سيڪشن؛    علميات

ڪتاب: جام جم

باب: --

صفحو :2

جام جم

غلام محمد گرامي

شيوا جي

ان دور ۾ هندو ڀائرن جي سخت ڪلامي جنهن حد تي پهتي هئي، ان جا مثال ته ’سنڌي‘ سکر ۽ سنڌ واسي ۽ هند واسي حيدرآباد ۾ موجود آهن.

’جام جم“ ۾ شيواجيءَ جي پوجا ۽ سنگهٽن ۽ شڌيءَ وارن پاران لکيل تحريرن ڏانهن به اشارا ڪيا ويا آهن، جي شيواجي نمبر، سنڌيءَ، سکر ۾ موجود آهن، ۽ پوءِ اهي ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.

ظاهر آهي ته ’شيواجي‘ ڪو انگريزن جي مقابلي ۾ ڪو نه وڙهيو هو. ان جو مقابلو مغلن سان ٿيو هو، جي مسلمان هئا. هتي جي هندو اخبارن خاص طرح سان مسلمانن جي دل آزاريءَ لاءِ شيواجي نمبر ڪڍيا ۽ انهن جي آڙ ۾ مسلمانن تي حملا ڪيا.

مهاسڀا جي صدر وير ساورڪر جو شيواجيءَ متعلق هيٺيون گيت، خاص طرح سان توجهه جي قابل آهي.

آريه نچيا ديشا، وير مليڇا گهالا،
آلا آلا، ساوڌهو شيو ڀوپالا،
سد گدتا، ڀوماتا، دي تج هانڪيلا،
ڪروڻراو ڀيدن، تو هرديه نه ڪانگيلا،
جئي ديو، جئي ديو، ديوشو رايا، جئي شورايا،
يا يا اننيه، شرڻ آريا، تارايا.


ترجمو: شيواجي مهراج! هن آريه ديش تي ملڇين (ڌارين يعني مسلمانن ڏانهن اشارو) جو حملو ٿي رهيو آهي! انهيءَ ڪري، توهان هت جلد اچو. ان طرح ٻين شعرن ۾ به اهڙو ئي رنگ آهي.

(آدرش ساهتيه مندر، ص 104 حيدرآباد)

شڌي ۽ سنگهٽن جي تحريڪن ڏانهن به جام جم ۾ اشارا آيل آهن. ان متعلق سنڌي اخبارن ڇا ڇا نه چيو؟ سنڌ جي هندو پرچارڪن ڪهڙيون ڪهڙيون تحريرون لکيون ۽ ڪئن قدم قدم تي مسلمانن جي جذبات کي ڪچليندا رهيا، ان جو هڪ مثال هن ريت آهي.

هندو مهاسڀا جي صدر، ڀائي پرمانند، هندو مسلم مسئلي تي سوامي ديانند، باني آريه سماج جي خيالات جي تجزيه پيش ڪندي لکي ٿو:

”سوامي ديانند انهيءَ سوال کي مذهبي رنگ ۾ ڏٺو. درحقيقت اهو آهي به مذهبي معاملو! هندستان ۾ جن مسلمان حملي ڪندڙن جا حملا ٿيا، انهن مان ڪيترن هندستان ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ، انهيءَ ”ويشي راڄ“ جي خلاف، ديش ڀڳتيءَ جو هڪ ڀاءُ پيدا ٿيو) جنهن انهيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اسلام جو ڪاريه راڄنيتي کيتر ۾ ڪيو، تنهن جو ته مرهٽن ۽ سکن انت آندو. ان سان گڏوگڏ، هندو مسلم معاملي جو، بحيثيت پوليٽيڪل سوال جي خاتمو ٿي وڃي ها، جيڪڏهن مسلمان حملي ڪندڙ، ’اسلام‘ ڦهلائڻ پنهنجو فرض نه سمجهن ها! انهيءَ ”وديشي مذهب“ (ڌارئين مذهب) جي ڦهلاءُ ڪري، اهو به نتيجو نڪتو جو اڄ هندو مسلم سوال گنڀير روپ ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي.“

