سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:حشرات الارض

باب: --

صفحو :5

ماکيءَ جي مک

قديم زماني کان وٺي، ماکيءَ جي مکين جو گهڻو قدر ٿيندو آيو آهي ۽ انهن جي محنت جو فائدو، ماڻهو وٺندا آيا آهن. اڳوڻي وقت جي ’يورپ‘ ۾ کنڊ جي ڪا به خبر ڪا نه هوندي هئي، تنهنڪري ماکي جو جيترو هاڻي قدر آهي، تنهن کان وڌيڪ اڳي هوندو هو.

 

(مک جي پوئين ٽنگ) (ماکيءَ جي مکين جي راڻي)

(مک جو ڏنگ) (ڪم ڪندڙ مک) ( مک جي سونڊ)

ٻين جيتن وانگي ماکيءَ جي مک جا به ٽي مُکه جسمي ڀاڱا آهن: سسي، ڇاتي ۽ پيٽ. ماکيءَ جي مٿي ۾ ٽي اکيون آهن، جي مفرد قسم جون آهن ۽ اهي ٽيئي ٽِڪُنڊي طرح رکيل آهن. انهن کان سواءِ هن کي ٻه مرڪب اکيون به ٿين ٿيون. اکين جي ويجهو، مٿي مان ٻه سڱ نڪرنس ٿا. جن کي مُڇون به چوندا آهن. وات ۾ ٻه ڄاڙون اٿس، جي کٻي ۽ سڄي چُري، کُلي ۽ بند ٿي سگهن ٿيون. ڏندن جي هيٺان وري هڪڙي سونڊ ٿي ٿئيس، جا هوءَ  ويڙهي سگهي ٿي يا مهل تي گُل  جي اندر تري تائين نئي سگهي ٿي.

ماکيءَ جي مکين کي چار کنڀ ٿيندا آهن، جيتوڻيڪ مٿي ڏنل شڪل ۾ فقط ٻه کنڀ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هنن کي ڇهه ٽنگون ٿين ٿيون، جن جي ڇيڙن ۾ چنبا ٿا ٿيِنُن ۽ انهن سان هُو هڪٻئي کي يا ماناري کي چھٽي سگهن ٿيون. ويچنِ ٻن، ۽ پوئين ٻن چنبن ۾ ننڍڙا بُرش لڳل اٿن، جن سان جيڪو گُل جو اٽو بت کي لڳي پوين ٿو سو اگهي صاف ڪنٿيون. پوئيون ٻه ٽنگون، ٻين کان وڏيون ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ هڪڙو پؤر نليءَ جهڙو رهي ٿو، جنهن ۾ جيڪو مال هو گلن مان گڏ ڪن ٿيون، سو وجهي رکن ٿيون، جيئن ڳوٿريءَ ۾ يا ٻاٽليءَ ۾ ڪا شئي رکبي آهي. انهن جي ڪناري يا وَٽِ کي وارن جي جهالر لڳل آهي، جنهنڪري اهو مال سلامتي رهي سگهي ٿو. مک جي بت تي ننڍڙا سنهڙا وار يا بُج آهن، جن جي وسيلي هوءَ آسانيءَ سان پنهنجو کاڌو گڏ ڪري سگهي ٿي، جي بت لسو هجيس ته ايتري سهولت نه ٿئيس.

ڪم ڪندڙ يا پورهيت مکيون، ڏنگ واريون ٿينديون آهن. ڏنگ هڻڻ کان پوءِ، هُو انهيءَ سوراخ ۾ هڪڙي قسم جو زهر نچوئي وجهنديون آهن، جنهنڪري اهو هنڌ سور به ڪندو آهي ۽ سُڄي به پوندو آهي.

