سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:1

 

خوابن جي تشريح

سنڌيڪار: بيدل مسرور بدوي

ڇپائيندڙ پاران

يورپ جي معروف ليکڪ سگمنڊ فرائيڊ جو خوابن جي نظرين تي مشتمل جڳ مشهور ڪتاب (THE INTERPRETATION OF DREAMS) پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ اهم ڪتاب ليکجي ٿو، جيڪو سن 1900ع ۾ ڇپيو. سگمنڊ فرائيڊ آسٽرين نيورو لاجسٽ ۽ سائڪو پئٿالاجسٽ هو. سگمنڊ فرائيڊ 6 مئي 1856ع ڌاري آسٽريا ۾ ڄائو ۽ 23 سيپٽمبر 1939ع ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو. هُو پهريون مُحرڪ آهي، جنهن خوابن جي تشريح جو تجزيو ڪري، خواب جي اهميت بابت ڪيترين ئي ڳالهين جو جائزو وٺندي انهيءَ کي ميڊيڪل نقطهء نگاه ۽ تجربن جي بنياد جي حاصل مقصد کي ڀيٽي انهن خواب ڏسندڙ ذهني مريضن جو علاج سائڪالاجسٽ طور تي ڪيو.

سنڌي ادبي بورڊ شروع کان ئي ادب، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت تي اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي. ان کان علاوه پرڏيهي ادب جي ڪيترن ئي معياري ڪتابن جا به بورڊ سنڌيءَ ۾ ترجما ڪرائي، انهن کي شايع ڪري پاڻ ملهايو آهي. هن ڪتاب جي به اهميت ۽ افاديت کي پرکيندي، بورڊ طرفان اُن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرائڻ جو فصيلو ڪيو ويو ۽ سنڌي ترجمي جو ڪم سنڌي ادب جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم محترم بيدل مسرور صاحب جن کي سونپيو ويو، جنهن هِن ڪتاب جو ترجمو خوابن جي تشريح“ جي نالي سان سولي سنڌيءَ ۾ ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو.

محترم بيدل مسرور صاحب پرڏيهي ادب جي هِن معياري لکڻي کي انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي لفظن جو ويس پهرائي، سنڌي ادب ۾ ترجمي جي اهميت ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب ۾ خواب جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ وارا تخليقڪار پنهنجي مشاهدي مان چون ٿا، ته ترجمي ڪرڻ جو عمل ٻيهر تخليق ڪرڻ برابر آهي، تنهنڪري مترجم کي ٻي ٻولي جي فطرت، مزاج ۽ اُن جي ادبي سڀاءَ جي واقفيت هئڻ گهرجي. اِهي سڀ خوبيون هِن ڪتاب ۾ نمايان نظر اچن ٿيون.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺڙائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن.

انهيءَ سلسلي کي مدنظر رکندي، عالمي سطح جي هِن اهم ڪتاب کي بورڊ طرفان شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ به اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي ايامڪاري ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

اميد آهي ته، اسان جي هن ڪاوش کي ادب جي ساڃاهه وندن وٽ ساراهيو ويندو.

26- ربيع الاول 1442هه                                  سيد سڪندر علي شاهه

13- نومبر 2020ع                                           سيڪريٽري

 

خوابن جي تشريح

 

انتساب

 

هن ڪتاب جي ترجمي جو پورهيو

پنهنجن انهن سمورن سپنن جي نالي،

جن ماضيءَ جي يادن کي محفوظ رکيو آهي،

۽ حال ۽ مستقبل جي معاملن کان آگاهي پئي ڏني آهي.

۽ جن سدائين

پاڻ سمجهڻ/سڃاڻڻ جي ساڃاهه پئي ڏني آهي.

۽

فقير مسرور جي سموري (گذاري ويل، جيئري ۽ ايندڙ) ڪهول،

پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين ۽ سندن اولاد جي نالي.

بيدل مسرور

پيش لفظ

 

”مون کي پنهنجا خواب سڻاءِ،

ته مان توکي تنهنجي من اندر جي ڳالهين کان واقف ڪريان.“

                                        (پاف Pafaff)

جاڳ، ننڊ، ۽ خواب

هن سڳوري ڌرتيءَ تي جاڳ؛ جيون آهي يا کڻي ائين چئجي ته ڪائنات ۾ جيترو به جيون نظر ٿو اچي اهو، جاڳ آهي، مطلب ته جيون آهي ته جاڳ آهي، پر جاڳ آهي ته ساڻ ننڊ به آهي. جيڪا وري دنيا جي سمورين نعمتن کان وڌيڪ املهه ۽ پياري آهي، پر اها نعمت ڪڏهن ڪڏهن سسئي جي ننڊ جيان ندوري به ٿي پوندي آهي. ان ڪري ماڻهوءَ کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته وڌيڪ املهه ڪهڙي شيءَ آهي؟ جاڳ يا ننڊ؟

خوابن جي حوالي سان ڏسجي ته خود ننڊ به هڪ عجب قسم جو ”جاڳ جيون“ آهي، پر اهو مسلسل جاڳ وارو امر جيون آهي، ۽ ائين ئي وري قيامت کانپوءِ به هڪ”جاڳ جيون“.

ڪيهي چال چلي ٿو، ڙي جيڏيون يار منهنجو،

وَنَفَخْتُ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِيْ، ساري ڳالهه سلي ٿو،

”سچُو“ سڀڪنهن صورتين، اهڙيءَ طرح هلي ٿو.(1)

ڪائناتن جي سرجيندڙ پنهنجي عظمت ۽ اثبات جو ڪهڙو نه عجب سانگ سجايو آهي، جو هن ڌرتيءَ جي گولي تي، سجاڳيءَ جو عرصو مختصر رکيو اٿس، جڏهن ته ننڊ جي عُمر ان کان وڌيڪ ڊگهي خلقي اٿس، شايد انڪري ”ڏاهن“ ننڊ کي به جاڳ واري حالت (عبادت) ۾ گهاريو آهي. جنهن لاءِ شاهه سائينءَ فرمايو ته:

سي ستا ئي سُنهن، ننڊ عبادت تن جي.

