سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: بدن ۽ ان جو ڪم

باب: --

صفحو :1

بدن ۽ ان جو ڪم

علي مرتضيٰ ڌاريجو

جسم ڇا آهي؟

 

دنيا ۾ لکين ڪروڙين جسم آهن. مان به هڪ جسم آهيان، جانڻ جو جسم. هونئن ته مون کي انسان سڏيو ويندو آهي، پر سائنسي دنيا ۾ منهنجو توڙي منهنجي زال مريم جو نالو هوميوسيپين يعني سياڻو ماڻهو يا سياڻو جسم پڻ آهي. اسين انسان هن ڌرتيءَ تي گذريل لکين سالن کان رهندا چون. منهنجي عمر 29 سال ۽ مريم جي عمر 26 سال آهي. مان انهن جسماني ٽولين سان واسطو رکان ٿو، جنهن ۾ گوريلا، چمپانزي، ڀولڙا ۽ باندر اچي وڃن ٿا، پر مان انهن سڀني جسمن کان ڪن حالتن ۽ ڳالهين ۾ الڳ آهيان، ڇو ته الله تعاليٰ مون کي جيڪي خوبيون ڏنيون آهن، سي ٻين جسمن ۾ ڪونه آهن. مان بلڪل پورو ۽ سڌريل جسم آهيان. آءٌ سڌو هلي سگهان ٿو، منهنجا هٿ بلڪل آزاد آهن، جي ڪم ڪار ۾ منهنجي مدد ڪن ٿا ۽ شيون جوڙي سگهن ٿا. مان ڳچ وقت تائين ٽنگن تي بيهي ۽ هلي سگهان ٿو. منهنجو ميڄالو ٻين سڀني جسمن جي ميڄالن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ذهين ۽ عقلمند آهي.

مون کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهن مان پهريون حصو منڍيءَ وارو اٿم، جنهن ۾ مٿو، ميڄالو، مُنهن، اکيون، نڪ، ڪن، چپ ۽ وات اچي وڃن ٿا. ٻئي حصي ۾ ڍڍر يا ڌڙ اٿم، انهيءَ ۾ هٿ، ٻانهون، سينو، پيٽ ۽ چيلهه آهن. منهنجي پيٽ ۾ وري ڪيترائي سرشتا آهن، جيڪي جيئرو رهڻ لاءِ منهنجي مدد ڪندا آهن. انهن سرشتن ۾ کاڌي، هوا ۽ رت جا مکيه سرشتا آهن. منهنجو ٽيون حصو چيلهه کان هيٺ پولهه وارو آهي، جنهن ۾ ڄنگهون ۽ پير آهن.

گهرڙا

  جيئن ڪا وڏي جاءِ گهڻين سرن مان جڙيل هوندي آهي، تيئن آءٌ به، يعني منهنجا ٽي ئي حصا، ننڍن ننڍن پتڪڙن ذرڙن جا ٺهيل آهن، جن کي جزا يا گهوڙا سڏجي ٿو. مان جانڻ جي جسم جو هڪ گهرڙو آهيان. اسان ڪل سٺ ارب آهيون. مان ايترو ته ننڍڙو ۽ پتڪڙو آهيان، جو مون کي ائين ڏسي نٿو سگهجي. مون کي ڏسڻ لاءِ توهان کي خوردبينيءَ جي ضرورت پوندي. اسين جڏهن لکين ڳنڍبا آهيون، تڏهن سئيءَ جي مٿي تي ظاهر ٿيندا آهيون. منهنجو قد – بت ۽ شڪل شبيهه به ٻين کان مختلف ٿئي، جو اسان مان ڪن جو الڳ ڪم ٿئي، ڪن جو الڳ ۽ ٿيون به الڳ الڳ هنڌن تي. مان جڏهن جانڻ جي اک ۾ هوندو  آهيان ته اتي سرائيءَ جهڙو هوندو آهيان ۽ اتي اسان پنجويهه ڪروڙ آهيون، ۽ اسان جو ڪم ٻاهرين شين جا فوٽو دماغ تائين پهچائڻ آهي، ته جيئن جانڻ ڏسي سگهي. ساڳئي نموني سان جڏهن مان جانڻ جي هٿ ۾ هوندو آهيان، تڏهن جانڻ کي ڇُهڻ جي خبر ڏيندو آهيان، ته جيئن کيس اها خبر پوي ته ڪهڙي شيءِ گرم ۽ ڪهڙي سرد آهي.