(منهنجي جيون ڪهاڻي: ڀائي پرمانند ص 305)

اهڙن غلط ۽ جذبات انگيز خيالن جي اشاعت تي، هندن جون سموريون اخبارون، اصل سندرو ٻڌيون بيٺيون هيون، جن جي جواب ۾، آفتاب سنڌ ئي حوصلي ۽ دليل سان قلم کنيو، جنهن جا ڪجهه مثال، ’جام جم‘ ۾ موجود آهن. مرحوم ضياءَ لکي ٿو.

”ان هندو مهاسڀائي ذهنيت وارن ليڊرن، توڙي بد زبان آريه ڪارڪنن، هندو اخبارن ۽ ايڊيٽرن، توڙي هندو نواز ساده لوح مسلمان ليڊرن جو مرحوم ’بلبل‘ نهايت سختيءَ سان مقابلو ڪيو، سندن سڀني حرڪتن ۽ برڪتن جي قلعي کوليندو، کين بي نقاب ڪندو ويو.“

(مقدمه ديوان بلبل ص 37 سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد)

 

بلبل تي مقدمو

مرحوم ’بلبل‘ جي دفاع ۽ تحريري انداز تي هندو مشتعل ٿي، مٿس مقدمي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. ان سلسلي ۾، ڪافي چندو ڪٺو ڪيو ويو، ۽ مٿس ”هندو قوم تي حملي ڪرڻ ۽ سندن خلاف مسلمانن کي ڀڙڪائڻ“ جي جرم ۾ (153 قلم اپڪ) هيٺ مقدمو داخل ڪيو ويو. مقدمي ۾ بلبل پاران اول ريمنڊ وڪيل ٿيو، پر پوءِ هندن جي اخبارن ۾ سندس خلاف اشتعال انگيز تحريرون آيون ۽ مٿس ٻئي قسم جو به ڪافي زوربار آندو ويو، ان ڪري هندن جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ، هن ’بلبل‘ تي زور آندو ته هُو هندن سان ٺاهه ڪري. ’بلبل‘ جي غيور طبيعت  ان کي گوارا نه ڪيو ۽ مرحوم سر غلام حسين (سابق گورنر سنڌ) قومي غيرت وچان، فيءَ کان سواءِ، سندس وڪالت ڪئي. ’بلبل‘ جي دليلن، هندن جي موقف کي غلط ثابت ڪيو. فاضل جج مسٽر سئنڊس کيس باعزت آزاد ڪري، فريادي ڌر تي ڇنڊا وڌا ۽ فتويٰ ۾ لکيو:

”هندن برابر خراب روش اختيار ڪئي هئي، ۽ ’بلبل‘ جو ڪجهه به اظهار خيال ڪيو آهي، ان ۾ هو حق به جانب آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌ جا هندو، بنگال جي فسادين لاءِ، بمن ٺاهڻ واسطي چندو ڪري رهيا آهن.“

(مقدمه ’ديوان بلبل‘، از ضياالدين ’ضيا‘ مرحوم ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد)

ان فتويٰ تي، حيدرآباد ۾ وڏو جلوس نڪتو ۽ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ جلوس ۽ جلسا ڪيا ويا. ان کان پوءِ هندو مهاسڀا ۽ آريه سماج وارن جو دماغ ڪجهه ٺڪاڻي لڳو، ۽ شڪست خوردهه ٿي، ڪنهن ٻئي محاذ جي تلاش ۾ رهيا، ’بلبل‘ ۽ سندس هم ڪار گروهه جي سياسي بصيرت ۽ خدمت جو هر هنڌ خير مقدم ڪيو ويو.

(وڏيڪ پڙهو)

 
نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org