ماکيءَ جي مکين جا ٽي قسم ٿين: مکين جي ماناري ۾ هڪڙي ته راڻي ٿيندي آهي، جا ٻين کان قد ۾ ڊگهي به ٿي ٿئي ۽ سنهي به ٿئي ٿي. رنگ به ٻين کان چهرو ٿو ٿئيس، مگر کنڀ ننڍا ٿا ٿينس. (هن جي شڪل صفحي 58 تي آيل آهي.) سچي پچي مادي اُها آهي.. هن جو وڏو ڪم آهي آنا لاهڻ. هُوءَ هڪ ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڇهه سؤ آنا به لاهيندي آهي. هوءَ ٻي سڀ ڪم کان ڇٽل ٿي رهي. هن جي خدمت ۾ هميشہ ڪيتريون ئي ٻيون پورهيت مکيون ٿيون رهن، جي نوڪرن وانگي هن کي بُرش  هڻي صاف ڪن ٿيون. هر هڪ ماناري ۾ رڳي هڪڙي راڻي رهندي آهي. اهي راڻيون، ڏاڍيون ريساريون ٿينديون آهن. ٻيءَ ڪنهن به پهاڄ کي سهنديون ڪين آهن. جي اتفاق سان ڪي ٻيون به ساڳي عمر جون جوان راڻيون پيدا ٿي پونديون آهن، جيڪا ڏاڍي ٿيندي آهي، سا گاديءَ تي ويهندي ۽ ٻين کي ماري پِٽو ڪنديون آهن. جڏهن ڪا مري پوندي آهي، تڏهن مکين ۾ ڏاڍي واويلا پئجي ويندي آهي، هو پنهنجون مُڇون هڪٻئن کي لڳائينديون، هيڏي هوڏي ماناري ۾ اينديون وينديون آهن، ۽اها ڏک جي خبر سڀني کي رسائي وينديون آهن، پوءِ سگهو ئي ڪنهن راڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن.

راڻين کان پوءِ، ٻئي قسم ۾ نَر مکيون اچن ٿيون. اهي ڪم ڪندڙن ماکيءَ جي مکين کان قد ۾ وڏيون آهن ۽ بت تي وار به گهڻا ٿا ٿين، مگر انهن جون ڄاڙيون ننڍيون ٿيون ٿين ۽ ڏنگ ڪونه ٿو ٿئين. هُو ماکي ڪين جوڙين ۽ هميشہ سست پيون گذارينديون آهن، تنهنڪري انهن کي ”نڪميون مکيون“ چوندا آهن. آنن لهرائڻ لاءِ، سو برابر هنن جي گهرج ٿئي ٿي، پر جڏهن هنن جو ڪم لهي ويندو آهي، تڏهن پورهيت مکيون هنن کي ڏنگ هڻي ماري وجهنديون آهن.

ٽئين قسم جون آهن اهي ڪم ڪندڙ يا پورهيت مکيون، جي نڪي آهن نَر نڪي ماديون. انهن جون ٻه جماعتون ٿينديون آهن: هڪڙيون اُهي، جي ٻاهر کاڌو ڳولڻ وينديون آهن، ۽ ٻيون اُهي، جي اندر گهر ۾ رهي ماناري جي ميڻ جوڙين ٿيون ۽ دائيِن وانگي ٻچا پالين ۽ نپائين ٿيون. هنن دائيِن منجهان ڪي راڻيءَ جي خدمت ۾ رهن ٿيون؛ پر هنن جو مکيه ڪم آهي آنن مان ڦُٽلن ٻچن کي کارائڻ ۽ پالڻ. هنن مان ڪي ته رڳو کنڀن سان پکو بيٺيون هڻن. هنن کي خبر آهي ته هوا جو اچڻ ضروري آهي، خصوصاً جڏهن مانارو تپي پوي ٿو ۽ گرمي ٿئي ٿي، تڏهن گهڻيون ڄڻيون اُٿي گڏجي پنهنجا کنڀ اهڙو تڪڙو چورينديون آهن، جو اُهي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ايندا آهن. جڏهن اهي ٿڪجي پونديون آهن، تڏهن وري ٻيون اُٿي انهن کي وارو وٺائينديون آهن. ٽي يا چار مکيون ته دربانن وانگي رڳو در وٽ ويهي نگهباني ڪنديون آهن. جڏهن ڪا مک مري پوندي آهي، تڏهن ٻيون مکيون انهيءَ کي کڻي ماناري کان پري وڃي اڇلائي ڇڏينديون آهن.

