سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل

الطاف شيخ

صفحو :1

ٽوڪيو جي گيشا گرل

مس سدا بهار چنبيلي

الطاف شيخ

 

انتساب

هڪ پياري انسان ۽ سٺي اديب

ظفر حسن جي نالي

ظفر جي جدائيءَ جو ڏاڍو ڏک اٿم. هو نه ڪنهن جي گلا ڪندو هو نه اجائي خوشامد. ڪيڏو ته محنتي، ايماندار ۽ Humble هو. هر وقت منهنجي همت افزائي ڪيائين ۽ سٺيون صلاحون ڏنائين. سندس بابت وڌيڪ لکڻ بدران انگريزي اخبار Dawn ۾ شيخ عزيز جون ڏنل ڪجهه سٽون ڏيان ٿو.

ليکڪ، اديب، ڪهاڻيڪار، تنقيدنگار ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري سيد ظفر حسن جي اوچتي موت سبب، سنڌي ادب کي ٿوري عرصي ۾ ئي هڪ ٻيو وڏو صدمو رسيو آهي. آچر ڏينهن حيدرآباد ۾ ظفر حسن دل جي بيهڻ سبب 61 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

ظفر حسن تمام وڏو تنقيدنگار هو ۽ تنقيدنگاريءَ سان گڏ هن ڪيتريون ئي خوبصورت ڪهاڻيون به لکيون. پاڻ ٽماهي مهراڻ سميت ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.

ظفر حسن پيشي جي لحاظ کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد هو. سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس تمام اهم ڪردار هو.

هو 14 آگسٽ 1937ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس خاندان ٻٽن پيڙهين کان تعليم جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي حوالي سان، سڄي سنڌ ۾ چڱي ناماچاري رکي ٿو. پاڻ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. کيس ننڍي عمر ۾ ئي لکت جي ڏات ملي وئي هئي. هن لکڻ جي شروعات (اڻويهه سؤ پنجاهه) واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي، ان کان پوءِ هن سنڌي ادبي سنگت کي منظم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو، تڏهن هن جي سامهون وڏو مقصد سنگت جي پليٽ فارم تان جديد ادبي لاڙن جي ترويج ڪرڻ هو.

جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب جي فڪري جوهر ۾، ون يونٽ واري سياسي گهماگهميءَ سبب تبديلي اچڻ لڳي هئي، تڏهن ظفر حسن سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي ڪهاڻين، تنقيدي مضمونن ۽ مقالن ذريعي ڀرپور انداز ۾ پينٽ ڪيو. هو ان دور ۾ ئي ڪيترن اهڙن ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو، جن جو مقصد ڪتابن ۽ رسالن وغيره ڇپائڻ ذريعي سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ هو. اهڙي ڪم جي سلسلي ۾ سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ ٻن رسالن ”ڌرتي“ ۽ ”آرسي“ کي ڳڻائي سگهجي ٿو. ادب جي ترويج لاءِ هن 1970ع ۾ هڪڙي پرنٽنگ پريس به لڳائي، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي اديبن کي پنهنجي تخليقي مواد ڇپائڻ ۾ ڪافي مدد ملي.

هو هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ ترقي پسند تحريڪ سان آخري دم تائين لاڳاپيل رهيو ۽ هن جو سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ پڪو ايمان هو.

هو شعوري طور تي ٺلهيءَ نعري بازيءَ کان پري رهيو. هو سچائيءَ، ايمانداريءَ، غير جانبدارائپ سان ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. هن جي سخت ۽ غير جانبدارانه تنقيد، ڪيترن ئي موقعن تي سندس هم عصرن کي پسند نه آئي، پر پوءِ به هو پنهنجي راءِ تان هرگز نه هٽيو ۽ پنهنجي لگن ۾ مگن رهيو. ايستائين جو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ به هن پنهنجي اصولن تي سودي بازي نه ڪندي ”اهلِ قلم ڪانفرنس“ ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

هڪ استاد جي حيثيت ۾ به ظفر حسن يونيورسٽيءَ اندر پنهنجي شاگردن لاءِ بهترين استاد طور سڃاتو ويندو هو. هو آخري وقت ۾ به لکڻ، پڙهڻ ۾ مشغول هو.

(روزانه ڊان ڪراچيءَ جي ٿورن سان)

 

الطاف شيخ

15 مارچ 1998ع

 

مون طرفان

هي ناول، ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي) ٻين پڙهندڙن کي ڪيئن لڳندو اهو نٿو چئي سگهان. پر مون کي خبر ناهي ڇو ايترو ته وڻيو جو دل چيو ته ان کي ترجمو ڪري سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو وڃي. ڪجهه وقت ترسي هڪ دفعو وري پڙهيومانس، پر ٻئي دفعي به ساڳيو دلچسپ لڳو ۽ ترجمي لاءِ پڪو پهه ڪيم.

ترجمي جي موڪل لاءِ ناول جي لکندڙ جان بال جي ائڊريس جي ڳولا ڪيم. خبر پيئي ته اڄڪلهه آمريڪا جي شهر ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو ۽ ڄم جي تاريخ جي حساب سان هن وقت جيئرو هوندو ته اَسي سالن کن جو ٿيندو. خط لکيم. ٻه مهينا ٿي ويا جواب نه آيو. اديب دوستن سان صلاح مشورو ڪيم. خاص ڪري تاج بلوچ، قمبر شهباز، هدايت منگي ۽ حسام سومري ترجمو ڪرڻلاءِ همت افزائي ڪئي. ايتريقدر جو تاج بلوچ ته چيو ته جي آئون نٿو ڪريان ته هو ڪندو. چيومانس ترجمو ڀلي ڪر پر سڄو ناول انگريزيءَ ۾ نه آهي، جيڪا جپانيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي سو جپانيءَ ۾ لکيل آهي. ڪرم الاهي چني چيو، ”يار ترجمو شروع ڪري ڇڏيو اجازت نامون پوءِ پيو ايندو. مون به سندري اُتم چنداڻيءَ جو ڪتاب ڇپائي جڏهن بس ڪيو ته اجازت وارو خط ان وقت پهتو. اديب لکڻ ۾ سست ٿيندا آهن.“

چيومانس اهو ته صحيح آهي پر جي آخري وقت خط ۾ اجازت نامي بدران منع نامون آيو ته پوءِ محنت ئي برباد.

بهرحال هتي (ملاڪا - ملائيشيا) پهچڻ سان نيٺ بسم الله ڪري ترجمو شروع ڪيم. اڃان هڪ چئپٽر به ترجمو مس ڪيو هوندم ته جان بال جو خط پاڪستان مان ڦرندو گرندو هتي اچي مليو. ترجمي جي موڪل ۽ ڪتاب جي ڇپائيءَ جو پڙهي خوشي ٿي ۽ ڏينهن رات ڪم ۾ جنبي ويس.

