سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: سچل تي ببليو گرافي

باب: --

صفحو :3

 

13 ــــ لاڙڪ، هادي بخش

سچل سرمست (تقرير) هادي بخش لاڙڪ.ـــــــــــــــ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيل تقرير. مؤرخه 13مارچ 1969ع.

قلمي صفحا؛ 8

مملوڪه: هادي بخش لاڙڪ، خيرپور ميرس.

 14 ـــ لاڙڪ، هادي بخش

سپاسنامه / هادي بخش لاڙڪ.ــــــــــــــــــ سن 1960ع کان 1980ع تائين سچل سرمست جي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل سپاسنامن جو فائيل.

مملوڪه: هادي بخش لاڙڪ، خيرپور ميرس.

 15 ــــ مختيار شيخ، مس

سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي جون سماجي ۽ ادبي خدمتون. مس مختيار شيخ. ـــــ ايم ــ اي. سنڌي لاءِ مونوگراف. سال 1971ع

31 س. م.   ؛     79 ص.

مملوڪه:  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(حواله صفحو 4)

 16 ـــ مخدوم، الله بخش.

تذڪره مخاديم کهڙا. / مخدوم الله بخش. ـــــ کهڙا. قلمي

؟ س. م.    ؛    ؟ ورق

مملوڪه:  سنڌ يونيورسٽي لائبريري.

(هن فارسي تصنيف ۾ سچل سرمست جو حوالو درج آهي.)

 17 ـــ مخدوم محمد عاقل ثالث

تاريخ آئينه جھان نما/ مخدوم محمد عاقل ثالث. ـــــــ کهڙا.

؟ س. م.    ؛    ؟ ورق

مملوڪه ؛ مخدوم نيڪ محمد، کهڙا.

(هن فارسي تصنيف جي صفحي تي سچل سرمست جو ذڪر آيل آهي.)

18 ــــ مسڪين، علي نواز ۽ ٻيا.

قائم فقير ۽ ٻين جي ڪلام جو بياض. علي نواز مسڪين ۽ ٻيا . ــــــــ سن 1334 هه (1912ع)

55 س. م.    ؛    54 ورق

 مملوڪه ؛ محمد علي حداد ـــ خيرپور ميرس.

ڪيفيت: هي بياض اڳين وقتن جي کنڌي وارن ڪتابن واري سائيز جو آهي. لکندڙ به گھڻا ٿا سمجھ ۾ اچن. پر عام طرح ’مسڪين‘، مراد علي ۽ فقير صحبت علي جا نالا به لکيل آهن.

هن ڪتاب ۾ گھڻي ڀاڱي قائم فقير علي شر جو ڪلام آهي پر ڪجهه ٻين شاعرن جو ڪلام به درج ٿيل آهي.

سچل سرمست جي هڪ سنڌي مرثيه جا 50 بند ۽ عبدالقادر جيلاني جي شان ۾ هڪ منقبت لکيل آهي.

 19 ـــ معشوق، نظر محمد

فارسي بياض/ نظر محمد معشوق ــــــ سن 1898ع

30 س. م.    ؛    141 ورق

مملوڪه: غلام علي مغل. شڪارپور

هن بياض ۾ سچل سرمست جون هيٺيون ٽي مثنويون متنازعه بحر طويل لکيل آهن. 1 ـــ راز نامه 2 ـــ عشق نامه 3 ــــ رهبر نامه.

هن بياض کي شڪارپور جي ساڪن ’نظر محمد، سگ دراز‘ لکيو آهي ۽ عبدالغفور نالي هڪ شڪارپور صاحب جلد بندي ڪئي آهي.

 20 ـــــ ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سچل ڪوئز/ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ــــــ لاڙڪاڻو.

سن 1981ع

81 س. م.    ؛    75 ص

فهرست: ڀاڱو پهريون ـــــ سچل سرمست جا جلد امجد. 2 ـــ سرمست آهي. 3 ـــ سوانح حيات. 4 ـــ سچل سرمست جو ڪلام.

ڀاڱو ٻيو ــــــــ سچل سرمست جا سوانح نگار؛ 1 ـــ آغا صوفي 2 ــ ڄيٺمل پرسرام 3 ـــ خانبهادر محمد صديق ميمڻ 4 ـــ ڊاڪٽر عطا محمد حامي 5 ـــ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 6 ـــ رشيد احمد لاشاري 7 ــ سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي فقير 8 ـــ عثمان علي فقير 9 ـــ فقير نانڪ يوسف 10 ـــ فقير هدايت علي نجفي تارڪ 11 ـــ قاضي علي اڪبر درازي 12 ـــ ڪلياڻ آڏواڻي 13 ــ لطف الله بدوي 14 ـــ لعل چند امر ڏنو مل 15 ــ مخدوم الله بخش کهڙوي 16 ـــ مرزا علي قلي بيگ 17 ــــ مولانا دين محمد وفائي 18 ـــ مولوي صادق راڻيپوري 19 ـــ ميمڻ عبدالغفور سنڌي 20 ـــ نماڻو فقير

ڀاڱو ٽيون؛ سچل سرمست رحمت الله هفت زبان شاعر.

ڀاڱو چوٿون؛ متفرقه ؛ 1 ـــ بيت 2 ــ جھولڻو 3 ـــ چشتي 4 ــ چلو 5 ــ سنت 6 ــ فرقو 7 ــ درازا 8 ــ ديوان 9 ـــ سر مست 10 ــ سماع 11 ــ سهروردي 12 ـــ شريعت 13 ـــ طريقت 14 ـــ 15 ــــ قادري ـــ 16 ـــ ڪافي ــــــ 17   ـــ گھڙولي 18 ـــ مثنوي 19 ـــ مخدوم 20 ـــ مرثيو 21 معرفت 22 ــ نقشبندي 23 ـــ وجد 24 ـــ وحدت 25 ــ همه از اوست 26 ـــ  همه اوست

(ڇپائيءَ لاءِ بلڪل تيار ڪاپي مون عبدالغفور صاحب کان ملي.)