پيدا ٿيڻ ۽ سامائجڻ: راڻي جيڪي آنا لاهيندي آهي، سي ڊگها، بيضوي شڪل جا ۽ اڇيرڙي رنگ جا ٿيندا آهن. اُهي هوءَ هڪڙي ننڍڙي خاني يا ٽُنگ ۾ لاهيندي آهي. ٽن- چئن ڏينهن کان پوءِ، ان ۾ هڪڙو ڪينئين جهڙو ٻچو پيدا ٿئي ٿو، جڏهن اهو ٿورو وڏو ٿئي ٿو، تڏهن رڙهي انهيءَ ٽُنگ جي منهن وٽ اچي ٿو؛ جتي دايون هن کي کارائين ٿيون. ڪي ڏينهن ته دايون کاڌو، پنهنجي وات ۾ چٻاڙي پوءِ هنن کي ڏينديون آهن. ڇهن ڏينهن کان پوءِ ٻچن کي اڻچٻاڙيل کاڌو ملي ٿو، جنهنڪري هنن جي وڌڻ ۽ سامائجڻ ۾ البت حرڪت ٿئي ٿي؛ تڏهن به ٻچو نيٺ وڌي رهي ٿو. آنن لهڻ کان، ايڪيهه ڏينهن پوءِ، اهو ٻچو ڪامل جيت جي صورت وٺي ٿو ۽ مک ٿي اُڏامي ٿو، مک راڻي، تڏهن ٿي پوندي آهي، جڏهن گهڻو عمدو کاڌو ملندو اٿس.

مکين جو کاڌو: ماکيءَ جي مکين جو کاڌو آهي، گلن ۾ جيڪا مِٺي رس ٿيندي آهي، سا ۽ انهن جو ٻُورو يا اٽو. جڏهن مک، گل تي اچي ويهندي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي ويڙهيل سونڊ کولي، ڊگهي ڪري اندران مٺاڻ چوسي وات ۾ وجهندي آهي. اها نڙيءَ کان لنگهي وڃي ماکيءَ جي ڳوٿريءَ ۾ پوندي آهي. انهيءَ ماکيءَ جو ڪجهه ڀاڱو، مک جي بدن جي تقويت لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ ڪجهه ڀاڱو ماناري ۾ آذقو ڪري رکڻ ۾ ايندو آهي. گلن جو اٽو بت جي وارن سان گڏ ڪنديون آهن. اتان وري پيرن جي بُرش سان اُگهي، ٿوري ماکيءَ سان گڏي، ڳوهي سنهڙيون ڳوڙهيوي ڪري، پوئين ٽنگن تي رکي، گهر کڻي وينديون آهن. اتي، جن مکين تي داين جو ڪم آهي، سي اهو ڳوهيل اٽو هنن کان وٺي ڪجهه ٻچن کي کارائين ٿيون ۽ڪجهه آئيندي جي ڪم لاءِ گدام ۾ رکيو ڇڏين، جيڪي ٻچا مارجي پوندا آهن، تن جو بت مکيون چُوسي وينديون آهن.

مانارو: مکيون جا ماکي گڏ ڪري رکنديون آهن، سا ميڻ جي چؤپاسن ڪوٺين يا خانن ۾. ڇهن پاسن واري شڪل جي خانن جوڙڻ ۾ مال تمام ٿورو خرچ ٿئي ٿو. هڪڙي ڪوٺيءَ جا پاسا، ٻيءَ ڪوٺيءَ جي وچ تي اچن ٿا، جنهنڪري ماناري جو ڇَٽُ تمام مضبوط ٿو بيهي. سڀني خانن جا منهن پورا هڪجيڏا بيٺل آهن. مکيون پنهنجن سڱن يا مُڇين سان ماپ ڪري خانا جوڙينديون آهن.

Text Box: (ميڻ جوڙيندڙ مکيون)

 

 

(ماناري جي اندرين شڪل( (ماناري جي ٻاهرين شڪل)

مکيون، ميڻ پاڻ منجهان ڪڍنديون آهن. جڏهن کائي پيٽ ڀرينديون آهن، تڏهن هڪڙيون پنهنجا چنبا ٻين جي ٽنگن ۾ وجهي، زنجير وانگي ڳنڍجي لڙڪي پونديون آهن. اٽڪل چوويهه ڪلاڪ برابر انهيءَ وچ ۾ پنهنجي پيٽ جي هر هڪ وَر يا ڪنگڻيءَ منجهان تمام نازڪ ڇلرن جي صورت ۾ ميڻ ڪڍنديون وينديون آهن ۽اها ٽنگن سان ريڙهي وات ۾ وجهنديون ڄاڙن سان چٻاڙينديون وينديون آهن. پوءِ ڪڍي آڻي ڍير ڪنديون آهن، ته گهَر جي جوڙڻ واريون مکيون انهيءَ مان مانارو ٺاهين. خانا، مٿان چوٽيءَ کان وٺي هيٺتي ٺاهينديون اينديون آهن.  