ان جو مطلب ٿيو ته جاڳ، سجاڳيءَ يا بيداري دوران، انساني سوچ ويچار ۽ غور فڪر واري لياقت يا صلاحيت، ننڊ ۾ به جاڳ، جيون جو پاڻمرادو ۽ نهايت تخليقي ۽ تخيلاتي جهان اڏيندي آهي ۽ اهڙيءَ صورت ۾ خود ننڊ به هڪ عجب قسم جي جاڳ جيون جي علامت بڻجي ويندي آهي، پر اها نمونيا، تيز بخار يا شيزيوفرنيا ۽ زنانين بيمارين ذريعي پيدا ٿيندڙ دنيا نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته جديد سائنسي ترقيءَ جي باوجود هاڻي به گهڻا ماڻهو، انهن جسماني ۽ جنسي بيمارين کي جن ڀوت يا شيطاني عمل جو نتيجو يا دشمني يا سڄڻائپ ۾ ڪرايل تعويذن جو ردعمل سمجهندا آهن، جڏهن ته اهي جنسي ۽ ذهني بيماريون هونديون آهن جن جو علاج ممڪن آهي.

”روبرٽ“ (Robert, 1886) لکيو آهي ته ”ذهني تخيلاتي عڪس، دماغ جي وسعت کانسواءِ به خوابن ۾ اڀرندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي تنتي سرشتي جي ترغيب جو نتيجو هجن.

شاهه ولي الله جو خيال آهي ته انسان جي اندر هڪ لطيف بخار موجود آهي، جو انسان جي چئن خلطن جي خلاصي جي پيدائش آهي، اهي چار خلط هي آهن: سودا، صفرا، بلغم، خون: ليڪن انهن ۾ خون جو حصو البت سوايو آهي. ته هن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو ”لطيف بخار“ خون جي خلاصي مان بڻجي ٿو ۽ هي چار خلط وري چئن عنصرن (اربع عناصر) يعني هوا، مٽي، باهه ۽ پاڻيءَ مان جڙيل آهن. هي بخار جو هڪ سفيد ڪوهيڙي مثل هڪ مليل شيءِ آهي سو ساري ڪثيف جسم ۾ پکڙيو پيو آهي ۽ جسم جي هر حصي کي پنهنجي ڪم ۾ لائڻ لاءِ هيءُ ئي جوابدار آهي.

جيستائين اهو انسان يا حيوان جي جسم ۾ آهي تيستائين اهو انسان يا  حيوان جيئرو آهي ۽ اهو جڏهن جسم کان جدا ٿئي ٿو ته انسان مري وڃي ٿو. انهيءَ لطيف بخار کي اسان ”نسمو“ سڏيون ٿا.

موت جي وقت اهو ”نسمو“ آهي جو جسم کان جدا ٿي وڃي ٿو ۽ جنهن سبب موت واقع ٿئي ٿو، اصلي روح جو تعلق پوءِ به نسمي سان قائم رهي ٿو، ”نفس ناطقه“ جي اها هڪ جبلي تقاضا آهي ته سندس تعلق جسم سان اهڙو رهي جهڙو معدني، نباتي، حيواني ۽ انساني صورت جو تعلق جسم سان رهي ٿو. انسان جي مرڻ کان پوءِ نسمو جسم جون قلبي ۽ دماغي قوتون پنهنجي هوائي جوهر ۾ قائم رکيو ايندو آهي، ۽ قبر ۾ عذاب يا ثواب به انهيءَ نسمي سان کيس ڏنو ويندو آهي.

ميونخ جي ماهر نفسيات ”گروپي“ (Gruppe-1906) خوابن جي ”تفريق ۽ تقسيم“ به انهيءَ ئي ترتيب سان ڪئي آهي، جيئن ”مئڪروبس“ (Macrobius) ۽ ”آرٽيميڊورس“ (Artemidorrus) خوابن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. جن مان هڪڙا اهي جيڪي ”حال ۽ ماضيءَ“ جي اثر هيٺ هوندا آهن، پر انهن ۾ مستقبل جي متعلق ڪا نشاني موجود نه هوندي آهي. انهن ۾ اوجاڳو يا بي خوابيءَ (Insomnia) به شامل هوندي آهي، جيڪا خيال جي سڌي سنئين يا ان جي مخالف نمائندگي ڪندي آهي. جئين: ”بک يا ڀريل پيٽ“ واري حالت ۾ ٿيندو آهي.

فرائيڊ لکيو آهي ته: خواب، ڪنهن ”مافوق الفطرت منشور“ طرفان نه اڀرندو آهن، پر ”انساني روح جي قانون جي پوئواري“ ڪندا آهن. بهرحال هاڻي به اهو ئي سچ آهي ته خواب، الهام جيان ساڳين خصلتن جهڙو هوندو آهي. خواب، ستل ماڻهوءَ جي ذهني سرگرميءَ کي بيان ڪندو آهي، حالانڪ هو ستل ئي هوندو آهي.

ان حوالي سان ڄاڻڻ گهرجي ته ننڊ واري ”جاڳ جيون“ جي صورت ۾ مراقبي، ذڪر يا عبادتن ذريعي استغراق ۾ هوندو آهي ۽ اها حالت عملي مسخرات ڪرڻ کان به مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته ان قسم جي غير رسمي عبادتن ۾ ماڻهو پنهنجي ذهن کي هڪ خيال تي مرڪوز ڪندو آهي، جڏهن ته ننڊ دوران آيل سهڻن سپنن جو تعلق رڳو انسان جي ننڊ سان آهي. ها البت اها ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي آهي ته اهڙين بيمارين ۽ مراقبي واري عڪسبنديءَ ۾ هڪجهڙائي ٿي سگهي ٿي.

