سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪليمنجارو جي برف

باب: --

صفحو :7

 

فرئنسز ماڪومبر جي مختصر خوش زندگي

منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿي ويو هو ۽ هو سڀ کائڻ واري تنبوءَ جي ٻٽيءَ ڇت هيٺان ايئن ويٺا هيا، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو.

”تون ليمي جو رس پيئندين يا ليمن اسڪواش؟“ ماڪومبر پڇيو.

”مان جـِملٽ پيئندس.“ رابرٽ ولسن ٻڌايس.

”مان به جملٽ پيئندس. مون کي پيئڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه گهرجي.“ ماڪومبر جي زال چيو.

”منهنجي خيال موجب اهوئي بهتر ٿيندو.“ ماڪومبر اتفاق ڪندي چيو.

”هن کي چؤ ته ٽي گلاس ٺاهي.“

ڇوڪري اڳ ۾ ئي شربت ٺاهڻ جو سانباهو ڪيو، سـِڻيءَ جي ٿڌن ڳوٿرين مان بوتلون ڪڍڻ شروع ڪيون، جي اڳ ئي تنبوءَ جي چوڌاري جي وڻ هيا، انهن هيٺان هو اتي ٺري ڳڱ ٿي ويون هيون.

”مون کي هنن کي ڇا ڏيڻ گهرجي؟“ ماڪومبر پڇيس.

”پاڻ وٽ تماڪ اڳ ئي گهڻو آهي.” ولسن ٻڌايس. “تون خراب ڪرڻ ته ائين ڪونه چاهيندين.“

”جمعدار هنن ۾ ورهائيندو؟“

”چڱي طرح.“

اڌ ڪلاڪ کن اڳ، ماڪومبر کي، فتح جي خوشيءَ ۾ نوڪرن، چاڪرن ۽ مزدورن ڪئمپ جي ڪنڌي وٽان، ٻانهن ۽ ڪلهن تي کڻي اچي تنبوءَ وٽ لاٿو هو. بندوقچين ان خوشيءَ جي مظاهري ۾ ڪوبه حصو نه ورتو هو. جڏهن ڇوڪرن هن کي سندس تنبوءَ اڳيان اچي لاٿو ته هن سڀني سان هٿ ملايو. هنن کان مبارڪون وصول ڪيون ۽ پوءِ اچي اندر تنبوءَ ۾ پنهنجي بستري تي ويٺو ته ائين سندس زال به اندر آئي. هــُن هـِن سان ڪجهه به ڪونه ڳالهايو ۽ هو هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ٻاهر گينڊيءَ ڏانهن ويو، جتان پوءِ کائڻ واري تنبوءَ هيٺان ڇانوَ ۽ ٿڌي هوا ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

”نيٺ تو به شينهن ماريو.” رابرٽ ولسن هن کي چيو، “لعنت پويس، هيو به واهه جو.“

مسز ماڪومبر گهوُر سان ولسن ڏانهن ڏٺو. هوءَ بيحد حسين ۽ وڏي سماجي رتبي واري عورت هئي. هن پنهنجي حسن جي وڏي سنڀال ڪئي هئي. ڪنهن وقت هن، هڪ ڪمپنيءَ کان پنج هزار ڊالر رڳو پنهنجا فوٽو صحيح ڪري ڏيڻ جا ورتا هيا. جيتوڻيڪ هن ان ڪمپنيءَ جي پيداوار ڪڏهن به استعمال ڪونه ڪئي هئي. فرئنسز ماڪومبر سان هن کي شادي ڪئي يارنهن سال گذري چڪا هيا.

”واهه جو شينهن آ، آهي نه؟“ ماڪومبر چيو. هن جي زال هن ڏانهن نهاريو. هن انهن ٻنهي ماڻهن کي اهڙي طرح پئي ڏٺو، ڄڻ ته هـُن کين اڳ ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونه هو.

هڪڙو ولسن، سفيد فام شڪاري ته هن ڪڏهن غور سان ڏٺو ئي ڪونه هو. هن جو قد پورو پنو، وار ريتيءَ جي رنگ جهڙا، مڇون چهنبدار، منهن ۾ شفق جهڙي ڳاڙهاڻ ۽ سندس اکيون هلڪي نيري رنگ جون، جن جي ڪنڊن وٽ ٿورڙا جهڪا سفيد گهنج هيا، جي هن جي مرڪڻ سان کـُـلي ٿي پيا. هـِن هـُنَ ڏانهن ڏسي مرڪيو، پر هـِن سندس منهن تان نظرون هٽائي، ڪلهن ڏانهن ڏٺو، جي هن جي ويڪريءَ قميص اندر لهي ويا هئا. قميص جي کاٻي پاسي جتي کيسو هجڻ کپندو هو، اتي چئن سوراخن ۾ ڪارتوس اٽڪيل هيا. هـُنَ جون نظرون هن جي ڳاڙهن هٿن تان، پراڻي پتلون تان ۽ مٽيءَ لڳل جوتن تان گذرنديون واپس سندس لڪل چهري تي اچي کتيون. هن اهو به ڏٺو ته تنبوءَ واري لڪڙي تي جا ٽوپي رکي هئي، تنهنجي گول پاڇي، هن جي اُس سيڪل منهن جي ڳاڙهاڻ کي ڪيئن نه اڇاڻ ۾ بدلي ڇڏيو هو.

“واهه! هي گلاس پورو، تنهنجي شينهن جي خوشيءَ ۾.” رابرٽ ولسن گلاس خالي ڪندي چيو. هو هـُن ڏانهن ڏسي مرڪيو، پر هن مرڪ جو جواب مرڪ ۾ نه ڏيندي، پنهنجي مڙس ڏانهن هرکر وارين نظرن سان ڏٺو.

فرئنسز ماڪومبر قداور ۽ مضبوط قد ڪاٺ جو هو، “جيڪڏهن اوهان کي ڊگهو قد هرو ڀرو پسند آهي.” رنگ سانورو ۽ وار ڪنهن وانجهيءَ جيان ڪتريل، چپ ٿورا سنها ۽ هو نهايت حسين ڄاتو ويندو هو. هن کي ساڳيا ئي ولسن جهڙا شڪاري ڪپڙا پهريل هيا، پر ڪجهه نوان هيا، هن جي عمر پنجٽيهه سال هئي، پاڻ کي هميشه تندرست ۽ توانو رکندو هو. راندين ۾ به هن جو چڱو معيار هو، خاص ڪري وڏيءَ مڇيءَ جي شڪار جي ڪارگذاري ته واکاڻ جوڳي هئي. پر هاڻ ٿورو وقت اڳ خلق جي سامهون هن پاڻ کي بزدل ثابت ڪيو.

“شينهن مارڻ جي خوشيءَ جو جام.” هن چيو، “مان تنهنجو ٿورو لاهي نه سگهندس، جيڪي ڪجهه تو اڄ ڪيو.”

مارگريٽ، هن جي زال، هن کان منهن ڦيري ولسن ڏانهن ڏٺو.

“چڱو ائين ٿيندو ته شينهن بابت وڌيڪ نه ڳالهايون.” هن چيو.

ولسن هن ڏانهن مرڪڻ کان سواءِ نهاريو، هـِن ڀيري هـُـن ڏانهس ڏسي مرڪيو.

“اڄوڪو ڏينهن به عجيب گذريو آهي.” هن چيو، “ڇا توکي منجهند جو، تنبوءَ هيٺان ٽوپلو پائڻ نه گهرجي؟ تو پاڻ پي چيو مون کي.”

“پائڻ ته کپي.” ولسن چيو.

“توکي خبر آهي، مسٽر ولسن، ته تنهنجو چهرو وڌيڪ ڳاڙهو آهي.” هن چيو ۽ ٻيهر ڏانهس ڏسي مرڪيائين.

”پيئڻ جي ڪري.“ ولسن چيو.

”مان ائين نه ٿي سمجهان.“ هن چيو، ”فرئنسز ايترو ڪجهه پيئندو آهي، تنهن هوندي به هن جو چهرو ڪڏهن ڳاڙهو ڪونه ٿيو آهي.“

”پر اڄ ته ڳاڙهو لال آهي.“ ماڪومبر چرچي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”نه.“ مارگريٽ چيو، ”چهرو ته اڄ منهنجو سرخ ٿي ويو آهي. پر مسٽر ولسن جو ته هميشه ائين ئي هوندو آهي.“

”خانداني اثر اٿس.“ ولسن چيو، ”ڇا اهو بهتر نه ٿيندو، جو اوهان منهنجي حسن بابت بحث ختم ڪريو. ائين ڪندوء؟“

”مان ته شروع ئي اڃا هاڻي ڪيو آهي.“

”ڇونه، ان کي اتي ئي ختم ڪريون.“ ولسن چيو.

”بيوقوف نه ٿيءُ، مارگريٽ.“ هن جي مڙس چيو.

”ڪائي ڳالهه نه آهي.“ ولسن چيو. ”واه جو لعنتي شينهن ماريو اٿئي.“

مارگريٽ هنن ٻنهي ڏانهن ڏٺو ۽ هنن محسوس ڪيو ته ڄاڻ هن روئي ڏنو. هن کي ان جو ڊپ هيو ئي پر ماڪومبر کي ان جي ڪابه پرواهه نه هئي.

”جيڪر ائين نه ٿئي ها! الا! جيڪر ائين نه ٿئي ها.“ ائين چئي  هوءَ پنهنجي تنبوءَ ڏانهن اٿي هلي ويئي. هن جي روئڻ جو ڪو آواز ته ڪونه پي آيو، پر هن جي سنهي جارجيٽ جي گـُـلابي رنگ واري قميص اندر، ڪلهن جي هيٺ مٿي ٿيڻ مان، هو سڀ ڪجهه سمجهي رهيا هيا.

”عورتون ائين ئي جذباتي هونديون آهن.“ ولسن قدآور شخص کي چيو، ”ڳالهه ته رواجي آهي، پر ٿوري گهڻي ڳالهه به هنن جي جذبن تي بار ٿي وجهي.“

”نه.“ ماڪومبر چيو، ”منهنجي خيال موجب آءٌ ان کي سڄي ڄمار وساري نه سگهندس.“

”چريو ٿيو آهين. اچ ته وڏي شڪاريءَ جي شان ۾ ڳالهايون.“ ولسن چيو، ”اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏ. هونءَ به اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ته ناهي.“

”ڪوشش ته ڪبي وسارڻ جي.“ ماڪومبر چيو، ”جيتوڻيڪ جيڪي ڪجهه تو اڄ منهنجي لاءِ ڪيو، اهو البت وسارڻ مشڪل آهي.“

”ڪجهه ڪونهي.“ ولسن چيو. ”اجائي بيوقوفي.“

اهڙيءَ طرح هو ٻٻر جي وڻن جي گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ ويٺا هئا. ٻٻرن جي پوئتان، پٿر وڇايا پيا هيا. سائي گاهه جي ساوڪ، پٿرن سان ڀريل نهر جي ڪناري تائين نظر اچي رهي هئي. نهر جي ٻي پاسي سان ٻيلو شروع ٿي ٿيو. هو ليمي جو رس پي رهيا هيا ۽ هڪ ٻئي سان، اکيون ، ملائڻ کان لنوايائون پئي. خادم ڇوڪرا منجهند جي مانيءَ لاءِ، ميز کي ٺاهي، سينگاري رهيا هيا. ولسن سمجهي ويو هو ته خادم ڇوڪرا، دل ۾ ڇا سوچي رهيا هيا ۽ جڏهن هن ماڪومبر جي خاص اردليءَ کي ماڪومبر ڏانهن ٽوڪ واري انداز ۾ ڏٺو ته هن يڪدم هن جي زبان سواهليءَ ۾ کين ڇنڀيو. اردلي ڇوڪرو منهن سـُسائي ٻي پاسي هليو ويو. ”تو ڇا پي چيس؟“ ماڪومبر چيو.

”ڪجهه نه. چيومانس ته ڪم ڦڙتيءَ سان ڪر، نه ته پندرنهن جي چڪر ۾ اچي ويندين.“

”پندرنهن ڇا؟ ڦٽڪا؟“

”جيتوڻيڪ آهي غير قانوني.“ ولسن چيو، ”اسان صرف هنن مٿان ڏنڊ وجهي سگهون ٿا.“

”توهان اڃا تائين هنن کي ڦٽڪا هڻائيندا آهيو؟“

”هائو. هو ڪافي گڙ ٻڙ پيدا ڪري سگهن ٿا، جي هو مٿي ڪو فرياد ڪن، پر هو ائين ڪونه ڪندا آهن. هو ڏنڊ کان وري به ڦٽڪا پسند ڪندا آهن.“

”ڪمال آهي.“ ماڪومبر چيو.