مکيون، ٻي به هڪڙي ڳاڙهي ڀوري رنگ جي کؤنر جهڙي شئي گڏ ڪنديون آهن. اُها گچ وانگي سوراخن بند ڪرڻ جي ڪم آڻينديون آهن. جڏهن ڪو جيت، چوريءَ لڪي اچي ماناري ۾ پوندو آهي ۽ انهيءَ کي ڪڍي نه سگهنديون آهن ته اتيئي انهيءَ گَچَ سان مٿان لنبي ڇڏينديون اٿس ته،جي اتي بند ۾ مري پوي ۽ ڪِنو ٿئي ته منجهانئس بدبوءِ نه نڪري.

مانارو هڪڙي شهر وانگي آهي. وڏي ماناري ۾ هڪڙي راڻي ٿيندي آهي ۽ ٻه هزار نَرَ يا ’نِڪميون مکيون‘ ۽ ويهه هزار ڪم ڪندڙ يا پورهيت مکيون آهن. جڏهن ڪنهن ماناري ۾ تمام سوڙهه ۽ پيهٽ ٿيندي آهي، تڏهن ڪي مکيون پاڻ ۾ صلاح ڪري ٽولي ٻَڌي نڪري، ٻئي هنڌ وڃي بيٺڪ ڪنديون آهن.

فائدا: ٻين جيتن وانگي ماکيءَ جون مکيون به هڪڙي وڻ جي ٻچ جو ٻور يا اٽو کڻي ٻيئي تي نينديون آهن، جنهنڪري اهو ٻيو وڻ ڦربو آهي. ڪيتريون جهنگلي قومون هن ملڪ ۾ جهنگن ۽ ٻيلن مان ماکي گڏ ڪري ان تي گذران ڪنديون آهن. ڪن ملڪن ۾ ته ماکيءَ ۽ ميڻ جي سانگي مکيون پاليندا آهن. ’امريڪا‘ ۾ ڪيترائي ماڻهو انهيءَ ڌنڌي ۾ لڳل آهن، جن وٽ ٻه- ٽي هزار مانارا رهندا آهن. اهو ڌنڌو هند و پاڪ ۾ وجهجي ته جيڪر گهڻو فائدو ٿئي. ’ڪشمير‘ ۾ سڀ ڪنهن زميندار وٽ ڪيترائي مانارا هوندا آهن.

 

 

ڏينڀو

ٻاهرين ڏيک ۾ ڏينڀو به ماکيءَ جي مکين جهڙا آهن. هڪڙي هن ڳالهه ۾ سو تفاوت رکن ٿا، جو جڏهن مکيون ويهنديون آهن، تڏهن پنهنجا مٿيان کنڀ پکيڙي جهلينديون آهن، تڏهن پنهنجا مٿيان کنڀ پکيڙي جهلينديون آهن. مگر ڏينڀو، ويهڻ مهل کنڀ لاهي سوڙها ڪري جهليندا آهن، رڳو اڏامڻ مهل کوليندا آهن.

ڏينڀوءَ جو ڏنگ، ماکي جي مک جي ڏنگ کان وڏو ٿو ٿئي ۽ ان ۾ هڪڙي ننڍڙي ڳوٿريءَ کان زهر ايندو آهي. نرن کي ڏنگ ڪونه ٿيندو آهي. ڏينڀن جو مکه کاڌو آهي ميوا، ڪَچو گوشت ۽ جيئرا جيت، جن کي جهلي هو ڳڙڪائي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو مکين جي ماناري ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڏيندا آهن، ڇو جو ماکي کائي چٽ ڪري ويندا آهن ۽ مکين کي ماري ڇڏيندا آهن.