پر هافنر (Haffner- 1887) لکي ٿو ته: ”...... ماڻهو پنهنجي شيطاني خوابن جو پاڻ ئي ذميوار آهي.“

مان سمجهان ٿو ته فرائيڊ شايد اسان جي دور بابت چيو هجي ته: هڪ ڏينهن طبي ماهرن کي پنهنجو ڌيان ”خوابن جي نفسياتي علاج جي طريقي“ ڏانهن ضرور ڏيڻو پوندو.“ ڇاڪاڻ ته هاڻي جڏهن سائنس جي هر شعبي جون نت نيون کوجنائون عمل ۾ آيون آهن ته اڄ جو حضرت انسان آپي کان ٻاهر اچي ويو آهي، ۽ اهڙي انسان جو ذهني، نفسياتي علاج تمام ضروري آهي، الائي ته ڇو هن کي اهڙا ڊيڄاريندڙ خواب به نه ٿا نظر اچن جن جي ڪري منجهس ڪو سڌارو اچي وڃي.

عام طور تي اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته خواب جيون (Dream life)، جاڳ جيون جي عڪسن، خيالن، سوچن، منصوبن، مشڪلاتن، ڪوششن، ناڪامين، ڪاميابين، وفائون، بي وفائين، سزائن، جزائن ۽ ٻين به گهڻين ڪيفيتن ۽ ردعمل تي ٻڌل ٿئي ٿو، ۽ جي ننڊ آهي ته شعوري زندگيءَ جي زباني (Oral) عمل جو تصويري ردعمل، ڪنهن سهاني سپني جي صورت ۾ اظهار جي ٿو وڃي. پوءِ ته ننڊ وڌيڪ اهم چئبي جو ان ۾ هڪ مڪمل خواب جيون (Dream life) به آهي، جنهن جي ساري ڪائنات رڳو تصور ۽ يادن جي عڪسن سان ٽمٽار ٿيل ملي ٿي.

”بينني“ (Benini.189) لکي ٿو ته: ”اسان جون چند خواهشون، جيڪي ٿوري وقت لاءِ نهايت ضدي ۽ سگهاريون هونديون آهن ته ٿوري وقت کانپوءِ وساڻل وساڻل، اجهاڻل اجهاڻل، پر بار بار جاڳنديون به رهنديون آهن، جهونا، پراڻا ۽ دفن ٿيل جوش جذبا، توڙي اهي شيون ۽ ماڻهو به، جن کي ٻيهر ڏسڻ يا ملڻ جي پڪ نه هوندي آهي، ور ور ڪري پيا ياد ايندا آهن.“

مائوري (Maury-1878) جو چوڻ آهي ته: ”اهي اسان جون خواهشون ئي آهن جيڪي اسان سان ڳالهائن ٿيون ۽ عمل ڪرڻ جي قابل بنائن ٿيون، جيتوڻيڪ اسان جو شعور اسان کي پوئتي ماضيءَ ۾ وٺي نه ٿو وڃي، ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن اسان ۾ گرمجوشي پيدا ڪندو رهي ٿو. مون وٽ منهنجون غلطيون آهن ۽ منهنجون بڇڙيون ۽ بدمست خواهشون آهن، جڏهن مان جاڳندو آهيان ته انهن سان جهيڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ۽ انهن جي اڳيان گهڻو ڪري، نه جهڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهيان، پر منهنجي خوابن ۾ مان سدائين انهن جي اڳيان آڻ مڃي وٺندو آهيان، يا مان بنا ڪنهن ڊپ، ضمير جي ملامت يا پنهنجي عمل تي پڇتاءُ جي، سندن دٻاءَ هيٺ عمل ڪرڻ لڳندو آهيان.... اهو نظارو جيڪو پهرين منهنجي ذهن جا ور کولي نه سگهندو آهي ۽ ان کي خواهشن جي ذريعي، نهايت چٽائيءَ سان پيش ڪندو آهي، جن کي مان محسوس ڪندو آهيان ۽ منهنجو ”غير حاضر هجڻ“ به ڪڏهن تڪليف وارو احساس ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي.“

”مائوري“ جي چيل لفظن کان ڪجهه وڌيڪ ئي، سپنا پنهنجو اظهار بلڪل ٺيڪ ۽ هوبهو ڪري سگهندا آهن:

”اهڙيءَ ريت خوابن ۾ ماڻهو، آتم ۾ اظهاريل پنهنجي سموري، پيدائشي اگهاڙپ ۽ افلاس سان بيٺل هوندو آهي، جيترو جلدي هو پنهنجي خواهشن جي ذهني توڙي جسماني اوسر لاءِ سرگرميءَ جي مشق کي ملتوي ڪندو آهي، ته هو انهن سمورن جوشيلن جذبن جي خلاف هڪڙو رانديڪو بڻجي پوندو آهي، ۽ جڏهن جاڳندو آهي ته پنهنجي شعور، عزت ۽ ڊپ جي ذريعي ان کان پاڻ بچائيندو آهي.“

ڪاش! مون ”مائوري“ جا چيل اهي لفظن اڳ ساڃاهيا هجن ها، ته پنهنجي سوين قيمتي خوابن کي ائين پٺيءَ پويان نه اڇلائي ڇڏيان ها. حالانڪ ان سلسلي ۾ آمريڪي نجومڻ ”ساره فريڊر“ به مون کي منهنجي خوابن جي وقعت جو احساس ڏياريندي، منهنجي سپنن جي منطقي ارتقا کي تحريري صورت ڏيڻ لاءِ سدائين پئي زور ڀريندي رهي آهي پر مان پنهنجي شخصيت جي شعور، عزت ۽ معاشرتي اخلاقي دٻاءَ جي ڊپ جي سبب خوابن کي لکڻ کان ڪيٻائيندو رهيو آهيان، ۽ شايد ان ڪري ئي اسان جا ڪيترائي دانشور دوست ان جبلت جي دٻاءَ سبب پنهنجي اندر تي پوندڙ اولڙن ڏانهن، پنهنجي ناياب سپنن ڏانهن ڌيان ڪونه ٿا ڏين، جڏهن ته:

سڀ ڄاڻن ٿا.....

