سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :23

پريم به وري ڪهڙو ته ٻيو سندس غلام ۽ نوڪرياڻي ٿي رهي. زباني وعدن جي ڪمي ڪانهي پريم هي آهي پريت هيءَ آهي ريت هوءَ آهي. پريت دنيا جي ٻنڌڻن کان آزاد آهي وغيره وغيره.

رميش! اهي بيقراريون، آه زاريون، اونداهيون راتيون...... آءٌ نٿي سمجهان، ڇا جي لاءِ آهن. ڇا تون انهن ۾ شاديءَ جي تصوير ٿو ڏسڻ چاهين ڇا خط به انهيءَ ڪري لکيو اٿئي ته آءٌ ڀنڀلجي آئينده تنهنجي ٿي رهان؟ هائو تنهنجو اهو ئي خيال هوندو....... پر افسوس آءٌ اهڙي خيال تي همراءِ ٿي نٿي سگهان. پريم جي دعويٰ ڪرڻ ۽ ان جي شاديءَ جو پوش چاڙهڻ جهڙو دفتريءَ تي بخمل چاڙهڻ آهي. پريت اها هئڻ گهرجي جا معصوم هجي زبان سان نه پر دل سان هجي.

زياده ڇا لکان. مون کي اهو ڪجهه سمجهه جو تون آهين. تو رباب کي ڇيڙيو ۽ تارون وڄڻ مگر فرق سو اهو آهي. تنهنجي تمنا آهي ته منزل تي جلد پهچين، منهنجي مرضي آهي ته پريم جو رستو اڃا اڙانگو ٿئي. تنهنجو پريم پوڄا جي لائق آهي مگر تنهنجي طبيعت نه...... آخر تون به ته انهن مان آهين جن کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.ان ڪري تون مون کي ياد ڪندو رهه ۽ آءٌ توکي ياد ڪندي رهنديس.

تنهنجي سوشيلا-

اسين ٻيئي

اوهين کيس ڪونه سڃاڻو؟

هوءَ ته اُهائي هئي جنهن کي سڀني سڃاتو ٿي.... پر سمجهيو ڪنهن ڪونه ٿي... سڀني کيس پسند ڪيو ٿي... پر سڀني کيس ڌڪاريو ٿي.

اُن کي پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ خدا سان هزار بار بغاوت ڪئي ويئي، ان کي ڌڪارڻ واسطي شيطاني نفس اختيار ڪيو ويو. گناهه سان ان جي پوڄا ڪئي ويئي. محبت پنهنجي خون سان ان جي حسن کي جوان ڪيو. دولت ان جي نازڪ قدمن تي ليٽي قربان ٿيڻ لڳي. اخلاقي دنيا جي راتين ۾ ان کي شمع وانگر ايسين تائين جلايو ويو، جو ان جي نوجوان زندگيءَ جو هر چمڪندڙ ڪرڻو ڪاري دونهين جي ليڪ بنجي پيو.

ان جي شوخ نظرن کي زهريلو سڏيو ويو ۽ شراب ڪري پيتو ويو. ان جي باقوتي مشڪڻ کي خوني ٻڌايو ويو. مگر تنهن هوندي به لڪي لڪي ان کان حياتي بخشڻ جون منٿون ڪيون ويون. ان کي حسين نانگڻ سمجهندي به انسان ان کي پنهنجي سيني سان نه لڳائڻ جي همت نه ڪري سگهيا، اخلاق، مذهب ۽ سماج سڀني پڪاري چيو، ”هيڏانهن قدم نه کڻو! اها خوبصورت جئور توهان جي روح کي چوسي ويندي“.... پر ماڻهو بلڪل بي اختيار ڏڪندڙ، ڪرندا، لڏندا ۽ ڇڪبا ويا.... جهڙا آسمان تان ڪرندڙ تارا... ان جي گنهگارين راتين جي لذيذ اونداهي ۾ گم ٿي ويا.

پر سچ ته اهو آهي ته ماڻهو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪي ڪري به نٿي سگهيو!

بي پناهه ڪشش جي اڳيان ڪمزور جزو گهلبو نه وڃي ته ٻيو ڇا ڪري! بي رحم شعلن جي وچ ۾ ڪک ڀسم نه ٿئي ته ڪيڏانهن وڃي!..... اهو ڏوهه آهي ته ان ۾ گنهگار جو ڪهڙو قصور؟ اها بغاوت آهي ته باغيءَ جي ڪهڙي خطا! هن تنگ ۽ ننڍڙيءَ دنيا ۾ آخر دل کي ڪيڏانهن ڪجي؟ جان ڏيڻ لاءِ به ته ڪنهن سارڻ واري جي ضرورت آهي.

مگر حقيقت ته اها آهي، جو اهو سڀڪجهه جذباتي قريب هو، جنهن جي پٺيان نفساتي خود غرضيءَ جي لڪل تصوير هئي. ماڻهو جڏهن اخلاق، مذهب ۽ سماج جي قانون کي ٽوڙي، هُن جي دلنواز خلوت ڏانهن ايندا هئا، ته هوءَ چڱيءَ طرح سمجهي ويندي هئي ته اُهي بکايل بگهڙ آهن، جو سندس جوانيءَ جو رت پيئڻ لاءِ سون چانديءَ جا پيالا کڻي آيا آهن... انهيءَ لاءِ اُن اهڙي تعليم حاصل ڪئي، جو هُن جو جسم انڊلٺ وانگر ور کائي ته ناچ ۽ شاعري جاڳي اٿن. هن جي چپن جو آب حيات چُرڻ سان شراب ڇُلڪجي وڃي. هن اهو به سکيو هو ته اُنهن بگهڙن کي ڪيئن پاليو وڃي. ساهه جي تيزي ۽ سستي، عضون جي گولائي... اکڙين جا اشارا... اُنهن سڀني ۾ ماهر هئي. هُن جو شڪار هُن وٽ ڦاٿل هو.

هن کي اهو معلوم هو ته اُهو پوڄا ۽ پريم جو طوفان جو اُن جي اشاري تي هلي رهيو هو، ٿوريءَ ئي غفلت کان کيس باغ دنيا جي شخ تان مکڙيءَ وانگر ٽوڙي اڇلائي ڇڏيندو.

جڏهن شام جو هوءَ پنهنجي خوبصورت بالاخاني جي آغوش ۾ پنهنجي ساري جوانيءَ ۽ تمام رنگينيءَ کي سينگاري ويهندي هئي ته رات پوڻ سان سڄي دنيا هن وٽ ڇڪجي ايندي هئي..... هن کي خبر هئي ته اُها سڄي ڪشش هڪ ڏينهن پاڻيهي اُن جي قسمت سان ٽڪربي.... جڏهن هوءَ هزارين فتنا کڻي، مشڪندي، باغن مان رستن تي ٽلندي ٿي هلي، ته پياسي نظرن ۽ گرم ۽ ٿڌي ساهن دل جي تيز ڌڙڪن جا ولر ان جي چئني طرفن کان ٿي اُٿاريا... ۽ کيس ائين محسوس ٿي ٿيو ته هوءَ هڪ آتش... آگ... باهه جو ٻرندڙ جزو آهي... جو جيڏانهن وڃي ٿو... جو جتي ڦِري ٿو ته رڳو جلائي ٿو.... ساڙي ٿو... بس... انهيءَ هوندي به هن هر صبح جو پنهنجي ٿڪل بلوري بدن کي بستري جي مرجهايل گلن تان اٿاري، وهاڻي جي زور تي ٿي ويهاريو... پنهنجي ننڊاکڙين نظرن سان ائين سمجهڻ ٿي لڳي ته ڄڻ هوءَ ڪاريءَ اونداهيءَ، ويران ۽ سنسان دنيا ۾ اڪيلي هئي، بلڪل اڪيلي هئي، جتي سون چانديءَ جي ننڍڙن کڙکٻيتڙن کان سواءِ ڪجهه ڪونهي... هر هڪ رات هن پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ جي لذتن کي نئين نموني سان ٿي ٺاهيو. ڪڏهن ايترو ئي ڪافي ٿي سمجهيائين ته شرم ۽ حجاب جو جادو هجي... هوءَ دامن ڇڏائي...۽ ماڻهو گهلبا اچن...هوءَ ادائن جي لهرن ۾ ترندي وڃي.... تڙڳندي... ۽ ماڻهو جذبات جي نشيبي و فراز کان ٺوڪرون کائي کائي، ٻڌندا گهوتا کائيندا... ڊوڙندا اچن... ڪڏهن هن شوخيءَ ۽ وڏائيءَ کان پنهنجو بيحد حسين جسم نمايان ٿي ڪيو ته ماڻهن جي جسم ۾ بجلي ٿي ڊوڙي... اها بجلي جا رڳ گنهگارن ۾ ئي ٿي پيدا ٿئي... ڪڏهن هوءَ ڇتيءَ نانگڻ وانگر ور کائي ڏنگ هڻندي هئي ته ماڻهو انهي زهر کي امرت سمجهي خشڪ ۽ ڏڪندڙ چپن سان جهٽ پي ٿي ويا.... ڪڏهن هوءَ موت وانگر چپ چاپ دل دماغ تي ٿي ڇائين، ۽ ماڻهو ان کي زندگي سمجهي کلندا رهيا... مگر انهن سڀني ناز نخرن کان زياده هوش ربا نخرو اهو هو، جو هوءَ پنهنجي اکين ۾ پاڻي آڻي چوندي هئي ”آءٌ توکي پيار ٿي ڪريان!“ جوانيءَ ۽ گناهه جي مست راتين ۾ جدا جدا ماڻهن جا خيال ڪندي. هن پاڻ ۾ ايترا ته جذبا پيدا ڪيا هئا، جو هن لاءِ اهڙي ڳالهه ڪابه ڪانه باقي بچي جو کڻي سکي. گهڻا ماڻهو خوفناڪ مڇرن وانگر ڀون ڀون ڪري هن جي نرم نازڪ جسم مان خون چوسي اڏامي ويندا هئا. هوءَ انهن کي زياده مهربان سمجهندي هئي، ڇو جو هو ڪنهن حد اندر هوندا هئا. ڪيترا ماڻهو اهڙا به هئا، جي دنيا مان ناڪام ٿي، هن جي فريب ڪده ۾ ڄاڻي واڻي ڌوڪو کائڻ ايندا هئا، جن کي هوءَ شراب جي هڪڙي پيالي سان.... گناهه سان... راڳ سان.... خاموش ڪندي هئي. کيس تڪليف يا ڏکيائي انهن ماڻهن سان ٿي ٿي، جن ان جي جسم جي لذتن کان سواءِ هن جي دل ۽ روح کي ٿي پڪڙيو. انهن مان ڪن جي مرضي اها هئي ته هن جي حسين زندگي... هن جي رنگين جواني صرف انهن جي ئي اڃ اجهائي ۽ ٻين غريب پياسي انسانن کي ڪجهه به نصيب نه ٿئي. ڪن جو اهو حڪم هو ته هوءَ ساڻن ئي محبت ڪري... اها محبت جا ڪئي نٿي وڃي، پر ٿي ويندي آهي... اهي وٽس نه هجن ته کيس آرام نه اچي..... آهون ڀري.... دل ۾ ياد ڪري ۽ رات جي ننڊ کي لڙڪن ۾ وهائيندي رهي، ۽ جڏهن اهي مشڪندا کلندا اچي ساڻس ملن ته هڪ اهڙي شيءِ بنجي وڃي، جو ڪنهن ٻئي مرد جي سامهون ڪڏهن نه ٿي هجي... انهن مان ڪي اهڙا به هئا، جو کيس جهنم جي آزاديءَ جي بدران بهشت جي غلاميءَ جي آڇ ڪندا هئا ۽ کيس مجبور ڪندا هئا ته هوءَ پنهنجي مزي واريءَ دنيا کي ڇڏي، هنن جي غليظ گهرن ۾ هڪ فقيراڻي ٿي رهي.... ڪهڙا نه اونڌا... ابتا سوال هئا! پر جڏهن ان انهن سڀني پيالن ۾ خود غرضيءَ ۽ لذت جو شراب وجهي پياريو ته خبر نه آهي ته الاجي ڇو سڀئي خاموش ٿي ٿي ويا. خوش قسمتيءَ سان ڪنهن رات جڏهن هوءَ پنهنجي بستري تي اڪيلي هوندي هئي ته هو خيال ڪندي هئي... خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا! ڳائيندي... مشڪندي... کلندي... ۽ پاڻيهي روئي پوندي هئي... اهڙيون راتيون هن کي زياده پياريون هونديون هيون... زياده قسمت واريون... ڇو جو رڳو انهن ئي راتين ۾ کيس اهو معلوم ٿي ٿيو ته هوءَ آزاد هئي ۽ صبح تائين سندس جسم... سندس روح... سندس دل ۽ دماغ هن جا ۽ صرف هن جا ئي هئا. اِهي اُهي ئي گهڙيون هيون جڏهن هوءَ پنهنجي سيني ۾ هڪ ”عورت“ ڏسندي هئي، جا اوٻاسي ڏيئي، ڪر موڙي، اٿي، آهستي آهستي هن جي سڄيءَ دنيا تي ڇائنجي ويندي هئي. کيس معلوم ٿي ٿيو ته مستقبل جي رفتار ڍري ٿي ويئي آهي ۽ هن جو ماضي تاريڪيءَ مان ڊوڙندو... حال کي پڪڙڻ لاءِ طوفان وانگر اچي رهيو آهي... خوبصورت خلوت جي تيز روشنائي ڍري ٿي ٿي، اکين مان خوابي خيال نڪري ٿي ويا.... بار هلڪو ٿي ٿي ويو ۽ کيس ائين معلوم پئي ٿيو ته هوءَ هڪ پٽل ويراني ۾ خون جي پياسي حيوانن جي ولر ۾ هئي، جهڙيءَ طرح هڪڙو اگهاڙو لاش جنهن جي خون جي ڌارن بيوس زمين جي سيني تي چٽ ٿي چٽيا... بيحد خوف کان هوءَ ڏڪي اٿندي هئي.... جاڳي پوندي هئي... ۽ پنهنجي دلڪش اکڙين کي نازڪ هٿڙن سان اگهي، وهاڻي جي آڌار تي وير ليٽي پوندي هئي. هوءَ اڪثر خيال ڪندي هئي ته هن جي بيشمار خريدارن مان ڪنهن ۾ به ايتري انسانيت ڪانهي. جو پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن، گندن جذباتن جي هنگامن کي وسائڻ کان پوءِ ائين سمجهي سگهن ته جنهن جسم کي... فطرت جي خزاني کي... پنهنجي غليظ نفس جي پيرن ۾ چپوڙي ڇڏيو اٿن، ان جي اندر ۾ ڪا دل آهي جا ڌڙڪي پيئي... ڪڏهن ته هوءَ اهڙن خيالن کان بي اختيار ٿي، مٿو گوڏن تي رکي، لڙڪ اکين ۾ آڻي چوندي هئي، ”اي منهنجا ٺاهيندڙ! عبادت جا لائق! ڇا تنهنجي ساريءَ دنيا ۾ هڪڙي آءٌ ئي آهيان، زندهه هوندي به زندهه رهڻ جو  حق نٿي رکان؟ تهذيب ۽ سماج جي خلوتن ۾ ڇا ڇا نٿو ٿئي، جو منهنجي خوابگاهه کي ناپاڪ سمجهيو وڃي ٿو؟ اخلاق ۽ تهذيب جا رکوالا پنهنجي نفاست ۽ پاڪيزگيءَ جا دنيا کي فريب ڏيئي، منهنجي گهٽيءَ ۾ منهنجي گهر اچڻ کان ۽ اها شيءِ جا خريد ڪن ٿا اُن جي خيال کان هو ٻاهر پنهنجو نڪ گهنجائين ٿا ۽ ناسون ٽيڙين ٿا... هو دنيا کي ڌوڪو ٿا ڏين... ۽ آءٌ به خود انهن کي... ڇا، انهن جو گناهه منهنجي گناهه کان وڌيڪ ڪونهي؟... پر ڇو سڀ انهن جا آهن... منهنجو ڪوئي ڪونهي.... هو سڀني جا  آهن ۽ آءٌ ڪنهن جي ڪانه آهيان!“

ها شايد اهڙي ساڳي هڪڙي رات هئي، جو هن ويهه سال اڳ جوانيءَ جي زماني ۾ مون کي آخري خط لکيو هو.... ٻڌ.... ”پيارا!... اڄ رات آءٌ بلڪل اڪيلي آهيان، منهنجي هيءَ رات رڳي منهنجي رات آهي. خبر ناهي ڇو دل ٿي چويم ته اڄ توسان ڳالهيون ڪريان... ڪي اهي ڳالهيون، جي اڄ تائين مون ڪنهن سان به نه ڪيون آهن.... ٻين وانگر جيتوڻيڪ تون مون وٽ هڪ رات رهئين پر پويان اهڙي يادگيري ڇڏي ويو آهين، جنهن کي آءٌ شايد ڪڏهن وساري نه سگهان. هڪ ڳالهه پڇانءِ؟ ٻڌائيندين... تون منهنجي وجهو بلڪل ويجهو آئين، پر موٽي ڇو وئين؟ ڇا توکي به اهو خيال هو ته جو جسم چانديءَ جي ٽڪرن تي خريد ٿو ڪجي، ان جي اندر دل ڪانهي؟ ڇا توکي اها به خبر ڪانهي ته گلن تي اڏامڻ وارو پوپٽ ڪڏهن اوچتو ڪنڊي جي نوڪ تي ڪري... جان ڏئي ٿو سگهي؟.... مختصر ته تو مون کي ڪو انسان سمجهيو يا نه؟.... يا رڳو هڪ پٿر؟.... جي تنهنجي خيال موجب هڪ انسان آهيان ته پنهنجي اخلاق، تهذيب، گندگي ۽ پاڪيزگي جي صديقي رڳو اهو ٻڌاءِ ته ايترو ويجهو اچي، ايترو بي دردي سان پري هٽڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو؟.... ۽ تنهنجي نظرن مون کي هڪ پٿر جي مورتي ڪري سمجهيو، ته ان جي اڳيان سجدن ڪرڻ جي اجازت توکي ڪهڙي خدا ڏني هئي؟ منهنجي هن خط کي ڏسي غلطي نه ڪجانءِ ۽ مون کي ڊپ آهي ته تون ڪجهه ٻيون نه سمجهي ويهين... اهو ڪجهه، جو مون توکي ان رات سمجهايو هو... تنهنڪري صاف ٻڌي وٺ، آءٌ توسان محبت نٿي ڪيان... تنهنجي احسانمند ضرور آهيان.... هي سڀئي لفظ هي سڀئي اکر بدنصيب ”عورت“ جو فرياد آهن، جا زماني کان منهنجي اندر دفن آهن، تون رڳو... مون کي سڃاڻين ٿو... انهيءَ ”عورت“ کي اصل نه!... ڇا تون جواب ڏيندين؟... تنهنجي ۽ سڀني جي.....

مون وٽ اهڙي خط جو ڀلا ڪهڙو جواب هو؟... وقت گذرندو ويو... پورا ويهه سال... جوانيءَ سان گڏ هوءَ به الاجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي.... زمانو بدليو.... خيال بدليا. منهنجي صورت ۽ شڪل ڏسي ڪنهن کي به شڪ ڪونه ٿي ٿيو ته هن پوڙهي پروفيسر جي اخلاق، جوانيءَ جي رنگين گناهن، جي ڪا هڪ رات هئي، جنهن جو صبح به هو! ڪنهن کي خبر هئي ته آءٌ، جو اڄ عورتن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيو هوس.... گهڻو اڳي مجبور، رات جي خاموشيءَ ۾، گناهگار عورت جي پيرن ۾ سجدو ڏيئي چڪو هوس!.... عملي مشغوليءَ ۾ آءٌ پنهنج ماضي وساري ويٺو هوس. اخلاق جي فلسفي ۾ منهنجي شعر ۽ ادب جي جذبات ۽ عورت جي وجود تڪليف دهه هو، زندگيءَ جا خطرا لپيٽي خاموش هوس.... ته اوچتو منهنجي زندگيءَ جي نامعلوم دروازي تي کٽ کٽ ٿي، ۽ اُها خوش نصيب رات آءٌ ڪڏهن وساري نه سگهندس.... هلڪو انڌيرو ڇانئجي رهيو هو، سج جا آخري ڪرڻا پنهنجي جهلڪاڻ هري، هر ذري کي خوني بنائي رهيا هئا. آءٌ هڪ سوڙهيءَ گهٽيءَ مان سائيڪل موڙي وريس، ته اوچتو.... ماڙيءَ جي هيٺان.... ڪنهن سان ٽڪرجي ڪري پيس.... ”آهه ماري ڇڏيئه.“ ضربيل ماڻهوءَ جي منهن مان آواز نڪتو.... منهنجي سامهون پوڙهو فقير ڪنجهي رهيو هو.... مون اٿي کيس اٿاريو..... ڌڪ ته زياده لڳل ڪونه هوس، پر هو ڪنجهي رهيو هو. هن جي حالت ڏسي مون کي رحم آيو، مون هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي کيسن ۾ هٿ وڌا.... پر ٺيڪ ان وقت ماڙيءَ سامهون دري کلي.... ڪنهن جهاتي پاتي.... حيرت ۾ منهنجا هٿ کيسين ۾ ئي رهجي ويا.... مون کيس يڪدم سڃاتو..... هوءَ اهائي هئي، ان رات مون کي ننڊ ڪانه آئي. ويهن سالن واري پهرين رات.... اها مست ۽ متوالي رات، جڏهن اسان ٻنهي متوالن گناهه ۽ جوانيءَ ۾ ليٽي ليٽي ڏينهن ڪيو هو.... رڳو هڪڙي نگاهه ۾ ويهن سالن جا پردا ٽٽي پيا.... منهنجي دل خبر ناهي ڇو تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي.... منهنجو دماغ ڪنهن وڏي بار جي هيٺان دٻيو پئي ويو ۽ منهنجي روح کي ڪا شيءِ هئي جا چُڀي رهي هئي. مون بتي وسائي سگريٽ دکائي.... ٻاهر ڪاري رات هئي. هوا سون سون ڪري رهي هئي، ۽ اونداهه ۾ منهنجو سگريٽ تاري وانگر ٽمڪي رهيو هو.

آءٌ سوچي رهيو هوس..... ”هوءَ ڪڏهن ائي.... ڇو آئي.... منهنجي پاڙي ۾..... منهنجي گهر جي ڀرسان.... ڇا ان جي پٺيان ڪو راز آهي... ڪو ارادو آهي.... يا هي رڳو اتفاق هو.... ان جي معنيٰ ڪهڙي.... اهو اتفاق نه آهي.... پر ڇا به هجي... تنهنجو ڇا.... ڪو ڪنهن جي ويجهو اچي رهي ته ڀل رهي.... سڀڪو پنهنجي زندگي ڪاٽي وڌي رهيو آهي ۽ جن ڪو هڪٻئي سان ٽڪرجي ٿو ته هيڏي هوڏي نهاري ڪنڌ موڙڻ مان ڪهڙو فائدو..... جو ٿئي پيو ٿيڻ ڏي، بيڪار مغز ماري ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو، پورن ويهن سالن کان پوءِ هوءَ ٺوڪرون کائي، ڌڪجي، منهنجي ويجهو آئي آهي، ته ڀل اچي. دنيا انهيءَ جو نالو آهي. وقت جي لهر کيس وري ٻئي ڪنهن هنڌ کڻي ويندي.... پر... آهه.... ايترو ويجهو! جوانيءَ جي هنگامي ياد کي ايترو ويجهو سمجهي، ڪو پنهنجا حواس ڪيئن قائم رکي... هڪ اخلاقي پروفيسر مجبور آهي.“

وري اوچتو منهنجو خيال انهي آخري خط ڏانهن ويو..... ”ڇا هيترن سالن کان پوءِ هوءَ پنهنجي خط جو جواب وٺڻ آئي هئي؟.... چير ته ڪانه ٿي آهي؟... جوانيءَ جي وسريل گناهه کي ياد ڏياري، ڇا هوءَ مون کي پاڳل بنائيندي؟.... ته ڀلا ڇو مون وٽ سنئين سڌي نه آئي؟... توبهه توبهه.... کيس هتي اچن نه گهرجي... هوءَ منهنجي واسطي خطرو آهي.... اسين ٻَئي ويهه سال اڳي مري چڪاسين. هاڻي هوءَ هوءَ آهي ۽ آءٌ آءٌ آهيان.... اهي ٻئي گڏجي اسين ٿي نٿا سگهون. آءٌ خبر ناهي ڪيترو وقت انهن خيالن فيصلن ۾ مشغول هوس. سمنڊ جون ٻه زبردست لهرون اٿي هڪٻئي سان ٽڪرجي رهيون هيون، انهن جي وچ ۾ آءٌ هڪڙو ڪک وهي رهيو هوس.... ڪڏهن ڪيڏانهن.... ڪڏهن ڪيڏانهن. ان کان پوءِ خبر نه آهي ته مون کي ڇا ٿيو! مون کي ايترو ياد آهي ته منهنجي بت مان چڻگون پئي نڪتيون ۽ آءٌ پيرين اگهاڙو آهستي آهستي گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هوس. اونداهيءَ ۾ ويهن سالن واري رات مون کي هٿ کان ڇڪي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ آءٌ هن جي دروازي تي پهتس. دروازو اڌ کليل هو.... آءٌ ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ لڳس، مٿي دروازو بند هو، شيشن مان روشني پئي آئي. آءٌ پنهنجي ساهه کي روڪڻ لاءِ ترسيس ۽ ڏڪندڙ دل کي هٿن سان بيهاريم... ۽ پوءِ .... مون شيشي مان نظر وڌي.... نظارو ڏسي بت بنجي پيس. اندر ڪمري جي وچ ۾ غاليچن تي هوءَ نچي رهي هئي... بلڪل اڪيلي. هار سينگار هوندي به هوءَ ساڳي اها نه هئي، جنهن کي مون هڪ رات جي واسطي خريد ڪيو هو. هوءَ جوانيءَ جو عرصو ڇڏي آئي هئي، پر جوانيءَ جي نانگڻ پنهنجي پٺيان نشان ڇڏي ويئي هئي. هن جي ڳلن تي... ڳچيءَ تي ۽ ڀرن جي وچ ۾ گهنج هئا.... پر هن جون اکيون.... آه.... هن جون اکيون بجليون هيون، اڳي کان گرم.... هن جو جسم هن جا حيرت انگيز عضوا ساڳيا ئي ساڳيا هئا..... نُنهن کان چوٽيءَ تائين هوءَ قيامت هئي، هن جوانيءَ کي واپس آڻڻ لاءِ حيرتناڪ ڪوشش ڪئي هئي. مون کي وسري ويو ته مون ڪو کيس ويهن سالن کان پوءِ ڏٺو آهي.... آءٌ کيس ڏسي رهيو هوس.... ۽ هوءَ اڪيلي جوش سان نچي رهي هئي. اوچتو منهنجي دل کي جهٽڪو آيو.... آءٌ اکيون ڦاڙي بيهي رهيس..... اُف! خوف ڇانئجي ويو.... هن کي اهي ساڳيائي ڪپڙا هئا، جي هن ويهه سال اڳ اُنهيءَ رات ڪيا هئا!

اهو نظارو ڏسي بي صبر ٿي پيس، پير ڏڪڻ لڳا. رهيا کهيا هوش حواس گم ٿي ويا، اندران چپن مان رڙ نڪتي. منهنجا ٻئي هٿ وڃي منهنجي منهن تي پهتا.... خبر ناهي ڇو!.... آءٌ هيٺ لهڻ لڳس..... هن واقعي کان پوءِ آءٌ ڪاليج وڃي نه سگهيس. ساري زندگي بي مزي ٿي ويئي، فلسفي ۽ اخلاق جا دفتر بي معنيٰ ٿي پيا. سچ ته منهنجي دنيا جا تمام جزا اهڙيءَ طرح ٽڙي پکڙي ويا، جهڙيءَ طرح زلزلي جي جهٽڪي سان عمارتون ڪري پونديون آهن، زندگيءَ جي انهي پريشان خزاني کي گڏ ڪرڻ جي واسطي عقل ۽ روح جي ضرورت هئي، پر آءٌ بلڪل ڪمزو ٿي چڪو هوس، منهنجي دل ۽ دماغ بيڪار هئا. رات... ڏينهن هر وقت آءٌ اهو سوچي رهيو هوس ته آخر انهن سڀني اتفاقن جو مطلب ڇا آهي! هوءَ هتي ڇو آئي آهي؟ رات جو اڪيلي هوءَ ڇو نچي رهي هئي؟ هن ايترو هار سينگار ڇو ڪيو هو..... ۽.... اهو ساڳيو ئي لباس، جو منهنجي گناهگار رات جو يادگار آهي؟... انهن سوالن جي ٻوڏ ۾ هوش ۽ حواس جي ٻيڙي چڪر کائي رهي هئي.... ڪنارو دور هو ۽ ڪُن گهڻا..... ڇا، هن کي مون سان محبت هئي؟ ڇا، هوءَ جا ڪنهن جي ڪانهي منهنجي ٿي سگهي ٿي؟.... هن جو هيئن ويجهو اچڻ.... بلڪل ويجهو.... ۽ اهو ساڳيو لباس!.... ڇا انهن سڀني جي پويان محبت واري دل ڌڙڪي رهي آهي؟... پر نه... هوءَ هڪ حسن فروش آهي.... هن وٽ دل هئي ڪٿي؟.... جنهن جي سيني، ۾ پٿر هجي اتي محبت ڪٿان آئي؟... هن صاف صاف مون کي لکيو هو ۽ ٻڌايو هو ته منهنجي تو سان محبت ڪانهي.... پر آه! ڪنهن کي خبر ته جڏهن هو عورت ”نه“ ٿي ڇوي ته ان جو مطلب ”ها“ ضرور آهي.... ڪنهن کي خبر آهي ته هوءَ پيار ڪري سگهي ٿي ۽ ان جو اهو سچو پيار ڪهڙو اهي!.... آءٌ سوچي سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان.... شايد هي هجي..... هو هجي.... نه نه.... ڪجهه به ڪونهي! ته ڇا هو پاڳل ٿي ويئي آهي؟.... ڪو زمانو هو، جو هن ٻين کي چريو ٿي ڪيو اڄ قدرت کانئس بدلو ته ڪونه وٺي رهي آهي؟... اهي بيتاب خيال ڪندي ڪندي ڪيترائي ڀيرا دل ٿي ته ڊوڙي سندس ڪمري ۾ وڃان؛ ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي، گهوگهو ڏيئي، پڇانس.... ”ديواني! ڇا اڃا به تنهنجي جادوگيري نه ويندي..... توکي ڪهڙو حق آهي، جو سمجهو انسانن کي پاڻ وانگر ديوانو بنائيندي وتين... وڃ!.... گناهه جي فريب ۾ جواني، هوش ۽ عقل کي تباهه ڪيو اٿيئي، وڃ، وڃي اتي پنهنجي موت جي تلاش ڪر“.... پر انهن خيالن سان گڏو گڏ مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجو ساهه روڪجي رهيو آهي ۽ منهنجو گلو ڪير گهٽي رهيو آهي.... آءٌ به بيوس هوس، اهو.... پهريون ئي دفعو هو، جو مون اها خواهش ڪئي.... ”ڪاش هوءَ ديواني هجي ها ۽ آءٌ ديوانو.... اسين ٻئي گڏجي نچون ها..... ڪهڙو نه بيوقوف هوس..... شايد آءٌ دماغ ۽ عقل وڃائي ويهي رهيو هوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com