سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: --

صفحو :1

دهليءَ جو درشن

الطاف شيخ

 

انتساب

 

آسودو رام اوڏ

دهليءَ ۾ رهندڙ سڪرنڊ جي هڪ غريب ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ۽ ان جهڙن ٻين انيڪ انسانن نالي جيڪي هٿين خالي وطن ڇڏي ڌارئين ديس پهتا ۽ اتي به لڳاتار پورهئي ، محنت، ايمانداريءَ ۽ سادگيءَ سان وقت گذاري، هنن پاڻ کي به زندهه رکيو ۽ پنهنجي اولاد کي به پاليو پر تعليم جهڙي زيور سان به آراسته ڪيو. اڄ انهن جا ٻار ملڪ جا وڏا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، ۽ بزنيس مين آهن. اڄ به محنت، ايمانداري ۽ نهٺائي هنن جي علامت آهي.

الطاف شيخ

انڊيا وڃڻ جو پروگرام

اسان جي پاڙيسيري ملڪ انڊيا جو هي منهنجو سفر پهريون به چئي سگهجي ٿو ته ٻيو به. ان ڪري جو هن کان اڳ به منهنجو انڊيا وڃڻ ٿي چڪو آهي جڏهن اسان مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين، تڏهن مون سفر ناما لکڻ شروع نه ڪيا هئا، ۽ دهلي جو لال قلعو، امرتسر جو گولڊن ٽيمپل يا آگري ۾ تاج محل کي چڱي طرح ڏسڻ بدران، اسين ڪلاس ميٽ هر هنڌ ڊوڙڻ ڊڪڻ ۽ ڪلفيون ۽ دهي بڙا کائڻ ۾ مشغول ٿي رهياسين. اهو سال 1960ع هو جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا سي (Sea) اسڪائوٽ پنهنجن ٻن پروفيسرن؛ ڪمانڊر اسرارالله ۽ فيروز خان سان گڏ چٽاگانگ ۾ اسڪائوٽ جهمبوري اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نڪتا هئاسين. بس ذريعي پيٽارو کان ڪراچي پهتاسين، تڏهن نوري آباد وارو سپر هاءِ وي اڃا نه ٺهيو هو، سو ٺٽي پاسي کان نيشنل هاءِ وي آياسين. ڪراچي مان ڪراچيءَ جا به ڪجهه Sea- Scouts شامل ٿيا ۽ ريل ذريعي لاهور پهتاسين جتان پوءِ بارڊر ٽپي امرتسر آياسين، امرتسر شايد ڏينهن ٻه رهي پوءِ ريل ذريعي ڪلڪتي آياسين. رستي تي ٻن ٽن شهرن ۾ ترسياسين جن مان آگرو، لکنؤ ۽ دهلي هن وقت ياد اٿم جو انهن شهرن جي تاريخي جاين اڳيان نڪتل منهنجا ۽ منهنجي ڳوٺائي نجم انصاريءَ جا فوٽو اڃا تائين اٿم. لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل ۽ سفير عبدالفتاح ميمڻ جو پٽ مرحوم علي رضا ۽ ميرپور خاص جو خالد لطيف پڻ ان گروپ ۾ شامل هئا ۽ منهنجا ڪلاس ميٽ هئا.

ڪلڪتي ۾ ڏينهن ٻه رهڻ بعد وري ريل ذريعي ڍاڪا آياسين جتان پوءِ نارائڻ گنج، نارائڻ گنج مان اسٽيمر ذريعي سڄي ڏينهن جي سفر بعد چٽاگانگ آياسين ۽ واپسيءَ تي انڊيا جي هڪ ٻن شهرن مان ٿيندا ڪراچي موٽياسين.

جهازي نوڪري ذريعي اسان جي ڪمپني جا جهاز بمبئي، مدراس، ٽراونڊرم ۽ ڪلڪتي جهڙا انڊيا جا وڏا بندرگاهه توڙي رتناگيري، ڪروار ۽ گوا جهڙا ننڍا بندرگاهه ڇهندا رهيا ۽ منهنجا ٻيا ڪلاس ميٽ ۽ دوست جهازي انڊيا جي مٿين بندرگاهن جا ڪيترائي چڪر هڻندا رهيا پر اتفاق اهڙو ٿيندو هو جو جنهن جهاز تي منهنجي بدلي ٿيندي هئي ان جو انڊيا وڃڻ جو پروگرام نه ٺهندو هو. 1971ع واري جنگ کان ڪجهه هفتا اڳ اسان جي جهاز جو پروگرام بمبئي ۽ مدراس ڏي ٿيو. پر اڃا اسين بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) جي بندرگاهن چٽاگانگ ۽ چالنا وغيره ۾ هئاسين ته لڙائي شروع ٿي وئي ۽ نه فقط شروع ٿي وئي پر اها کڻي چئجي ته اسلامي تاريخ جي بري طرح هارايل جنگ ثابت ٿي. پاڪستان ريڊيو ڪوڙ سٽي پنهنجن کي ئي منجهائيندو رهيو. آخر ۾ اسان جا جيڪي انڊيا جي بندرگارهن ۾ جهاز هئا اهي ته ڦاسي پيا پر چٽگانگ ۽ چالنا جهڙن پنهنجي ملڪ جي بندرگاهن ۾ ڀڄ ڊڪ ۽ وٺ پڪڙ ۾ ڪجهه جهاز نڪري ويا، ڪجهه تباهه ٿي ويا ۽ ڪجهه تي انڊيا قبضو ڪري ان تي سوار جهاز هلائيندڙن ۽ مسافرن کي ٻن سالن لاءِ قيدي ڪري رکيو. منهنجا ڪيترائي ڪلاس ميٽ ڪئپٽن افتخار KPT وارو، ڪئپٽن عرفان دار DGPS) وارو)، ڪئپٽن رياض چوڌري سانگهڙ وارو انهن هزارين قيدين مان چند هئا جيڪي هندستان جي جيلن جي ٻه سال هوا کائيندا رهيا.