جاڳ ۾ توڙي ننڊ ۾.....

وک وک تي وکريل سپنا،

ڪٿي آئيندي جو اولڙو سپنا ته ڪٿي عزم جو اعلان سپنا،

خمار سپنا، سُرور سپنا، امنگن جو اظهار سپنا،

ٽهڪ سپنا، روڄ سپنا، دردن جو درمان سپنا،

مغموم، مفتون، مفهوم سپنا،

ساڀيائن جي اوسيئڙن ۾ مڪار سپنا، مجاز سپنا،

سالڪ جا ساڪار سپنا، عارف جا عرفان سپنا،

قابل جا هوشيار سپنا ۽ جابر جا دشوار سپنا،

پر قاتل جا قتال سپنا، بتال سپنا، بدچال سپنا،

نظرين جا ڪي سوال سپنا، ڪي جواب سپنا،

فطرت جا ڪي حساب سپنا،

تنهنجا منهنجا سانجهي سپنا، سادا، سولا سانده سهڻا سهڻا سپنا،

من جي ميري چادر تي رنگبرنگي ڌاڳن سان اڻيل سپنا،

سچل سپنا، بيدل سپنا، باهو، شاهه، قلندر سپنا،

ڌيان سپنا، گيان سپنا، جاڳ به سپنا، ننڊ به سپنا،

فراق سپنا، وصال سپنا، تلاش سپنا، خيال سپنا،

امن امنگن، اظهار سپنا،

ساڀيائون ساريندڙ سپنا،

درد جي ڌاڳي سان اڻيل سپنا،

خوشين سان ٽهڪندڙ سپنا،

وصال سپنا، ڪمال سپنا،

برهه جي بازار سپنا،

سپنن جو سينگار سپنا.

سنسار سپنا ۽ ان هر موڙ تي مامور سپنا....

اهو ڪو نهايت بدنصيب ماڻهو آهي يا ذهني مريض آهي، جيڪو سپنا نه ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ ته جيئن ننڊ جو اچڻ تندرستيءَ جي نشاني آهي، تيئن سپنا ڏسڻ به تندرستيءَ جي نشاني آهي. ان حوالي سان پنهنجو پاڻ ۾ جهاتي پائي پڇڻ گهرجي ته ڇا مان تندرست به آهيان يا....؟

خواب توڙي جاڳ جيون جي انهن سمورين ڪيفيتن جو اظهار علم ادب ۽ تاريخ جي ورقن تي اُتاريل آهي پر ان جيون جي جاڳ ۽ ان سپني جي سرجنا جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڪهڙو آهي؟

جيون ڇا ٿو طلبي؟

جاڳ ان جو ڪيترو پورائو ٿي ڪري؟

ڇا اها جاڳ جيون جي سنپورڻتا جو سببب بڻجي ٿي؟

ننڊ ڇا ٿي چاهي؟

سپنو ڇا ٿو چاهي؟

اهو ڇا ٿو ثابت ڪرڻ گهري؟

۽ اهڙن سوين سوالن ڏانهن ڇا اسان ڪڏهن ڌيان ڏنو آهي؟

جيڪڏهن نه! ته نفسيات جو مطالعو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، هي علم نه رڳو انهن سوالن حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو پر ساڳئي وقت ان جي مطالعي جي ذريعي، فطرت جي هن عجب رنگ دنيا ۽ سندس انهيءَ چرپر مان، وقت وڇوٽيءَ ۽ حادثن جو اهو حياتياتي مطالعو ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ”خلق ۽ خالق“ جو اهو ادراڪ حاصل ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ انسان جنم جنم ڀٽڪندو رهيو آهي.

”نفسيات“ ئي اهو موضوع آهي، جنهن جي ڳوڙهي مطالعي سان سمورا علم، نظريا، عمل ۽ ڄاڻ هڪ نئين روشني ۽ تازگي بخشيندڙ احساسن سان جيئڻ جو پيغام بڻجي وڃن ٿا.

ان ڏس ۾ دنيا جا سمورا علم، خاص طور تي ”علم انسان“ (Anthropology) ”فلسفي“ (Philosophy) توڙي ”مرض وديا“ (Pathology) وغيره به تمام گهڻيون ڪامياب ڪوششون ڪيون آهن، پر ”نفسيات“ (Psychology) جي متعلق انساني ڄاڻ جا دروازا اڃان ٻيڪڙيل آهن، حالانڪ هڪڙو ”نفسيات“ جو علم ئي اهڙو آهي جيڪو ”ازل کان ابد“ تائين جي سمورين تحريڪن کي سمجهڻ ۾ وڏي ۽ واضح مدد ڏئي ٿو.

مان ان چوڻ ۾ ٿورو به وڌاءُ نه ٿو ڀايان ته ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي مشڪل منزل به وڏي حد تائين انساني نفسيات تي غور فڪر ڪرڻ ذريعي آسانيءَ سان حاصل ٿئي ٿي، خاص ڪري ”علم نفسيات“ جي حوالي سان “خوابن جي تجزين“ جي مطالعي سان ته انسان تي رهندو گهڻو ڪجهه عيان ٿي وڃي ٿو.