”ڪمال وري ڪهڙو آهي. تون جي هـُـجين ته ڇا ڪرين؟ مار برداشت ڪندين يا سڄي پگهار وڃائيندين؟“

هن کان ائين پڇي ته ويو پر پوءِ دل ۾ لڄي ٿيندي،جيستائين هو ڪو جواب ڏي تنهن کان اڳ ئي هن چيو، ”جيتوڻيڪ اسان مان هر ڪنهن تي، روزانو، مار پوي ٿي، ڪنهن نه ڪنهن نموني.“ هي ته اڳين کان به وڌيڪ خراب آهي. ’الله بچائي.‘ هن سوچيو. مان ته ڪو مدبر ٿي ويو آهيان. هائو نه؟“

”برابر. مار اسين سڀ برداشت ڪريون ٿا.” هن سان اکيون ملائڻ کان سواءِ، ماڪومبر چيو.

”مون کي شينهن واري معاملي تي بيحد افسوس آهي، ان ڳالهه کي وڌيڪ اڇالڻ نه گهرجي. ائين نه؟ منهنجو مطلب آهي، جيئن ٻيو ڪوبه اها ڳالهه نه ٻڌي. ٻين کي ته نه ٻڌائيندين نه؟“

”تون سوچين ٿو ته متان مان ان ڳالهه جو ذڪر ماٿيگا ڪلب ۾ ڪريان؟“ ولسن هن ڏانهن ڏاڍي رکي نموني ڏٺو. هن کي، هن جي اهڙي نموني سوچڻ جي اصل اميد ڪانه هئي. هن سمجهيو ته هي نه صرف بزدل آهي، پر ڪميڻو پڻ. اڄ کان اڳ مان هن جي عزت ڪندو هـُئس، پر ڪنهن کي به ڪنهن آميريڪيءَ جو ڪهڙو پتو؟

”نه“ ولسن چيو. ”مان بـُڻائتو شڪاري آهيان ۽ اسين پنهنجي گراهڪ جي ڪميءَ ۽ ڪمزوريءَ بابت ڪٿي به ڪو اظهار ڪونه ڪندا آهيون. توکي ان بابت دلجاءِ ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اها اسان جي بيعزتي آهي ته ڪو گراهڪ اسان کي شڪ جي نظر سان ڏسي.“

هن سوچيو ته هـِنَ کان جدا ٿيڻ هاڻ سولو آهي. هو اڪيلو ماني کائيندو ۽ کائڻ سان گڏ ڪو ڪتاب به ويهي پڙهندو. هو ٻئي پاڻ ۾ گڏ ويهي ماني کائيندا. سڄي سفر ۾ هو هن سان مٿاڇري نموني هلندو ڳالهائيندو رهيو، ائين جيئن فرينچ چوندا آهن: ’درجيوار عزت‘ ۽ اهو سولو ۽ بهتر به ٿيندو. هونءَ جو خواه مخواه پاڻ کي ان خالي جذبات ۾ الجهائي هن جي ٿوري گهڻي هٿڪ ڪري، هن کان ڇڄي ڌار ٿيندو ۽ پوءِ هر مانيءَ جي وقت تي، ماني کائڻ سان گڏ، ڪو ڪتاب به پڙهندو، رهي هنن جي وسڪي، سا ته هو ائين به پيئندو رهندو. جڏهن به ڪو شڪاري سفر جي مزي تي ويندو هو ته ان بدمزگيءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ صرف اها هڪ ئي چوڻي ڪافي هوندي هئي. سفر دوران جڏهن به ڪنهن سفيد فام شڪاريءَ سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ جي هن کان پڇبو ’ڪيئن ٿو سڀ ڪجهه هلي‘ ۽ جي هن اهو جواب ڏنو ته ”مان اڃا هنن جو شراب ٿو پيئان“ ته اوهان سمجهي وڃو ته سفر وڃي ڪـُني ۾ پيو.

”مان شرمسار آهيان.“ ماڪومبر چيو ۽ هن ڏانهن آميريڪيءَ منهن کڻي ڏٺو، جيڪو ايستائين جوان هوندو آهي، جيستائين وڃي ڪرڙوڍ عمر کي پهچي. ولسن هن جي اڀن وارن، ٿورڙين ڦرندڙ چمڪندڙ اکين، ڊگهي ۽ سهڻي نڪ، سنهڙن چپن ۽ حسين کاڏيءَ ڏانهن ڏٺو. ”مون کي واقعي افسوس آهي. مون کي اها ڄاڻ نه هـُئي. ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن جي مون کي خبر نه آهي.“

ولسن سوچيو ته هاڻ هو ڪري ته ڇا ڪري. هو کانئن ڌار ٿيڻ لاءِ تيار ويٺو هو، هو آهي جو، بيعزتو ٿيڻ کان پوءِ به فقير وانگر ويٺو ٿو معافيون گـُهري. هن هڪ ڀيرو وڌيڪ ڪوشش ڪئي.

”ڪنهن ٻي کي اها ڳالهه ٻڌائڻ بابت تون ڪو فڪر نه ڪر.“ هن چيس. ”مون کي پنهنجي روزي ڪمائڻي آهي. توکي خبر آهي ته هت آفريڪا ۾، اهو مشهور آهي ته ڪنهن به سفيد فام عورت طرفان شينهن مٿان هلايل گولي ڪڏهن گسندي نه آهي ۽ ڪوبه سفيد فام مرد ڊڄي، ميدان ڇڏي ڀڄي نه ويندو آهي.“

”پر مان ته سيهڙ جيان ڀڳس.“ ماڪومبر چيو.

ولسن حيران ٿي ويو، ته اهڙو ماڻهوءَ جيڪو پنهنجي باري ۾ اهڙي ريت ڳالهائي رهيو آهي، تنهن کي ڇا ڪجي.

ولسن، ماڪومبر ڏانهن نيريون اکيون سڌيون ڪري، شڪاري نگاهن سان ڏٺو ۽ هـُن موٽ ۾، هن ڏي ڏسي مرڪيو. هـُـن جي مرڪ ڏاڍي وڻندڙ هئي، پر جي اوهان کي خبر نه هجي، ته هن جون اکيون ڏک ۾ ڪهڙو ڏيک ڏينديون آهن.

”ٿي سگهي ٿو ته مان سان ُ ماري وجهان.“ هن چيو، ”هاڻ ته اُن جوئي وارو آهي. ائين نه؟“

”تنهنجي مرضي آهي ته پوءِ صبح جو.“ ولسن هن کي چيو.

شايد ماڪومبر بابت هن جي راءِ غلط هئي. صحيح سوچ اها ئي هئي. آميريڪن بابت خاطريءَ سان ڪابه راءِ قائم ڪري نه سگهبي. هو وري سڄو سارو ماڪومبر جو ٿي ويو. شرط اهو آهي ته جي تون صبح جو واقعو وساري سگهين،”جو شايد وسرڻ ناممڪن هو.“ صبح ائين به خراب ئي گـُذرندا آهن.

”ميم صاحبه اچي پئي.“ هن چيو. هوءَ تنبوءَ کان نڪري، اچي رهي هئي. سندس چهرو شاداب، خوش ۽ حسين نظر اچي رهيو هو. هن جو چهرو مڪمل بيضوي هو. ايڏو مڪمل جو ائين پي لڳو، ڄڻ هـُوءَ ڪا احمق هئي، پر اصل ۾ احمق نه هئي. ولسن سوچيو، نه، احمق نه.

”لال چهري واري حسين، مسٽر ولسن، ڪيئن آهي؟ فرئنسز، منهنجا گوهر، تون ته بهتر آهين نه؟“

”ها، ڪافي گهڻو.“ ماڪومبر چيو.

”مان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي.“ ٽيبل تي ويهندي هن چيو. “ان ڳالهه کي آخر ڪهڙي اهميت آهي ته فرئنسز، شينهن مارڻ ۾ ڀـَـڙ آهي يا نه؟ اهو ڪو هن جو ڪاروبار ته ڪونهي. اهو مسٽر ولسن جو ڪاروبار ٿي سگهي ٿو. مسٽر ولسن هونءَ به ڪنهن کي مارڻ وقت، ڏاڍو دلفريب لڳندو آهي. تون واقعي ماري ڄاڻين. ائين آهي نه؟

”ها، سڀ ڪجهه.“ ولسن چيو، ”ڪجهه به.“ هن سوچيو ته اهي ئي دنيا ۾، سڀ کان وڌيڪ پٿر دل، ظالم ۽ ڦورو آهن. پر آهن ڏاڍيون من موهيندڙ، هنن جا مرد ميڻ جيان نرم ٿي، سندُن پٿر دلين اڳيان، ذرا ذرا ٿي، پکڙجي ويا آهن يا ائين آهي ته هو مرد ئي اهڙا پسند ڪنديون آهن، جن مٿان هو سولائي سان، راڄ ڪري سگهن؟ پر ايتريءَ ننڍڙيءَ عمر ۾، جنهن ۾ هو شادي ٿيون ڪن، آهي ته مشڪل، جو اهي ايترو ڪجهه ڄاڻنديون هجن. لڳو ته هن چڱو جو آمريڪي عورتن بابت اڄ کان اڳ، ڄاڻ حاصل ڪئي هـُـئي. ڪيئن به،هيءَ ڏاڍي من موهڻي عورت هئي.

”صبح جو اسين، سان ُ  جي پٺيان لڳنداسين.“ هن کيس ٻڌايو.

”مان به هلنديس.“ هن چيو.

”نه، تون نه هلندينءَ.“

”هائو، مان هلنديس. مان هلنديس نه، فرئنسز؟“

”ڪئمپ ۾ ترسين ڇونه ٿي؟“

”ڪڏهن به نه.“ هن چيو، ”اڄ جيان، مان ڪوبه نظارو ڪنهن به قيمت تي، وڃائڻ نه چاهيندس.“

ولسن سوچڻ لڳو ٿورو وقت اڳ، جڏهن هوءَ روئڻ لاءِ هتان وئي هئي ته ڪهڙي نه سلجهيل عورت پي لڳي. ڏسڻ ۾ پي آيو ته هوءَ سمجهي ٿي، احساس اٿس ۽ پنهنجي مڙس جي لاءِ درد اٿس ۽ حقيقت جو احساس پڻ، پر صرف ويهن منٽن کانپوءِ ساڳي آمريڪن عورت واري ڪٺورتا سندس چهري تي عيان آهي. لعنت آهي اهڙين عورتن تي. سچي وڏيون لعنتي آهن.

”سڀاڻي به تنهنجي لاءِ وڏو تماشو پيش ڪنداسين.“ فرئنسز ماڪومبر چيو.

”تون نه هلندينءَ.“ ولسن چيو.

”تون وڏي غلطي ڪري رهي آهين.“ هن کيس چيو، ”مان تنهنجو ڪارنامو ٻيهر ڏسڻ چاهيان ٿي. تون ڏاڍو پيارو ٿو لڳين. اڄ صبح، جي ڪنهن جو سر اڏائڻ پيارو عمل آهي ته.“

”منجهند جي ماني به اچي ويئي.“ ولسن چيو، ”اڄ تون ڏاڍي خوش آهين، ائين نه؟“

”ڇونه هجان. مان هتي ڪا موڳي ٿي ويهڻ ته ڪانه آئي آهيان.“

”خير، هت به اڃا موڳائپ جي ڪا ڳالهه نه ٿي آهي.“ ولسن چيو. هو، هتان درياءَ ۾ پيل پٿر ڏسي رهيو هو. درياءَ جي مٿانهين ڪناري جي پوئتان، وڻ نظر اچي رهيا هيا. ۽ هو صبح واري واقعي کي ياد ڪري رهيو  هو.

”اوه، نه نه،“ هن چيو، ”اڃا تائين ته مزو رهيو آهي ۽ سڀاڻي توکي ڪهڙي خبر ته سڀاڻي جي آمد جو آءُ، ڪيڏيءَ نه شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان.“

”اهو ڦاڙهي جو گوشت اٿوَ.“ ولسن چيس.

”اهو ڳئونءَ جي گوشت وانگر ٿيندو آهي نه، جي سيهڙ وانگر ٺينگ ڏيندا آهن. ائين نه؟“

”منهنجي خيال موجب ته اوهان ٺيڪ بيان ڪيو آهي.“ ولسن چيو.

”اهو ڏاڍو لذيذ گوشت آهي.“ ماڪومبر چيو.

”ان کي گولي تو هنئين هئي فرئنسز؟“ هن پڇيو.

”هائو.“

”اهي خطرناڪ ته نه آهن يا آهن؟“

”تڏهن، جڏهن هو تو مٿان اچي ڪرن.“ ولسن هن کي ٻڌايو.

”پوءِ ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“

”مارگريٽ، اهو ڪتيءَ وانگر ڀونڪڻ، ڇڏين ڇونه ٿي. ڪجهه ته گهٽاءِ.“ ماڪومبر ڦاڙهي جي گوشت کي ڪٽيندي ۽ اونڌي ڪانٽي مٿان، جو، گوشت اندر ويو هو، ڪجهه تريل پٽاٽا، گجر جو ٽڪر ۽ چٽڻي رکندي، چيو.

”منهنجي خيال موجب گهٽائڻ گهرجي.” هن چيو، “ڇو جو تون فضيلت ڀرئي انداز ۾ چئي رهيو آهين.“

”اڄ رات، شينهن جي خوشيءَ ۾ شيمپئن پيئنداسين.“ ولسن چيو، ”منجهند جو گرمي ڪجهه وڌيڪ آهي.“

”واهه شينهن!“ مارگريٽ چيو. ”مون کان ته شينهن وسري ويو هو!“

رابرٽ ولسن دل ۾ سوچيو ته هوءَ هن کي، اهڙيءَ طرح ذليل ڪري رهي هئي. ائين نه؟ يا تون سمجهين ٿو ته اهوئي ناٽڪ رچائڻ هن جو طريقو آهي. هڪ عورت کي ڪهڙي هلت هلڻ گهرجي، جڏهن کيس اهو بخوبي معلوم ٿي وڃي ته سندس مرد ڊڄڻو آهي؟ هيءَ بدبخت ته ڪا ظالم آهي. پر عورتون سڀ ظالم ٿينديون آهن. اهي حڪومت ڪنديون آهن ۽ حڪمران کي ڪڏهن ڪڏهن ظالم ٿيڻو پوندو آهي، مان ته هنن جا ڪيئي ظلم ڏسي چڪو آهيان.

”ٿورو ڦاڙهي جو گوشت کڻو.“ ولسن ڏاڍي عاجزي ڏيکاريندي، چيو.

ان ڏينهن، شام جو دير سان، ولسن ۽ ماڪومبر، ديسي ڊرائيور ۽ ٻن بندوقچين سان ٻيلي ڏانهن نڪري ويا. مسز ماڪومبر ڪمئپ ۾ ئي ترسي پئي. هن سوچيو ته هن وقت گهڻي گرمي آهي ۽ هوءَ صبح جو سوير، هن سان ويندي. جيئن هو ڪار ۾ وڃي رهيا هيا ولسن ڏٺو ته هوءَ وڏي وڻ هيٺان بيٺي هئي، گلابي ڪپڙن ۾، هوءَ جي حسين نه، ته به دل موهيندڙ ضرور لڳي رهي هئي، هن جا ڪارا زلف، نرڙ تان مٿي گڏ ٿي، سندس ڳچيءَ جي پويان وانگوڙو ٺاهيو بيٺا هيا، سندس چهرو تازگيءَ سان ڀريل، هن سوچيو ڄڻ هوءَ سچ پچ انگلينڊ ۾ آهي. جيئن ئي ڪار گهاٽي گاهه اندر گهڙي ۽ گولائي ڪاٽيندي وڻن وٽان ڦري، ته هن هٿ لوڏي، کين خدا حافظ چيو.

گهاٽن ٻوٽن ۾ هنن کي ڦاڙهن جو وڏو ڌڻ نظر آيو هنن ڪار اتي ئي ڇڏي ڏني ۽ هڪ وڏو نر ڦاڙهو، جنهن جا سڱ ڊگها ۽ ڦهليل هيا، ماڪومبر جي گوليءَ جو نشانو بڻجي ويو. سندس نشانو تعريف جوڳو هيو ۽ ڦاڙهو ڌڪ لڳڻ کان پوءِ هڪ قدم به چري نه سگهيو. باقي ڌڻ وٺي ڀڳو، ۽ هو اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي جي پٺين تي پير رکندا، لتاڙيندا، ڇال ۽ ڇلانگ ڏيندا وٺي ڀڳا ڄڻ هوا ۾ تري رهيا هيا. اهڙو منظر ڪڏهن ڪو خواب ۾ ئي ڏسي سگهي ٿو.

”واه جو نشانو چٽيو اٿئي.“ ولسن چيو، ”آهي به ننڍو نشان.“

”هن جي منڊي سنڀالي رکڻ جهڙي آهي؟“ ماڪومبر پڇيو.

”بهترين.“ ولسن چيو، ”جي اهڙا نشان چٽيندو رهين، ته ڪڏهن به ڪا تڪليف نه ڏسندين.“

”ڇا خيال آهي تنهنجو، سڀاڻي ڪنهن سانَ سان مقابلو ٿيندو؟“

”اميد ته وڏي آهي، هو صبح سوير چرڻ نڪرندا آهن، جي ڀاڳ ڀڙيو ته ميدان ۾ ئي ملي ويندا.“

”مان اها شينهن واري لعنت لاهڻ ٿو چاهيان.“ ماڪومبر چيو، ”اها ڪا چڱي ڳالهه ته ناهي جو زال مون کي اهو ڪجهه ڪندي ڏسي.“

منهنجي خيال موجب ائين ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، ولسن سوچيو. زال يا ڪو ٻيو يا خود پاڻ ان باري ۾ چوڻ ته هي ڪجهه ٿيو آهي. پر هن چيس، ”مان ته جيڪر ان بابت وڌيڪ سوچيان ئي ڪونه. ڪير به پهريون دفعو، شينهن سان آمهون سامهون ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن حد تائين، پريشان ٿي ٿو سگهي. ٻيو ته جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو، سو ته ٿي چڪو.“

پر ان رات، باهه جي ڀر ۾ وسڪي ۽ مانيءَ جي دؤر کان پوءِ، سمهڻ کان اڳ، فرئنسز، ماڪومبر جيئن ئي پنهنجي بستري تي ليٽيو ته هن ٻاهران ايندڙ آوازن مان محسوس ڪيو ته اهو ڪجهه جيڪو ختم ٿي وڃڻ کپندو هو، سو اڃان ختم ڪونه ٿيو هو. اهو نه ڪي ته ختم ٿي چڪو هو ۽ نه ان جي شروعات هئي. اهو سڀ ڪجهه اتي ئي موجود هيو ۽ ان جا ڪيئي اڻ مٽجندڙ حصا ڦهليل هيا ۽ هي اهو محسوس ڪري ڏاڍو لڄي ٿيو، پر شرم کان به وڌيڪ، هن پنهنجي اندر ۾، هڪ سرد مهري محسوس ڪئي گڏوگڏ هڪ خوفناڪ ڊپ پڻ. ڊپ اتي ئي هو، هن جي دل جي اندر، خال ۾ جت اڳ يقين هوندو هو، ات اچي ان بيوفائيءَ واري خوف، جاءِ والاري هئي ۽ اهڙي خوف هن کي پريشان ڪري ڇڏيو. اڃان تائين هو ان خطري جي موجودگي محسوس ڪري رهيو هو.

اهو ڪالهه رات کان وٺي شروع ٿيو هو، جڏهن هن اوچتو شينهن جي گجگوڙ ٻڌي هئي، جيڪو نديءَ جو ڪنارو وٺي اچي رهيو هو. اهو ڏاڍو ڳرو ۽ ڀوائتو آواز هيو ۽ پڄاڻيءَ وقت، هڏڪين ۾ تبديل ٿي ٿي ويو. هو تنبوءَ کان ٻاهر نڪري آيو ۽ جڏهن وري اها گجڪار، فرئنسز ماڪومبر ٻڌي، تڏهن هن کي ڊپ اچي ورايو. هن جي زال جا ننڊ پئي هئي، تنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز، هو بخوبي ٻڌي رهيو هو. ٻيو ڪوبه ڪونه هو، جنهن کي هو ٻڌائي، ته هو ڊڄي رهيو آهي يا هن سان گڏجي ڊڄي. اڪيلائيءَ ۾ هن کي اهو ياد نه پي آيو ته ديسي زبان ۾ چوندا آهن ڪيڏو به بهادر ماڻهو ٽي دفعا شينهن کان ڊڄندو آهي، هڪ ان وقت، جڏهن اهو پهريون دفعو شينهن جا پيرا ڏسندو آهي، ٻيو تڏهن جڏهن هو پهريون دفعو، هن کي گجگوڙ ڪندي ٻڌندو آهي. آخر ۾ جڏهن هو سندُس سامهون ٿيندو آهي. صبح جو سوير جڏهن هو هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ناشتو ڪري رهيا هيا ۽ سج اڃا ڪونه نڪتو  هو ته شينهن وري گجگوڙ ڪئي ۽ فرئنسز ائين محسوس ڪيو ڄڻ هو ڪئمپ جي ڀرسان اچي پهتو آهي.

”ائين ٿو لڳي ڄڻ هو هت ايندڙ ويندڙ آهي.“ رابرٽ ولسن، پنهنجي ناشتي واري پليٽ کان منهن مٿي ڪندي چيو، ”هن جي گجگوڙ ٻڌ.“

”هي ايڏو ويجهو آهي؟“

”ميل کن نهر جي مٿين پاسي.“

”اسان ڏسي سگهنداسين؟“

”نظر اچي ويندو.“

”هن جي گجگوڙ، ايتري فاصلي تان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي؟ ائين ٿي ٻڌجي ڄڻ هو خود ڪئمپ ۾ موجود آهي.“

”تمام پري کان.“ رابرٽ ولسن چيو، ”اهو سچ پچ معجزو آهي، ان جو، ايڏي فاصلي تان ٻڌڻ ۾ اچڻ. اميد ته ڪو وڏو شيطان هوندو. ڇوڪرن چيو پي ته هت آس پاس هڪ وڏو شينهن آهي.“

”جيڪڏهن مون کي گولي هڻڻ جو موقعو ملي ته ڪٿي نشان وٺانس؟” ماڪومبر چيو. “جيئن رڪجي وڃي.“

”ڪلهن منجهه.“ ولسن چيو. ”جي ڳچيءَ ۾ هڻي سگهين ته ڏاڍو سٺو. گولي هڏي منجهه هڻ ۽ ان کي ٽوڙي وجهه.“

”اميد ته اها ٿو ڪريان جيئن، ڪنهن سنڌائتي جڳهه تي نشانو چـُٽي سگهان.“ ماڪومبر چيو.

”تنهنجو نشانو ته ٺيڪ آ.“ ولسن چيو، ”دل جان سان، پڪ ڪري، گولي هميشه پهرين جا اندر گهڙي، اثر ڏيکاري.“

”ڪيتري فاصلي تان؟“

”چئي نه ٿو سگهجي. شينهن تي دارومدار آهي ته هو ڪيتري عمر ۽ طاقت وارو آهي. تيستائين گولي نه هڻجانءِ، جيستائين پڪ نه ٿيئي ته هو گوليءَ جي مارَ ۾ آهي.“

”اٽڪل سؤ والن اندر؟“ ماڪومبر پڇيو.

ولسن جلديءَ ۾ هن ڏانهن ڏٺو.

”سوء صحيح آهي، پر چڱو ائين ٿيندو ته ڪجهه سـَوَ کان گهٽ. ان کان وڌيڪ فاصلي تي شايد موقعو ضايع ٿي وڃي. سوء صحيح فاصلو آهي. تون جتي به چاهين هن کي گولي هڻين سگهين ٿو. ميم صاحبه به اچي رهي آهي.“

”صبح بخير.“ هن چيو، ”ان شينهن پويان ته هلون ٿا نه؟“

”نيرن ڪري وٺو، ته هلون.“ ولسن چيو، ”توهان جي طبعيت ڪيئن آهي؟“

”تمام سٺي.“ هن چيو، ”مان ته ڏاڍي جوش ۾ آهيان.“

”مان وڃي ٿو ڏسان ته تياري ڪيئن آهي؟“ ولسن هليو ويو، جيئن ئي هو ويو ته شينهن وري گجگوڙ ڪئي.

”گوڙيلو فقير“ ولسن چيو، ”هن کي خاموش ڪرڻو پوندو.“

”توکي ڇا ٿيو آهي فرئنسز؟“ هن جي زال پڇيو.

”ڪجهه به نه.“ ماڪومبر چيو.

”ڪجهه نه ڪجهه ته آهي.“ هن چيو، ”تون ڇاجي ڪري بيچين آهين؟“

”نه، ڪجهه ڪونهي.“

”ٻڌاءِ نه؟“ هن ڏانهس نهاريندي چيو، ”طبعيت ٺيڪ نه آهي ڇا؟“

”مار پويس، اها گجگوڙ آهي.“ هن چيو، ”توکي ڪهڙي خبر، سڄي رات ائين گجگوڙ هلندي رهي آهي.“

”مون کي جاڳايئي ڇو نه.“ هن چيو، ”مان ته جيڪر ڏاڍي شوق سان ٻڌندي رهان ها.“

”هـِن حرامزادي کي مارڻو ئي پوندو.“ ماڪومبر جک کائيندي چيو.

”ڏاڍو چڱو، ان لاءِ ئي ته تون هت آيو آهين،؟“

”هائو. پر مان وڃان ٿو سست ٿيندو. هن جي اهڙي گجگوڙ منهنجي اعصابن تي اثر انداز ٿي چڪي آهي.“

”ته پوءِ جيئن ولسن چئي ته هن کي ماري، هن جي گجگوڙ ختم ڪر.“

”هائو پياري.“ ماڪومبر چيو، ”تنهنجي لاءِ چوڻ ته سولي ڳالهه آهي، نه؟“

”تون ڊڄين ته ڪونه ٿو نه؟ يا ڊڄين ٿو؟“

”نه ڊڄان ته نه ٿو، پر سڄي رات هن کي گجگوڙ ڪندو ٻڌي، البت همت ڇڏائيندي ٿي وڃي.“

”تون وڏي مهارت سان هن کي پورو ڪندين.“ هن چيو، ”مون کي يقين آهي ته تون ماريندينس. مان ان گهڙيءَ لاءِ بيتابيءَ سان منتظر آهيان.“

”نيرن کائي وٺو ته روانا ٿيون.“

”اڃا ته پوري روشني به ڪانه ٿي آهي. رات جي هيءَ گهڙي ته ائين به فضول آهي.“

ايتري ۾ شينهن وري گجگوڙ ڪئي، هن جي ڇاتيءَ اندران گڙگڙاهٽ ۽ نڙيءَ مان گهـُـٽيل آواز نڪتو. آواز جون مٿاهيون لهرون ڄڻ ته ڌرتيءَ کي ڌوڏي رهيون هيون ۽ اوچتي ئي اها گجگوڙ، وڏي شوڪاري ۽ زوردار هڏڪيءَ سان ختم ٿي وئي.

”ڄڻ ته هت ڀرسان ئي گجي رهيو آهي.“ ماڪومبر جي زال چيو.

”او منهنجا الله!“ ماڪومبر چيو. ”هن موذي آواز کان مون کي ڪيڏي نفرت آهي.“

”ڪيڏو نه ان گجگوڙ ۾ اثر آهي.“

”اثر، اهو خوفناڪ آهي.“ ماڪومبر چيو.

رابرٽ ولسن پنهنجي بدصورت خوفائتي ۽ وڏي 505 گيس رائيفل کڻي اچي پهتو ۽ سندس چپن تي اُڇاتري کل هئي.

”اچو.“ هن چيو، ”توهان جي اردليءَ کي اوهان جي اسپرنگ فيلڊ ۽ وڏي بندوق آهي، هر چيز جيپ ۾ پئي آهي. توهان کي نهرا ڪارتوس آهن؟“

”هائو.“

”مان به تيار آهيان.“ مسز ماڪومبر چيو.

”هن جو اهو هـُل هـُلاچو بند ڪرڻو آهي.“ ولسن چيو، ”تون اڳيان ٿي ويهه. ميم صاحبه مون سان پوئتان ئي ويهي رهندي.“

هو جيپ ۾ سوار ٿيا ۽ صبح صادق جي پهرين روشنيءَ ۾ نديءَ جو مٿاهون پاسو ڏئي، وڻن جي وچان روانا ٿيا. ماڪومبر رائيفل کي کولي ڏٺو، هـُـن نهريون شيهي واريون گوليون ڏسي اطمينان ڪيو. رائيفل بند ڪري سلامتيءَ واري کـَـل چاڙهي ڇڏي. هن ڏٺو ته هن جو هٿ ڏڪي رهيو هو. پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي، گولين مٿان هٿ ڦيرايو ۽ قميص جي سوراخن ۾ پيل ڪارتوسن کي آڱرين سان ڇهي ڏٺو. هن پوئتي مـُـڙي ڏٺو جتي ولسن، درين کان سوا”، سيٽ تي سندس زال سان گڏ ويٺو هو. ٻئي ڪوڙي کل کلي رهيا هيا. ولسن ٿورو اڳتي جهڪي آهستي ڀڻڪيو، ”پکي ڏسين ٿو هيٺ پيا لهن. ان جو مطلب ته، نينگر پنهنجي شڪار کي ڇڏي ويو آهي.“

نديءَ جي هن پار، ماڪومبر ڏٺو پريان ڳجهون گول چڪر ڪاٽي، هيٺ لهي رهيون هيون.

”شايد اهو موقعو بڻجي جو آرام ڪرڻ کان اڳ، هـُـو پاڻي پيئڻ لاءِ هت اچي.“  ولسن ڀڻڪيو، ”هيڏانهن هوڏانهن چتائي ڏسندو رهه.“

هو گاڏي آهستي آهستي هلائي رهيا هيا. نديءَ جو ترو پٿرن سان ڀريل هو ۽ اتان هڪ وڏو گول چڪر ڪاٽي، وڻن جي وچان ڦرندا گهرندا وڃي رهيا هيا. ماڪومبر جي نظر پرئين ڪناري تي هئي، جو هن ولسن جي هٿ جو پنهنجيءَ ٻانهن تي زور محسوس ڪيو. ڪار بيهي رهي.

”اهو بيٺو اٿئي.“ هن ڀڻڪو ٻڌو، ”سامهون، ساڄي پاسي. هيٺ لهه ۽ نشانو وٺ. واهه جو شينهن اٿئي.“

ماڪومبر به هاڻي شينهن کي ڏسي ورتو هيو. هو سڌو بيٺو هو، سندس ڪنڌ هنن ڏانهن ڦريل هو. صبح جي ٿڌي هير هن جي ڪنڌ جي ڪارين بشڪن کي لوڏيندي، هنن ڏانهن سامهون سڌي اچي رهي هئي. شير، وڏو ببر شير، نهر جي مٿانهين ڪناري تي، صبح جي نيري روشنيءَ ۾ صاف پاڇي جيان نظر اچي رهيو هو. هن جا ڪلها مضبوط ۽ پائيپ جيڏو جسم صاف لڏي رهيو هو.

”ڪيترو مفاصلو ٿيندو؟“ ماڪومبر پنهنجي رائيفل سنڀاليندي پڇيو.

”اٽڪل پنجهتر وال. هيٺ لهه ۽ مارينس.“

”اتان ئي ڇونه، جت ويٺو آهيان؟“

” جيپ ۾ ويهي شينهن نه ماربا آهن.“ هن ولسن کي، پنهنجي ڪن ۾ ڀڻڪندي ٻڌو. ”هيٺ لهه، هو ڪو تو لاءِ سڄو ڏينهن ڪونه بيٺو هوندو؟“

ماڪومبر اڳين سيٽ وٽ، گولائيءَ واريءَ وٿيءَ مان، ڏاڪي تي پير رکي، هيٺ لٿو، شينهن ائين ئي بيٺو رهيو ۽ وڏي رعب سان، سواءِ ڪنهن فلڪ جي سامهون پنهنجي ڌن ۾ ڪنهن چيز ڏانهن چتائي ڏسي رهيو هو. هو ڪنهن وڏي طاقتور گينڊي جيان نظر اچي رهيو هو. انسان جي بوءِ، هن تائين، هوا جي مخالف طرف هجڻ سبب، پهچي ڪونه پي سگهي. هو ان چيز کي چتائي ڏسڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو ۽ ڪنڌ به هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي رهيو هو. مدمقابل ڏانهن نهاريندي، ڀـَوَ ۾ نه پر ان خيال کان ان جي سامهون هوندي هو پاڻي پيئڻ لاءِ ڪيئن، نهر ڪناري وڃي، ته ايتري ۾ هن ڏٺو ته ان ڌُنڌلي پاڇولي مان ڪو ماڻهو ڇڄي جدا ٿيو ۽ هو پنهنجي ڪنڌ کي ڦيري، وڻن جي آڙ وٺڻ لاءِ سريو ته ايتري ۾ هن زوردار ٺڪاءُ ٻڌو ۽ نهري گوليءَ جو ڌڌڪي سان سندس پاسي ۾ ڄڻڪ چڪ بڻجي ويو هو، هن جي پيٽ ۾ اوچتو ڄڻ ٽانڊا پکڙجي ويا. هن قدم کنيا پر ڳرا ۽ وزني، هيڏانهن هوڏانهن لڏندو، ڀريل پيٽ سان، وڻن جي وچان، ڊگهي گاهه ڏانهن، آڙ وٺڻ لاءِ وڌيو ۽ ان مهل هڪ ٻيو ڌڌڪو ٿيو جو هوا کي چيريندو، هن جي ڀرسان لنگهي ويو. ايتري ۾ وري زوردار ٺڪاءُ ٿيو ۽ هن ڌڪ محسوس ڪيو جو هن جي هيٺين تاڪين وٽ اچي لڳو ۽ هن جي تاڪين کي چيريندو ويو. هن جو وات گرم ۽ گـجيءَ واري خون سان ڀرجي ويو ۽ هن وٺي وڏي گاهه ۾ ٽپو ڏنو ته جيئن هو ليٽي پاڻ کي لڪائي سگهي ۽ ان چيز جي ويجهي اچڻ تي، هو ان مٿان حملو به ڪري سگهي ۽ ان ماڻهوءَ کي پڪڙي، سندس خاتمو آڻي.

ماڪومبر جڏهن جيپ مان، هيٺ لٿو هن کي اهو اندازو نه هو ته شينهن ڇا سمجهي رهيو آهي. هن صرف اهو ڏٺو ته هن جا هٿ ڏڪي رهيا هيا ۽ جڏهن هن ڪار کان پري وڃڻ چاهيو ته هن محسوس ڪيو سندس ٽنگن چرڻ کان ڄڻ جواب ڏئي ڇڏيو هو. سندس سٿرون ڄڻ ته برف جيان ڄمي ويون هيون ۽ سندس مشڪون، ڦڙ ڦڙ ڪري رهيون هيون. هن رائيفل مٿي کنئين شينهن جي ڳچيءَ ۽ ڪلهن جي وچ ۾، جوڙ جو نشان وٺي، رائيفل جي گهوڙي کي دٻايو. ڪجهه به نه ٿيو، جيتوڻيڪ هن ايڏو زور سان دٻايو جو هن محسوس ڪيو ته آڱر نه ڀڄي پوي. اتي هن کي ياد آيو ته رائيفل تي سلامتيءَ واري کـَـل چڙهيل آهي ۽ جيئن هن رائيفل هيٺ ڪري، کـَـل کي لاهڻ چاهيو ته هي هڪ قدم اڳتي هليو ويو ۽ شينهن هن کي، ڪار جي ڌنڌ واري پاڇي مان نڪرندو ڏسي، ڊگ ڀرڻ شروع ڪيا، جيئن ماڪومبر نشانو وٺي گولي هنئين ته اهڙو آواز ٿيو ڄڻ گولي پوري هنڌ لڳي هئي پر شينهن جي قدمن ۾ ڪابه لرزش نظر نه آئي ۽ هو ائين ئي ڀڄندو رهيو، ٻي گولي هنئين پر هر ڪنهن ڏٺو ته اها صرف شينهن پوئتان ڌوڙ اڏائيندي ويئي. هن وري گولي هنئين، اهو ياد ڪري ته هن کي نشانو ڪجهه هيٺ ڀرو وٺڻو آهي، سڀني محسوس ڪيو ته گولي نشاني تي لڳي آهي ۽ جيستائين هو وري گهوڙو چاڙهي، شينهن به وڏو ڇال هڻي وڃي گاهه ۾ پهتو.

ماڪومبر اتي ئي ڪنهن بيمار جيان بيٺو رهيو. سندس هٿ ۾ گهوڙو چڙهيل رائيفل هئي، سي ڏڪي رهيا هيا. هن جي زال ۽ رابرٽ ولسن سندس ڀر ۾ بيٺا هيا. سندس ٻه بندوقچي به هن سان گڏ بيٺا هيا، جي پنهنجي زبان ۾ ڳالهائي رهيا هيا.

”منهنجي گولي ته لڳي اٿس.“ ماڪومبر چيو، ”ٻه دفعا مان چٽيو اٿمانس.“

”تو واقعي هن کي چٽيو آهي، پر تنهنجي گولي هن کي اڳيان لڳي آهي.“ ولسن سواءِ اتساهه جي چيو. بندوقچي ويڳاڻا ٿي ماٺ پئجي ويا.

”توکي هن کي مارڻو هو.“ ولسن چوندو رهيو، ”هاڻي ڪجهه وقت ترسڻو پوندو ۽ پوءِ هلي ڏسينداسين ته ڇا ٿيو آهي.“

”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“

”هن جي ڪڍ لڳون تنهن کان اڳ هن کي ڪجهه وقت ڇڏڻو پوندو ته جيئن گوليون پنهنجو اثر ڏيکاري وجهن.“

”واه جو شير آهي.“ ولسن چيو، ”جيتوڻيڪ هو لڳو ڏاڍي خراب جڳهه تي آهي.“

”جڳهه ڇو خراب آهي؟“

”تيستائين هن کي ڏسي نه سگهنداسين، جيستائين هلي هن جي مٿان نه بيهون.“

”اوه.“ ماڪومبر چيو.

”اچ ته هلون.“ ولسن چيو.

”ميم صاحبه هت جيپ ۾ ئي ويهي رهندي. اسان هلي رت جا نشان ڏسون.“

”مارگريٽ، تون هت ترس.“ ماڪومبر پنهنجي زال کي چيو. هن جا چپ خشڪ ٿي ويا هـُـيا ۽ هن لاءِ ڳالهائڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو.

”ڇو؟“ هن پڇيو.

”ولسن ٿو چوي.“

”اسين وڃي ٿا ڪجهه نظر ڦيرايون.“ ولسن چيو، ”توهان هت ترسو. اوهان هتان کان به چڱيءَ طرح ڏسي سگهندؤ.“

ولسن، ڊرائيور سان سواهلي زبان ۾ ڳالهايو. هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو، ”حاضر سائين.“

هو اڀي ڪناري واري چاڙهي چڙهي، نديءَ جي وچان، پٿرن تي چڙهندا، ٻوٽن جي پاڙن جي سهاري هو وڃي نهر جي هن ڀر پهتا ۽ ڳولهيندي وڃي ان جڳهه تي بيٺا، جتان شينهن ڊگ ڀريو هو ۽ ماڪومبر جي پهرين گولي لڳي هيس. ان جڳهه تي خون جا ڪارا چٽا گاهه جي مٿان ظاهر هيا، جي بندوقچن ڏيکاريا جي سڌا، نديءَ ڪناري جيڪي وڻ هيا، انهن جي پوئتان ٿي ويا.

”هاڻي ڇا ڪريون؟“ ماڪومبر پڇيو.

”هاڻي اسان جي مرضي ته ڪانه هلندي.“ ولسن چيو. ” جيپ هت اچي نه سگهندي. ڪنارو چڙهائيءَ وارو آهي. ٿورو وقت هن کي ڇڏيون ته  چڱو آهي زخم کيس ڪمزو ڪن، پوءِ هلي تون ۽ مان هن کي ڳولهينداسين.“

”ڇا هن گاهه کي باهه نه ڏيون؟“

”ڪافي سائو آهي.“

”ساٽريا به موڪلي نه ٿا سگهون؟“

ولسن هن ڏانهن قدر واري نگاهه سان ڏٺو. ”بيشڪ، موڪلي سگهون ٿا.“ هن چيو. ”پر آهي خون ڪرڻ جي مترادف. ڏس نه، اسان کي خبر آهي ته شينهن زخمي آهي. ساٽي سان ڪنهن تندرست شينهن کي ته تون ٻاهر ڪڍي سگهين ٿو، ۽ هو آواز جي اڳتان هلندو رهندو، پر زخمي شينهن حملو ڪندو آهي. هن کي ته تون ڏسي به نه سگهندين، جيستائين تون وڃي سڌو هن جي مٿان نه ڪڙڪين. هو جتي لڪل هوندو، اتي اهڙي نموني پنڊپهڻ ٿي ويو هوندو، جو تنهنجي وهم گمان ۾ به نه ايندو ته اتي ڪو سيهڙ به لڪي سگهي ٿو. تون اهڙي جڳهه تي ڇوڪرن کي اهڙي ناٽڪ رچائڻ لاءِ ڪيئن موڪليندين، ڪونه ڪو ته ضرور ڦٽجي پوندو.“

”بندوقچي ڇا ڪندا؟“

”انهن کي اسان سان هلڻو آهي. اهو هنن جو فرض آهي. توکي خبر آهي ته انهيءَ فرض نباهڻ لاءِ ته هنن معاهدي تي صحيح ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هو به مطمئن نظر ڪونه ٿا اچن. ائين نه؟“

”مان پاڻ به اندر وڃڻ نه ٿو چاهيان.“ ماڪومبر چيو. اهي لفظ نڪري وڃڻ کان پوءِ هن کي احساس ٿيو ته هن ڇا چيو.

”مان پڻ.“ ولسن خوش ٿيندي چيو، ”سچ ته ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي.“

يڪدم ٻيو خيال ايندي ئي هن ماڪومبر ڏانهن ڏٺو ۽ ڏٺائين ته هو ڪيئن نه ڏڪي رهيو هو ۽ سندس منهن تي مايوسي ڇانيل هئي.

”بيشڪ، توکي ته وڃڻو ئي ڪونه آهي. توکي خبر آهي ته مان ان لاءِ ئي نوڪري تي رکيو ويو آهيان. ان ڪري ئي ته مان ايڏو مهانگو آهيان.“

رابرٽ ولسن جنهن جي سڄي ڄمار، شينهن ۽ انهن جا پيدا ڪيل مسئلا سلجهائڻ ۾ گذري هئي، جنهن ماڪومبر لاءِ ڪڏهن به ڪجهه نه سوچيو هو، سواءِ ان جي ته هو هڪ سودائي ۽ ڊاڙي هو، تنهن اوچتو ئي محسوس ڪيو ته ڄڻ هن هوٽل جي ڪنهن غلط دروازي کي کوليو هو، جنهن اندر ڪو تمام مفموم فعل ٿي رهيو هو.

”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟“

”ڇونه ان کي اتي ئي ڇڏي ڏيون؟“

”تنهنجو مطلب آهي ته دل ۾ ائين سمجهون ته هن کي گولي لڳي ئي ڪانهي؟“

”نه، فقط وساري ڇڏيون.“

”ائين نه ٿيندو.“

”ڇونه؟“

”پهريون ته هو ڏاڍي عذاب ۾ هوندو. ٻيو ته متان ڪو بيخبريءَ ۾ هن مٿان اچي پوي.“

”ائين آهي.“

”پر توکي ته ان لاءِ ڪجهه به ڪرڻو نه آهي.“

”مان جيڪر ڪجهه ڪرڻ چاهيان.“ ماڪومبر چيو. ”پر توکي خبر آهي ته مان ڪجهه ڊڄي ويو آهيان.“

”جڏهن هلياسين ته مان اڳ ۾ ٿيندس.“ ولسن چيس، ”ڪونگوني پيرا کڻندو، تون منهنجي پوئتان، پري پري رهجان“. ٿي سگهي ٿو ته هن جي گجڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، جڏهن هن کي ڏسون ته ٻئي مٿس گولي هلائينداسين. ڪابه ڳڻتي نه ڪر. مان تنهنجي مدد لاءِ هر وقت تيار هوندس. سچي ڳالهه اها آهي ۽ توکي خبر آهي ته تنهنجو هلڻ ڪو ضروري ڪونهي. اهو وڌيڪ سٺو به ٿيندو. تون وڃين ميم صاحبه سان گڏ ڇو نه ٿو ويهين، جيستائين مان هن کي پورو ڪري وٺان؟“

”نه، مان هلندس.“

”ٺيڪ آهي، ولسن چيو، ”جي تنهنجي دل نه ٿي چاهي ته پوءِ نه هل. اهو هاڻي منهنجو فرض آهي. توکي ته خبر آهي.“

”مان هلڻ چاهيندس.“

هو وڻ هيٺان ويهي سگريٽ ڇڪڻ لڳا.

”جيستائين هت ويٺا آهيون، تون ڇونه وڃين ٻه لفظ ميم صاحبه سان ڳالهائي اچين؟“ ولسن پڇيو.

”نه.“

”مان واپس وڃي هن کي چئي ٿو اچان ته هوءَ صبر ۽ سڪون سان ويٺي رهي.“

”ڏاڍو چڱو.“ ماڪومبر چيو. هو اتي ويٺو رهيو. سندس ڪـَڇن هيٺان پگهر وهي رهيو هو، سندس وات خشڪ ۽ پيٽ ۾ ڳنڍڙيون پئجي رهيون هيون ۽ هو اهڙي همت جي تلاش ۾ هو، جنهن جي اچڻ سان هو جيڪر ولسن کي چئي سگهي ته هو اڪيلوئي، هن کان سواءِ، وڃي شير کي ختم ڪري. هن کي اها خبر نه هئي ته ولسن ڪجهه ناراض آهي ڇو جو  هن کي، ان جي شروع واري حالت جو اندازو ڪونه هو ۽ هن ئي هـُنَ کي پنهنجي زال ڏانهن موڪليو هو. هي اتي ويٺو ئي هو ته ولسن واپس اچي ويو، ”مان تنهنجي وڏي بندوق آندي آهي.“ هن چيو، ”اجها هيءَ وٺ. هن کي ڪافي وقت ڏنو اٿئي. منهنجي خيال موجب اچ ته هلون.“

ماڪومبر بندوق ورتي ۽ ولسن چيس.

”منهنجي پوئتان پنجن والن جي فاصلي تي، ساڄي طرف کان هلندو اچ ۽ ائين ڪجانءِ، جيئن مان چوان.“ تنهن کان پوءِ هن سواهلي زبان ۾ ٻن بندوقچن کي، جي خوف ۾ ورتل هئا، ڪجهه چيو.

”هلو ته هلون.“ هن چيو.

”مان ٿورو پاڻي پيئان؟“ ماڪومبر پڇيو. ولسن، وڏيءَ عمر واري بندوقچيءَ کي اشارو ڪيو، جنهن جي پٽي ۾ پاڻيءَ جو دٻو ٻڌل هو، هن پٽو کولي، دٻي جي ٻـُنجي کولي، ماڪومبر جي حوالي ڪيو. ماڪومبر دٻو وٺي محسوس ڪيو ته ان ۾ ڪافي وزن هيو ۽ پٽو هن جي هٿن ۾ ڏاڍو کهرو ۽ بد زيبو ٿي لڳو. هن دٻو پاڻي پيئڻ لاءِ مٿي ڪيو ۽ سامهون گاهه ڏانهن نهاريو، جنهن پوئتان، سڌين چوٽين وارا وڻ هيا. ٿڌي هوا لڳي رهي هئي، جنهن ۾ ٻوٽا آهستي آهستي لـُڏي رهيا هئا. هن بندوقچيءَ ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائين ته هو به ڊپ ۾ پيلو ٿي ويو هو.

پنجٽيهه وال گاهه ۾ اندر، شينهن پاڻ کي زمين مٿان پٿاري ڇڏيو هو. هن جا ڪن پوئتي هيا ۽ هن جي چر پر صرف ڊگهي، ڪاري ۽ ڇڳي دار پڇ جي ڇوٽڙيءَ جي هيٺ مٿي ٿيڻ تائين محدود هئي. جيئن ئي هو ان گاهه جي آڙ ۾ پهتو ته ڦري حملي لاءِ تيار ٿي ويٺو ۽ هن کي ڀريل پيٽ ۾ جو زخم رسيو هو، تنهن هن کي عليل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڦڦڙن واري زخم ڪري ته هن کي ڪمزوري وڪوڙي ويئي هئي، ڇو جو هر ساهه جي کڻڻ سان، هن جو وات، رت سان ڀرجي ٿي ويو. هن جا پاسا، رت سان، آلا ۽ گرم ٿي ويا هيا ۽ هن جي هيڊي چمڙيءَ جي اندر، شيهي جي گولين سوراخ ڪري وڌا هيا، تن تي مکيون اچي مڙيون هيون. هن جون وڏيون پيليون اکيون، ڪاوڙ ۾ سسيل، سامهون کتل هيون، جي ساهه کڻڻ سان بند پي ٿي ويون ۽ هن جا چنبا، نرم سيڪيل زمين اندر گهڙي ويا هيا. هن جو سڄو درد، علالت، نفرت ۽ هن جي باقي بچيل طاقت گڏجي، آخري حملي لاءِ، جمع ٿي وئي هئي. هو ماڻهن جا آواز ٻڌي رهيو هو ۽ انتظارڪري رهيو هو ته جيئن ئي گاهه اندر گهڙن تي هو سموري قوت جمع ڪري، هنن مٿان حملو ڪري. هنن جا آواز جيئن هن جي ڪنن تي پي پيا ته هن جي پڇ جي چوٽي هيٺ مٿي لڏي رهي هئي ۽ جيئن ئي هو گاهه جي ڀرسان پهتا ته هڪ هڏڪي ڏئي، هن وٺي حملو ڪيو.

ڪونگوني، پوڙهو بندوقچي، سڀ کان اڳ ۾ رت جا نشان وٺيو ٿي هليو. ولسن جي نظر گاهه ۾، هر چرپر تي هئي. وڏي بندوق تيار. ٻيو بندوقچي آواز جي ٽوهه ۾ رڌل هو ۽ سامهون به نظر ڪيو هلي رهيو هو. اڃا هو گاهه ۾ گهڙيا مس ته ماڪومبر شينهن جي رت سڪائيندڙ هڏڪي ٻڌي ۽ گاهه ۾ ڪنهن جي تڪڙي ڪاهه ڏٺي. اوچتو هن محسوس ڪيو ته ڄڻ هو ڀڄي رهيو هو. بدحواس ٿي ڀڄي رهيو هو، خوف ۾ ڀڄي رهيو هو، نهر جي طرف.

هن ولسن جي رائيفل جو ٺڪاءُ ٻڌو ۽ ڪڍ ٻيو ٺڪاءُ ٻڌو، منهن ڦيري ان طرف ڏٺو ته شينهن جنهن جي اڌ منڍي گم هئي ۽ ڏاڍو هيبتناڪ ٿي لڳو، ولسن ڏانهن رڙهندو گاهه منجهان اچي رهيو هو. سرخ فام ماڻهوءَ، بدشڪل رائيفل جو گهوڙو چاڙهي، سڌو نشانو ورتو ۽ رائيفل جي ناليءَ مان هڪ ٻيو ٺڪاءُ نڪتو ۽ رڙهندڙ ايڏو وڏو وزني شينهن اتي ئي ڄمي ويو. سندس اڌ ڪٽيل منڍي پاسي تي لٽڪي پئي. ماڪومبر جيڪو ڀڄي اچي کليل ميدان ۾ بيٺو هو، ۽ هن جي هٿ ۾ گهوڙو چڙهيل رائيفل هئي، تنهن ڏانهن ٻن سياه ۽ هڪ سفيد فام ماڻهوءَ نفرت سان ڏٺو ۽ هن سمجهيو ته شينهن مري ويو. هي ولسن ڏانهن آيو ۽ هن جو ايڏو وڏو قد، ڄڻ ته هن کي، شرمائي رهيو هو.

ولسن هن ڏانهن ڏٺو ۽ چيائينس.

”ڪجهه تصويرون ڪڍندين؟“

”نه.“ هن چيو.

هنن پاڻ ۾ صرف ايترو ڳالهايو، جيستائين هو موٽر ڪار تائين پهتا، تنهن کان پوءِ ولسن چيو:

”واه جو شينهن آهي. ڇوڪرا پاڻيهي کل لاهي صاف ڪندا، تيستائين اسين هت ڇانوري ۾ ترسون ٿا.“

ماڪومبر جي زال نه هن ڏانهن ڏٺو ۽ نه ماڪومبر ئي پنهنجي زال ڏانهن نهاريو. هو ٻئي پوئين سيٽ تي ويٺا هيا ۽ ولسن اڳيان ويٺو هو. هڪ دفعو هن پنهنجي زال جو هٿ وٺي، پنهنجي هٿ ۾ جهليو، پر هن پنهنجو هٿ هن کان ڇڏائي ورتو. هن جي نظر اتان سڌو بندوقچن تي پي پئي، جي شينهن جي کل لاهي رهيا هيا ۽ هن سمجهي ورتو ته هن جي زال اهو سڀ ڪجهه ڏسي ورتو هو. اتي ويٺي ئي، هن جي زال ٿورو اڳتي جهڪي، ولسن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. هن منهن ڦيرايو ته هن اڳتي وڌي، هيٺ سيٽ تي جهڪي، هن جي وات تي چمي ڏني.

”اڙي!“ ولسن وڌيڪ ڳاڙهو ٿيندي چيو.

”مسٽر رابرٽ ولسن.“ هن چيو، ”سهڻا، سرخ چهري وارا مسٽر رابرٽ ولسن.“ ائين چئي هوءَ وري ماڪومبر جي ڀرسان ويهي رهي ۽ پري، نهرجي ڀرسان جتي شينهن پيو هو، نهارڻ لڳي. شينهن پٺيءَ ڀر پيو هو. جيئن ئي بندوقچي هن جي کل لاهي رهيا هيا ته هن جون سفيد مشڪون ۽ ماس سان سڄيل اڳيون ٽنگون ۽ سفيد ڌٻن وارو پيٽ ظاهر پي ٿيو. آخرڪار بندوقچي، شينهن جي کل لاهي کڻي آيا، جا ڏاڍي وزني هئي ۽ پويان اچي کل سوڌا ويهي رهيا. چڙهڻ کان اڳ کل گول ويڙهي ڇڏيائون. جيپ هلڻ شروع ڪيو. ڪئمپ ۾ پهچڻ تائين، ڪنهن به ڪنهن سان، هڪ لفظ به نه ڳالهايو.

شينهن وارو سمورو قصو اهوئي هو. ماڪومبر سمجهي نه سگهيو ته شينهن، جلهه ڪرڻ وقت، ڇاپي محسوس ڪيو. يا جڏهن 505 رائيفل جي گولي جا هن جي ٻوٿ ۾ توب جي رفتار سان اچي لڳي يا اهو ڇا هيو جنهن هن کي ان جي پوئتان اچڻ لاءِ پي مجبور ڪيو، جڏهن ٻي چيريندڙ گولي، ڪڙڪاٽ ڪري هن جو پويون اڌ پرزا ڪري ڇڏيو ۽ هو ان ڪڙڪو ڪندڙ چيز جي پوئتان گيسڙيون پائيندو پي آيو. ولسن کي ڄاڻ هئي ۽ هن صرف انهن لفظن سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ”مردود، واه جو شينهن آهي!“ پر ماڪومبر کي اها خبر پئجي نه پي سگهي ته ولسن جو انهن سڀني جذبن بابت ڪهڙو رايو هو. پنهنجيءَ زال بابت ته هن ڇا پي سمجهيو، اها به هن کي ڄاڻ نه هئي، سواءِ ان جي ته هوءَ، هن سان تعلقات ٽوڙي چڪي هئي.

هن جي زال ته اڳ به ڪيئي دفعا تعلق ٽوڙي چڪي هئي. پر اهو گهڻو وقت ڪونه هليو هو. هو وڏو شاهوڪار هو ۽ اڃان وڌيڪ مالدار ٿيڻ جا منجهس اهڃاڻ هيا. هن کي پڪ هئي ته هوءَ هن کي هاڻ ڪڏهن به ڇڏي نه سگهندي. جن به ڳالهين جي هن کي ڄاڻ هئي، انهن مان اها به هڪ هئي. هن کي گهڻين ڳالهين جي ڄاڻ هئي، موٽر سائيڪلن بابت پر اهو شروع وارو زمانو هو، موٽرڪارن بابت، بدڪن جي شڪار بابت، مڇيءَ مارڻ بابت، ڏنڀرو، ٿيلهي ۽ سامونڊي مڇي، ڪتاب، زالن مردن جي ڀيدن سان ڀريل، ڪيئي ڪتاب، اڻلڀ ڪتاب، ميدان ۾ کيڏڻ واريون رانديون، ڪتن بابت گهوڙين لاءِ ايترو ڪجهه نه، پنهنجي پيسن جي سنڀال ۽ اهڙيون ٻيون ڪيئي ڳالهيون جي دنيا جي وهنوار بابت ۽ اها ڳالهه به ته هن جي زال هن کي ڇڏي نه سگهندي. هن جي زال پنهنجي وقت جي ڏاڍي خوبصورت عورت هئي ۽ اڃا به آفريڪا ۾ هوءَ بيحد حسين عورت هئي، پر پنهنجي ملڪ ۾ هاڻ هوءَ ايتري خوبصورت عورت ڪانه هئي جو هوءَ هن کي ڇڏي پنهنجي لاءِ هن کان وڌيڪ بهتر رشتو جوڙي سگهي. اها هن کي به بخوبي خبر هئي ۽ هـُن کي به پڪ هئي، هوءَ هن کي ڇڏي ڏيڻ جو موقعو ضايع ڪري چڪي هئي، اها هن کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. جيڪڏهن هو عورتن لاءِ ڪمائتو مرد هجي ها ته هن کي به فڪر ستائي ها ته متان هن کان وڌيڪ ڪنهن خوبصورت عورت کي ڦاسائي، زال بڻائي پر هن کي چڱي ريت معلوم هو ۽ ان ڪري هن کي فڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه هئي. ان کان وڌيڪ هن ۾ ٿوري گهڻي ڳالهه کي نظر انداز ڪرڻ جهڙي خوبي به هئي، جيڪڏهن اها هن جي دغا بازي نه هئي ته.

ڪيئن به هو، انهن ڪامياب شادي شده جوڙن جيان ڄاتا سڃاتا ويندا هيا، جن لاءِ ائين ته ڪيئي دفعا افواهه اٿندا هيا، ته ڄاڻ ٽـُٽا، پر حقيقت ۾ هنن ۾ ڪڏهن به اهڙي واضح ڦوٽ ڪونه پيئي ۽ سماجي خبرن جي ڪالمن ۾ هنن بابت خبرون ڇپجنديون رهيون ته هو پنهنجي ڪامياب ازدواجي زندگيءَ کي وڌيڪ خوشگوار بنائڻ لاءِ آفريڪا جي اونداهي کنڊ ڏانهن، شڪار جي مهم تي ويل آهن. مارٽن جانسن، سئنيما جي سونهري پردي تي کين، پوڙهي سمبا شينهن، سانَ ۽ ٽيمبو هاٿيءَ جي پوئتان ويندي ڏيکاريو ۽ قدرتي تواريخ جي عجائب گهر لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون چيزون جمع ڪندي ڏيکاريو. هن ساڳيئي ليکڪ گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا لکيو هو ته هو الڳ ٿيڻ جي قريب اچي ٿيا آهن ۽ هو واقعي ٿيا به هيا، پر هو وري پاڻ ۾ پرچي ويا هيا. هنن کي پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ لاءِ ٺوس سبب موجود هيا. ماڪومبر، مارگريٽ جي دلفريب حسن کي ڇڏي نه ٿي سگهيو ۽ مارگريٽ، ماڪومبر جي بي انتها دولت کي لت هڻي نه ٿي سگهي.

صبح جا ان وقت ٽي لڳي رهيا هيا. فرئنسز ماڪومبر جڏهن شينهن بابت ويچارڻ ڇڏيو ته يڪدم ننڊ اچي ويس. هو اوچتو ئي جاڳي پيو، پر وري گهيرٽ وٺي ويس. اوچتو ئي اوچتو هو اٿي ويٺو، خواب ۾ زخمي شينهن هن مٿان بيٺو هو. هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي هئي ۽ هو چپ ڪري ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو  هو. هن اوچتو محسوس ڪيو ته سندس زال، تنبوءَ اندر پيل کٽ تي ڪانه هئي، ان ڄاڻ سان هو سڄا سارا ٻه ڪلاڪ جاڳندو رهيو.

ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ سندس زال تنبوءَ اندر گهڙي، مڇر داني مٿي ڪري، ڏاڍي آرام سان اچي بستري تي ليٽي.

”ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟“ ماڪومبر اوندهه ۾ پڇيس.

”هيلو.“ هن چيو، ”تون جاڳين پيو؟“

”ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟“

”هاڻي ٻاهر ويس، تازي هوا کائڻ.“

”کاڌي هوندءِ دوزخ جي هوا.“

”جاني، تون ڇا ٿو مون کان چورائڻ چاهين؟“

”تون وئي ڪيڏانهن هئينءَ؟“

”تازي هوا کائڻ.“

”ان بڇڙائيءَ جو تو اهو نئون نالو رکيو آهي. ڪتي آهين.“

”خير، تون بزدل آهين.“

”ٺيڪ آهي.“ هن چيو، ”پوءِ ڇا ٿي پيو.“

”ڪجهه نه، جيستائين منهنجو تعلق آهي، پر مهرباني ڪري مون سان نه ڳالهاءِ. مٺڙا مون کي ننڊ ٿي اچي.“

”تون سمجهين ٿي ته مان هر ڳالهه برداشت ڪندس.“

”مون کي خبر آهي ته ڪندين، جاني.“

”مون کان برداشت نه ٿيندو.“

”مهربان، پيارا، وڌيڪ نه ڳالهاءِ، مون کي ننڊ ٿي اچي.“

”ائين وري ڪڏهن نه ٿيندو. تو واعدو ڪيو هو، ته وري اهڙي ڳالهه نه ڪندينءَ.“

”تو واعدو ڪيو هو.“

”هائو جاني، منهنجو پاڻ اهوئي ارادو هو. پر سير جو لطف ڪالهه کان وٺي ختم ٿي ويو. ڳالهائڻ ته نه گهرجي اسان کي ان باري ۾. ائين نه؟“

”موقعو سو توکي ملي، باقي ان بڇڙائيءَ کان باز رهڻ تنهنجي لاءِ محال آهي.“

”هاڻ ڇڏ ان ڳالهه کي پيارا، مون کي ننڊ ٿي اچي.“

”مان ڳالهائيندس.“

”ته پوءِ منهنجو ڏک نه ڪجانءِ جي مون کي ننڊ وٺي وڃي.“ هوءَ واقعي سمهي پئي.

سج اڀرڻ کان اڳ هو ٽئي ناشتي جي ٽيبل تي اچي گڏيا. فرئنسز ماڪومبر محسوس ڪيو ته زندگيءَ ۾ جن به انسانن کان هن نفرت ڪئي آهي، تن سڀني کان وڌيڪ هن، رابرٽ ولسن کي پي ڌڪاريو.

”ننڊ چڱي آئي؟“ ولسن گهگهي آواز ۾، پائيپ ۾ تماڪ ڀريندي پڇيس.

”تون سمهين؟“

”ڏاڍي مزي سان.“ سفيد فام شڪاريءَ چيس.

حرامزادا، ماڪومبر چيو، بي ادب حرامي.

موٽڻ مهل هـُن، هـِنَ کي جاڳائي وڌو آهي شايد. ولسن هنن ٻنهي ڏانهن بي پرواهيءَ سان ڏسندي چيو. خير هو پنهنجي زال کي، اصل جڳهه تي ڇونه ٿو قابو ڪري؟ هو ڇا ٿو سمجهي ته مان ڪو چوني جو ٺهيل ديوتا آهيان. اهو  هن جو فرض آهي ته هن مٿان ضابطو رکي. اهو هن جو پنهنجو ڏوهه آهي.

”تنهنجو ڇا خيال آهي، ساڻ ملي ويندو؟“ مارگريٽ زردالن جي پليٽ پري سرڪائيندي پڇيو.

”موقعو ملي ويندو.“ ولسن چيس ۽ هن ڏانهن مرڪي نهاريو.

”تون ڪئمپ ۾ ڇونه ٿي ترسين؟“

”ڇا به ٿي پوي مان نه ترسندس.“ هن ٻڌايس.

”تون ڇونه ٿو هن کي جهلين، ته هوءَ ڪئمپ ۾ ترسي.“ ولسن، ماڪومبر کي چيو.

”هاڻي تنهنجو حڪم هلندو.“ ماڪومبر بي پرواهيءَ سان چيس.

”اسان مان نه ڪو ته حڪم هلائي ۽ نه ڪائي بيهودگي ڪري، فرئنسز“ مارگريٽ ڏاڍي وڻندڙ لهجي ۾ چيو.

”تون هلڻ لاءِ تيار آهين.“ ماڪومبر پڇيس.

”ڪنهن به وقت.“ ولسن هن کي ٻڌايو، ”تنهنجي مرضي آهي ته ميم صاحبه هلي؟“

”منهنجي مرضي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق پوندو ڇا؟“

جهنم ۾ پون، رابرٽ ولسن سوچيو، وڃي ڌوڙ پائين. اڳتي اهو سڀ ڪجهه ائين ٿيندو. خير هاڻ اهو ائين ئي هلندو.

”فرق ته ڪونه پوندو.“ ولسن چيو.

”توکي پنهنجي پڪ آهي ته تنهنجي دل ائين نه ٿي چاهي، ته تون هن سان گڏ ڪئمپ ۾ رهين ۽ مان اڪيلو، سانَ جو شڪار ڪرڻ وڃان.“ ماڪومبر پڇيس.

”مان ته ائين نه ڪندس.“ ولسن چيس، ”تنهنجي جاءِ تي مان هجان ته جيڪر ايڏي ساڙ سان نه ڳالهايان.“

”مان ساڙ مان نه ٿو چوان، مان بيزار ٿيو آهيان.“

”بيزار ٿيڻ، برو لفظ آهي.“

”فرئنسز، مهرباني ڪري ڪا عقل جي ڳالهه ڪر.“ هن جي زال چيس.

”مان ڪافي عقل سان ٿو ڳالهايان.“ ماڪومبر چيو، ”اهڙو ڪنو کاڌو تو ڪڏهن کاڌو آهي؟“

”کاڌي ۾ ڪا خرابي آهي؟“ ولسن آهستي پڇيو.

”انهيءَ کان وڌيڪ نه، جا هر ڳالهه ۾ آهي.“

”توکي ته مان سبق پڙهائي ڇڏيان. ماديءَ مـُنهان.“ ولسن آهستي چيس، ”پر هت ٽيبل تي هڪڙو ڇوڪرو ڪم ڪري رهيو آهي، جو ڪجهه انگريزي سمجهندو آهي.“

”ڇوڪرو پوي جهنم ۾.“

ولسن يڪدم اٿي بيٺو ۽ پائيپ مان دونهان ڪڍندو، آهستي آهستي قدم کڻندو هليو ويو، بندوقچي جو هن جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو، تنهن سان سواهلي زبان ۾ چار لفظ ڳالهايا. ماڪومبر ۽ سندس زال ٽيبل تي ويٺا رهيا. ماڪومبر پنهنجي ڀرسان رکيل ڪافيءَ جي پياليءَ کي گهوري رهيو هو.

”پيارا، جيڪڏهن تون ڪو تماشو ڪرڻ گهرين ته مان پوءِ ڇڏي وينديمانءِ.“ مارگريٽ آهستي چيس.

”نه، تون نه ويندينءَ.“

”تون ائين ڪري ڏس ته خبر پوندءِ.“

”تون مون کي نه ڇڏيندينءَ.“

”نه، مان نه ڇڏي ويندس پر توکي به شرافت سان هلڻو پوندو.“

”مان شرافت سان هلان؟ اهو طريقو آهي مون سان ڳالهائڻ جو؟ مان چال سڌاريان.“

”هائو، تون چال سڌار.“

”تون ڇونه ٿي پنهنجي چال سڌارين؟“

”مان گهڻي وقت کان ڪوشش ڪري رهي آهيان، تمام گهڻي وقت کان.“

”مون کي ان ڳاڙهي چهري واري سوئر کان نفرت آهي.“ ماڪومبر چيو، ”مون کي هن جي شڪل کان به بڇان ٿي اچي.“

”سچي، هو ڏاڍو پيارو اٿئي.“

”بڪواس بند ڪر.“ ماڪومبر رڙ ڪري چيس. ايتري ۾ جيپ هنن ڏانهن ايندي، کاڌي واري تنبوءَ وٽ اچي بيٺي. ڊرائيور ۽ ٻه بندوقچي هيٺ لهي بيٺا. ولسن گهمندي گهمندي زال مڙس ڏانهن نهاريو جي ٽيبل اڳيان ويٺا هيا.

”شڪار تي هلو ٿا؟“ هن پڇيو.

”هائو.“ ماڪومبر چيو ۽ اتي بيٺو. ”هائو.“

”بهتر ٿيندو ته پاڻ سان ڪو گرم اوڇڻ آڻيو، ڪار ۾ ٿڌ لڳندوَ.“ ولسن چين.

”مان ته پنهنجو جئڪيٽ کڻان ٿي.“ مارگريٽ چيو.

”ڇوڪري اڳ ۾ ئي کنيو آهي.“ ولسن ٻڌايس. هو ڊرائيور سان گڏ اڳيان ٿي ويٺو، ماڪومبر ۽ سندس زال، خاموش پويان سيٽ تي ٿي ويٺا.

اميد ته هن بيوقوف فقير جي دل ۾ اهو خيال نه ايندو، جو پويان ئي منهنجي کوپڙي نه اڏائي ڇڏي. ولسن دل ۾ سوچيو. عورت ائين به شڪاري مهم ۾ آزار ٿيندي آهي.

جيپ نديءَ جي جابلو گهاٽ وٽان، پٿرن کي پيهندي، صبح جي ٿڌيءَ روشنيءَ ۾ نديءَ جي ٻيءَ ڀر واري چڙاهي چڙهي وڃي وڻن جي جهڳٽن ۾ بيٺي، هتي هڪ ڏينهن اڳ ولسن، رستو سڌو ڪرائي ڇڏيو هو.

ولسن صبح جي دلڪشي محسوس ڪئي. گاڏيءَ جا ڦيٿا جيئن ئي ماڪ ڀنل گاهه ۽ ننڍن ٻوٽن کي لتاڙيندا پي ويا ته چيٿاڙيل پنن جي خوشبوءَ پکڙجي ٿي ويئي. اها بوءِ ڪنهن جهنگلي خوشبودار ٻوٽن جيان ئي هئي. هن کي ماڪ جي صبح واري سڳنڌ، ڏاڍي وڻندي هئي. جيئن ئي ڪار، اڻ لتاڙيل رستي تان وڃي رهي هئي ته چيڀاٽيل ٻوٽا ۽ وڻن جا ٿڙ جي صبح جي ڌنڌ ۾ ڪارا نظر اچي رهيا هيا، ڏاڍو حسين منظر پيش ڪري رهيا هيا. پويان ويٺل ٻنهي ڄڻن کي هن پنهنجي دل مان ڪڍي، وساري ڇڏيو هو. هو صرف سانَ بابت سوچي رهيو هو. سانَ، جن بابت هو سوچي رهيو هو، سي ڏينهن جو سارو وقت، گهاٽيءَ گپ ۾ پيا هوندا هيا، جتي هنن مٿان گوليءَ سان نشانو وٺڻ ناممڪن هو، پر رات جو هو ٻاهر کليل ميدان ۾ گاهه چرندا هيا. جو هو ان ڌٻڻ ۽ سانن جي وچ ۾ جيپ سوڌو اچي سگهي ته پوءِ ماڪومبر کي کليل ميدان ۾ هنن تي گولي هلائڻ جو بهتر موقعو ملي سگهندو. ماڪومبر سان گڏ هو سانَ جو يا ڪنهن جو به شڪار، ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾، ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو، پر هو هڪ پيشور شڪاري هو ۽ ڪيترا دفعا هن جو عجيب عجيب شڪارين سان پالو پيو هو. جي اڄ هنن سانُ ماريو ته سڀاڻي گينڊي جي فرمائش ٿيندي ۽ هي غريب وڃي ها، ان خطرناڪ کيل ۾ الجهندو ۽ ڪهڙي خبر ڇا ٿئي عورت سان هن جي هاڻ ڪا دلچسپي ته رهي ڪانه هئي ۽ ماڪومبر به برداشت ڪري ويندو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته هو اڳ به گهڻو ڪجهه برداشت ڪري چڪو آهي. غريب بکاري، هن کي اهو سڀڪجهه سهڻ جو ڏانءُ آهي. ڪيئن به اهو سڀ ڪجهه ان ويچاري جوشيلي جوان جو پنهنجو ڏوهه آهي.

هي رابرٽ ولسن، شڪاري مهم تي وڃڻ وقت هميشه پاڻ سان ٻٽي کٽ کڻندو هو ته جي بخت، يا وري ڪري ته ان ويڪري کٽ جو فائدو ماڻي سگهي. هن هميشه ڪن خاص گراهڪن کي شڪار ڪرائڻ ۾ مدد پي ڪئي، جيڪي تيز طرار ۽ تماشبين هوندا هيا ۽ هنن سان جيڪي عورتون ساڻ هونديون هيون، سي تيستائين ان مهم تي ڪيل خرچ سولو نه سمجهنديون هيون، جيستائين هو اڇي رنگ واري شڪاريءَ سان ڪي گهڙيون گڏ نه گهارين. هو انهن سڀني کان جڏهن پري هوندو هو ته نفرت ڪندو هو، جيتوڻيڪ ڪن ڪن کي ته هو وقتي طور پسند به ڪندو هو. پر جيئن ته هن جي گذر سفر جو دارومدار سارو انهن گراهڪن تي هو، تنهن ڪري جيستائين هو انهن جي ملازمت ۾ هوندو هو ته هنن جي مقرر اخلاقي قدرن کي، پنهنجي لاءِ به ساڳيو ئي سمجهندو هو.

اهي ساڳيا هن جا به اخلاقي قدر هوندا هيا، سواءِ شڪاري اصولن جي. شڪار بابت هن جا پنهنجا اصول هيا ۽ هن جي گراهڪن کي انهن اصولن جي پوئواري ڪرڻي پوندي هئي. جي نه، ته ڀل وڃي ڪو ٻيو ڳولهي لهن جو هنن کي شڪار ڪرائي. هن کي ان جو احساس هيو ته هو سڀ هن جي انهن اصولن ڪري، عزت ڪندا هيا. جيتوڻيڪ هي ماڪومبر عجيب مخلوق هو. لعنت پوي، جو هو واقعي نه هيو. هاڻي سندس زال، واهه زال، هائو زال، هون زال. خير هن ته سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو. هن منهن ڦيري هنن کي ڏٺو ماڪومبر منهن سڄايون غصي ۾ ويٺو هو. مارگريٽ هن ڏانهن ڏسي مرڪي. اڄ هو هميشه کان وڌيڪ جوان، معصوم ۽ تازگيءَ سان پر نظر اچي رهي هئي. هن جي دل ۾ ڇا پئي وهيو واپريو، تنهن جي ڪل خدا کي. ولسن سوچيو گذريل رات هن ڳالهايو گهٽ، پر هـُـن ڪم ۾ هن جي مهارت ڏسي لطف پي آيو.

جيپ چاڙِهي چڙهي وڻن وچان ويندي وڃي، گاهه سان ڇانئيل ميدان ۾ پهتي ۽ ڪناري ڪناري هلندي رهي. ڊرائيور آهستي جيپ هلائي رهيو هو ۽ ولسن گاهه واري ميدان ۾ هيڏي وڏي ۽ وچ ۾ گهوري گهوري ڏسي رهيو هو. گاڏي بيهاري هن دوربينيءَ سان، گاهه واري ميدان کي چڪاسي ڏٺو. ڊرائيور کي اشارو ڪيائين ۽ گاڏي هوريان هوريان هلڻ شروع ڪيو. ڊرائيور جانورن جون کوٽيل کڏون لنوائيندو ۽ ماڪوڙين جي ٺاهيل مٽيءَ جي دڙن کان پاسو ڏيئي ڦرندو، هلي رهيو هو. اوچتو جيئن ئي گاڏيءَ ميدان جو کليل پاسو ٽپيو ته ولسن رڙ ڪئي،

”الله، هو ته بيٺا آهن!“

جيڏانهن ڏٺائين پي اوڏانهن اشارو ڪيائين ۽ جيپ تيز ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ ولسن جلدي جلدي سواهلي زبان ۾ ڊرائيور کي ڪجهه چيو. ماڪومبر وڏا ڪارا ٽي جانور ڏٺا، جي ڄڻ ته پنهنجي ٿولهه ۾ گول مٽول، ٽي سياهه جنگي گاڏين جيان نظر اچي رهيا هيا ۽ چراگاه جي پرينءَ پاسي کان ڊڪندا پي ويا. هنن جون ڳچيون هڪ هنڌ بيٺل ۽ هنن جو جسم ڊڪندي ساري جو سارو، هيٺ مٿي ٿي رهيو هو. هنن جا ڪارا ويڪرا سڱ سندن مٿي تي ڄڻ ته کپي ويا هيا ۽ هنن جي ڊڪڻ سان منجهن ڪابه چر پر ڪونه ٿي ٿي.

”هي ٽي پوڙها سانَ آهن.“ ولسن چيو، ”اسان هلي هنن مٿان پونداسين، جيستائين هو گپ ۾ پهچن.“

جيپ پنجيتاليهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ميدان ۾ ڊڪي رهي هئي.

ماڪومبر سانن ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺو ۽ هو ويا ٿي آهستي آهستي وڏا ٿيندا ۽ هاڻ هو چٽيءَ طرح هڪڙي وڏي سانَ جو رک جهڙو رنگ، وارن کان سوا”، خارش زده چمڙي ڏسي رهيو هو ۽ هن جي ڳچي ڄڻ ته سندس ڪلهن ۾ گهڙي ويئي هئي. جيئن ئي هو ڊڪي رهيو هو ته سندس سڱن جي سياهيءَ تجلا پي ڏنا. هو ٿورو ٻين جي پويان هو، جي پنهنجي ٽٻيون هڻندڙ ٽور ۾ ڄڻ ته ساڳي ڌاڳي ۾ پوئجي ويا هيا. جيپ چڪر ڪاٽي، ڄڻ ته ٽپو ڏيئي سڌي ٿي ۽ هن سانَ جي ايڏي وڏي، ٽٻيون هڻندڙ ٿولهه ڏٺي. هن جي ڇڊن وارن واريءَ چمڙيءَ ۾ گپ ڀريل هئي. ايڏن ويڪرن سڱن جي مالڪ جو ويڪرين ناسن وارو ڊگهو ٻوٿ اڳيان پکڙيل هو. هو اڃا پنهنجي بندوق مٿي ڪرڻ وارو هو ته ولسن رڙ ڪيس، ”ڪار مان ويٺي نه، بيوقوف.“ هو ولسن کان ڪو ڊڄي ته ڪو نه پيو پر هن کان هن کي نفرت هئي. جيئن ئي جيپ کي بريڪ لڳو ته هوءَ ڪيئي جهٽڪا کائي، هر ڏيندي وڃي هڪ هنڌ بيٺي. ولسن هڪ پاسي کان ۽ هو ٻي طرف کان ٿاٻا کائيندو هيٺ لٿو، زمين اڃا به جيپ سان گڏ هلي رهي هئي. جيئن ئي سانُ پاسو وٺي ڀڳو، هن گوليون هڻڻ شروع ڪيون ۽ گولين جو آواز اهڙو اچي رهيو هو ڄڻ ته اهي سڀ سانَ ۾ اندر وڃي رهيون هيون. هن به بندوق جون سڀ گوليون هلائي، بندوق خالي ڪري ڇڏي. آخر ۾ هن کي ياد آيو ته گوليون ته هن کي، سان جي اڳين حـصي ۾، ڪلهن وٽ هڻڻيون هيون. جيئن هو  ٿاٻڙندي ٿاٻڙندي بندوق ڀري رهيو هو ته هن ڏٺو ته سانَ ڪري پيو. هو گوڏن ڀر ڪريو هو، هن جو ايڏو وڏو سر لڙڪي پيو هو. باقي سانَ هن ڏٺا ته ان ئي رفتار سان ڊڪي رهيا هيا. هن جيڪو سان ُ اڳيان هو تنهن کي گولي هئين، جا هن کي لڳي. هن ٻيهر گولي هنيس پر اها گسي ويئي ۽ ايتري ۾ هن ولسن جي بندوق جو ٺڪاءُ ٻڌو ۽ ڏٺائين ته سانَ دون ڀر اچي ڪريو.

”هن ٻي کي وٺ.“ ولسن چيس، ”هاڻي، تون شڪاري لڳين ٿو.“

پر ٻيو سانُ پنهنجيءَ ساڳيءَ ئي رفتار سان ڊگ ڀڄندو وڃي رهيو هو ۽ هن جي گولي ڌوڙ اڏائيندي، گسي ويئي. ولسن جي گولي به گٿي، ڌوڙ اڏاڻي ۽ ڪڪر ٺهي ويو. ولسن رڙ ڪيس، ”اچ، گوليءَ جي مار کان گهڻو پري آهي.“ هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، وري اچي جيپ کي چنبڙيا. جيپ جي رفتار سان گڏ هو به زمين جي جهاڪن ۾ لڏي رهيا هيا ۽ ويا ٿي سانَ کي سوڙها پوندا جو پنهنجي ساڳي رفتار سان ٿلهي ڳچيءَ سان ٽٻيون هڻندو، سڌو ٿي ڀڄندو پي ويو.

هو هن جي پوئتان هيا ۽ ماڪومبر پنهنجي بندوق کي گولين سان ڀري رهيو هو. خالي گوليون هيٺ ٿي ڦٽي ڪيائين ۽ جي گولين وجهندي بندوق بند پي ٿي ويئي ته وري ان کي کوليندو ويو ٿي ڀريندو. جيئن ئي سان جي ويجهو اچي پيا ته ولسن رڙ ڪئي، ”جهل“ ۽ ڪار گهلبي رڙهندي وئي ۽ ذري گهٽ اوچتو بريڪ لڳڻ سبب اونڌي ٿيڻ کان بچي وئي ۽ جهٽڪي اچڻ سان ماڪومبر وڃي پرينءَ ڀر ڪريو. گهوڙو چاڙهي، ڊڪندي سانَ جي ڪاريءَ پٺيءَ جي اڳين حـصي جو نشان وٺي، گولي هلائي، هڪ، وري ٻي، وري ٽين. گوليون به سڀ هن کي لڳيون پر، پر هن ڏٺو ته اثر ڪنهن به ڪونه ڏيکاريو. پوءِ ولسن گولي هنئين ۽ آواز هن کي ذري گهٽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو ۽ هن ڏٺو ته سانُ ٿاٻو کاڌو. ماڪومبر چتائي نشان وٺي گولي هنئين ۽ اتي ئي سانُ گوڏن ڀر اچي ڪريو.

”ڏاڍو سٺو.“ ولسن چيو، ”واه جو ڪم ڪيئي، ٽئي پورا ٿيا.“

ماڪومبر کي ڄڻ ته نشي جا خمار چڙهي ويا.

”ڪيتريون گوليون تو هلايون؟“ هن پڇيس.

”صرف ٽي.“ ولسن چيس، ”پهريون سانُ ته تو ماريو، جيڪو وڏي ۾ وڏو هو. باقي ٻن کي پوري ڪرڻ ۾ مان تنهنجي ڪجهه مدد ڪئي. ڊپ پي ٿيو ته ڪٿي هنن کي ڪا لڪڻ جي جڳهه نه ملي وڃي. ماريو ته سڀني کي تو، مان ته صرف آخري صفائي پي ڪئي. اڄ واهه جو تو نشان ڏيکاريا.“

”هل ته جيپ وٽ هلون.“ ماڪومبر چيس، ”مون کي اڃ لڳي آهي.“

”اڳ ۾ ان سانَ کي پورو ڪريون.“ ولسن جواب ڏنس. سان گوڏن ڀر جهڪيو ويٺو هو ۽ هنن کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي، غصي ۾ وٺي ڪنڌ کي ڌوڻيو ۽ ڪاوڙ ۾ اکيون ڪڍي، هڪ وڏي رنڀ ڪئي.

”ڏسجانءِ جيئن هو اٿي نه.“ ولسن چيس، ”شيهي واري گولي بندوق ۾ وجهي، ڳچيءَ وٽ ڪن جي پاڙ ۾ هڻينس.”

ماڪومبر سان جي ايڏيءَ وڏيءَ، غصي ۾ لهرائيندڙ ڳچي ۾ چتائي نشان وٺي گولي هنئين. گوليءَ لڳڻ سان هن جو پهاڙ جيڏو سر، اڳيان اچي ڌرتيءَ تي ڪريو.

”هي ڏاڍا بهادر آهن، ڏسڻ ۾ به عجيب آهن. آهن نه؟“

”هل ته هلي پئون.“ ماڪومبر چيو. اڄ جهڙي خوشي هن پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪڏهن به محسوس ڪانه ڪئي هئي.

جيپ ۾ ماڪومبر جي زال ويٺي هئي، سندس منهن جو رت ئي سڪي ويو هو. ”جاني، اڄ واهه جو تو پاڻ ملهايو.“ هن ماڪومبر کي چيو، ”پر واهه جو اڄوڪي سواري به هئي.“

”ڏاڍا جهاڪا هيا؟“

”ڏاڍي خوفنائتي، پنهنجي ساري عمر ۾ مان ڪڏهن به ايڏي نه ڊني آهيان.“

”اچو ته سڀ ڪجهه پيئون.“ ماڪومبر چيو.

”بيشڪ.“ ولسن چيو، ”پهريائين ميم صاحبه کي ڏي.“ هن سڌو گهگهيءَ مان وسڪيءَ جو ڍڪ ڀريو ۽ ڳيت ڏيڻ مهل ٿورو ڪنڌ ڏڪايو. هن گهگهي ماڪومبر ڏانهن وڌائي، جنهن پوءِ ولسن کي ڏني.

”ڏاڍي ڀوائتي ۽ جوش ڏياريندڙ هئي.“ هن چيو، ”ان ته مون کي ڏاڍو مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو آهي. مون کي خبر ڪانه هئي ته توهان کي، جيپ ۾ ويهي شڪار ڪرڻ جي اجازت آهي.“

”اسان مان ته ڪنهن به جيپ ۾ ويهي، گولي نه هلائي آ.“ ولسن  رکائپ سان چيس.

”منهنجو مطلب آ ته جيپ ۾ ويهي، هنن جو پيڇو ڪرڻ.“

”رواجي طرح ائين نه ڪبو آهي.“ ولسن چيس، ”جيتوڻيڪ ائين ڪندي به مون کي شڪار جي اصولن پٽاندڙ پي لڳو. انهيءَ نموني گاڏي هلائڻ ۽ ان ميدان ۾ جنهن ۾ ڪيئي کڏون کوٻا ۽ ٽنگ آهن، پيادل شڪار ڪرڻ ۾ وڌيڪ خطرا هيا. سانَ جي چاهن ها ته هر دفعي جڏهن به اسان گولي پي هلائي ته هو اسان مٿان حملو ڪري پي سگهيا. هنن کي به اسان هر موقعو ڏنو. جيتوڻيڪ ڪنهن ٻي سان اها ڳالهه ڪبي ڪونه. اهو واقعي غير قانوني آهي، جيڪڏهن تنهنجو مطلب اهو آهي ته.“

”مون کي اهو نامناسب پئي لڳو.“ مارگريٽ چيو، ”ايڏن وڏن، لاچار ۽ بيوس جانورن جو گاڏين سان پيڇو ڪرڻ.“

”واقعي؟“

”اهي ڇا چوندا، جي نئروبيءَ کي انهن جو پتو پوي؟“

”هڪ ته منهنجو شڪار پروانو منسوخ ڪيو ويندو، ٻيا به ڪي اڻوندڙ واقعا.“

ولسن گهگهيءَ مان ڍڪ ڀريندي چيس، ”مون کي شايد پوءِ هي ڌنڌو به ڇڏڻو پوي.“

”سچ پچ؟“

”ها. سچ پچ.“

”واه.“ ماڪومبر چيو ۽ سموري ڏينهن ۾ اها هن جي پهرين مرڪ هئي. ”هاڻي توکي به هن مـُٺ ۾ بند ڪبو.“

”فرئنسز، توکي به عجيب طريقو آهي، هر ڳالهه کي پنهنجي نموني سوچڻ ۽ سمجهڻ جو.“ مارگريٽ چيو. ولسن ٻنهي ڏانهن ڏٺو ۽ دل ۾ سوچيو، جيڪڏهن چئن اکرن جي نالي وارو مرد، ٽن اکرن جي نالي واريءَ عورت سان شادي ڪري ته سندن ٻارن جو نالو ڪيترن اکرن وارو هوندو. پر هن کين ٻڌايو، ”هڪڙو بندوقچي اڃا گم آهي، توهان محسوس ڪيو آهي؟“

”الله! نه.“ ماڪومبر چيو.

”اڙي اهو اچي پيو. جتي اسان پهرين سانَ کي ڇڏيو، شايد اتي ئي هو گاڏيءَ مان ڪري پيو هوندو.“

هن ڏانهن ايندڙ، ڪرڙوڍ بندوقچي هو. هن کي ڀرت ڀريل ٽوپي، خاڪي رنگ جي پتلون قميص ۽ رٻڙ جي چپل پيل هئي ۽ هو منڊڪائيندو اچي رهيو هو. هن جي منهن ۾ غم ۽ اکين ۾ بيزاري پي نظر آئي. جيئن هو پهتو ته پنهنجي سواهلي زبان ۾، ولسن کي رڙ ڪري ڪجهه چيو ۽ سڀني ڏٺو ته سفيد فام شڪاريءَ جو منهن لهي ويو.

”هي ڇا پيو چوي؟“ مارگريٽ پڇيس.

”چوي پيو ته پهريون سانُ اٿي، ٻوڙن ۾ هليو ويو.“ ولسن چيو ۽ هن جو آواز ڪنهن جذبي کان خالي هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com