سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

باب: --

صفحو :12

 

بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو

 

سعيد منزل جي سامھون، بندر روڊ جي ٻئي پاسي، اي. وي ريسٽورنٽ جي اولھينءَ دريءَ وٽ ٻھ شخص ويٺا ھئا.

جنھن کي بوسڪيءَ جي قميص، ڪلف لڳل سلوار ۽ زريءَ جو سليپر پير ۾ ھو، تنھن ڪراڪولي ٽوپي ٽنڊ تي رکندي، سامھون ويٺل شخص کي چيو، ”مان ھن مردود کي جيئرو نھ ڇڏيندس، گھانچي.“

”اڙي تون پروا نا ڪر، سائين گولام حسين.“ گھانچيءَ کي نيرن ۽ ڳاڙھن پٽن واري گنجي، خاڪي پتلون ۽ پيرن ۾ پراڻو لانگ بوٽ ھو. سندس وار گھنڊيدار ھئا. رنگ سانورو ھوس. جسم جو جيتوڻيڪ طاقتور نھ ھو، پر منھن پڪو ھوس. گھانچيءَ، پاڪستاني فلم جي ڪنھن بدمعاش وانگر سگريٽ واڇ ۾ وجھي، ھڪ اک چنجھي ڪندي چيو، ”جانو مڪراني ھن ھيرو جي ٻچي کي کلاس ڪري ڇڏيندو.“

”پر ڪڏھن ايندو تنھنجو جانو مڪراني.“

”ھير ايندو. بس ھير ايندو.“

”ھيءُ سوئر جو پٽ ھتان ھليو نھ وڃي،“ غلام حسين ھوٽل کان ٻاھر ڏسندي چيو، ”اھڙي ڪم ۾ اسان دير نھ وجھندا آھيون. اسان جي ھڪ اشاري تي ھن جھڙن حرامين جا ڪنڌ لاھڻ وارا جوان سنڌ ۾ جام آھن.“

”ھيءَ ڪراچي آھي، گولام حسين.“ گھانچيءَ چيو، ”ھتي تونجا ڌاڙيل ماڙيل نا ھلدا.“

”اھو ئي تھ افسوس آھي، گھانچي. جيڪڏھن سنڌ ھجي ھا، تھ ھن سوئر جي ڦر کي منٽن ۾ مارايان ھا.“

”اڦسوس نا ڪر. جانو مڪراني کي ڊسندين تھ ولا کش ٿي ويندين.“

غلام حسين ڏند ڪرٽي خاموش ٿي ويو. ھن اکيون ڪرڙيون ڪري، ھوٽل کان ٻاھر، سعيد منزل ڏانھن نھاريو.

بندر روڊ جي ٻئي پاسي، سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ، ھڪ قداور نوجوان ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي اسٽار بڪ اسٽال تي رکيل ڪتاب ۽ رسالا ڏسي رھيو ھو. سندس ڏاڙھيءَ جا وار وڌيل، ۽ اکيون ڪارن دائرن ۾ ورتل ھئس. کيس اڇي قميص، اڇي زين جي پتلون ۽ پيرن ۾ باٽا جو چمپل ھو. اڻڀا وار نرڙ تي پيا ھئس. ھن ڪتابن ۽ رسالن تان نظرون ھٽائي، بس اسٽاپ ڏانھن ڏٺو.

اين. جي. وي ھاءِ اسڪول ٻاھران، سعيد منزل جي بس اسٽاپ تي 17 نمبر بس مان ٻھ ڇوڪريون ھيٺ لٿيون. ٻنھي کي منھن تي ڳوڙھو ميڪ اپ، سوسيءَ جون سوڙھيون سلوارون، گج لڳل بنا ٻانھن وارا اسڪرٽ ۽ پيرن ۾ پينسل ھيل وارا چنھبائي سينڊل ھئا. مفلر جيترا روا؛ ٻٻر ۾ ٻڌل جناتي اِڳڙين وانگر ٻنھي جي ڪنڌ ۾ ڦڙڪي رھيا ھئا.