جنگ، جهيڙا، امن خوشيون زندگيءَ جو ڪاروبار هلندو رهي ٿو. هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ٻن ڀائرن جي وچ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ٽڪراءُ ٿيندو رهي ٿو، تڏهن ته پهاڪو ٺهيو آهي ته جتي ٻه ٿانو هوندا اتي ضرور ٽڪراءُ ٿيندو. هيڏين جنگين لڙائين هوندي به هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته ٻاهر جي دنيا ۾ پهرين به، ۽ هاڻي به هڪ عام انڊين ۽ هڪ عام پاڪستاني پوءِ چاهي اهي هندو هجن، مسلمان يا سک عيسائي پاڻ کي هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ پنهنجو ٿا سمجهن. شايد ان ڪري جو اسان جو مذهب کڻي ٻيو هجي پر ڌرتي، ڪلچر، ثقافت، غميون خوشيون، کاڌا خوراڪون، پوشاڪ، ريتون، رسمون، راڳ مرثيا ۽ ڀڄنون ساڳيون آهن. اسان ساڳي تاريخ جو حصو آهيون، تاج محل ۽ جامع مسجد کڻي انڊيا جي شهر آگري ۽ دهلي ۾ هجي پر اسان به ته  ان کي پنهنجو سمجهون ٿا ۽ اسان هلي ملي اجمير حضرت معين الدين چشتي ۽ دهلي خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي وڃون ٿا. انڊيا جا سک حسن ابدال اچن ٿا، احمد آباد، بڙودا جا سنڌي پنهنجي پراڻي ڀومي سنڌ ۾ اچي آسيس محسوس ڪن ٿا.

بهرحال منهنجو هندستان جو پهريون ۽ مختصر سفر اڄ کان پنجيتاليهه سال اڳ جو هو، ان بعد ڪجهه سالن بعد جڏهن مئرين انجنيئر جي حيثيت سان پاڻيءَ جي جهازن تي نوڪري شروع ڪيم ته جتي يورپ، آمريڪا ۽ بين ڏورانهن ڏيهن ڏي وڃڻ جو شوق ۽ Adventure جو مزو هو اتي پنهنجي پاڙي جي ملڪ هندستان جي بندرگاهن ۾ وڃڻ پنهنجو Charm هو. ڪٿي مهيني کن جي سامونڊي لوڏن ۽ طوفانن، بعد لنڊن، ڪوپن هيگن، اسٽاڪهوم جهڙن مهانگن ملڪن ۾ پهچي سرد هوائن ۽ سٽجڻ ۽ ڪٿي فقط ٻن ڏينهن جي سفر بعد بمبئي پهچڻ چئن ڏينهن ۾ ڪلڪتي پهچڻ جتي پنهنجي ملڪ جهڙي سستائي ۽ ڪچلر هو. جتي انهن ڏينهن جي دلپسند وندر انڊين فلمون هيون، تواريخي جايون هيون، تاريخ جهڙا ڪتاب جن کي اسڪول جي ڏينهن ۾ ڪڏهن به پڙهڻ ۾ مزو نه آيو سي ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ پڙهڻ بعد تاريخي جاين ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ جن لاءِ هندستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ ناهي. ۽ پوءِ هندستان سان تعلقات سڌرڻ بدرا ويا خراب ٿيندا ۽ اسان اوڏا هوندي به ڏور ٿيندا وياسين. چاليهه سال کن سامونڊي نوڪريءَ سان واسطو هوندي به انڊيا وڃڻ نه ٿيو ۽ هاڻ سٺ سالن جي عمر تي پهچي جهاز ۽ سفر ڇڏي اچي گهر ڀيڙو ٿيس ته پاڙي ۾ رهندڙ منهنجي پيٽارو جي دوست نولراءِ اوڏ اچي ٻڌايو ته سندس پٽ مڪيش جيڪو انگلينڊ ۾ رهي ٿو اهو اتي جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري رهيو آهي. ”پر ان شاديءَ جي مڱڻيءَ جي رسم هتي ڪراچيءَ ۾ ٿيندي ۽ شادي هندستان جي گجرات صوبي جي شهر بڙودا، ۾ هتان ڄڃ ۾ منهنجا مائٽ مٽ هلي رهيا آهن توهان به هلو.“

”نيڪي اور پوچهه پوچهه. ٻيو ڪو هلي يا نه آئون ضرور هلندس.“ مون ٻڌايومانس.

نولراءِ اوڏ اڄڪلهه ملتان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر آهي سو انڊيا جي ويزا لڳرائڻ لاءِ مون کي پاسپورٽ ملتان موڪلڻ لاءِ چيائين.

”مڙيئي مهينو ڏيڍ کن رهنداسين جو رامچند جي پٽ جي شادي به انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ ٿي رهي آهي. اسان گهڻي ئي ڪوشش ڪئي آهي ته هفتي اندر ٻئي شاديون ٿي وڃن پر اسان جي پنڊت جيڪي شاديءَ جون تاريخون چونڊيون آهن انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مهيني جي وٿي آهي.“ نولراءِ ٻڌايو.