 

21 ـــــ ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اڻويهين صدي جا نثر نويس / ميمڻ عبدالغفور سنڌي ــــــــــ

ڊي. فل. لاءِ تيار ٿيندڙ ٿيسز.

28 س. م.    ؛     800 ص (تخمينا)

مملوڪه ؛ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ــــــ لاڙڪاڻو.

(حوالو: ص 159 ـــ 160)

 

22 ـــ ميمڻ عزيز الله

خيرپور ضلع جي ادبي تاريخ ۽ ثقافت/ عزيز الله ميمڻ ـــــ

ڊي. فل. لاءِ تيار ٿيندڙ ٿيسز. سال 1980ع

28 س. م.    ؛    712 ص

مملوڪه:  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(حوالو: 249، 326، ـــ 327، 361، 366، ۽ 367 ص)

 

23 ـــ نامعلوم

سچل سرمست ۽ ان جي همعصر شاعرن جي ڪلام جو بياض/ نامعلوم

22.5 س. م.    ؛    256 ص

مملوڪه: پبلڪ لائبريري خيرپور.

ڪيفيت: هن بياض ۾ ڪل 24 شاعرن جون ڪافيون شامل ٿيل آهن؛ جن ۾ شاهه، روحل، بلا شاهه، شاهه حسين، گھرام، گل محمد، نانڪ، مراد فقير، خير محمد وغيره جا نالا خاص طور سان ذڪر جوڳا آهن، سموري ڪلام تي ڪو سن وغيره لکيل ڪو نه آهي.

هن بياض ۾ سچل سرمست جون 147 سنڌي ڪافيون ۽ 111 سرائڪي ڪافيون، 12 اردو غزل ۽ ڪافيون ۽ 7 فارسي غزل درج آهن. انهن مان پنجن فارسي غزلن ۾ ’سچو‘ ۽ ’ڏنو‘ تخلص ڪتب آندل آهي ۽ باقي ٻن غزلن ۾ ’خدائي‘ تخلص استعمال ٿيل آهي.

 

24 ــــ نامعلوم

بيدل ۽ ٻين جي ڪلام جو بياض/ نامعلوم ــــــــــ

19.5 س. م.    ؛    132 ورق

مملوڪه: محمد علي حداد، خيرپور ميرس.

ڪيفيت: هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪاري مس سان ۽ ڪٿي پينسل سان لکيو ويو آهي. هن بياض ۾ تعويذات ۽ طبي نسخن کان علاوه سچل، عثمان يوسف، خير محمد ۽ بيدل فقير جو ڪلام به لکيل آهي. بيدل فقير جو ڪلام گھڻي قدر آهي. سچل سرمست جون ڪافيون لکيل آهن.

 

ـــ نامعلوم

سچل سرمست جون ڪافيون/ نامعلوم

سن؟

؟ س. م.    ؛    ؟ ص

مملوڪه: محمد پناهه ڦرڙو. ضلع نوابشاهه.

ڪيفيت: ؟

 

25 ـــ هادي بخش، فقير

 سچل سرمست جي مثنوين جي منظوم ترجمي جو بياض/

هادي بخش، فقير سگ دربان دراز شريف. سن ؛ 1914ع

33 س. م.    ؛    77 ص

مملوڪه: غلام علي مغل، دادوائي روڊ، شڪارپور

ڪيفيت: هي بياض هادي بخش فقير شڪاپوريءَ جي دوست غلام مصطفيٰ جي هٿ جو لکيل آهي. هن بياض ۾ سچل سرمست جي هيٺين پنجن فارسي مثنوين جو منظوم ترجمو سنڌيءَ ۾ ٿيل آهي.

1 ـــ راز نامه 2 ـــ عشق نامه 3 ــــ رهبر نامه .4 ــ گداز نامه 5 ـــ درد نامه.

هر مثنوي جي آخر ۾ فقير هادي بخش مرحوم جي ترجمي ڪرڻ جي تاريخ ۽ وري فقير غلام مصطفيٰ جي نقل اتارڻ جي تاريخ جو تفصيل به ڏنل آهي.

 

   

26. (A) HADDAD, MUHAMMAD ALI

HISTORY OF KHAIRPUR DISTRICT/ MUHAMMAD ALI HADDAD – KHAIRPUR: 1976.

                33 c. m.; 96 p

In Possession of: Muhammad Ali Haddad; KHAIRPUR

(Ref: on pp: 20; 23; 43; 65; 67 and 79)

 

27. SABIR; MUHAMMAD ZAMIR-UD-DIN.

THE DEVELOPMENT OF PERSIAN MATHNAY/Muhammad Zamiruddin Sabir –

Monograph written for M.A Persian. 1973.

29 c. m.; 84 p

In Possession: Institute of sindhology; Sindh University.

(Ref: p-71 to 73)

 

28. SYED, SHABIR AHMED.

SACHAL SARMAST AND HIS PERSIAN

GHAZALS/ Shabir Ahmed syed – Monograph written for M.A Persian. 1960.

34 cm; 48p.

In Possession: Institute of sindhology; Sindh University.

Contents: Preface-Introduction- biographical-sachal sarmast and his Persian Ghazals. Chapt 1 Domain of his Ghazals chapt 2 Distinctive certibution of Sachal sarmast to Persian Ghazals. Chapt 3 Mysticism and his Persian Ghazals. Chapt 4 A critical appreciation of his Ghazals.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org