هي ناول اصل ۾ انگريزي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل آهي. هڪ آمريڪن انجنيئر رچرڊ سيٽان (ڪوڏائڻ جو نالو ڊِڪ) جپان ۾ ڪنهن ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ اچي ٿو ۽ سندس عشق مس ڪانوماسايو نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿو، پر اها ڇوڪري عام نه پر ٽوڪيو جي نمبر ون گيشا آهي. (سندس گيشائڪو نالو مس سدا بهار چنبيلي آهي.)

جنهن ڀرپور انداز سان جان بال مغربي مرد ۽ مشرقي عورت جي جذبات جي چٽسالي ڪئي آهي، سا داد جوڳي آهي. هن ناول ۾ جپان جي رهڻي ڪهڻيءَ جي پڻ ڄاڻ پوي ٿي.

جتي جتي آمريڪن انجنيئر جارج (ڊِڪ) صحيح يا غلط سلط جپاني ٿو ڳالهائي اتي سندس اهي دلچسپ جملا پڻ لکيا اٿم ۽ ڏنگين ۾ انهن جي معنيٰ پڻ. ساڳي وقت جتي جتي گيشا ڪانوماسايو (مس سدا بهار چنبيلي)، آفيس جي مترجم ڇوڪري ريڪو يا ٻيا جپاني ماڻهو ڪو دلچسپ جملو انگريزيءَ يا جپانيءَ ۾ چون ٿا ته اهو پڻ معنيٰ سان لکيو اٿم، جيئن جپاني ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف هن ناول مان صحيح معنيٰ ۾ مزو وٺي سگهن ۽ ناول نويس جان بال جي قابليت کي ساراهي سگهن.

پڙهندڙن جي راءِ ۽ تنقيد جو اوسيئڙو رهندو.

خلوص منجهان

الطاف شيخ

(ملاڪا - ملائيشيا)

1983ع


 

 

 

1

رچرڊ سيٽان ڪمپنيءَ جي سڀ کان اتاهين ماڙ واري آفيس ۾ ويهي سئن فرانسسڪو شهر جو دريءَ مان نظارو ڪيو. سندس کاٻي ٻانهن ڪالرا جي سئي هڻائڻ ڪري ڏکي رهي هئي، پر هن کي اها خوشي هئي ته هو جپان هڪ اهم حيثيت ۾ وڃي رهيو آهي، جتي هن کي سندس آمريڪن ڪمپنيءَ ڪجهه مشنيري خريد ڪرڻ کان اڳ ان جي چڪاس لاءِ موڪلي رهي هئي ته هو جپانين جي ٺهيل اليڪٽرانڪ شين جي ڪارڪردگي ۽ بهتر هجڻ جي رپورٽ وڃي موڪلي، جيئن ائين نه ٿئي ته لکها ڊالرن جو سودو طئي ٿيڻ بعد خبر پئي ته شيءِ سٺي يا صحيح ناهي، يا ڪو ٻيو جپاني ڪارخانيدار ساڳي شيءِ سستي اگهه ۾ پيو ڏئي.

رچرڊ سيٽان کي پهريون دفعو ولايت اسهڻ جي دل ۾ عجيب خوشي محسوس ٿي رهي هئي. هو ته پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ شڪاگو کان ڪڏهن پري نه ويو هو، پر هاڻ هڪ ڏورانهين ڏيهه، جپان ڏي ويندي هن جي عجيب ڪيفيت ٿي رهي هئي، جنهن جادو ڀري اوڀر جون هن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون هيون.

رچرڊ جو اتفاق سان آمريڪا جي هڪ اهڙي پراڻي روايتي خاندان سان تعلق هو جتي هن ننڍي هوندي ئي حيا شرم، وڏن جو ادب، نئڙت ۽ نهٺائي جهڙيون وصفون سکيون هيون. شايد هڪ اهو به سبب هو جو سندس ڪمپنيءَ جي اعليٰ عملدارن، جپان جهڙي ملڪ لاءِ هن کي چونڊيو هو ۽ ان کان علاوه سندس انجنيئري علم، عقل ۽ ڏاهپ پڻ شامل هئي.

رچرڊ کي جپانين بابت ڪا پهرين جي ڄاڻ نه هئي سواءِ ان جي ته هو هڪ نافهم ٻولي ڳالهائين ٿا، پر اليڪٽرانڪ جو سامان تمام عمدو ٺاهين ٿا ۽ هي پنهنجي انجنيئري پيشي جي لحاظ ۽ ڊزائينگ ۽ نقشن ذريعي هنن سان لهه وچڙ قائم رکي سگهيو ٿي.

هوڏانهن جپان ۾ ”ماتسوموتو ڪمپني“ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پنهنجي آفيس ۾ آڱرين رستي فال ڪڍي رهيو هو ته شال ايندڙ آمريڪن کي سندس فئڪٽريءَ جو ٺهيل ”انجنيئري سامان“ وڻي وڃي ۽ آمريڪا کان وڏو آرڊر ور چڙهي ته جيئن ڪمپنيءَ جي ڏينهون ڏينهن ڪرندڙ ساک کي ڪو ٽيڪو اچي وڃي، جنهن جو اڳهين برائيءَ پيڇو نٿي ڇڏيو ۽ هاڻ ته ماڳهين ڏيوالي ۾ وڃڻ جو ڊپ هو. تازو آيل ٽپال ۾ پڻ فلپائين جي ڏنل آرڊر کي رد ڪرڻ لاءِ انهن وٽان خط پهتل هو. فلپين وارا سندن سڀ کان وڏا گراهڪ هئا. انهن جي هٿن مان وڃڻ جو صدمو ئي ڪافي هو ۽ هاڻ آمريڪا کان ايندڙ هن نمائندي رچرڊ سيٽان جو خيال هن جپاني سيٺ مٿان خنجر وانگر لٽڪي رهيو هو ته الائي کيس سندس ڪمپنيءَ جو مال ۽ ڪم پسند به ايندو يا نه. جڏهن ته ٻين جپانين ڪمپنين جا جپاني مالڪ واڳوءَ وانگر وات پٽيو انتظار ويٺا ڪن ته رڳو ٻئي جو گراهڪ ٽٽي ته جهپ هڻي ڳڙڪائي وڃونس. بهرحال سيٺ ماتسوموتوءَ پنهنجي طرفان واسطيدار ماڻهن کي آمريڪي ڪمپنيءَ جي ايندڙ نمائندي جو خيال رکڻ لاءِ چڱيءَ طرح تاڪيد ڪري ڇڏي ته کڻي ڪيترو به خرچ اچي پر آيل مهمان کي ڪنهن به ڳالهه جي تڪليف نه رسي ۽ ساڳئي وقت کيس ڪم ڪار کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن وندر يا دلچسپيءَ ۾ رڌل رکيو وڃي، جيئن هڪ ته هو خوش ٿي سٺي رپورٽ ڏئي ۽ ٻيو ته کيس واندو ڏسي متان ڪو ٻيو جپاني ڪارخانيدار هن کي پاڻ ڏي ڇڪي نه وٺي.