”توهان جا نه فقط ڇوڪرا پر ٻائو به ڀلو ٿو لڳي جو هنن نه فقط  هنن شادين جو پروگرام انڊيا ۾ رٿيو آهي پر گهمڻ لاءِ مهينو کن اسان کي ڏياريو آهي.“ مون وراڻيومانس.

نولراءِ اوڏ ۽ رامچند اوڏ ٻئي ڀائر منهنجا 1959ع کان سڃاڻا آهن جڏهن هو ڪنڊيارو کان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيا هئا. بلڪه هنن کان به هڪ سال اڳ سندن هڪ ٻيو وڏو ڀاءُ ارجن داس اوڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسان سان گڏ آيو هو. ارجن پيٽارو مان نڪرڻ بعد MBA ڪئي ۽ مرحوم ننڍي هوندي ئي هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. پيٽارو ۾ هوندا هئاسين ته هر سال اونهاري جي موڪلن ۾ اسين ڪجهه دوست پيٽارو کان پهرين هالا اسان وٽ هڪ ڏينهن کن رهي پوءِ سڌو در ٻيلي احمد حسين مخدوم ۽ خادم حسين ميمڻ جي گهر ايندا هئاسين، ان بعد ڀر واري ڳوٺ مچر ۾ بشير وسطڙو وٽ ۽ پوءِ ارجن داس اوڏ جن وٽ ڪنڊياري ۾ رهي پوءِ خيرپور، باقي ٻن ساٿين: شوڪت جماڻي ۽ مرحوم نجم قاضيءَ جي گهر رهندا هئاسين ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي اختر عباسيءَ وٽ ڳوٺ وليد ۾ رهندا هئاسين. سندس ننڍو ڀاءُ صفدر جيڪو پيپلز پارٽي سان تعلق رکي ٿو ۽ سينٽر به آهي انهن ڏينهن ۾ ٻن ٽن سالن جو هو جو اسين هن کي ڪڇ تي کڻي هلندا هئاسين. ارجن داس اوڏ جي گهر صفدر وانگر هڪ ٻار نه پر ڪيترائي ٻار هئا، مون سمجهيو پاڙي جا آهن پر ارجن داس ٻڌيو ته اهي سڀ هن جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن جو هن کي ٽي مائرون آهن. ارجن داس ۽ رامچند ٻي ماءُ سونهري جا پٽ آهن ۽ نولراءِ ٽي ماءُ نانڪي جو پٽ آهي. هنن جي والد صاحب نارائڻ داس اوڏ ٽي شاديون ڪيون ۽ کيس اوڻهينءَ کن پٽ ۽ ڌيئرون ٿيون. نارائڻ داس کي ننڍي هوندي کان پڙهڻ جو شوق هو پر ان سان گڏ انهن جي والد ڦندڻ مل کي به Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي جو هن پنهنجي پٽ جي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري پڙهايو. تن ڏينهن ۾ مئٽرڪ امتحان ڏيڻ لاءِ به بمبئي وڃڻو پوندو هو. نارائڻ داس 1930ع ڌاري مئٽرڪ ڪئي ان بعد اتان Law ڪيائين ۽ پوءِ هائر جا امتحان ڏئي روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ لا چونڊجي ويو ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تي رٽائرڊ ٿيو.

ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻ بعد به اسان جا هن اوڏ فئمليءَ سان ويجها تعلقات رهيا. شادين غمين ۾ هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ، ارجن داس ته گذاري ويو پر نولراءِ  ۽ رامچند سان ۽ ٻين ڀائرن سان به دوستي وڌندي رهي. سندس والد نارائڻ داس اوڏ جون ڪجهه ڳالهيون قابل داد ۽ سبق آموز آهن، ڪيترا ماڻهو وڏي رتبي يا عهدي تي پهچڻ بعد پنهنجي ذات به بدلائي ڇڏيندا آهن. ويندي پاڪستان کان جيڪي اڏو لڏي انڊيا ويا اهي هاڻ اوڏ سڏائڻ بدران راجپوت سڏرائين ٿا پر نارائڻ داس صاحب ننڍي هوندي کان ٻارن کي چوندو هو ته پنهنجي اصل ذات اوڏ ئي لکندا ڪريو. سندس  ٻي ڳالهه ڊسيپلين جي آهي. هن ٻارن تي هميشه ڪڙي نظر رکي، جيتوڻيڪ هو مشغول ماڻهو هوندو هو، کيس وڏو عيال هو پر هر هڪ ٻار جي تعليم ۽ تربيت تي ذاتي ڌيان ڏيندو هو ته هن جا ٻار سٺيون  ڳالهيون سکن، سوير سمهن سوير اٿن، پڙهائيءَ ۾ گهڻي کان گهڻو ڌيان ڏين.

نول ۽ رامچند وارن نه فقط مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ مٿاهين پوزيشن کنئي پر ٻنهي ڄڻن NED مان BE جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ پڻ، نولراءِ ان بعد Law ڪيو ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو، ۽ ان سان گڏ سول سروس جو امتحان پاس ڪيو ۽ پنهنجي انجنيئرنگ جي نوڪري ڇڏي انڪم ٽئڪس ۾ آيو جتي اڃا تائين نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه ڪمشنر آهي.