ڏينڀو، ميڻ ڪين جوڙيندا آهن. هُو پنهنجا گهر يا مانارا خاڪي ڪاغذ جهڙي هڪڙي شئي مان جوڙيندا آهن، ماڻهن کان گهڻو اڳي، هنن ڪاغذ جوڙن جو ڪارخانو جاري ڪيو هو. هُو پنهنجن ڄاڙين سان پراڻي سڙيل ڪاٺيءَ کي کرڙي، هڪڙي قسم جو رس ڪڍي انهيءَ ۾ ڀڄائيندا آهن. انهيءَ  مان جيڪو ڪاغذ جوڙيندا آهن، سو ڏاڍو سوٽ ٿيندو آهي. ڏينڀن جي ماناري جا ٽنگ يا خانا به مکين جي ماناري وانگي شش پهلو ٿيندا آهن.

اٽڪل پندرهن تهخانن جا ٿيندا آهن، جي پيلپاون تي هڪٻئي کان ڌار بيٺل آهن. هر هڪ خاني ۾ هڪڙو آنو پوندو آهي. اٽڪل اَٺن ڏينهن جي اندر ٻچو نڪري ٿو. ٻن کي ماديون کاڌو ڳوهي ڳوڙهيون ڪري کارائينديون آهن. جهڙي طرح پکي، چهنب ۾ کاڌو کڻي، ٻچن کي کارائيندا آهن. جڏهن جيت پنهنجي آخرين ڪامل صورت وٺي اُڏامي وڃي ٿو، تڏهن اهو خانو اُگهي صفا ڪري ڇڏين ٿا. انهيءَ لاءِ ته منجهس وري ٻيو آنو رکن.

جيتوڻيڪ ڏينڀو، ويڙهُو ۽ جهيڙاڪار ٿيندا آهن، تڏهن به ماناري ۾ هو ڏاڍي سانت ۽ صلح رکيو اچن. ڪنهن ورلي وقت پاڻ ۾ وڙهندا آهن. نرن تي اهو ڪم رکيل آهي ته ماناري جي صفائيءَ جي نظرداري رکن ۽ جيڪو مري تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڇڏين.

ڏينڀو توڙي ماکيءَ جون مکيون، ٻيئي ايذاءُ پهچڻ تي وير وٺندڙ آهن. ايذاءُ ڏيڻ واري جي پٺيان ڳچ تائين ڪاهي پوندا آهن. پاڻ پنهنجن ٻين سنگتين کي به ڪاهه ۾ شامل ٿيڻ ۽ مدد ڏيڻ لاء وٺي ايندا آهن.ڍ

ڏينڀن جا گهڻا قسم ٿيندا آهن: ڏونگري ڏينڀو يا چيلاٽا، پيلن ڏينڀن کان وڌيڪ زهري ۽ ڪاوڙ وارا ٿيندا آهن.

 

 

ماڪوڙي

ماڪوڙيءَ کي ڪيولي به چوندا آهن، سڀني ننڍڙن ساهوارن يا جيتن مان شايد ماڪوڙيءَ جهڙو ٻيو عجيب جيت ڪونه هوندو. جيتوڻيڪ اها خَلَق  ننڍڙي آهي، ليڪن اهڙي بيحد ڏاهي ۽ محنتڻ آهي، جو قديم زماني کان ان جي تعريف ٿيندي اچي. هنن جي هلت چلت وغيره بابت ڪتابن جا ڪتاب لکيا ويا آهن.

 

       سچو پچو قد                  سچو پچو قد

 

 

 

 

 


 

 

(ماڪوڙيءَ جي شڪل)  (راڻيءَ جي شڪل)

ماڪوڙين جا اٽڪل ٽي هزار قسم آهن، جي دنيا جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙيل آهن، ڪي پيليون آهن، ڪي ڀوريون، ڪي ڳاڙهيون، ڪي ڪاريون. اڇيون ماڪوڙيون، جن کي اُڏهي چوندا آهن، سي جيتن جي وچؤن ٻي جماعت مان آهن.

ماکيءَ جي مکين وانگي ماڪوڙيون به ٽن قسمن جون ٿيون ٿين. هڪڙيون رڳيون آنن لاهڻ واريون ماديون، ٻيون نر آهن، جي ٿوري ڄمار واريون ٿيون ٿين ۽ ٽيون ڪم ڪرڻ واريون پورهيتون. ڪن حالتن ۾ ته پورهيتن جون ٻه جدا جدا جماعتون آهن.