انهيءَ وقت جپاني مالڪ ماتسوموتو جي حڪم موجب سندس قابل نائب صدر مسٽر ياماگچي ۽ ٻيو همراهه، ڪمپنيءَ جو رابطا آفيسر مسٽر فوتابا، جيڪو انگريزي به ڳالهائي سگهيو ٿي، بلڪ هن کي اها خوش فهمي هئي ته هو ڳالهائي سگهي ٿو، ٽوڪيو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پنهنجي آمريڪن مهمان رچرڊ سيٽان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ياماگچي صاحب مهمان جي آمد تي چوڻ وارا سوچيل جملا هٻڪندي دل ۾ ٻاويهون دفعو ورجايا ۽ مسٽر فوتايا وري وري سوچڻ ڪري ماڳهين اچي ان پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيو ته آيا هو انگريزيءَ ۾ معزز مهمان سان ڳالهه ٻولهه قائم به رکي سگهندو يا نه. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته انگريزيءَ جي پيرڊ ۾ هو ۽ سندن ڪجهه ڪلاس ميٽ پاڻ ۾ ويهي ساڳيا ساڳيا لکيل سوال ۽ رٽيل جواب هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا هئا پر انگريزيءَ جي ڏکين اچارن ڪري هن ڪڏهن به ٻاهر ڪنهن سان انگريزيءَ ۾ گفتگو نه ڪئي هئي.

جپانين جي عادت آهي ته شرم يا مونجهاري مهل ڏندن اڳيان هٿ ڏئي ڦڪي کل کندا آهن سو هينئر جيئن ئي سئن فرانسسڪو کان آيل سنهي ۽ ڊگهي ڊي. سي 8 هوائي جهاز ٽوڪيو جي هوائي اڏي کي ڇهيو ته ياماگچيءَ کي دل ۾ آيو ته اهڙي ڦڪي مرڪ چپن تي آڻي کڻي پنهنجي شرم کي پرچائجي جو هاڻ وقت ويجهو اچڻ تي کيس اها سمڪ به نه پئي پيئي ته اهو مهمان جنهن جي آڌرڀاءُ لاءِ هو پڳ ٻڌي آيا آهن تنهن کي سڃاڻبو ڪيئن، ڳالهائڻ ته ٿي پوءِ جي ڳالهه.

”هاڻ ته اهو مسئلو انگهي ماڳهين هيبت ناڪ حد تائين وڃي پهتو، جڏهن، جهاز مان لٿل مسافر هڪ هڪ ٿي 'ڪسٽم چيڪ' مان ٿيندا ٻاهرين در کان نڪري رهيا هئا. پر اهو به شڪر جو انهن ۾ گهڻا ته جپاني هئا ۽ ڪجهه ڌاريان وري ٻارن ٻچن سان هئا، يعني انهن ۾ سندن آمريڪن مهمان ٿي نٿو سگهي جو هو آمريڪا کان اڪيلي سر نڪتو آهي. سو هاڻ کين ڇڙهن ۾ هڪ بيحد ڄانگهو همراهه ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو آمريڪن ٽوئرسٽ جيان ڀوڪ بصر ٿي لڳو. جنهن جو منهن عينڪ ڪري چٻري جهڙو هو ۽ باقي ٻيا ٻه ڪنهن ملڪ کان آيل اڙي ڪاپ قسم جا واپاري ٿي لڳا. انهن ٻن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي ته اهو سيٽان نه هوندو جو ان وقت ميزبانن واري گئلريءَ ۾ هڪ فارينر جي اچڻ سان هن کيس هٿ لوڏي کيڪاريو ۽ ساڻس گڏ هليو ويو. مسٽر فوتابا هاڻ دل جهلي ٻئي همراهه ڀرسان بيهي، چپن ۾ ڀڻڪيو:

”سائين، توهان رچرڊ سيٽان آهيو؟ ها؟“

“ هن سڄو ڄملو ٻڌڻ جي به تڪليف نه ڪئي ۽ کيس ڪنهن هوٽل جو دلال سمجهي يڪدم اُڇل مان وراڻيو:

”نه مون اڳهين هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ڇڏيو آهي.“

“ ۽ پوءِ ان آفت جي گهڙيءَ ۾ مدد جو ملائڪ هڪ من موهڻي جپاني ايئرهوسٽس جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. ملڻ مهل جپاني جيڪا جهڪ جهڪان ڪندا آهن ان ضروري رسمي کيڪار کڙيءَ کان پوءِ ياماگچي کانئس سيٽان- سان جو پڇيو ته ان نالي وارو ڪو همراهه آمريڪا کان هن جهاز ۾ چڙهيو به هو يا نه. ايئر هوسٽس ڪنڌ ڌوڻي هڪ بي ڊولي، آفت جيڏي همراهه ڏي اشارو ڪيو, جيڪو وائڙيءَ وڇ وانگر پريان هڪ جپاني پبلڪ فون وٽ بيٺو هو. ههڙي ڄانگهي همراهه کي ڏسي, ياماگچيءَ تي رعب طاري ٿي ويو، پر پوءِ هڪ دفعو پنهنجي همت کي گڏ ڪري, ان انساني بلا جي اڳيان پهچي نئڙت منجهان نميو. ٻه چار وکون پٺيان، ساڄي پاسي بيٺل، رئيس فوتابا پڻ هن سان گڏ پاڇي وانگر جهڪيو. ياماگچيءَ پوءِ جيتوڻيڪ وڏي خبرداريءَ سان پر ڀڳل ۽ غلط گرامر وارو جملو ڳالهايو:

(Seatan San! Are you, Yes?) ”سيٽان- سان! آهيو نه، ها-؟ ماتسوموتو ڪمپني.“ هن چيو.

سج لٿي مهل ٻرندڙ ڏيئي وانگر رچرڊ سيٽان جي منهن تي جرڪو اچي ويو. ”اوهه! مسٽر ماتسوموتو“ هن گرمجوشيءَ مان چيو، ”آئون ڊڪ سيٽان آهيان.“

ياماگچي هڪ دفعو وري نميو، هن کيسي مان ٻٽو ڪڍي صحيح طريقو اختيار ڪيو، يعني پنهنجي 'نالي نوڪريءَ' جو بزنيس ڪارڊ ڪڍي آيل مهمان جي حوالي ڪيو.