رامچنڊ اوڏ کي BE ۾ سٺي پوزيشن کڻڻ ڪري ٿائلينڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي اسڪالر ملي، ان بعد آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد کيس يونائيٽڊ نئشن ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي ۽ اڃا تائين انهن سان واسبته آهي. پاڻ UNO طرفان انڊونيشيا، انڊيا ۽ نيپال جهڙن ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ڪافي عرصي کان آمريڪا جي رياست ڪالروڊو ۾ رهي ٿو.

نولراءِ ۽ رامچند وارن جا ٻيا ڀائر به (۽ هاڻ ته سندن ۽ سندن ڀيڻن جو اولاد به) محنت ڪري نه فقط ڊاڪٽري ۽ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيائون پر صحيح  طرح تعليم به حاصل ڪيائون جو هو جنهن فيلڊ ۾ آهن ڪامياب آهن، ان جو مثال ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته رامچند جي هڪ ڀيڻ ميران جو هڪ پٽ پرديپ جڏهن ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽريو لاءِ ويو ته هنن کيس اهو چئي انٽرويو وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ آهي جن کي ڪجهه نٿو اچي ۽ اجايو انٽرويو وٺڻ ۾ به اسان جو ٽائيم خراب ٿو ٿئي.

”توهان ڀلي مون کي نوڪري نه ڏيو پر آئون هيڏو ڪهي ڪنڊيارو کان ڪراچي پهتو آهيان منهنجو انٽريو ته وٺو.“ پرديپ کين چيو ۽ هو ڪنهن طرح سان راضي ٿي ويا ۽ پوءِ جڏهن انٽرويو ورتائونس ته اهڙو ڪو سوال نه رهيو جنهن جو پرديپ جواب نه ڏنو، انٽرويو وٺڻ وارو باس منهنجو سڃاڻو هو ۽ ان ئي مون کي اهو واقعو ٻڌايو. هن چيو ته اميدوار جي ذهانت ۽ ناليج ڏسي هو نوڪري ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. هو سڀ ۾ ٽاپ جو نڪتو ۽ ڪم ۾ به ايڏو محنتي، خوش مزاج، ڄاڻو ۽ ايماندار جو سال کن بعد جڏهن پرديپ کي سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ ٿي ته پرائيويٽ ڪمپنيءَ وارا مون وٽ هلي آيا ته آئون هن کي پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ئي رهڻ لاءِ راضي ڪريان جنهن لاءِ هو هن کي سندس مرضيءَ مطابق وڏو پگهار ۽ هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهن. Ironically هي اهوئي مهينو هو جنهن ۾ گذريل سال پرديپ ڪمپنيءَ وارن کي منٿون پئي ڪيون ته نوڪري ڀلي نه ڏيو پر انٽرويو وٺي منهنجو ڀاڙو ته سجايو ڪريو.

هيءَ ته ٿي بلڪل ماضي قريب جي ڳالهه پر آئون گذريل چاليهه سالن کان پنهنجن مائٽن ۽ دوستن ۽ بعد ۾ انهن جي اولاد ۽ مختلف ملڪن ۾ پڙهائڻ دوران پنهنجن شاگردن کي نولراءِ ۽ رامچند جي محنت ۽ جدوجهد جا مثال ڏيندو آيو آهيان. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهڻ دوران اسان راندين ۽ پي ٽي پريڊ کان پيا ڀڄندا هئاسين پر هي هميشه ڀرپور حصو وٺندا هئا. ويندي باڪسنگ ۾ به. هنن جو والد صاحب نارائڻ داس اوڏ کين هميشه اها نصيحت ڪندو هو ته هڪ صحتمند مائينڊ لاءِ صحت مند جسم به ضروري آهي ۽ جسم کي صحيح رکڻ لاءِ رانديون رونديون ۽ جسماني چرپر بيحد ضروري آهي.