انهيءَ کان سواءِ جانڻ کي جڏهن به طاقت ۽ خوراڪ جي ضرورت پوندي آهي ته کيس اها به پهچائيندو آهيان. اها طاقت مان پنهنجيءَ هڪ ڪيميائي رس ذريعي موڪليندو آهيان، جيڪا اي - ٽي - پي جي نالي سان مشهور آهي. اها جانڻ جي دل کي ڌڙڪڻ، اک ڇنڀڻ ۽ ٻين اهڙن ڳالهين ۾ مدد ڏيندي آهي. اها طاقت ۽ اهو راز منهنجي هڪ ڪيميائي رس ۾ آهي، جنهنڪري جانڻ جڏهن پنهنجا ٻار ڄڻيندو ته انهن ۾ به هن جھڙا گڻ هوندا. اهي سڀ گڻ مان پنهنجيءَ ڊي - اين - اي جي وسيلي اماڻيندو رهندو آهيان جيڪو منهنجو هڪ خاص جزو آهي.

 

چمڙي

مان جانڻ جي چمڙي آهيان ۽ مٿي کان پيرن تائين سندس جسم کي ڍڪيان ٿي ۽ انهيءَ کانسواءِ جانڻ جي جسم جي بچاءَ لاءِ ننهن ۽ وار به ٺاهيندي آهيان. منهنجي ٿولهه انچ جي 25 حصي کان اٺين حصي تائين ٿئي .منهنجا ٻه تَهه آهن: هڪڙو هيٺيون ۽ ٻيو مٿيون. مون کي مٿئين تهه ۾ رت ناليون نه ٿين، انهيءَ ڪري مون کي جيڪڏهن هن تهه ۾ چير ڏبو ته رت نه وهندو. منهنجو هيءُ حصو لڳاتار گسندو، ڳرندو ۽ مٽبو رهندو آهي. مان پنهنجا گسي ويل حصا 27 ڏينهن ۾ ٻيهر ٺاهي تيار ڪندي آهيان. منهنجا ٽڪرا انهيءَ ڪري لهندا ۽ ڳرندا  ويندا آهن،  جو جانڻ وهنجندي ۽ ڪم ڪار ڪندي منهنجو گھڻو خيال نه رکندو آهي. مان جانڻ لاءِ هڪ وڏي ڪارائتي شيءِ آهيان، جو کيس سونهن ڏيڻ کانسواءِ، هن لاءِ ”وٽامن ڊي“ پڻ تيار ڪندي آهيان.

منهنجي هيٺئين حصي ۾ وري پگھر جا غدود ٿين، جنهن سان مان جانڻ جي جسم جو گرمي پد مناسب رکڻ لاءِ سندس پگھر، بخار جي صورت ۾ ڪڍندي رهندي آهيان، ته جيئن کيس گرمي ۽ سرديءَ کان تڪليف نه پهچي. مون کي اٽڪل روءِ ٻه ملين پگھر جا غدود ٿين ۽ انهن جي ڪري ئي مان گرميءَ جو درجو 4ء98 فيرن هائيٽ رکندي ايندي آهيان. هونئن نه ته جانڻ مري وڃي.

منهنجي هن تهه ۾ رت جون ناليون ٿين، جيڪي مونکي کاڌو پهچائينديون رهنديون آهن. هن تهه ۾ مون کي چير ڏبو ته رت وهي پوندو. مان هن حصي مان وار به پيدا ڪندي رهندي آهيان. هن تهه ۾ سڻڀ جا غدود به اٿم، جيڪي مون کي سڻڀو، نرم ۽ سهڻو رکندا ايندا آهن.