آمريڪن مهمان ڪارڊ تي ڇپيل عجيب شڪيلن وارا جپاني اکر ڏسي وائڙو ٿي ويو، پر وري ساڳئي ايئر هوسٽس ان ويل اچي لنگهي، جنهن جهڪي، پوءِ پڇيو:

”آئون توهان جي مدد ڪري سگهان ٿي؟“

ورنديءَ ۾ آمريڪن مهمان به جهڪڻ جهڙي ادا پيش ڪري پنهنجي خانداني هجڻ جو ثبوت ڏنو، جيتوڻيڪ هو ان صحيح طريقي سان جهڪي نه سگهيو جنهن سان جپاني جهڪندا آهن، پر مڙيئي جهڪيو سهي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل ڪارڊ سندس حوالي ڪري هن کي پنهنجي ڏکيائي ٻڌائي، ساڳيو مسئلو ياماگچيءَ به يبان ڪيو. ايئر هوسٽس ان بعد سيٽان ڏي مڙي ۽ هن سان ميزبان جپاني همراهن جو تعارف ڪرايو:

”هي مسٽر ياماگچي آهي، ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو نائب صدر ۽ هي مسٽر فوتابا آهي، ڪمپنيءَ جو رابطا آفيسر، مهمانن جي ٽهل ٽڪور ۽ ڪم ڪار لا”. ڪمپنيءَ جو مالڪ ۽ صدر، ماتسوموتو هن وقت آفيس ۾ ئي مشغول آهي ۽ اچي نه سگهيو.“

آمريڪن مهمان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ تي ٻئي جپاني همراهه ڏند ٽيڙي ائين ور ور ڏئي نميا ڄڻ وڏي کيپ کٽي هجين.

”وئي ميڪ گريٽنگس“ فوتابا همت ڪري پنهنجي پرِ ۾ زبردست انگريزي ڳالهائڻ جو مظاهرو ڪيو.

”مهرباني سائين.“ رچرڊ سيٽان هٿ ملائي سندن کيڪار جو جواب ڏنو. جيتوڻيڪ هٿ ملائڻ جي ضرورت نه هئي ۽ جپان ۾ هٿ ملائڻ ڄٽڪي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پر اها مڙيئي هڪ اهڙي غلطي آهي جيڪا جپاني درگذر ڪري سگهن ٿا. پوءِ هن ايئر هوسٽس جو ٿورو مڃيندي کانئس پڇيو: ”جپان ۾ رهڻ دوران هتي مون کي ترجمي لاءِ ڪو همراهه ملي سگهندو-؟“

من موهڻي جپاني ايئر هوسٽس پنهنجن ديس واسين فوتابا ۽ ياماگچيءَ جي ڪارپت رکندي چيس: ”ڇو سائين. هي ٻئي مڙسالا انگريزي ڳالهائي نه سگهن ٿا.“ پوءِ هن جهڪي موڪلايو.

ياماگچيءَ ٽئڪسي اسٽينڊ ڏي هلڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ فوتابا زور ڪري کانئس سامان وٺي پاڻ گهلڻ شروع ڪيو.

يو - ٽائرڊ. ميڪ - سليپ - نائو؟“ (”تون ٿڪل هوندين. ڇا هينئر آرام ڪرڻ چاهيندين؟“) ياماگچي چپن ۾ ڀڻڪي پهرين جپاني لفظن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ياد ڪيو ۽ پوءِ ڏاڍيان چيو.

سيٽان جپاني همراهه جي ڀور ڀور ٿيل انگريزي هاڻ ڪنهن ٻئي جي مدد بنا سمجهڻ لڳو هو.

”نه. هينئر مون کي سمهڻو ته نه آهي. باقي آئون اهو چاهيندس ته پنهنجي هوٽل ۾ هلي وهنجان سهنجان.“

پاڻ شيو جهاز مان ئي ڪري آيو هو. ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جي سفر بعد به سندس ڪالهوڪي پاتل قميص اڃا سٺي حالت ۾ هئي.

سيٽان جي آمريڪن لهجي واري انگريزيءَ جو 'وائڙي ٿيل ياماگچيءَ' کي فقط هڪ لفظ 'هوٽل' سمجهه ۾ آيو ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ پهچندي پهچندي هن وراڻيو:

”يس. وي گو هوتيرو“ (پاڻ هوٽل ڏي هلون ٿا).

هڪ تمام ننڍڙي سائيز جي ٽئڪسي اڳيان اچي بيٺي. جنهن جي سيٽن تي آر جي ڪم جا اڇا کير جهڙا پوش چڙهيل هئا ۽ هڪ گلدستي ۾ ننڍڙا ننڍڙا گل رکيل هئا. رچرڊ سيٽان سوڙهو سنگهوڙو ٿي ٽئڪسيءَ اندر گهڙيو ۽ چٻو سٻو ٿي سيٽ تي ويهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڀر ۾ سندس سامان جو ڍير سٿيو ويو. ياماگچيءَ ڪوسي چانهه کي ڦوڪون ڏيڻ واري نموني ۾ ڊرائيور کي هوٽل ڏي هلڻ لاءِ جپانيءَ ۾ هدايتون ڏنيون ۽ ٻيءَ ٽئڪسيءَ ۾ ٻنهي پنهنجو پاڻ کي سٿيو.

جيئن ئي ٽئڪسي هلي ته ان جي رفتار ۽ ڊرائيور جو روائيپڻو ڏسي رچرڊ سيٽان هراسجي ويو. سڌو هلڻ بدران پهرين ته هن يو ٽرن ڪري ون وي ڀڳو. پوءِ سنهي گهٽيءَ مان شارٽ ڪٽ ڪري مين روڊ تي پهتو جتي هڪ ئي وقت گاڏين جون ٽي قطارون هلي رهيون هيون. هن رستو چيريندي چوٿين قطار ٺاهي. رچرڊ سيٽان رڙ ڪري انگريزيءَ ۾ چيس ته هي ڇا پيو ڪرين پر جپاني ڊرائيور اشاري سان سمجهايس ته جلدي هلڻو آهي- ڄڻ ڪا اڳتي امرجنسي هجي. سيٽان ڊرائيور تان ڌيان هٽائي دريءَ مان ٽوڪيو شهر جو نظارو ڪرڻ لڳو، جن کي پڙهڻ جي هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر جپاني لفظن جي مورتن جهڙن اکرن مان هو ترَ جيترو به مطلب ڪڍي نه سگهيو. اڳيان ويندڙ ڪارن ۽ بسن کي سندس ڊرائيور ايترو ته ويجهڙائيءَ کان اوورٽيڪ ڪندو ويو جو ٻنهي گاڏين جا پاسا ٿي رهڙيا. ۽ پوءِ اڳتي هلي هڪ موڙ وٽ ڊرائيور اهڙي ته بريڪ هڻي ٽئڪسيءَ کي موڙ کارايو جو سيٽان جا آنڊا ٻاهر نڪرڻ تي هئا. هن بيزاريءَ مان کڻي اکيون بند ڪيون. کيس سندس ملڪ آمريڪا ياد اچڻ لڳو، پر سئن فرانسسڪو ۽ شڪاگو جون ڳليون هن وقت گهٽ ۾ گهٽ نو هزار ميل هتان کان ڏور هيون.

هوٽل ۾ پهچڻ تي اتي جي پرسڪون ماحول ۾ سيٽا جا مڙئي هوش ٺڪاڻي آيا. هوٽل جي ڪلارڪ سٺي انگريزي ڳالهائي به ٿي ته سمجهي به ٿي. سندس ڪمرو بلڪل تيار هو. هاڻ هن جپاني ميزبانن مان پنهنجي جان ڇڏائي آرام ڪرڻ ٿي چاهيو، سو ياماگچي ۽ فوتابا ڏي مڙيو جيڪي سندس حاضريءَ ۾ پٺيان پٺيان هلي رهيا هئا.