ٻئي ڇوڪريون جڏھن بس اسٽاپ وٽ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻن وٽان لنگھيون، تڏھن انھن مان ھڪ ڄڻي، گراھڪ جي بوٽ کي ٿڪ سان چمڪائيندي چيو، ”خوچي بابو ساب، تمارا بوٽ ڪو آم اِس ڇوڪري لوڪ ڪڍ مون ڪا مافڪ چمڪائينگا.“

گراھڪ خوش ٿي، ٻھ ڳنڍيريون وات ۾ وجھي، وات بند ڪري ڇڏيو.

ٻنھي ڇوڪرين ڪاوڙ مان پٺاڻ ڏانھن ڏٺو، پر ٺلھي ڪاوڙ برقرار رکي نھ سگھيون ۽ ٽھھ ٽھھ ڪري کلي پيون. ھڪ ٻئي نوجوان جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪنديون، کنجنديون، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ھڻنديون، اسٽار بڪ اسٽال وٽ اچي بيٺيون. ٻنھي مان ھڪڙيءَ ڄڻيءَ ھڪ فلمي رسالو کڻي ورتو ۽ ٻئي ڄڻيون رسالي جا پنا اٿلائڻ لڳيون.

اسٽال جو مالڪ سنھڙو ۽ بندرو ھو ۽ ٻئي پير اسٽول تي چاڙھي ويٺو ھو ۽ ٻيڙيءَ جو سوٽو ھڻي رھيو ھو. ڇوڪرين کي ڏسي ھو ٺھي ويٺو. پائجامي جا گوڏن تائين کنجيل پاڇا ڇڪي ھيٺ ڪيائين. پن جي ٻيڙير اڇلائي، ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي. ٽو جو سگريٽ ڪڍي، دکائي، وڏو سوٽو ھنيائين. دونھين مان ھن ٻنھي ڇوڪرين ڏانھن نھاريو.

ٻنھي ڇوڪرين مان ھڪڙيءَ ڇوڪريءَ جو نڪ طوطي جي چھنب جھڙو ھو. ھن بيقرار ٿيندي، آھستي دانھن ڪئي، ”او. آ. اي کتيجا، وئيد مڙاڊ کي تھ ڏس، ڪيترو ھينڊسم آئي.“

”ھن سوٽر ۾ ڏاڍو کاشو پيو لڳي،“ خديجھ پنھنجي نڪ ۾ آڱر ڦيرائي، ڊگھي نھن سان ڀڳڙي جيڏو گينگو ڪڍي، ھڪ تصوير تي چنبڙائيندي چيو، ”مو ٿلو، شنتوش ڪومار.“

ٻنھي ڇوڪرين ٻيھر سرٻاٽ ڪيا، ۽ چيلھھ چٻي ڪري کلڻ لڳيون. ٻئي ڄڻيون رسالي جا صفحا اٿلائينديون رھيون.

”ھي جيبا آئي ني، ڪرو کتيجا؟“

”اي لئي، جيبائي تھ آئي نڍ.“

”نڍ اشڪرٽ تي گج ٻوت سارو لڳي تو.“

ٻنھي ڇوڪرين غور سان زيبا جا ڪپڙا جاچي ڏٺا. پوءِ جڏھن سڄو رسالو ڏسي ورتائون، تڏھن منھن ڦيرائي اسٽال جي سنھڙي مالڪ ڏانھن ڏٺائون، جنھن جو نالو افلاطون ھو. افلاطون سگريٽ جي ٽوٽي کي چپٽيءَ ۾ جھلي، آخري سوٽا ھڻي رھيو ھو. نڪ جي ناسن مان دونھون ڪڍندي، ھو پيسا وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. سگريٽ جي ٽوٽي کي پير سان لتاڙي ڇڏيائين.

ڇوڪرين رسالو بند ڪري ٻين رسالن سان اڇلايو، ۽ ٻيھر سرٻاٽ ڪري کلڻ لڳيون. کلندي کلندي، ڪرنديون جھرنديون، ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏينديون، بارنيس اسٽريٽ ڏانھن ھليون ويون.

افلاطون ھڪ ڊگھو ۽ اونھو ساھھ کڻندي چيو، ”خبردار ٿيءُ مارئي، تنھنجي لوئي لھڻ تي آھي.“

قداور نوجوان جنھن جو نالو قاسم ھو، ۽ جيڪو ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي بيٺو ھو، تنھن منھن ڦيرائي، پٺي ريلنگ سان ٺھڪائيندي افلاطون کان پڇيو، ”ڇاھي افلاطون.“

”اجھو ھينئر، اجھو ھينئر، ڪوھياري ۽ ٽئسٽ-“

”اڄ شايد تنھنجي اسٽال تان ھڪ بھ اخبار نھ وڪامي آھي، تڏھن پيو وڦلين.“

”اخبار تھ ڇا، ھڪڙي ڏينھن مان پاڻ وڪامجي ويندس،“ افلاطون وراڻيو. ”جڏھن سائيڪلن جا پنچر ڳنڍيندو ھوس، تڏھن پنھنجي دل پنچر نھ ٿيندي ھئي، پر جڏھن کان اخبارون ۽ رسالا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم، تڏھن کان روزانو ٻھ ٽي دفعا دل جي سائيڪل پنچر ٿي پوندي آھي.“

”پنھنجي اسٽال تي فلمي اخبارون ۽ رسالا رکڻ ڇڏي ڏي. خالص ادبي رسالا وڪڻڻ شروع ڪر.“

”مون کي بک مرڻو ناھي، پيارا.“

”تھ پوءِ دل جي شڪايت نھ ڪر.“

”پر قاسم، مان وڪامڻ چاھيان ٿو. چاھيان ٿو، ڪو مون کي خريد ڪري.“

”توکي ڪير خريد ڪندو!“

”ڇو؟ مان اھڙو ويل آھيان.“

”اِھا ڳالھھ ناھي افلاطون،“ قاسم بڪ اسٽال ڏانھن وڌي آيو.

افلاطون کانئس پڇيو، ”تھ پوءِ ڪھڙي ڳالھھ آھي.“

”توکي خريد ڪرڻ بدران بھتر آھي تھ سرڪاري باغيچي مان ھڪ سپھڙ خريد ڪجي.“

افلاطون ٻئي ھٿ پنھنجن وڏن ڪنن تي رکي ڇڏيا. چيائين، ”يارن سان چرچا ٿو ڪرين قاسم.“

”تنھنجا ڪن وڏا آھن ۽ يوناني افلاطون جو نڪ وڏو ھو.“

افلاطون کلڻ لڳو. چيائين، ”اڄ ڏاڍو رومانٽڪ ٿو لڳين. تنھنجي رومانس جو ڪھڙو حال آھي؟“

”نوڪري خطري ۾ پئجي ويئي آھي.“

”ڪيئن؟“

”اڄ صبح جو سيٺ صاحب پنھنجي آفيس ۾ گھرائي چيو، تون بلڊي سيلز مين آھين ۽ توکي لکپتي گراھڪن جي ڇوڪرين کي گھورڻ جي اجازت ناھي.“

”تو ڇا چيس؟“

”چيومانس، سيٺ، توھان جا گراھڪ مون منجھان خوش آھن.“

”پوءِ؟“

”پوءِ سيٺ صاحب چيو، تون اسان جو بزنس خراب ٿو ڪرين.“ قاسم پنھنجي سيٺ جي آواز ۾ نقل ڪندي چيو، ”ادب سان ٻڌايومانس، تھ مان سڀني سيلز مينن کان وڌيڪ ڪپڙو وڪڻندو آھيان.“

”سيٺ خوش ٿيو؟“

”نھ. سيٺ چيو، روھڙيءَ جي لکپتي زميندار رئيس غلام حسين کي توکان سخت شڪايت آھي.“

”غلام حسين! ڪھڙو غلام حسين؟“ افلاطون پڇيو.

”زينب جو ڀاءُ.“

”اوھھ، اوھان جو سالو صاحب.“

قاسم جواب نھ ڏنو. موٽي وڃي ريلنگ وٽ بيٺو. سندس چھري تي مايوسيءَ جا پاڇا تري آيا. ٻئي ٻانھون ريلنگ تي رکي، پاڻ کي ٽٽل ٽاريءَ وانگر لوھھ تي ڇڏي ڏنائين.

افلاطون اسٽول تان اٿي، قاسم جي ڀرسان وڃي بيٺو. کيس پٺيءَ تي ھٿ رکيائين، ”ڇاھي قاسم؟“

قاسم منھن ورائي، اداس اکين سان افلاطون ڏانھن ڏٺو.

”توکي نوڪريءَ مان ڪڍي تھ نھ ڇڏيو اٿائون؟“

”نھ. پر ڀانيان ٿو جلد ڪڍي ڇڏيندا.“

”اھڙا آثار آھن ڇا؟“

”ھا.“ قاسم لوھي ريلنگ کي پٺي ڏيندي چيو، ”سيٺ صاحب چيو، مسٽر چال سڌار، اسان کي بزنيس خراب ڪرڻو ناھي. ٻيھر تنھنجي شڪايت اچڻ نھ گھرجي.“

”پراوھھ نھ ڪر، قاسم،“ افلاطون قاسم جي پٺي ٺپيندي چيو، ”تون عشق جاري رک.“

”۽ نوڪري جاري نھ رکان؟“

”نوڪري بھ جاري رک.“

”عشق ۽ نوڪري گڏ ڪرڻ جي اجازت ناھي.“

”تھ پوءِ عشق ڪر.“

”۽ نوڪري؟“

”نوڪري ڇوڪريءَ تان قربان ڪري ڇڏ.“

”۽ ماني؟“

”ماني مولى ڏيندءِ.“

”ويھين صديءَ جا افلاطون،“ قاسم افلاطون کي ڪلھي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”اڄوڪي زماني ۾ ماني مولى جي ھٿ وس ناھي. بلڪ سيٺ صاحبن جي ھٿ ۾ آھي.“

”پرواھھ نھ ڪر دوست،“ افلاطون چيو، ”پنھنجو اسٽار بوڪ اسٽال حاضر آھي. منھنجي سائيڪل تي چڙھي، جيڪڏھن سؤ سؤ اخبارون روزانو وڪڻين ايندين، تھ خوشيءَ سان چار پنج روپيا روز ڪمائي سگھندين.“

”تھ پوءِ عشق جاري رکان ۽ ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڇڏي ڏيان؟“

”ھا.“

”پر افلاطون، ڇوڪريءَ جو ڀاءُ دڙڪو بھ تھ ڏيئي ويو آھي.“

”دڙڪو!“ افلاطون کان ڇرڪ نڪري ويو.

”ھا. چوائي موڪليو اٿائين تھ جيڪڏھن اک کڻي بھ زينب ڏانھن نھاريندس، تھ اڦٽ مارائي وجھندو.“

افلاطون جا ڪن خوف کان ڪنبڻ لڳا. چيائين، ”اڙي ڪمبخت، تڏھن بھ وري آيو آھين.“

”مون محبت ڪئي آھي، افلاطون، رسالا ڪونھ وڪيا اٿم.“

”۽ ھينئر عاشق عزازيل، جيڪڏھن تنھنجو سالو صاحب توکي ھتي بيٺل ڏسي وٺي تھ؟“

”ھن مون کي ڏٺو آھي.“

”ڏٺو آھي؟“

”ھا.“

”ڪٿي آھي؟“ افلاطون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ڪٿي آھي راوڻ.“

قاسم اک جي اشاري سان چيو، ”سامھون اي- ون ريسٽورنٽ ۾ ويٺو آھي.“

افلاطون ڏڪندي ڏڪندي اي- ون ريسٽورنٽ ڏانھن ڏٺو.

اي - ون ريسٽورنٽ مان ڪجھھ گراھڪ اٿي ويا ھئا.

غلام حسين واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”ڇھھ ٿيا آھن، گھانچي. ڪڏھن ايندو تنھنجو جانو مڪراني.“

”ايندو. ھير ايندو.“

غلام حسين ڪجھھ دير خاموش رھڻ کانپوءِ پڇيو، ”جانو مڪراني ڪھڙي گريڊ جو دادا آھي.“

گھانچيءَ جي ڪنڌ جون رڳون سيٽجي ويون. فخر سان ڳاٽ اوچو ڪند وراڻيائين، ”ٽاپ گريڊ جو دادا آھي، جانو مڪراني. شيرو ۽ دادا جيڙا جوان جانو کان پناھھ گھرندا آھن. ڪانپوري مدماش بادشا کي ڄاڻين ٿو.“

”ڪھڙو بادشاھھ؟“

”اڙي يار، ڪانپوري مدماش آھي. ھير سالو اسٽوڊٽ ليڊر آئي.“

”بادشا کي وچ صدر ۾ جانون چاقو ماريو ھو. بادشا جا انتڙا ولا ڦوٽ پات تي اچي ڪريا.“

”ڀلا پھچ اٿس.“

”اڙي واھھ گولام حسين، وا،“ گھانچيءَ وراڻيو، ”پوچ وارو نا ھجي تھ ولا جانو پنجا دفا ڦانسي کاوي ھا.“

”چئبو ڏاڍيءَ رھائيءَ وارو آھي.“

”صبيدار، سپاھي ۽ وڊا آفيسر جانو جا يار آئن،“ گھانچيءَ فخر سان چيو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري سگريٽ جا سوٽا ھڻڻ لڳو.“

غلام حسين ٽيبل تي گلاس وڄائي، بيري کي ٻھ ڪوپ چانھھ جا آڻڻ لاءِ چيو، ۽ پوءِ جيستائين بيرو چانھھ کڻي اچي، غلام حسين گلاس کي آڱرين ۾ ڦيرائڻ لڳو. گھانچي ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان ڪنڌ لڳائي، سگريٽ جي دونھي جا دائرا ٺاھڻ لڳو. دائرا ٺاھيندي سندس نگاھھ ڀت تي ٽنگيل آئيني تي وڃي پيئي. ھن پنھنجا گھنڊيدار وار آڱرين سان سلجھائيندي، نرڙ ۾ گھنج وجھي، ھڪ اونھو سوٽو ھنيو ۽ ناسن مان دونھون ڪڍڻ لڳو.

”مان صبر ڪري نٿو سگھان، گھانچي،“ غلام حسين گلاس ٽيبل تي رکي، کاڏيءَ ھيٺان ھٿ ڏيئي، چپ چٻاڙڻ لڳو.

”تون صبور ڪر، گولام حسين، چاءِ پي صبور ڪر.“

بيرو چانھھ جا ٻھ ڪوپ کڻي آيو. ٻنھي پنھنجو پنھنجو ڪوپ کنيو ۽ سپ سپ ڪري چانھھ پيئڻ لڳا.

چانھھ پيئندي غلام حسين پنھنجي ساءِ چوندو رھيو، ”ھن بدبخت ڪراچيءَ ۾ اچي مجبور ٿي پيا آھيون. سنڌ ھجي ھا تھ جيڪر ايترا سانگ ئي نھ رچائڻا پون ھا. اک جي اشاري سان ھن سوئر جو سر لاھرائي ڇڏيان ھا.“

گھانچي خاموش رھيو ۽ چانھھ پيئندو رھيو.