NED يا BE ڪرڻ دوران هي ٻئي ڀائر ميٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئا جتي سال کن انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو به رهڻ ٿيو. پيٽارو جا ٻيا به دوست ۽ ڪلاس ميٽ BE ڪري رهيا هئا ۽ ان هاسٽل ۾ رهيا ٿي، پيٽارو جي سختيءَ مان نڪرڻ بعد شهر جي زندگيءَ ۾ هر ڪو ڇڙواڳ ٿي ويو هو. ويندي اهي ڇوڪرا پڻ جيڪي سنڌ جي ٻين ڪاليجن مان انٽر ڪري هتي پهتا هئا. پر مون ڏٺو ته هي اوڏ ڀائر ئي سخت ڊسيپلين ۾ رهيا ٿي. سندن پيءُ ڊپٽي ڪمشنر هو جيڪا پوسٽ 65_1964ع وارن سالن ۾ وڏي ڳالهه سمجهي وئي ٿي، هنن وٽ پئسو به جام هو جو کين نه فقط پيءُ وٽان پر سندن ٻن وڏن ڀائرن، گلاءب راءِ ۽ حشمت راءِ طرفان به مليو ٿي جيڪي ان وقت ائين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي چڪا هئا پر نولراءِ ۽ رامچند وارن نه فضول خرچي ڪئي ٿي ۽ نه اجايو گهمي ڦري وقت برباد ڪيو ٿي. هنن هر وقت کاڌي پيتي تي ڪنٽرول رکيو ۽ Over eating بدران ٿورو بک تي رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ”طوطو به تڏهن ٿو ياد ڪري جڏهن هن کي بک تي رکيو وڃي ٿو ۽ فجر مهل ياد ڪرايو ٿو وڃيس.“ هو پنهنجي والد يا وڏن ڀائرن طرفان ٻڌايل نصيحتون اسان کي به ٻڌائيندا هئا. پڙهڻ وقت هو کٽ يا ڪرسيءَ تي ويهي پڙهڻ بدران کٽ اُڀي ڪري پٽ تي تڏو وڇائي پڙهندا هئا جيئن ننڊ يا گِڏاڻي نه ٿئي. امتحانن ۾ سٺا نمبر کڻڻ لاءِ سندن اهو اصول اڳتي لاءِ به رهيو. رامچند جڏهن ٿائلينڊ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي نوڪري جنهن جهاز تي هئي اهو جهاز جاپان ڏي ويندي يا واپسيءَ تي موٽڻ وقت هفتو ٻه بئنڪاڪ ۾ ضرور ترسندو هو ۽ رامچند وٽ پهچڻ وقت هو اتي به ڄڻ ميٺارام هاسٽل ۾ رهيو ٿي. عمارت کڻي اهڙي نه هئي پر ماحول ضرور هو، چوڌاري ٽڙيل پکڙيل ڪتاب ۽ انهن جي وچ ۾ هر وقت موجود پاڻ. ٻاهر بئنڪاڪ جي دنيا ۾ ڪهڙيون رونقون لڳيون پيون آهن انهن سان  هن جو ڄڻ ته ڪو واسطو ئي نه هو، ننڍپڻ ۾ تعليم دوران سخت، زندگي گذارڻ بعد هن کي جڏهن پنهنجي خاص سبجيڪٽ (شايد Soil Engineering) مطابق نيپال، انڊيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن جي بيابانن، رڻ، پٽن ۽ جابلو علائقن ۾ پريڪٽيڪل ڪم ڪرڻ جي نوڪري ڪرڻي پيئي ته به هن خوش گذاريو ٿي ۽ بهترين Results مهيا ڪيون ٿي.

منهنجي شادي تي انڊيا هلڻ جون خبرون ٻڌي رامچند کي به خوشي ٿي ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ به email ذريعي منهنجي همٿ افزائي ڪئي ته انڪل ضرور هلجو. دراصل سندن اوڏو فئمليءَ جي چاليهارو کن ماڻهن کان علاوه ڪيترائي سندن دوست فئملين سان هلڻ لاءِ تيار ٿيا پر آهستي آهستي ڪم ڪارين ڪري هر ڪو پنهنجو پروگرام ڪينسل ڪندو ويو. ويندي منهنجي زال به ماءُ جي بيماريءَ ڪري آخري وقت تي هلڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو ۽ جڏهن نولراءِ اوڏ انڊيا جي ويزا لاءِ اسلام آباد پنهنجي هڪ دوست کي پاسپورٽ موڪليا ته اوڏن جي پاسپورٽن ۾ Outsider فقط آئون هوس. ايتري قدر جو نول جي دوست منهنجو پاسپورٽ کيس ملتان واپس ڪيو ته هي شايد توهان ڪنهن ڌارئين جو غلطيءَ ۾ موڪليو آهي.

”ڀائي ائين ته نه ڪر، ان کي اسان جو مائٽ ئي سمجهه ۽ پهرين ان تي ويزا لڳڻ کتي ٿي.“ نول هن کي منهنجو پاسپورٽ اسلام آباد واپس موڪليندي لکيو.

”نول اهو ته مسئلو ٿي پيو“ مون کي جڏهن خبر پئي ته مون نول کي ملتان فون ڪيو. ”ٻين کي ته گروپ جي صورت ۾ ملي وئي هاڻ منهنجي اڪيلي جي حالت ۾ انڊيا جو سفارتخانو انڪار نه ڪري.“

”توهان فڪر ئي نه ڪريو، توهان جي پاسپورٽ تي پنجن سالن جي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ جاپان جي Multiple ويزا ڏسي انڊيا جي ويزا جو يڪدم ٺپو هڻي ڇڏيندا.“ نول دلداري ڏني جو آئون هاڻ ذهني طرح انڊيا هلڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو هوس ۽ انڊيا گهمڻ ۽ سفر نامو لکڻ لاءِ هي سٺو موقعو هو. انڊيا جهڙي ملڪ ۾ اڪيلو وڃڻ کان مون به ڪترايو ٿي ۽ هينئر گروپ ۾ هلڻ ٿي رهيو هو جيڪو گروپ هڪ ڌارين جو نه پر پنهنجن جو ئي هو. جنهن جو هڪ هڪ ڀاتي مون اڳيان ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. انهن جون شاديون ٿيون ۽ انهن جا ٻار وڏا ٿيا، پڙهيا ۽ هاڻ اهي به پيا شاديون ڪن. ۽ ٻي ڳالهه ته هنن جو هندو مذهب سان واسطو هجڻ ڪري مون کي ڪيترين ئي هنڌن جي ريتن رسمن، عقيدن ۽ عبادت گاهن جي ويجهڙائيءَ کان خبر پئجي سگهندي ۽ لکڻ وقت ناانصافيءَ جي Chance گهٽ رهندي، ۽ هن عمر ۾ جڏهن ريل گاڏين، بسين وغيره ۾ سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ ۾ اها ڦڙتي نه رهي آهي اتي نول وارن جا ننڍا ڀائر ۽ انهن جو نوجوان اولاد منهنجي مدد ڪندو ۽ واقعي هنن سڀني منهنجو هر وقت خيال ڪيو ٿي. سامان کڻائڻ ۾ ته ڇا هوٽلن ۾ رهائش دوران يا پڪنڪ ۽ شادين جي دعوتن ۾ مون کي اٿڻو نٿي پيو، هر هڪ مون کان اچي پڇيو ٿي ته ڪجهه کپي ته هو کڻي اچن. يا مون کي اڪيلو ڪمري ۾ ويٺل ڏسي اچيو ڪچهري ڪن ۽ پڇن ته انڪل بور ته نه پيا ٿيو. ايتري قدر جو مون کي ٻه ٽي دفعا نول کي دانهن ڏيڻي پئي ته يار هي تنهنجا مائٽ مون پاران اجايو ٿا پريشان ٿين، تون کين ٻڌاءِ ته آئون گهر ۾ به هڪ هنڌ اڪيلو ويٺو لکندو پڙهندو آهيان ۽ مون کي نه کاڌي پيتي جو شوق آهي ۽ نه ڪچهريءَ جو.