”مهرباني توهان جي. مون سان اچي ملڻ ۽ منهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ آئون توهان جو ٿورائتو آهيان.“

فوتابا اهو ٻڌي ٻهڪيو ۽ جهڪي انگريزيءَ ۾ چيو: ”اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه هئي.“

فوتابا کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي ياماگچيءَ به پاڻ موکڻ ٿي چاهيو ۽ مليل هدايتن موجب مهمان نوازيءَ جو مظاهرو ڪيو:

”اسان چاهيون ٿا ته توهان کي وهنجڻ لاءِ ٻاهر غسل خاني تي وٺي هلون.“

رچرڊ سيٽان وائڙو ٿي ويو ۽ عجب مان ڪلارڪ ۽ ياماگچيءَ ڏي نهاري چيو: ”پر مون ته اٽيچڊ باٿ واري ڪمري لاءِ ريزرويشن ڪرائي هئي. ڇا مون واري ڪمري سان وهنجڻ جاءِ لاڳو ناهي؟“

”جپان ۾“. ياماگچيءَ ڌيرج سان کيس انگريزيءَ ۾ جپاني غسل خانن جي رسم رواج کان واقف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هاٽسي باٿ (گرم حوض) ۾ وهنجڻ جو ٻيو مزو آهي. ماڻهوءَ جو ٿڪل سرير تازو توانو ۽ صاف سٿرو ٿيو وڃي. ڇا توهان جپاني نموني سان وهنجڻ پسند نه ڪندؤ.“

رچرڊ سيٽان تازو هڪ ڪتاب ”دي اگلي آمريڪن“ پڙهيو هو ۽ هن پاڻ کي موڳو مٽر يا بيحس سڏرائڻ نٿي چاهيو. سو هن يڪدم اعلان ڪيو:

”ضرور. ضرور. مون کي ته پاڻ خوشي ٿيندي.“

اهو ٻڌي جپاني ميزبانن جي اکين ۾ جوت ۽ چپن تي مرڪ اچي وئي.

”ويري ڪلوز.“ فوتابا چيو، ”تمام ويجهو آهي. فقط هڪڙي گهٽي اڳيان - سائين چئو ته ٽئڪسي گهرايون.“ رچرڊ سيٽان کي هن قوم ۾ رهي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جي سڌَ بنهه نه رهي هئي. ”هلو ته پنڌ هلون.“ هن چيو.

ٽوڪيو جو شهر ماڻهن جي سمنڊ کان مشهور آهي. زمين جو ٽڪر ٽڪر ماڻهن سان ڳتيل آهي جتي ڪٿي انبوهه ماڻهن جا ملندا. هي عوام جي ان ڪت خلق کي چيريندا اڳتي وڌيا. ننڍڙي قد جي جپانين جي وچ ۾ هلندي کيس کي لڳو ڄڻ سندس ڄانگهي قد ۾ اوچتو چئن پنجن انچن جو واڌارو ٿي ويو هجي. جپاني نموني جي غسل خاني ۾ پهچي هن کي عجيب لڳو ته هو ڪهڙي دنيا ۾ اچي نڪتو آهي، پر ان جي لابيءَ ۾ ويٺل انچارج - جنهن سٺي انگريزي ٿي ڳالهائي، هن کي دلداري ڏني ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ۽ توهان جهڙا ڪيترائي آمريڪن هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ڪي ته هن قسم جي غسل خانن ۽ مساج گهرن جي سرپرستي به ڪن ٿا. سو توهان کي به ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجائپ محسوس ٿيندي.

ايتري ۾ اڇي رنگ جي اڌ کليل وڳي ۾ سميڪو نالي هڪ ڇوڪري آئي، جنهن سان هن جو تعارف ڪرايو ويو. سميڪو کي انگريزي صفا نٿي آئي، پر هن گوڏن تي هٿ رکي نمي کيڪارڻ جي ادا پيش ڪئي. موٽ ۾ سيٽان به نمي کيس کيڪاريو. هن کي جيتوڻيڪ اچرج لڳي رهيو هو ته مردن جي وهنجڻ جاءِ ۾ ڇوڪري ڪيئن هلي رهي آهي، پر هو چئيوان نينگر وانگر سميڪو جي اشاري تي سندس پٺيان پٺيان هڪڙو ورانڊو لتاڙي ٻئي ڏي وڌڻ لڳو. ورانڊي جي ٻنهي پاسن کان قطارن ۾ ڪمرا ٺهيل هئا. سميڪو اڳتي هلي هڪ ڪمري کي کولي اندر وئي ۽ سيٽان کي به اندر داخل ٿيڻ لاءِ چيائين. چئبو ته هرهڪ گراهڪ کي هتي الڳ ٿلڳ وهنجڻ جي سهولت آهي. هڪ دفعو هن آمريڪا جي هڪ رسالي ”نيشنل جاگرافڪ” ۾ پڙهيو ضرور هو ته جپاني زالون مرد اڪثر هڪ ئي حوض ۾ اُگهاڙا ٿي گڏ وهنجن ٿا- پر هن جي دل تڏهن اها ڳالهه نه مڃي هئي ته ڪو ائين به ٿي سگهي ٿو.

هن جو وهنجڻ وارو ڪمرو فارميڪا جي تختي ذريعي ٻن حصن ۾ ورهايل هو. تختي جي پٺيان ٻاڦ جا نلڪا هئا ۽ ٻئي پاسي ڪناري تائين ٽٻ، ڪوسي پاڻيءَ سان ڀريل ٽب، ميزبان ڇوڪريءَ جي ويهڻ لاءِ هڪ اسٽول هو ۽ هڪ ڊگهي ٽيبل جنهن تي پاڻ ليٽي آرام ڪري سگهيو ٿي، رکيل هئي. سڄو ڪمرو اندران مڪمل صاف، شفاف ۽ اڇو کير جهڙو هو ۽ ڪٿي به ڪو داغ ڌٻو نه هو. جيڪڏهن جپانين جا ههڙا باٿ روم آهن ته پوءِ سندن ڇا ڳالهه ڪجي.

مس سميڪو اندران در کي بند ڪري ڪنڍي ڏني. پوءِ هن ٽب ۾ پيل پاڻيءَ کي پنهنجين ننڍڙين اڇين آڱرين سان ڇهي محسوس ڪيو ته گهڻو ڪوسو ته نه آهي. پوءِ ٽيبل تي وڇايل ٽوال کي اٿلائي پٿلائي پڪ ڪئي ته اهو صاف آهي. ان بعد هن ڀت ۾ لڳل فارميڪا جي ڊگهي سنهي ڪٻٽ مان هڪ ٽنگڻي ڪڍي سيٽان کي ڏني ۽ اشاري سان سمجهايائينس ته پنهنجو ڪوٽ لاهي ان ۾ ٽنگ، جيڪو سميڪو واپس ڪٻٽ ۾ ٽنگيو ۽ پوءِ گوڏن ڀر جهڪي هن جي بوٽ جا ڪشا کولڻ لڳي. سيٽان کي اها بنهه ڪريل ڳالهه لڳي ته هڪ عورت ذات ان حد تائين مرد جي خدمت ڪري. پر اهو محسوس ڪري ته هن ملڪ ۾ اهو رواج آهي ۽ پاڻ هڪ ڌاريون ۽ اهم شخصيت سمجهيو پيو وڃي، سو هڪ هڪ پير ڪري هن ڇوڪريءَ ڏانهن وڌايو، جنهن آهستي آهستي وڏي خيال سان پهريان ڪهيون کوليون، پوءِ بوٽ ۽ جوراب پيرن مان لاٿا. اهو به شڪر جو خوش قسمتيءَ سان اڄ هو نوان جوراب پائي آيو هو.