ماڪوڙين ۾ جيڪا راڻي ٿي ٿئي، سا ئي آنا ٿي لاهي. آنا تمام ننڍڙا ۽ اڇي يا پيلڙي رنگ جا ٿا ٿين. راڻي هلندي آنا لاهيندي وتي ۽ جيڪي ڪم ڪرڻ واريون ماڪوڙيون آهن. سي اُهي چونڊي کڻي وڃي خاص ڪوٺين ۾ ٿيون رکن. ٻن هفتن جي اندر ٻچا ڦُٽن ٿا، جي ٽنگن کان سواءِ اڇن ڪينئن جهڙا ٿين ٿا. دايون انهن کي پنهنجي پيٽ مان کاڌو ڪڍي کارائين ٿيون. جڏهن هو مَٽجي آرام واري حالت ۾ اچن ٿا، تڏهن به انهن جي سنڀال پيون ڪنديون آهن، انهن کي صاف ۽ پوشيده رکنديون آهن. ڪڏهن ڪڍي تڙڪي ۾ رکنديون اٿن؛ جڏهن ڪو ڊپ ڏسنديون آهن، تڏهن انهن کي کڻي اندر ڪنديون آهن. جڏهن هي جيت ڪامل صورت وڍي رهندو آهي، تڏهن دايون سندس ٻاهريون کوپو ڦاڙي وجهنديون آهن ته نڪري ٻاهر ٿئي، ٿورن ڏينهن تائين هُو انهن کي کارائينديون ۽ هلڻ سيکارينديون، جيسين هو پنهنجي سنڀال نه ڪري سگهندو اهي، تيسين کانئس پري نه ٿينديون آهن.

ماڪوڙين کي سڱ يا مُڇون، جي ٺونٺ وانگي وريل آهن، جيڪا شئي سامهون ايندي اٿن تنهن کي انهن سان هُو چڪاسينديون آهن. انهن مُڇن سان هُو هڪٻئي کي خبرچار ڏيئي وٺي سگهنديون آهن، هنن کي ٻه سخت ڄاڙون آهن، جي پاسيرو چُرنديون آهن. اهي هنن کي ڪئنچيءَ، يا انبور، يا چنجور، يا ترار وانگي ڪم اينديون آهن. نَرن توڙي مادين کي چار کنڀ ٿيندا آهن، پر جيڪي ڪم ڪندڙ پورهيت آهن تن کي کنڀ ڪونه ٿين. راڻيون ۽ پورهيت ماڪوڙيون ڪڏهن ڪڏهن ڪيترن ئي ورهين تائين جيئريون رهنديون آهن، پر نر سگهو ئي مريو وڃن.

ماڪوڙين کي ڏنگ نه ٿيندو آهي، مگر هُو ڄاڙن سان چڪ هڻي زخم ڪري، انهيءَ ۾ هڪڙي قسم جو تيزاب هاري وجهنديون آهن، جنهنڪري سور زياده ٿيندو آهي.

کاڌو:  ماڪوڙيون سڀ قسم جون شيون کائين ٿيون. مئل جيت ته جهٽ ۾ کڻي وينديون آهن. قد جي ڪري هنن جو زور تمام گهڻو آهي. جيڪڏهن ماڪوڙي، ڪو مئل جيت گهيلي نه سگهندي آهي. ته هُوءَ وڃي پنهنجن سنگتياڻين کي سڏي وڍي ايندي آهي، پوءِ گڏجي هن کي گهيلي وينديون آهن. وڏا وڏا ڪينئان، انهيءَ طرح پنهنجن ٻِرن ۾ کڻي وينديون آهن. ڪي ماڪوڙيون ته ايترو اَنّ گڏ ڪنديون آهن، جو اڳئين وقت ۾ قاعدو ٺهي ويو هو ته جيڪو ماڻهو اهڙو اَنّ لهي ته اهو انهيءَ جو ٿيو. ماڪوڙين کي مِٺيون نباتي شيون گهڻو وڻنديون آهن.