بهرهال اهي ته ٿيون پوءِ جون ڳالهيون باقي ويزا دوران مون کي ته ائين ٿي لڳو ته انڊيا جي سرزمين تي خبر ناهي پير رکڻ نصيب به ٿيندو يا نه. ويزا لڳي آئي ته خبر پئي ته منهنجي ئي فارم تي سفر ڪرڻ جي طريقي جو ٺپو لڳڻ وسري ويو آهي ته آيا باءِ بس ويندس يا باءِ ايئر. سو هڪ دفعو وري منهنجو پاسپورٽ ۽ فارم نولراءِ کي انڊين سفارتخاني ۾ جمع ڪرائڻو پيو جيئن By Bus جو ٺپو هڻي ڏين. مون بس ۾ گهڻن سان وڃڻ چاهيو ٿي جيئن آئون کڻي ٻين سان ڪچهري نه ڪريان پر ٻين جو ڳالهيون ۽ چرچا ڀوڳ ٻڌندو هلان ۽ ٻي ڳالهه ته لاهور کان امرتسر ۽ اڳتي دهليءَ تائين دنيا جي مشهور ۽ پراڻي روڊ Grand Trunk Road  تان بس ۾ هلڻو هو. هن تاريخي  روڊ بابت ڪجهه سٽون اڳيان هلي ڪٿي لکان ٿو.

انڊيا جي ڌرتي تي پير رکڻ جي اميد ويتر گهٽ ان وقت به ٿي وئي جڏهن پاڪستان جو بارڊر ٽپڻ کان اڳ اسان جو اميگريشن ۽ ڪسٽم وارن سان واسطو پيو. ايئرپورٽ تي ته ڪلاڪ اندر ٻه ٽي اڏامون اچيو وڃن ۽ هر اڏام مان ٻه ٽي سؤ ماڻهو لهن ٿا. روزانو ايترن ماڻهن کي اتي بيٺل اميگريشن ۽ ڪسٽم وارا آرام سان منهن ڏيو وڃن ۽ هيڏانهن لاهور ڏي سڄي ڏينهن ۾ هڪ بس ٿي لنگهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ پنجاهه ماڻهو ڪي مس ٿا ٿين پر اسان کي ڇا ته ڪسٽم ۽ اميگريشن وارن تنگ ڪيو. سڄو ڏينهن ۽ رات ٽرين ۾ سفر ڪري ڪراچيءَ کان لاهور رات جو هڪ بجي پهتا هئاسين ۽ پورن ٽن ڪلاڪن بعد (يعني صبح جو چئين بجي) پاڪستان ٽورزم ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ بس لاءِ آيا هئاسين جتان پوري ڇهين بجي بس رواني ٿئي ٿي. پورا ٻه ڪلاڪ اتي جو منجهيل عملو خبر ناهي پوليس کاتي طرفان هو يا ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان. ڪڏهن بئگون توريندا رهيا ته  ڪڏهن بئگون کولرائيندا رهيا.

”بئگن ۾ يا هٿن ۾ جيڪي ڪئميرائون اٿانوَ انهن مان بيٽري سيل ڪڍي جمع ڪرايو... سامان جي هر بيگ تي Tag لڳائي ائڊريس لکو... سامان هن ڪنڊ ۾ ڪري رکو هاڻ هن ڪنڊ ۾ رکو.. سامان مان ڪوبه ننگ هٿ ۾ نه کڻو... کين ئي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا چاهين ٿا... بهرحال اهو ته صاف ظاهر هو ته هنن کي ڪجهه خرچي کپي جيڪا اسان نٿي ڏيڻ چاهي. آخر اسان مان ڪن همراهن هنن کي چيو ته ”هي سڀ ڄڃ جا ماڻهو آهن ۽ توهان جي پنجاب جي انڪم ٽئڪس ڪمشنر جا ڀائر ڀيڻو ۽ انهن جا ٻار آهن.“ ان بعد خبر ناهي ان دڙڪي ڪري يا شايد ان ڪري به ته ڇهه ٿي ويا هئا ۽ بس کي هر صورت ۾ لاهور ڇڏڻو هو، سو اسان جو سامان جلدي جلدي بس ۾ رکايو ويو. باقي هنن ٻه ڪلاڪ اسان کي جيڪو اجايو ڊوڙايو ۽ اڳيان واگها بارڊر وٽ جيڪو اسان جو تيل ڪڍيو ان اسان کي پويان پير ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

واگها ڪسٽم وارن کي چيوسين ته بيگن جي چيڪنگ ته ويهه منٽ کن اڳ لاهور ۾ ٿي وئي وري ڇوٿا کوليو؟

”اها سيڪورٽي خاطر پوليس ڪئي.“ هنن وراڻيو ”۽ هاڻ اسان ڪسٽم جي خيال کان چيڪ ڪنداسين.“

انهيءَ دوران هنن جو ننڍو عملو (سپاهي) اسان کي في پاسپورٽ هزار روپيه سندن آفيسرن کي خرچي طور ڏيڻ جي ”سهڻي صلاح“ ڏيندو رهيو. جنهن تان هنن هڪ روپيو به لهڻ نٿي چاهيو.