پوءِ مس سميڪو هن کي قميص ۽ سوٽ لاهڻ جو به اشارو ڪيو ۽ ساڳي وقت جپانيءَ ۾ چيو:

”سا آ، هازُو - ڪاشي - گارا ناءِ دي

(هاڻ شرم محسوس ڪرڻ بنا)

ڪي - تي اي رُومونو - او

(جيڪي ڪجهه پهريل اٿئي)

زين بو نو - اِيدي ڪداسائي

(سڀ ڪجهه لاهي ڇڏ)

زُو بون - مو، پئنٽسو - مو...

(ٻئي: ڪڇو پتلون، وغيره وغيره...)

سيٽان ڪجهه نه سمجهيو، ته هن وري ڪپڙن لاهڻ جو اشارو ڪري پوءِ ٻاڦ ۽ گرم پاڻيءَ سان ڀريل حوض ڏي اشارو ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي لاهي هن ۾ وهنجڻ لاءِ اچ. ان کان پوءِ وري پائجان.“

هن جي اشارن کي هو آهستي آهستي - جيتوڻيڪ ٿورو ڏکيائيءَ سان، سمجهڻ لڳو ۽ پوءِ انهن ڪنوارين غلام ڇوڪرين جي ذهني مونجهه ۽ شرم واري ڪيفيت وچان، جن کي ڪنهن زماني ۾ ڀري بازار ۾ اُگهاڙو بيهاري وڪڻڻ لاءِ واڪ ڏنو ويندو هو، هن به هڪ هڪ ڪري سڀ ڪپڙا لاٿا. آخر ۾ جڏهن هن ڪڇو به لاٿو ته سميڪو ٻاڦ جي نل جي ٻُجي کولي.

دو زو!“ سميڪو وري جپانيءَ ۾ چيو ۽ کيس ٻاڦ ۾ پاڻ پسائڻ ۽ ٽاڪور ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو.

سيٽان تختي جي پٺيان ٻاڦ ۾ ٿي بيٺو ۽ سميڪو ڪريءَ سان بارديءَ مان تازو پاڻي ڪڍي هن جي مٿان نائڻ لڳي. ساڳئي وقت هوءَ ڪو خوشيءَ جو ڳيچ به ڳائڻ لڳي. جيتوڻيڪ اهو راڳ سيٽان لاءِ هڪ غير زبان ۾ هجڻ ڪري سمجهه کان ٻاهر هو پر سميڪو جو آواز ايڏو مٺو هو ۽ سندس آلاپ ۾ ايڏي ڪشش هئي جو هن کي بيحد گهڻو سرور آيو. ٻاڦ جي گرمائش سندس جسم کي ٽاڪور پهچائي رهي هئي ته سميڪو جو راڳ روح کي راحت. ۽ پوءِ جيئن ئي هن کي پاڻي گهڻو گرم لڳو ته سميڪو ٿڌي پاڻيءَ مان ٽوال آلو ڪري مٿي ۽ پٺن تي رکيس ۽ هٿن سان منهن ۽ پٺيءَ کي مهٽڻ لڳيس. سيٽان اچرج ۽ تجسس مان سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سميڪو جي اشارن تي ٻاڦ مان ٻاهر اچي پاڻيءَ جي ٽب ۾ ويٺو. ڪجهه وقت وهنجارڻ کان پوءِ هن سيٽان جي جسم کي ٽوال سان اوگهيو. ان بعد کيس مالش جي ڊگهي ٽيبل تي اونڌو ٿي سمهڻ لاءِ چيائين. جيئن ته هي ڌارئين ملڪ جو مهمان هو ۽ شرمائي رهيو هو، ان ڪري ٽيبل تي سمهڻ بعد سميڪو سندس جسم جي وچ واري حصي مٿان ٽوال وڇائي پوءِ سڄي جسم کي مالش ڪئي.

پورن چاليهن منٽن کان پوءِ واپس لابي ڏي ايندي وقت سيٽان کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ورهين جي ڌوڙ سندس جسم تان ڌوپي وئي هجي. هاڻ هو پاڻ کي نهايت ئي هلڪو محسوس ڪري رهيو هو ۽ هلڻ وقت ڄڻ زمين کان گرانٺ کن مٿي اُڏري رهيو هو. ٻاهر صبر سان انتظار ڪندڙ ياماگچي ۽ فوتابا هن کي ايندو ڏسي اُٿي بيٺا ۽ مرڪڻ لڳا.

”باٿ - گڊ؟“ ڪيئن لڳو سنان؟ فوتابا نئڙت مان پڇيو.

ڪنهن شڪ شبهي ۽ تورڻ تڪڻ بنا ئي سيٽان وراڻيو: ”واهه جو هو.“

سندس ميزبان پوءِ کيس هوٽل ۾ وٺي آيا جتي هنن ڪجهه پنهنجي انگريزيءَ ذريعي ۽ ڪجهه هوٽل جي ڪلارڪ جي مدد سان سيٽان کان موڪلائڻ کان اڳ اهو پروگرام ٺاهيو ته شام جو نائين تائين هو هوٽل ۾ ئي آرام ڪري پوءِ ”ماتسوموتو ڪمپني“ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پاڻ اچي سيٽان سان ملندو ۽ ڊنر تي وٺي هلندس ۽ جيئن ته ماتسوموتو کي انگريزي ڳالهائڻ ٺپ نٿي اچي سو يامزگاچي ۽ فوتابا به ساڻس هوندا ۽ انٽر پريٽر (ترجمو ڪندڙ) جو ڪم سرانجام ڏيندا.