ان ڏس ۾ فرائيڊ جو چوڻ آهي ته: ”اسان مسئلن، سوچ يا ڪلپنا جي انهن وسيع مسئلن کي مڃڻ يا صحيح دڳ سان ڏسڻ جي تيستائين قابل نه ٿي سگهنداسين، جيستائين خوابن ۽ انهن تعبيرن کي سمجهڻ پنهنجو پهريون فرض ڪري نه سمجهنداسين.“

حالانڪ ”سپنا ۽ ان جون ساڀيائون“ خود ڏاڍو دلچسپ موضوع رهيو آهي، جنهن جي ڪري بازار ۾ ڪيترائي ”خواب نامه“ به وڪرو ٿي رهيا آهن، جيڪي ٿورو ڪي گهڻو مذهبي، سماجي ۽ معاشي صورتحال جي آگاهيءَ سان وابستا آهن، پر ”خوابن جي نفسياتي جائزي“ جي مطالعي سان ”ننڊ ۽ جاڳ“ واري جيون متعلق مادي توڙي روحاني طور پيدا ٿيل غلط فهميون ڪافي دور ٿي وڃن ٿيون.

مان ”جيسن“ (Jessen.1855) جي ان قسم جي گڏ ڪيل خوابن جو حوالو ڏيندس، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته اهي ٿورو يا گهڻو حادثاتي، حواسن جي اڀار يا ترغيب جي عملي مقصد جي ڳولها ۾ مددگار ثابت ٿين. لکي ٿو ته: 

”هر آواز، خوابي تصويرن جي تعلق کي، بنا فرق جي ساڃاهيندو ۽ اڀاريندو آهي. گجگوڙ جو ڪن ڦاڙيندڙ آواز، تصويري طور تي اسان کي جنگ جي ميدان ۾ بيهاري سگهي ٿو. ڪڪڙ جي ٻانگ، ٿي سگهي ٿو ته خود ماڻهوءَ جي ڊپ مان ڪيل رڙ جي صورت اختيار ڪري وٺي. دروازي جو چرڙاٽ، ٿي سگهي ٿو ته کاٽ هڻندڙ چور واري خواب ۾ تبديل ٿي وڃي. جيڪڏهن رات جو اسان جي بستري جي چادر وغيره لهي وڃي يا ڪري پوي ته ٿي سگهي ٿو ته خواب ۾ اسان پاڻ کي اگهاڙو گهمندي يا پاڻيءَ ۾ ڪرندي ڏسندا هجون. جيڪڏهن اسان بستري تي آڏا ٽيڏا ستل هونداسين ۽ اسان جا پير پلنگ يا کٽ جي ڇيڙن کي لڳندا هوندا ته ٿي سگهي ٿو ته اسان خواب ۾ پاڻ کي پاڻيءَ رستي سامان نيڻ واري ڪنهن بندرگاه يا ڪنهن جبل جي اڀڪپري حصي تي بيٺل ڏسندا هجون. يا ڪنهن سامونڊي ڪناري تان ڪرندي ڏسندا هجون. جيڪڏهن اسان جو ڪنڌ وهاڻي جي هيٺان اچي ويو هجي ته اسان ڪنهن وڏي ۽ ٻاهر وڌيل پهاڙ جي هيٺان دٻيل ڏسندا هجون ۽ ان جو وزن محسوس ڪندا هجون. تخم منيءَ جو ڍڳ يا ڍير، خواب ۾ عيش يا لست ڏياري سگهي ٿو. عام قسم جو سور به پنهنجي بيمار هجڻ، حملي ٿيڻ يا زخمي ٿي پوڻ جا خيال پيدا ڪري سگهي ٿو....“

ڪمال ته اهو آهي ته الله پاڪ انسان جي کوپڙيءَ ۾ جيڪو ميڄالو رکيو آهي، ان جي گوناگون ڪارنامن جي ڄاڻ تي عقل ئي دنگ رهجيو وڃي. ڇا ته سوچن ۽ خيالن جي اڏام آهي! ڇا ته عضون جي چرپر آهي! ڇا ته حواسن جو ادراڪي اسرار آهي!

شاهه ولي الله (1702ع- 1764) پنهنجي ڪتاب ”حجت الله البلاغه“ جلد اول صفحي 34 تي لکي ٿو ته: ”قبر واري دنيا کي به هن خوابن واري دنيا تي قياس ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن قبر واري عالم کي ”عالم رويا“ سڏيو وڃي ته به بيجا نه ٿيندو، فرق فقط هي آهي ته خوابن واري دنيا مان ماڻهو جلدي سجاڳ ٿي هن مادي دنيا ڏانهن واپس اچي ٿو، ليڪن قبر واري دنيا ۾ هن کي اها ننڊ هوندي آهي جنهن مان هو قيامت کان اڳ جاڳي نه سگهندو. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي ننڊ کان پوءِ سجاڳي نه ٿئي ته هو ان خواب کي حقيقت ۽ سچي ڳالهه سمجهندو ۽ جو ڪجهه ڏسي ٿو تنهن تي ذرو به شڪ نه آڻيندو.“

(شاهه ولي الله جي تعليم ليکڪ پروفيسر غلام حسين جلباڻي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي: 2007ع، ص 265)

جهوني حڪيم ”برداخ“ (Burdach-1838) جنهن جا سان نهايت ٿورائتا آهيون، جنهن خوابن جي ڳالهه کي هڪدم سمجهي وٺڻ جي معاملي ۾ انتهائي احتياط کان ڪم ورتو آهي. جنهن پنهنجي ڪامل يقين سان جيڪو انڪشاف ڪيو آهي، ان جو حوالو هتي ڏيڻ ضروري آهي:

”خوابن ۾ به روزمره واري زندگي ئي نظر ايندي آهي، پنهنجي سمورين محنتن مشقتن، خوشين ۽ مسرتن سان، جنهن ۾ سک به آهي ته ڏک به، پر اها ٻيهر نه ملندي آهي، جڏهن ته خوابن جو مقصد اسان کي انهن ڏکوئيندڙ معاملن کان ڇوٽڪارو ڏيڻ آهي، حالانڪ اسان جو سمورو ذهن، گهڻين ئي شين سان ڀريل رهندو آهي، ۽ اسان جڏهن ڪنهن گهري ڏک وچان ڀڄي ڀري پوندا آهيون يا جڏهن اسان جي ادراڪ جي سموري طاقت ڪنهن مسئلي ۾ منجهي پوندي آهي، ته ان وقت، سپنا، اسان جي طبيعت جي سهپ کان وڌيڪ ڍنگ يا اهڙيون علامتون اختيار نه ڪندا آهن، حالانڪ اهي طريقا ۽ علامتون، حقيقت جي نمائندگي به ڪندا آهن.“

آ. ايڇ فيختي (I.H.Fixhte-1864) به ساڳئي خيال کان، اصل ۾ ان کي ”اعزازي خواب“ چيو آهي، ۽ انهن جي تشريح ڪندي چوي ٿو ته: ”اهي روح جي طرفان پاڻمرادو شفا ڏيڻ واري فطرت جي، ڳجهي احسانن مان هڪ هوندو آهي.“

”والڪيلٽ“ (Volkelt, 1875) لکي ٿو ته: ”خاص طور تي اها ڳالهه پڻ غير معمولي آهي ته ٻالڪپڻي جون يادگيريون، خوابن ۾ ڪيئن نه ٺهه پهه اچي ٿيون وڃن ۽ ڪيئن نه پنهنجو رستو ٺاهي، نڪري نروار ٿين ٿيون. خواب اسان کي انهن شين متعلق به مسلسل ياد ڏياريندا رهندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري اسان لاءِ غير اهم هونديون آهن. جن تي اسان سوچڻ ڇڏي ڏيندا آهيون.

پاف (Pfaff.1868) لکيو آهي ته ”مون کي پنهنجا خواب سڻاءِ، ته مان توکي تنهنجي من اندر جي ڳالهين کان واقف ڪريان.

ظاهر ته مٽيءَ مان ٺهيل انسان جو حوالو آهي، پر فطرت جي فروانيءَ سبب هن، ان مٽيءَ مان ٺهيل انسان ئي، سڀ سياڪا سٽي، وقت ۽ وڇوٽيءَ جا سمورا سنڌا مٽائي ڇڏيا آهن. شاهه سائينءَ چواڻيءَ ته:

پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪيچيئڙن ڪاڻ،

پنهون ٿيڙيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

علم نفسيات، ”پاڻ“ ۾ پيهي ڏسڻ جو علم آهي، ”پاڻ“ مان ”پاڻ“ کي پسڻ جو علم آهي ۽ جيڪڏهن ڪو دين اسلام جي دائري ۾ داخل آهي ته پوءِ ان کي پنهنجي سسئيءَ وانگر ڏونگر ڏورڻ بابت بلڪل به ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها سندس جبلتن جي ڪارفرمائي آهي، جيڪا سماجي طور ان جهڙي ئي انسان ۽ سندس دنيا سان وابستا آهي.

”هلڊيبرانٽ“ (Hildebrandt, 1875) ڪيڏو نه درست لکيو آهي ته ”جيون شڌ ته سپنا شڌ،“

”برداخ“ جو چوڻ آهي ته ”خواب ڏسڻ، ذهن جي هڪ فطري سرگرمي آهي، جيڪا انفرادي خوبيون يا گڻن جي قوت تائين محدود نه هوندو آهي، ان ۾ ذاتي شعور جي ڪري به خلل نه پوندو آهي ۽ جيڪا شخصي عزم يا ارادي جي ذريعي به ڪي هدايتون حاصل نه ڪندي آهي، پر اها حواسي مرڪزن جي آزادگيءَ سان عمل ڪندڙ ڦڙتي هوندي آهي.“ اڳتي لکي ٿو ته ”سپنا، زندگيءَ جي يڪسانيت جي خلاف ڍال آهن؛ اهي تخيل کي بندشن کان آزاد ڪري ٿا ڇڏين، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهي روزمرهه جي سمورين تصويرن جي وجود کي مونجهاري ۾ به مبتلا ڪندا هجن، ۽ نوجوان ماڻهن جي نه رڪجندڙ شدت ۾ ٻار جي فرحت ڏيندڙ راند سان رڪاوٽ پيدا ڪندا هجن. سپنن ڏسڻ بنا اسان پڪ سان تمام جلدي پوڙها ٿيڻ لڳندا آهيون.

۽ اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ لاءِ هڪ ته نفسيات ۽ فلسفي جو علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ ٻيو ته ان علم جي ذريعي غور فڪر جي درين کي کولي رکڻ ضروري آهي؛ ته جيئن ”درست ۽ غلط“ جي ڀيٽ ڪندڙ فضا سان ذهن جا ٻيڪڙيل تاڪ کلي سگهن ڇاڪاڻ ته ان فضا ۾ ئي سپنا به سرجن ٿا ته ساڀيائن لاءِ ِڀٽڪن به ٿا.