جڏهن ڪڏهن کنڊ، ميزن تي رکي اٿن، ۽ ميزن جون ٽنگون، پاڻيءَ سان ڀريل ٿانون ۾ رکيون اٿن، تڏهن به ماڪوڙين پاڻ کي مٿان ڇت تان اڇلائي اُن تي وڌو آهي ۽ انهيءَ حيلي سان به وڃي اُن کي پهتيون آهن.

ماکيءَ جون مکيون، وڻن کي هي فائدو پهچائين ٿيون، جو ٻج جو اٽو، هڪڙي گل تان ٻئي گل تائين نئي پهچائينديون آهن، پر ماڪوڙين مان اهڙو فائدو ڪونه ٿو پهچي. ڪن وڻن کي ماڪوڙين جي نقصان کان بچڻ لاءِ اُپاءَ ڏنل آهن. جيئن ته بُجَ يا کؤنر جي رس.

ٻِرڙا: گهڻو ڪري ماڪوڙين، گهر يا ٻِرڙ ڪري رهنديون آهن. ڪي وڏي پهڻ يا جنب جي هيٺان ٽُنگ ڪنديون آهن. ڪي وڻن جي پراڻن ٿڙن ۾ سوراخ ڪنديون آهن، جن ۾ اندر ئي اندر البازارون وانگي موريون رستا جوڙينديون آهن. ڪي پَنَ چنبڙائي گهر ٺاهينديون آهن. ڪي ته ڪيترائي فوٽ اُوچيون بُٺيون يا ٽَڪريون ٺاهينديون آهن. جيڪڏهن اسان جا گهر اسان جي قد جي به بنسبت ماڪوڙين جي گهرن جهڙا هجن ته جيڪر اهي جبلن جيڏا ٿي وڃن. هنن جي گهرن ۾ اڪثر ڪوٺين ۽ ڇڄهرين جو عجب جهڙو بندوبست رهندو آهي.

عادتون: ماڪوڙين جون اچرج جهڙيون عادتون آهن. هو هڪٻئي کي واهر ڏيڻ جي لاءِ هميشہ تيار آهن. هڪڙي صاحب ٽن ماڪوڙين کي ڏٺو ته پنهنجي هڪڙي سنگتياڻيءَ کي گپ مان کوٽي ڪڍيو هئائون. هڪڙيءَ ڇڪي زمين کان ٻاهر ڪيس ۽ ٻن، سندس مٿي ۽ بت تان لڳل گپ لاهي پاسي ڪئي! جڏهن ڪا ماڪوڙي پنڌ ڪري ٿڪجي پوندي آهي ته ٻي هن کي پٺيءَ تي کڻي هلندي آهي.  جڏهن هڪڙيون ڪم ۾ اهڙو مشغول رهنديون آهن، جو مانيءَ کائڻ جي فرصت نه ملندي اٿن ته ٻيون کاڌو کڻي آڻي انهن کي اتي کارائينديون آهن.

هڪڙي ماڪوڙيءَ جي هڪ مُڇ وڍجي پيئي ته ٻي آئي، تنهن اچي هن جي زخم تي پيلي رس جا ڪي ٽيپا وڌا! ماڪوڙيون پاڻ ۾ رانديون ۽ چرچا به ڪنديون آهن.

ڪڏهن ته هو پاڻ ۾ ڀاڪر پائينديون آهن، ڪڏهن نچنديون آهن، ڪڏهن ٽپنديون آهن، جيئن ٻليءَ جا ٻلونگڙا ڪندا آهن.

’حضرت سليمان‘، سست ماڻهوءَ کي ماڪوڙيءَ کان سبق سکڻ لاءِ هن طرح فرمايو آهي ته:

”تون سست ماڪوڙيءَ وٽ وڃ ۽ وڃي: هن جي هلت چلت ڏس ته عقل سکين. جيتوڻيڪ هن کي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو يا هدايت ڪرڻ وارو يا مٿس نظر ڪرڻ وارو يا حڪم هلائڻ وارو ڪونهي. ته به هوءَ اونهاري ۾ پنهنجو کاڌو پاڻهي موجود ڪري ٿي ۽ فصل لهڻ جي موسم ۾ پنهنجو قوت گڏ ڪري رکي ٿي. اي سست! تون ڪيستائين سمهندين؟ انهيءَ ننڊ مان ڪڏهن جاڳندين؟ اڃا به پيو سمهين، اڃا به پيو پنڪيون کائين، اڃا به پيو سمهڻ لاءِ ڪَر موڙين! اهڙو حال اٿئي ته مفلسي ۽ ڪنگالپڻو، پنڌ ڪري اچي پهچندءِ ۽ گهرج ۽ ضرورت ڪاهي اچي ماريندٰ!“

 

 

ماکيءَ جي ماڪوڙي

هيءَ هڪڙي قسم جي ماڪوڙي آهي، جا پيٽ ۾ تمام گهڻي ماکي سانڍي رکي سگهي ٿي.