فوتابا ۽ ياماگاچيءَ جي رواني ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي مغربي طرز جي ڪمري ۾ پهچي پنهنجو سامان کولي ٺاهي رکيو ۽ پوءِ دريءَ مان نظر ايندڙ ٽوڪيو جي شهر تي ويهي ويچارڻ لڳو. هن سمجهيو ٿي ته هي ڏورانهين ڏيهه جو مشهور ٽوڪيو الائي ڪيئن هوندو، پر اهو پسي افسوس ٿيس ته هي شهر ٽوڪيو ته سندس ملڪ آمريڪا جي هڪ شهر ڪليولئنڊ جهڙو هو. هو پنهنجو پاڻ مرادو سوچڻ لڳو ته اڄ جي دور ۾ جيٽ جهاز جي رفتار ۽ ٽيليفون تار اهي سڀ سرحدون ڊاهي ڇڏيون آهن جن هونءَ دنيا کي ڌار ڌار ٿي ڪيو. اها ڳالهه هڪ لحاظ کان سٺي ته ٿي آهي پر ان ۾ اها رومانيت نه رهي آهي. نه ته اڳئين زماني ۾ دنيا جي هڪ حصي جا ماڻهو، جايون جڳهون، ريتون رسمون ۽ کاڌا پيتا ٻئي حصي کان ڪيڏو نه مختلف هئا. سج لهي چڪو هو ۽ ٽوڪيو شهر تي چوڌاري رات جو راڄ ڇانئجي رهيو هو. هو پلنگ تي سمهي سڪون محسوس ڪرڻ لڳو. سندس من ۾ ڪابه نواڻ ۽ ائڊوينچر جي ڳولا يا ڳڻ ڳوت نه هئي.

پوءِ هوٽل جي لابيءَ مان سندس فون آيو ته هن لاءِ 'ماتسوموتو ڪمپني' جو مالڪ ماتسوموتو هيٺ انتظار ڪري رهيو آهي. هيٺ لابيءَ ۾ اچي ڏٺائين ته صبح وارن همراهن: مسٽر فوتابا ۽ مسٽر ياماگچيءَ سان گڏ هڪ ٽيون همراهه- ٺوڙهو، ڦڙت ۽ ننڍڙين اکين وارو بيٺو آهي، جنهن جو منهن لوهه جي نهرائيءَ جيان ٺوس هو ۽ جرڪي رهيو هو. مسٽر ياماگچي دستور موجب جهڪيو. مسٽر ماتسوموتوءَ جپاني نموني سان جهڪي کيڪارڻ بعد مغربي نموني سان ملڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳيان ائين وڌايو ڄڻ ڪو ٻار پهريون دفعو نئين ڳالهه ڪرڻ لاءِ همت ڪري رهيو هجي. سيٽان پنهنجو هٿ وڌائي مختصر طور لوڏيو ۽ ساڳي وقت اڌ گابرو جهڪيو. مسٽر ماتسوموتو هڪ دفعو وري ساڳي ادا سان ائين جهڪيو ڄڻ هن کي سيکاري رهيو هجي ته جهڪڻ جو صحيح طريقو هيئن هئڻ کپي. پوءِ هن ڪجهه چپن ۾ ڀڻڪي لابيءَ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ سندس ڊگهو مهمان سندس اڳيان فٽ کن اتاهون ٿي لڳو پر هن سندس ساٿ نه ڇڏيو.

هوٽل جي در وٽ هڪ ڪاري رنگ جي ننڍي پر عاليشان ڪار، قيمتي پڙدن سان سجايل بيٺي هئي. ٻئي ڄڻا ان اندر گهڙيا ۽ ڊرائيور وڏي ڌيرج سان ڪار کي ٽوڪيو جي گهٽين ۾ گهمايو. رستي تي لڳل جپاني اشتهاري بورڊن کان علاوه ٻين ڳالهين ۾ هي شهر واقعي ڪليولئنڊ جهڙو ئي لڳي رهيو هو. ويهه منٽن جي پنڌ کان پوءِ ڪار اوچتو هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ گهڙي جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڪاٺ جا گهر هئا جن مٿان لڳل بورڊ شڪلين وارن اکين سان سينگاريل هئا. ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي گوڙ گهمسان وارو ٽوڪيو شهر غائب ٿي ويو هو. ڪار هڪ هنڌ هلي بيٺي ۽ سيٽان جا ميزبان کيس هڪ جاءِ جي در وٽ وٺي آيا جيڪا ڏسڻ ۾ خوبصورت ريسٽورنٽ لڳي ٿي. در جي ٻاهران هڪ پٿر جو ٿلهو ٺهيل هو جنهن تي ڪيترائي رنگين سپاٽن جا جوڙا رکيا هئا. هوٽل جي ڪم ڪار وارين ڇوڪرين هيٺ جهڪي مهمانن جي بوٽن جا ڪشا کوليا، پر سيٽان پاڻ ئي پنهنجي بوٽ جون ڪهيون کولي بوٽ لاٿو ۽ گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو شڪرانو بجا آندو ته چڱو جو هڪ ڀيرو وري سندس جوراب ڦاٽل يا ميرا نه هئا. خدمتگار ڇوڪري سامهون دروازي وٽ بيٺي رهي. سندس منهن ڊگهو ۽ سيٽيل هو ۽ لسي رنگ جو ڪمونو پهريل هيس. ڪمونو مٿان مفلر جهڙي اوبي سهڻي ۽ سٺي مئچ واري هئي. هي هن جي پٺيان پٺيان هلندا وڏي هال ۾ آيا، جنهن ۾ چوڌاري ڪکن جا صاف سٿرا تڏا وڇايل هئا. خدمتگار ڇوڪريءَ گڙڪندڙ دروازا ريڙهي کين ڪمري ۾ اندر گهڙڻ جو اشارو ڪيو.

ڪمري اندر ڪرسي يا ڪوچ جهڙي ڪنهن به شيءِ جو نالو نشان نه هو. پٽ تي سنهي ڪک جون تونئريون وڇايل هيون. فرنيچر ۾ فقط هڪ ٽيبل، چڱو ڊگهيڙو، زمين کان فقط ٺونٺ جيترو مٿي رکيل هو. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ سنهو کانچو ٺهيل هو جنهن ۾ جپاني طرز سان رکيل گلدان ۾ فقط ٽي گل هئا ۽ باقي ساون پنن واريون ٽاريون. پوئين ڀت تي جبلن ۽ سمنڊ جو نظارو فقط چند آڏين ڦڏين ليڪن ۾ چٽيل هو. ڪمري جي هر شيءِ جپاني ماحول ۾ رچيل ۽ ٺهڪندڙ هئي. فقط پاڻ ئي هڪ هو جيڪو انهن مڙني ۾ اڻ ٺهڪندڙ ٿي لڳو. پنهنجي ڊگهي قد ڪري هو ٻين جي وچ ۾ نٿي سونهيو.