انساني زندگيءَ ۾ سپنن جي تمام وڏي اهميت آهي. جديد سائنسي سهوليتن سبب، سپنن جي نفسياتي مطالعي متعلق ڪيتريون ئي نيون نيون کوجنائون ٿيون آهن، پر ان کوجنا جو پهريون محرڪ ”سگمنڊ فرائيڊ“ آهي، جنهن هڪ سوءُ سال اڳ جڏهن سپنن جي ”روحاني ۽ الهامي“ تشريح ڪرڻ وارن جو زور به تمام گهڻو هو، تڏهن ”ذهن ۽ عضون“ جي چرپر مان پيدا ٿيندڙ رحجانن جي باري ۾ ”سگمنڊ فرائيڊ“ هن قسم جي نئين، نرالي، غير معمولي ۽ ڪشالي واري ڪم ۾ هٿ وڌو. ۽ مون تي مولا ڪا ٻاجهه ٻيلاٽي ڪئي آهي جو ڪجهه عرصو اڳ، نفسيات جي مختلف انگريزي ڪتابن جي مدد سان ”خوابن جي نفسياتي علت شناسي“ تي ”سپنن جو سنسار“ نالي ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوس، جيڪو اڃان اشاعت جي مرحلن ۾ ئي هو ته سنڌي ادبي بورڊ، ”سگمنڊ فرائيڊ“ جو انگريزيءَ ۾ الٿو ڪيل ڪتاب ”خوابن جي تشريح“
 (THEINTERPRETATION OF DREAMS) سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيڻ جو حڪم ڪيو ۽ مون هڪدم قبول ڪيو.

فرائيڊ لکي ٿو ته: خوابن جي بنيادن/ ماخذن جو مڪمل ڳاڻيٽو، چئن قسم جي بنيادن کي قبول ڪري ٿو ۽ اهي پڻ خوابن جي پنهنجي درجي بنديءَ ۾ استعمال ٿين ٿا، جيڪي هن ريت آهن:

1. ٻاهرين (خارجي) دماغي جوش واريون حواسي حالتون (External Sensory excitations) (Objective).

2. اندروني (داخلي) دماغي جوش واريون حواسي حالتون (Internal Sensory excitations) (Subjective)

1. اندروني (عضوياتي) جسماني ترغيب: Internal (Organic Somatic Stimuli).

2. ترغيبن جا خالص مافوق الفطرت اثر قبوليندڙ نفسي بنياد (Purely Psychical Sources of Stimulation)

”سگمنڊ فرائيڊ جي انساني عضون ۽ ذهن جي تحقيق تي ٿيل ڪم جي باري ۾ مٿس ”جنس“ (Sex) تي لکڻ جو الزام به لڳايو ويو هو. جڏهن ته دنيا سندس مرهون منت آهي ته هن انسان جي ان خيال کي رهنما رستو ڏيکاريو آهي جنهن سان، شڪ شبهي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ بجاءِ تندرست جاڳ جيون گذارڻ جو ساهس پيدا ٿئي ٿو.

فرائيڊ لکي ٿو ته؛ ”خواب، خواب ڏسندڙ جي زندگيءَ جي ڪنهن به حصي مان، پنهنجو مواد پاڻ چونڊيندا آهن، خواب رڳو اهو مهيا ڪندا آهن ته انسان جو ذهن خيالن سان ڀريل هڪ ريل گاڏي آهي، جنهن ۾ سفر ڪندڙ خيال، خواب واري ڏينهن جي تجربي سان سلهاڙجي ويندا آهن، يعني تازا تاثر، نقش يا نشان، ڪنهن پراڻي تاثر سان منسلڪ ٿي ويندا آهن، يا ائين چئي سگهجي ٿو ته خيالن جون سموريون ريل گاڏيون، خوابن جي پليٽ فارم تان هلڻ شروع ٿين ٿيون.“

سگمنڊ فرائيڊ 1856ع ۾ موراويا ۾ ڄائو. چئن سالن کان ويندي ٻياسي سالن جي عمر تائين سندس گهر ويانا ۾ ئي هو. 1983ع ۾ هٽلر، جي آسٽريا تي حملي، کيس لنڊن ڏانهن پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو، جتي هو ساڳئي سال ئي وفات ڪري ويو. سندس پيشو شروع کان ئي، انساني تنتي سرشتي جي حوالي سان ڪيترن ئي سالن جي، انساني جسم جي تشريح توڙي انهن جي  عضوياتي تحرڪ جي انتهائي بهترين ڪم تي ڦهليل رهيو آهي. هو اٽڪل ٽيهن سالن جو هو جو پئرس ۾ ”چارڪوٽ“ جي نگرانيءَ ۾ ڪجهه عرصو پڙهڻ بعد، پهريون ڀيرو سندس دلي لاڙو نفسيات طرف ٿيو، جنهن کانپوءِ ويانا ۾ ٻين ڏهن سالن تائين علاج معالج جو ڪم ڪندي، (پهرين پنهنجي مربي ساٿيءَ ”بريئير“ سان گڏجي) پنهنجي اندر، ”تحليل نفسي“ جو خيال پيدا ٿيندي محسوس ڪيو. شروعات ته هن ساڳي ۽ سادي علاج جي طريقي سان ڪئي، جيئن هو ڪنهن اعصابي مريض جي دماغ جي ڇنڊ ڇاڻ جي سلسلي ۾ ڪندو هو، پر ان عمل سبب جلد ئي بيمار توڙي صحت مند ماڻهوءَ جي دماغ جي عام قسم جي ڪمن متعلق به سندس علم ۾ وڏو اضافو ٿي ويو. فرائيڊ، ماڻهوءَ ۾ ننڍپڻ کان عام رواجي انداز سان وڌندڙ، جنسي جبلتن متعلق به خيالن جو اظهار ڪيو، خاص طور خوابن جي جاچ پڙتال جي آڌار تي، جڏهن روزاني زندگيءَ جي سوچن ۽ ڪمن تي اثر ڇڏيندڙ، لاشعوري دٻاءَ، جي بنيادي کوجنا دوران، سندس آڏو آيا. فرائيڊ جي زندگي ڪن غير معمولي واقعن سان ڀرپور نه رهي آهي پر سندس خيالن، نه رڳو ڪيترن ئي خاص اصولن ۽ ضابطن کي صورت بخشي آهي پر ويهين صديءَ جي ڏاهپ جي سموري فضا کي به فڪري سوچ سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي.