”آخر ڇاجي لاءِ چاليهن ماڻهن جا چاليهه هزار ڏيون.“ نولراءِ جي ناٺي شمن لال رڙيون ڪري چيو. نول ۽ ٻيا ڪجهه گهوٽ سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ انڊيا باءِ ايئر هليا ويا هئا، شمن اسان جو ليڊر ٿي پئي هليو ۽ في الحال خرچ پکو هلائڻ لاءِ هن کي نولراءِ انچارج ڪيو هو، شمن کين چيو ته ” ڀلي بئگون کوليو اسان کي اعتراض ڪونهي.“ جيتوڻيڪ اسان نٿي چاهيو ته اجايوبئگون کولين جو کولڻ بعد انهن کي بند ڪرڻ جي تڪليف ٿئي ٿي باقي ٻي ڪابه اهڙي شيءِ ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻ جهڙي نه هئي. اها ڳالهه هنن به سمجهي ٿي ۽ اسان به. ۽ هي ڪسٽم جو عملو ايڏو سست هو جو کانئن به اهو نٿي پڳو ته کڻي بئگون کولين. بهرحال في الحال ان ڳالهه کي پاسيرو رکي هاڻ اسان کان فارين ڪرنسي پسئن جو پڇڻ لڳا.

”توهان کي معلوم هجڻ کپي ته هڪ هزار روپين کان مٿي نٿا کڻي سگهو.“ ڪسٽم جي هيٺين عملي بئگن اڳيان بيٺل مردن، عورتن ۽ ڇوڪرين کي چيو. کين اهو معلوم ٿي چڪو هو ته هي هندو ڌرم جا پاڪستاني (شايد دڪاندار) انڊيا پيا وڃن پر هنن کي اها خبر نه هئي ته هن ۾ پروفيسر بسنت جهڙا 19 هين گريڊ جا آفيسر، ادا گلاب راءِ جهرا رٽائرڊ سرجن/ ڊاڪٽر ۽ سندس ڀائيٽو اريگيشن جو انجنيئر رانا اوڏ ۽ ٻيا ڪيترا مرد، عورتون ۽ ويندي ڇوڪريون ليڪچرر، ٽيچر، ڊاڪٽر ۽ سرڪاري آفيسر آهن. بهرحال ان پئسي جي ڳالهه تي مردن کان وڌيڪ اڳيان بيٺل عورتن ڪسٽم جي سپاهين کي چيو ته ”ڇو؟ ڀائيٽي جي شاديءَ تي مهيني لاءِ پيا وڃون ۽ پاڻ سان فقط هزار روپيا کڻي هلون؟ ڪٿي آهي اهڙو سخت قانون، اسان کي ڏيکار؟“

اهو ٻڌي سپاهين ۽ سامهون ڪنڊ ۾ چپڙي ڪري ڪرسين تي ويٺل آفيسرن کي في الحال ماٺ لڳي وئي پر وري به  رينگٽ جاري رکيائون، هو ڪو پڪو پهه ڪري آيا هوندا ته ڪنهن طريقي سان ويندڙ مسافرن مان خرچ پاڻي ڪڍڻو آهي ۽ پڪ پنهنجين جوين سان به وعدو ڪري آيا هوندا ته اڄ شاپنگ تي هلجو انڊيا ويندڙ مسافرن کي ڦري اينداسين. پاسي کان بيٺل پيٽارو جي پڙهيل دودي اوڏ مون کي چيو: ڀائيجان! موٽ ته موٽون ههڙي ڪا ٻي ذلالت.“ ۽ سچ ته اهو هو ته آئون به هاڻ پڪو پهه ڪري رهيو هوس جو سڄي عمر سفر ڪرڻ دوران اهڙي بڇڙائي مون نه ڏٺي. مڃان ٿو ته اسان جي ملڪ جي پوليس ۽ ڪسٽم ٻين ملڪن جي پوليس ۽ ڪسٽم کان وڌيڪ ڪريل آهي پر ڪڏهن به ڪراچي ايئرپورٽ يا بندرگاهه ۾ اهڙا آفيسر يا سپاهي نه ڏٺم جهڙا هن بس جي مسافرن کي تنگ ڪرڻ وارا هتي لاهور ۽ واگها بارڊر تي ڏٺم. ۽ هاڻ ڦڏو ته ڦڏو ئي سهي. دودي ۽ مون تماشو ڏسندڙ ڪسٽم آفيسرن کي پنهنجو تعارف ڪرائي ٻڌايوسين ته هيءَ هڪ ڄڃ آهي جنهن ۾ سڀ هڪ فئمليءَ جا ماڻهو آهن ۽ قانوني طرح اجازت سان وڃون پيا، هر هڪ ماڻهو هزار هزار روپيا ڪهڙي قانون هيٺ توهان کي ڏئي. اتي هنن پنهنجو رويو ئي بدلائي ڇڏيو. ”ڪمشنر صاحب جا ڀاءُ اسان جا ڀاءُ آهن ۽ ڪمشنر صاحب ته ڇا اسان لاءِ توهان مان هر هڪ باعث عزت آهي ڪير ٿا پئسا گهرن؟ اهي وڏا ڪميڻا آهن سپاهي. متان ڏنا اٿانو...“ هو چوڻ لڳا.