ڪمونو واري خذمتگار ڇوڪري وهاڻن جو ڍير کڻي، اندر ڪمري ۾ گهڙي ۽ ٽيبل جي چوڌاري ويٺل همراهن کي ورهائي ڏنائين. ٽئي جپاني رڪوع واري نموني ۾ ٽيبل جي چوڌاري ٿي ويٺا، پر سيٽان جون ڊگهيون ٽنگون ائين ويهڻ ۾ وچڙنديون رهيون. ٻين ساٿين وانگر هن لاءِ مان تي ويهڻ ناممڪن هو. ساڳي وقت ٽيبل هيٺان ٿوري جاءِ هجڻ ڪري ٽنگن کي ڊگهو به نٿي ڪري سگهيو. آخرڪار پلٿ مار، ترڪ درزيءَ وانگر ٿي ويٺو. خذمتگار ڇوڪري وري نمودار ٿي ۽ هنن اڳيان کائڻ لاءِ تيلين جا جت (چاپ اسٽڪس) ۽ کاڌي جا ٽي پيالا رکي ويئي. سيٽان تيلين کي ڇني ڌار ڪيو ۽ مسٽر فوتابا کيس تيلين جهلڻ ۽ انهن سان کائڻ جو طريقو ڏَسيو. سيٽان مڙيئي هڪ پيالي مان کائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ڀاڄين جو ٺريل ٻوڙ هو پر بادامن سان پر هو. هي اڃا ان جو ذائقو وٺي رهيو هو ته ايتري ۾ ڪمري جو دروازو کليو. هن مٿي نهاريو. ڏسڻ سان هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ وايون بتال ٿي ويس. سندس جسم جو هرهڪ عضوو ڄڻ ڄمي ويو. ڪي گهڙيون بنا چرپر جي ائين ڏسندو رهيو جو اکين جا پنبڻ به نه ڇنڀيائين.

هنن پنهنجي سامهون دروازي وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏٺي جيڪا عمر ۾ سورهن سترهن سالن جي ڪا مس ٿيندي پر سونهن سوڀيا ۾ عاج جي گڏي ٿي لڳي جا ڪنهن فنڪار واندڪائيءَ ۾ ويهي ٺاهي هجي. هوءَ تکي رنگ جي هڪ قيمتي ڪمونو ۾ ملبوس هئي. سندس وارن جو جوڙو مٿڀرو ٻڌل هو ۽ پٺيان سڄي ڳچي ڪنڌ تائين نظر اچي رهي هئي. منهن چاڪ جهڙو اڇو ۽ تنهن تي ميڪ اپ جو هلڪو تهه چڙهيل هو. سيٽان جو هن کي ڏسڻ سان وات پٽجي ويو.

گل از مائيڪو“ (هيءَ ڇوڪري مائيڪو آهي) فوتابا اڌ انگريزي ۽ اڌ جپانيءَ ۾ ٻڌايس ۽ پوءِ 'مائيڪو' جو مطلب سمجهايس ته ”مائيڪو سيکڙاٽ گيشا ڇوڪريءَ کي چئبو آهي.“ يعني جيڪا اڃا شاگرد هجي ۽ گيشا بڻجڻ جي سکيا وٺي رهي هجي.

ڪاسائي قيمون ٺاهڻ وقت جيئن گوشت تي ڪات جا ويجها ويجها ڌڪ هڻندو آهي، ائين ويجهين ويجهين ۽ ننڍين وکن سان اها مائيڪو ڪمري ۾ اندر اچي، ڪکن جي تونئريءَ تي ويٺي. سيٽان هن کي تعجب ۽ پسند جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. هڪ ٻئي نئين خذمتگار ڇوڪري هڪ ٽن تارن وارو ستار نما ۽ ڊگهي ڳچيءَ وارو واڄو کڻي اچي مائيڪو جي اڳيان، ڌيرج سان تڏي تي رکيو ۽ پوءِ ڪمري مان ٻاهر نڪري پٺيان وري ساڳي ڌيرج سان ڪمري جو گڙڪندڙ دروازو بند ڪري ڇڏيو.

پوءِ آهستگيءَ سان، هڪ دفعو وري دروازو کليو. سامهون نهارڻ سان سيٽان کي هن دفعي پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو. هن جي اڳيان عورت جي روپ ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي هڪ ٻي اهڙي مورت اچي بيٺي جنهن مجسمي جهڙي سهڻي صورت هن ڪڏهن نه ڏٺي هئي ۽ نه ٻڌي هئي. هن جي منهن جا نقش نگار بلڪل روايتي جپانين جي چهري جهڙا هئا ۽ سندس حسن جپانين جي نج ثقافت جو جيئرو جاڳندو مثال هو. کيس گلابي رنگ جو قيمتي ڪمونو اوڍيل هو جنهن تي سنهي سئيءَ سان اڇي رنگ جا گل ڀريل هئا. ڪمونو جي چوڌاري ٻڌل اوبي (مفلر جهڙو پٽو) ڪافور جي ڪاٺ جي رنگ جهڙو هو، جنهن تي چانديءَ جي تند جو سنهو ۽ ڳتيل ڪم ٿيل هو.

ڪمري ۾ ويٺل هرهڪ مرد کي ڏسڻ مهل هن پنهنجي هٿ ۾ جهليل پني جي وڃڻي کي شان سان پنهنجي منهن اڳيان لوڏيو. پوءِ کيڪار ڪارڻ هن جڏهن ناز سان پنهنجا نازڪ چپڙا چوريا ته ائين لڳو ڄڻ ڪنهن شعر جون غير فاني مصرعون چئي رهي هجي. اڳتي وڌي جڏهن هوءَ هڪ خالي رکيل وهاڻي تي اچي ويٺي، ته سيٽان کي ان وقت محسوس ٿيو ته اهو وهاڻو ته سندس ئي ڀرسان رکيل هو. هڪ مدهوش ڪندڙ عطر جي خوشبو سندس حواسن تي ڄڻ واسو ڪري ويئي.

سيٽان جڏهن ٽيڏيءَ اک سان سندس ڀر ۾ ويٺل هن جپاني ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو ته هن کي اهو ڏسي عجيب ڪيفيت محسوس ٿي ته هوءَ به هن ڏي ڏسي رهي هئي. بلڪ سيٽان کي ائين محسوس ٿيو ته ان من موهڻيءَ جون نظرون سندس اکين مان پار ٿي سندس اندر جي آنڌ مانڌ کي چٽيءَ طرح پڙهي رهيون هيون. سيٽان کي ائين لڳو ڄڻ هي ٻه ئي هڪ ٻئي سامهون هجن، باقي سڄو ڪمرو غائب ٿي ويو هجي ۽ سندس ٻيا ساٿي هتي انهيءَ تڏي ۽ چوديواري ۾ موجود هجڻ بدران ڪنهن ٻئي مڪان ۽ زمان ۾ گم ٿي ويا هجن. هن سيٽان ڏي ٿوري دير ٻي نهاري پوءِ مرڪيو- اها مرڪ جيڪا صدين جي تپسيا ۽ سکيا بعد کيس مردن جي من موهڻ ڪارڻ ورثي ۾ ملي هئي. مرڪڻ مهل هن جا فقط چپ چريا، ناسن کي هلڪو لوڏو آيو. باقي سندس اکين ۾ ڪشش ۽ جادو ساڳيو هو.

مسٽر ياماگچي ڪو اهڙي ئي گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، تنهن موقعو ڏسي ان ئي گهڙيءَ فخر مان هن آيل مهمان ڇوڪريءَ جو تعارف ڪرايو.

”توهان جي اڳيان هن وقت ٽوڪيو شهر جي سڀ کان حسين ترين گيشا گرل 'مس سدا بهار چنبيلي' حاضر آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org