وار

مان جانڻ جو وار آهيان. آءٌ سندس سونهن وڌائڻ ۽ بچاءَ لاءِ آهيان. مان جڏهن نَڪ ۾ هوندو آهيان، تڏهن هو اسان سان گڏ ايندڙ جيت جڻين ۽ مٽيءَ کي ڇاڻي ڇڏيندو. ڪَن ۾ به ساڳئي قسم جو ڪم ڪريان. اک کي به بچائيندي آهيان ته جيئن ڪو ڪک پَن ٽپي نه منجھس پوي، انهي حالت ۾ هڪدم ٻوٽجي، اک ڍڪي ڇڏيندو آهيان،  ان ڪري مون کي اک جا ڇپر به ڪوٺين. اسان جانڻ جي مٿي تي هڪ لک کن ۽ ڏاڙهيءَ ۾ ٽيهه هزار کن آهيون. آءُ هر سال کان کاڏيءَ وٽ اٽڪل ساڍا پنج انچ ۽ مٿي تي پنج انچ نڪرندو آهيان. مان جڏهن مٿي ۽ ڪڇن ۾ هوندو آهيان، تڏهن جانڻ کي گرمي پهچائيندو آهيان، ان کان سواءِ منهنجي ڪري جسم جو گاٺ کان به بچاءُ ٿيندو آهي.

مون کي پاڙ به ٿئي ته مٿو به. پاڙ هميشه چمڙيءَ جي هيٺئين  تهه ۾ رهندي اٿم ۽ مٿو سدائين چمڙيءَ کان ٻاهر. منهنجو رنگ ڪارو آهي. هونءَ ته منهنجا به ڪيترائي رنگ ٿين.

هڏا

آءُ جانڻ جو هڏ آهيان. سندس هر قسم جي مدد ڪندو آهيان.  مان ۽ منهنجا ٻيا ساٿي، جيڪر نه هجون ته جانڻ نه رڳو گوشت جو ڍير هجي ۽ گھمي ڦري نه سگھي، پر ٿوري ڌڪ لڳڻ سان هوند مري وڃي. اسان سندس ميڄالي، دل، ڦڦڙن ۽ اکين جو بچاءُ ڪندا آهيون. انهي کان سواءِ اسان سندس جسم کي سهڻو ۽ ڊولائتو پڻ بيهاريو آهي. اسان سندس جسم ۾ 206 کن آهيون. اسان سخت آهيون ۽ مڙي به نٿا سگھون. اسان جو کاڌو گھڻوڪري ڪيلشم ۽ فاسفورس هوندو آهي. آءٌ جانڻ جي جسم مان 100 مان 99 حصا ڪيلشم ۽ 100 مان 88 حصا فاسفورس حاصل ڪندو رهندو آهيان. انهيءَ کان سواءِ ٽامون، ڪوبالٽ ۽ ٻيون معدني شيون پڻ حاصل ڪندو رهندو آهيان. جانڻ جي رت جا ڳاڙها جزا هڪ منٽ ۾ ارڙهن لک مرندا رهندا آهن، اهي جيري ۽ تليءَ کان پوءِ گھڻي کان گھڻا مان ئي پنهنجي مِک مان ٺاهي، کيس پهچائيندو رهندو آهيان. منهنجي مِک ڳاڙِهي به ٿئي ته ڦڪي به،  جڏهن ۽ جتي ڦڪي هوندي اٿم، اتي سڻڀ پيدا ڪندو آهيان ۽ منهنجي ڳاڙهي مِک وري رت جا ڳاڙها جزا ٺاهيندي آهي.