واهه سائين واه ۽ هنن ڪسٽم جي سپاهين هي جيڪو ڪلاڪ ڏيڍ سندن اکين اڳيان ۽ سندن آشيروادن سان اسان کي بيزار پئي ڪيو اهي ڄڻ سندن سپاهي نه پر ٻي ڪا غيبات هئي. بهرحال اسان جي جان ڇٽي سامان ٻئي پاسي انڊيا ڏي ٽپايو ويو ۽ ان سان گڏ اسان کي پڻ. پئسي ڏيڻ بنا جان ڇڏائڻ ۾ اسان خوشي محسوس ڪئي، پر فقط چند منٽ. خبر پئي ته آخر ۾ ايندڙ همراهن کان مڙيئي منٿ ميڙڪ ڪري سؤ روپيا في ماڻهو ورتائون جيڪي پوءِ اسان ڦوڙي ڪري پئسا ڏيندڙ کي ڏنا ۽ خوشي ٿي ته پنهنجي ملڪ جي ڄرن مان جان ڇٽي ۽ هاڻ انڊيا گهمڻ جو آسرو ٿيو.

انڊيا پاسي واري عمارت ۾ انڊيا حڪومت جي پوليس ۽ ڪسٽم جو عملو هو. ڪيترا ته ڏاڙهين مان لڳو پئي ته سک هئا. جيڪي مون وانگر هن Route ذريعي انڊيا ويندا هوندا اهي چڱي طرح محسوس ڪري سگهندا هوندا ته اسان جي ۽ انڊيا جي ڪن ادارن ۽ ماڻهن ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي. انڊيا پاسي واري عمارت ۾ باٿ روم به صاف سٿرا هئا ته پيئڻ لاءِ ڪولرن ۾ به ٿڌو پاڻي هو. جنهن هال ۾ اسان کي انتظار ڪرڻو پيو ان جي ايئرڪنڊيشنرن به ڪم ڪيو پئي. اميگريشن وارو آفيسر سڀني کان پاسپورٽ وٺي هڪ هڪ تي ٺپا هڻي ان همراهه کي سڏ ڪري واپس ڪري رهيو هو ۽ پوءِ اهو مسافر ڪسٽم لاءِ ڀرواري ڪمري ۾ ويو ٿي، جتي ٻه ڄڻا ڪسٽم آفيسر سامان چيڪ ڪري رهيا هئا. انهن جا سپاهي اسان کي Harass ڪرڻ بدران پنهنجن آفيسرن سان گڏ بيٺا هئا، سک ۽ پنجابي هندو مزدورن اسان جي ٻڌائڻ تي اسان جون پيتيون ڪسٽم وارن اڳيان رکيون ٿي ۽ هنن چاڪ سان Okay ڪيو ٿي. ڪنهن ۾ شڪ ٿي ٿين ته اهو دور ڪرڻ لاءِ هنن پيتي کولڻ لاءِ چيو ٿي. مڃان ٿو ته انڊيا جي پوليس ۽ ڪسٽم ڪي فرشتا نه آهن هو به ڪٿي ڪٿي چار پئسا رشوت ضرور وٺندا هوندا پر ائين سڪڻن ۽ جکڻن اسان جي ماڻهن وانگر نه جن جي افعالن مان لڳو ٿي ته ڄڻ اڄ آخري ڏينهن آهي سڀڻا ٻيو ڏينهن ٿيڻو ئي نه آهي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هنن کي اڄ ٿيلهي پئسن جي کڻي پنهنجي زال وٽ پهچڻو آهي، نه ته ٻي صورت ۾ هوءَ پنهنجي يار سان ڀڄي ويندي. اسان جي پوليس ۽ ڪسٽمس جو هڪ ٿڪل ۽ پريشان مسافر سان ڪيل خراب برتاءُ هن جي ڪيڏي دل آزاري ڪري ٿو. اهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي ڌارين ماڻهن کي اسان جي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ دل شڪتو ڪن ٿيون. اسان جي حڪومت ٽوئرزم جي کڻي ڪيتري به پرچار ڪري ٿي پر ڌاريان ايندي گهٻرائين ٿا. اهي ڳالهيون سوچي دل چوندي آهي ته انڊيا پاڪستان جا بارڊر کلن ته سٺو ۽ اسان جا ماڻهو ڪجهه پاڙي وارن ملڪن کان به سکن نه ته جيئن انڊين چئنلن کان اڳ اسان جي ماڻهن اهوئي سمجهيو ٿي ته دنيا ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني فقط اسان جون ڍڳين مينهن جهڙيون فلمي ادارڪارائون انجمن آرائون ۽ سنگيتائون آهن يا جيئن بين الاقوامي چئنلن تان ڪشتي جا پروگرام نه اچڻ کان اڳ اسان جي ماڻهن کي اهوئي دماغ ۾ هو ته سڄي دنيا ۾ پهلوان ۽ طاقتور ٻڪرو گوشت جو ۽ ڇهه گلاس لسيءَ جا پيئڻ وارا فقط ڀولو ۽ اڪرم آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org