(الف)                    (ب)

(هيءَ ان جي وڏي شڪل (الف) ۽، سچي پچي قد جي صورت (ب) مٿي ڏنل آهي.) اها ماکي، هُوءَ ٻچن کي کارائيندي آهي. ’ميڪسيڪو‘ ۾ اهڙيون ماڪوڙيون ماڻهو گڏ ڪري، ماڻ سان مئي وڪڻندا آهن. ڳچ جيتريون ماڪوڙيون ڪنهن رڪابيءَ ۾ رکي ۽ مٿان ڪنهن شئي سان زور ڏيئي چپبو اٿن ته ماکي نڪري ايندي آهي، جا پاڻيءَ سان گڏي شربت ڪري پيئندا آهن.

 

 

ماڪوڙين جون ڳئون

ڪي ماڪوڙيون ڳنوارن يا مالوندن سان مقابلو ڪري ٿيون سگهن. ڇا لاءِ جو هُو به ڄڻ ته ڳئون ڌارينديون آهن. هنن جون ڳئون وري جدا جدا رنگن ۽ شڪلين جا ننڍا جيت آهن. انهن مان ڪن کي کنڀ ٿيندا آهن،

(ماڪوڙين جون ڳئون)

ڪن کي نه ٿيندا آهن. هنن کي هڪڙي ڊگهي سونڊ ٿيندي آهي، جنهن سان هو وڻن ۽ ٻوڙن جي رس چوسي، انهيءَ تي گذران ڪندا آهن. هنن کي ڇهه ٽنگون ٿين ٿيون، مگر هلڻ جا ڏاڍا ڍرا ٿيندا آهن. هُو ذري ذري پنهنجي پيٽ مان مِٺا مِٺا رس جا ٽيپا ڪڍندا آهن، جي انهيءَ مهل ڪا ماڪوڙي ويجهي نه هوندي آهي ته اهي ٽيپا وڻن جي پنن تي ڪِري پوندا آهن. انهيءَ کي ماکيءَ جي ماڪ سڏيندا آهن.

هي جيت اڪثر گلاب جي وڻن ۾ لڀندا آهن. ماڪوڙيون هنن جي ماکيءَ جي لالچ تي سندن پٺيان لڳيون وتنديون آهن.

هڪڙو صاحب بيان ٿو ڪري ته: منهنجي ڏسندي هڪڙي ماڪوڙي اهڙي جيت وٽ آئي. پهريائين پنهنجن سڱن يا مُڇن سان هن جي پوئين ڌڙ تي تڪڙا تڪڙا ڌڪ هڻن لڳي، جيئن ماڻهو ڳئون ڏُهڻ مهل هن کي ٿاپريندا آهن ۽ شاباس ڏيندا آهن. ته ٺهي بيهي مِڙي يا کير ڏئي. تنهن تي سگهو ئي ان جيت هڪڙو ماکيءَ جوڦُڙو ڪڍيو، جو ماڪوڙي پي ويئي. ماڪوڙيون اجهو ائين پنهنجون ڳئون ڏُهن ٿيون.

ماڪوڙيون نه رڳو ڳئون ڏُهن ٿيون پر انهن کي پالينديون به آهن. انهن جي اهڙي سنڀال ڪنديون اهن. جهڙي پنهنجي ٻچن جي. هو انهن جي لاءِ اهڙي هنڌ وٿاڻ جوڙينديون آهن، جتي هنن کي مَئُو کاڌو ملي سگهي. اهي ڳئون جدا جدا ذاتين جون ٿين ٿيون. ماڪوڙيون، انهن جي ايتري پرداخت ڪن ٿيون، جيتري ڪڙمي پنهنجي مال جي ڪندا آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org