خوابن جي هن تشريح جي حوالي سان فرائيڊ جو انتهائي اهم اڀياس ”ٻارن جي خوابن“ ۽ عورتن جي ”هيجاني روگ“ (Hysteria) دوران جڙندڙ تصورن متعلق آهي هن نفسيات جي دنيا ۾ نفسياتي  ڇيد (Psycho- Analesis) جو تصور ڏنو جنهن متعلق ائين چئي سگهجي ٿو ته هن جي نفسياتي ڇيد واري اصطلاح جديد ادب کي سماجي ۽ انسان جي حوالي سان سوچڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته خواب جي تشريح ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان ڏس ۾ فرائيڊ تجزيي جو ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

ترجمو ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي ۽ سو به نفسيات جي ڪتاب جو! ان دقت کي ترجمو ڪندڙ ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. ۽ مان ته اهو ماڻهو آهيان جو کليءَ دل سان ان ڳالهه جو به اعتراف ڪندي به نه ٿو ڪيٻايان ته مون کي نه انگريزي ڳالهائڻ ايندي آهي نه ئي لکڻ ڏانءُ ايندي آهي، پڙهڻ ۾ به چڱو خاصو ڏڏ آهيان، پر پنهنجي وطني ٻوليءَ لاءِ پر خلوص ڪوشش ڪرڻ ۾ مون ڪڏهن قباحت نه سمجهي آهي. نفسيات جي انگريزي ڪتابن تان ڪيل سنڌي توڙي اردو ترجمن ۾ گهڻو ڪري نفسيات جي ڪيترن لفظن جو ترجمو ڏنل نه هوندو آهي، جنهن جاءِ تي ساڳيو ئي انگريزي لفظ لکي، ان جي معنيٰ وارو لفظ نظرانداز ڪيل هوندو آهي. ان حوالي سان مون خاص طور جرمني، فرينچ، ڊچ ۽ نفسيات جي ڊڪشنرين مان لفظن جون معنائون تلاش ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن. عام پڙهندڙ کي معنائن تلاش ڪرڻ جي خفي کان بچائڻ لاءِ مون جاءَ بجاءِ اصل لفظ به متن سان گڏ رکيا آهن، ان هوندي به ڪتاب ۾ ڪم آندل تمام اهم لفظن جي ڊڪشنري به شامل ڪئي آهي.

پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ ڪجهه نشانيون به مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي هن ريت آهن.

1.         (ف-س) هن جو مطلب آهي ته هي حصو اصل ڪتاب ۾ فرانسيسي زبان ۾ ڏنل آهي، جنهن جو انگريزي ترجمو حاشيي ۾ ڏنل آهي، جنهن کي هلندڙ ترجمي جي متن سان گڏ رکيو ويو آهي.

2.        (ج-س) هن جو مطلب آهي ته هي حصو اصل ڪتاب ۾ جرمني زبان ۾ ڏنل آهي، جنهن جي حاشيي ۾ ڏنل انگريزي ترجمي کي متن سان گڏ رکيو ويو آهي.

3.        ڪجهه جاين تي طويل حاشين کي به پڙهندڙن جي آسانيءَ خاطر متن سان گڏ رکيو ويو آهي.

4.        ڪتاب جي مواد سان رڳو ليکڪن ۽ انهن جي سن ۽ ڪتابن جي صفحن جو حوالو ڏنل آهي.

5.        ب.م= بيدل مسرور (سنڌيڪار)

الله پاڪ جي جوڙيل هن جنسار مان اوڻايون ڪڍڻ وارا به بيشمار آهن، تنقيد جي مُڏي ڪاتي کڻي ويهندڙ اهڙي لشڪر کان پاسو ڪندي، مان سڄاڻ نقادن کي اهو عرض ضرور ڪندس ته هن ڪتاب جي ترجمي جي سلسلي ۾ ٿي ويل ڪمين ڪوتاهين بابت منهنجي رهنمائي ضرور ڪن. مان ته سدائين الله پاڪ ذوالجلال جي ڪرم نوازي جو طالب رهيو آهيان، ان ڪري اميد آهي ته منهنجو هي علمي پورهيو پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندو. مان الله پاڪ جي ڪروڙين احسانن مان هن ضخيم ڪتاب کي ترجمو ڪرڻ جي ڀال ڀلائڻ تي به سندس پاڪ پروريءَ جو ٿورائتو آهيان جنهن هر ساهه پساهه ۾ مون نٻل انسان جي مدد فرمائي آهي ۽ مددگار ماحول مهيا ڪري ڏيڻ جي عنايت پئي ڪئي آهي، آئيندي به مٿس ننگ آهي.

مان پنهنجي ٻارن سائرس مسرور، پارس مسرور، تخليق مسرور، ڪليات مسرور ۽ خاص طور زال بينا مسرور جو به ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي نويڪلو ٿي ڪم ڪرڻ جو ماحول مهيا ڪري ڏنو.

بيدل مسروربدوي

سچل ڳوٺ

ڪراچي سن 10.10.2016


(1)  (فَاِذَا سَوَّيْتُهٗ وَنَفَخْتُ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِيْ فَقَعُوْا لَهٗ سٰجِدِيْنَ: پوءِ جڏهن کيس بڻائي برابر ڪريان ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيان تڏهن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئو. (الحجر: 15-29)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org