اسين ڪن هنڌن تي تي چُري پرِي سگھون ته ڪن هنڌن تي اصل ئي ڪون چُرون. اسان جڏهن مٿي ۾ هوندا آهيون ته اتي اَٺ تراکڙا هڏا ٿيون  ۽ اصل چري پري نه سگھون ۽ اتي گڏجي ميڄالي جي سنڀال ڪريون ته جيئن کيس ڌڪن ڌومن کان سلامت رکي سگھون. اسين منهن ۾ چوڏهن ڄڻا آهيون، جن مان رڳو اسان جو هيٺيون ڄاڙيءَ وارو سنگتي چرندو پرندو آهي. اسين اکين لاءِ ٻه کوپا، نڪ جا سوراخ ۽ ڏندن جون قطارون پڻ آهيون. ڪياڙيءَ کان ويهڪ جي جاءِ تائين گڏجي جانڻ جو ڪرنگھو ٺاهيون، جنهن ۾ اسين ڪل ٽيٽيهه ڄڻا آهيون، انهيءَ جي آخر ۾ دُمچي  ۽ ان کان ٿورڙو مٿي ڍونگريءَ جي نالي سان سڏجون.

اسان مان وڏي ۾ وڏو يار سٿر وارو هڏو آهي، جنهن جي مٿئين پڇڙي گول آهي ۽ ڪُک واري  يار جي پيالي ءَ ۾ پيل آهي. اسين ٽنگ ۾ ٻه ڄڻا ٿيون، جن مان هرهڪ گوڏي وٽ، ٻئي ساڻ ملي سَنڌ ٺاهيون ۽ گوڏي جي اڳيان مٿان هڪ چپڙيءَ جھڙي هڏي هوندي آهي، جنهن کي ڍڪڻي چون. اسين کڙيءَ  ۾ لڪ سوڌا ست ننڍا، پَٻ ۾ پنج، پير  جي آڱرين ۽ ٽِڻين ۾ چوڏهن ڄڻا آهيون.

اسان جي ٻين ڀائرن جو ڳاڻيٽو هن طرح آهي:

ڇاتيءَ  وارا يا سيني جي تاڪي، جنهن ۾ پاسرين جا منڍ چنبڙيل آهن.

پاسرين جا، جيڪي ڪل چوويهه آهن ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي ۽ سيني جي تاڪيءَ سان ملي ڀانڊو ٺاهين ٿا، جيئن جسم جا نازڪ عضوا ان ۾ ڌڪ ڌومي کان محفوظ رهن.

 ٻانهن جا، جن ۾ ٻه هسليءَ جا، ٻه ڏورٺيءَ جا، ٻه ڪلهي جي ڦڻيءَ وارا، ٻه ڏوري وارا،  چار ٺونٺين کان ڪراين وارا،  سورهن ڪرائيءَ وارا، ڏهه هٿن جي ترين وارا ۽ اٺاويهه آڱرين وارا  اچي و‎ڃن ٿا.

اسين گھڻا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ اچي اهڙي نموني ملندا آهيون، جو انهيءَ جو هنڌ تي سَنڌ ٺهيو پوي. منهنجا هڪڙا سَنڌ اهي آهن، جيڪي چري  پري ڪونه سگھن، جيئن مٿي جي هڏي جا سَنڌ. ٻيا اهي آهن، جيڪي چري پري سگھن. اهڙن سَنڌن ۾ اسين هڪ ٻئي سان جڙيل نه ٿيون، پر پڇڙيون مضبوط پٽن سان اهڙي نموني ٻَڌل ٿين، جو اسان هڪ ٻئي تي وري سگھندا آهيون. ويچار جي ڳالهه آهي ته ڪئين ڀيرا جانڻ سان سَنڌ چوريندو آهي ته به اسان ۾ ڪا اٽڪ نه ٿئي ۽ نه ئي آواز ڪريون. اهو انهيءَ ڪري جو اسان سَنڌن ۾ هڪ پردو ٿئي ٿو، جيڪو سڻڀ جوڙيندو اسان کي تيل ڏيندو رهندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: