرت ڪري ٿو، پر جي سئفٽ واقعي انسان سان شعوري طرح نفرت ڪري ها، ته هو وينمن کي ارڙهين صديءَ جي اعليٰ ۽ اثباتي قدرن جو حامل نه ڏيکاري ها. هن وينمن جي علامت ۾ ”عقل جي زندگيءَ“ ۽ ”روشن خيالي“ جي دور جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هڪ طنزيه فنڪار جو نقطئه نظر هميشه اخلاقي ۽ سماجي بهتريءَ تي مبني هوندو آهي، ۽ جيڪو فنڪار اخلاقي ۽ سماجي بهتريءَ جو خواهشمند هوندو آهي، سو ڪڏهن به انسانيت سان نفرت نه ڪندو آهي. انهن دليلن جي پيش نظر”رڪارڊو ڪئنٽانا“ سئفٽ کي انسانيت سان نفرت ڪندڙ نه، پر ارڙهين صديءَ جي قدرن جو پرچار ڪندڙ ليکي ٿو. البت هو هيءَ ڳالهه ضرور تسليم ڪري ٿو ته وينمن جي مثالي زندگيءَ ۾ اُها چَس، ڪشش ۽ گرمجوشي نه آهي، جيڪا واهوئن ۾ آهي. واهو کڻي ڇا به آهن، پر هنن ۾ زندگيءَ جي هلچل ۽ تيز طراري ۽ چَس آهي. هنن جي برعڪس وينم رڳو ”ذهن جي (ٻُسي) حياتي“ گذاري ڄاڻن ٿا. سندن جذبا سرد ۽ بيجان آهن. پر ڪئنٽانا جي آڏو اِها سئفٽ جي فن جي ڪمزوري آهي. هو واهوئن ۽ وينمن جي ڪردارن کي فني تنساب سان چِٽي نه سگهيو آهي. هن کي گهربو هو ته وينمن جي مثالي زندگيءَ کي جذبات کان عاري نه ڪري ها. البت ”ايف. آر. ليوس“ جي نظر ۾ هيءَ ڳالهه سئفٽ جي وس کان ٻاهر آهي. هو وينمن جي اثباتي زندگيءَ ۾ جذباتي ڪشش ان ڪري پيدا نه ڪري سگهيو آهي، جو هن جون طنزيه قوتون تخريبي آهن. ”ليوس جي خيال ۾“ سئفٽ جي طنزن ۾ جذباتي شدت تمام گهڻي آهي، ۽ ان شدت ۾ ايتري ته قوت آهي، جو خود عقل ۽ حق پرستيءَ جا اثباتي قدر به ڦِري منفي ٿيون پون. ائين برابر آهن ته وينم ”عقل ۽ حق پرستيءَ“  جي نمائندگي ڪن ٿا، جيڪي سئفٽ جا آدرش آهن، پر واهوئن جي ذڪر کي هڪ اهڙي جذباتي شدت سان پيش ڪيو ويو آهي جو وينمن وٽ رڳو عقل ئي عقل رهجيو وڃي، ۽ زندگيءَ جي هلچل ۽ گرمجوشي سڀ  واهوئن وٽ، وينم پيار ڪرڻ جي قابل نه آهن. هنن جي ٻوليءَ ۾ گهڻا لفظ نه آهن، ڇو جو هنن جون ضرورتون ۽ خواهشون ٿوريون آهن. هو حسن جي ڪشش کان ناواقف آهن، ۽ مرڻ وقت سڀني مائٽن کان گهر گهر موڪلائي، بنا ڊپ ڊاءَ جي، ائين آرام ۽ ٿڌيءَ دل سان مري وڃن ٿا، ڄڻ ڪٿي گهمڻ ٿا وڃن.

                تنهنڪري اسين چونداسين ته سئفٽ جا اثباتي قدر ساراهه جوڳا آهن يا نه، پر ايترو ضرور آهي ته هن انهن کي اثرانداز طريقي سان پيش ڪري، پُرڪشش ۽ قابل قبول نه بڻايو آهي. سئفٽ ائين ڪري به نٿو سگهي، ڇو جو سندس طنزيه قوتون تخريبي آهن ۽ نه تعميري، سئفٽ ڄاڻي واڻي انسانيت سان نفرت نٿو ڪري. هن جي ”جذباتي شدت ئي منفي آهي.“

                ايف.آر. ليوس جي هيءَ راءِ، جيڪا نهايت موزون ۽ وزني آهي. سئفٽ جي زندگيءَ بابت نظريي ۽ سندس فن جي متعلق ڪافي سخت پيئي لڳي. پر ان جي باوجود اڄ اسين سئفٽ کي بداخلاق ۽ غير نفاست پسند چئي، ساڻس نفرت نٿا ڪريون، پر هن کي هڪ عظيم فنڪار سمجهون ٿا. هن جي فن جي هڪ خوبي_ جذباتي قوت ئي ايتريقدر معياري آهي، جو سندس نالو انگريزي ادب جي تاريخ ۾ هميشه زنده ۽ تابان رهندو.

 رشيد آخوند

ڪراچي

18-  سيپٽمبر 1959ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org