تڏھھن اوچتو، چانھھ جو خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي، غلام حسين ڪرسي سوري اٿي بيٺو. چيائين، ”مان ھن حراميءَ کي نھ ڇڏيندس.“

گھانچي وائڙن وانگر غلام حسين ڏانھن ڏسڻ لڳو. غلام حسين تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندو، ريسٽورنٽ مان نڪري ويو. گھانچيءَ بھ ھن پوئتان ڊوڙ پاتي. ڪائونٽر تي ويٺل ٺوڙھي، ٿلھي ايراني سيٺ رڙ ڪئي، ”پيسا.“

گھانچيءَ ويندي ويندي وراڻيو، ”اڙي بومبڙي ڪيون مارتا ڻڍ. پيسا دينگاني، دلا.“

ريسٽورنٽ مان نڪري، غلام حسين سعيد منزل ڏانھن ذري گھٽ ڊوڙ پاتي. ٽرام پٽي وٽ ھڪ ٽيڪسيءَ ھيٺان ايندي ايندي بچي ويو. ٽيڪسيءَ جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪري، ڏامر تي رڙھندا، غلام حسين جي تنبوءَ جيڏيءَ سلوار کي ڇھندا بيھي رھيا.

ڏٻري ٽيڪسي ڊرائيور دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي، غلام حسين کي ماءُ تي اگھاڙي گار ڏني. غلام حسين گار ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، بندر روڊ لنگھي ويو. سعيد منزل وٽ فٽ پاٿ تي چڙھي ھن منھن ورائي ٽيڪسي ڊرائيور ڏانھن ڏٺو. ٽيڪسي ڊرائيور دريءَ مان ٻانھن ٻاھر ڪڍي، غلام حسين کي ڀونڊو ڏنو. غلام حسين ڀونڊي کي ڪا خاص اھميت نھ ڏني.

قاسم جون ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي ھيون. ھو غلام حسين کي ڏسي پٿر وانگر پنھنجيءَ جاءِ تي ڄمي ويو. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. نگاھون غلام حسين تي کپائي ڇڏيائين.

غلام حسين ڀر ڪري قاسم کي منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي. ھو پنھنجي جاءِ تان نھ چريو. غلام حسين ٻي چماٽ وھائي ڪڍيس. ھن اک نھ ڇنڀي. غلام حسين باھھ ٿي ويو. جڪ کائيندي، اول قاسم تي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنائين ۽ پوءِ پيٽ ۾ ٻھ چار مڪون وھائي ڪڍيائينس.

قاسم پنھنجون ٻانھون ريلنگ تان لاھي ڇڏيون. ھڪ اونھو ساھھ کڻي، ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکي، اکين ۾ گھنڊ وجھي غلام حسين ڏانھن ڏسڻ لڳو.

غلام حسين ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو. چاڙھو نھ ڏسي، قاسم کي کاٻي ٽنگ جي نريءَ تي کپائي لت ھنيائين. تڪليف کان قاسم جون اکيون بند ٿي ويون. ٻانھن جا ڏورا سيٽجي، ۽ چپ ۽ مٺيون ڀڪوڙجي ويس.

غلام حسين پنھنجا ھٿ قاسم جي ڳچيءَ ڏانھن وڌايا. اوچتو گھانچيءَ غلام حسين ۽ قاسم جي وچ ۾ ٿي بيٺو. غلام حسين جا وڌندڙ ھٿ بيھي رھيا.

”پري ٿي گھانچي.“

”اڙي چريو نا ٿي، گولام حسين.“

”مان ھن حراميءَ کي اڦٽ ماريندس.“

گھانچي غلام حسين کي ٻانھن کان ڇڪيندو، ھجوم کان ٻاھر وٺي ويو. اي- ون ريسٽورنٽ ڏانھن ويندي گھانچيءَ چيو، ”وڊا ماڻھو ايڙو ڪم پاڻ ڪرندا، تھ جانو مڪراني جيڙا بک مردا.“ ھو ٻئي بندر روڊ پار ڪري، موٽي وڃي ريسٽورنٽ ۾ ويٺا.

سعيد منزل وٽ گڏ ٿيل ھجوم ڇڙوڇڙ ٿي ويو. افلاطون ڏڪندو ڏڪندو قاسم وٽ آيو. ڪلھي وٽ ترسي، قاسم جيو پٿر جھڙو سخت چھرو ڏٺائين. قاسم جو سڄو بدن بيعزتيءَ جي احساس ۾ ڪنبي رھيو ھو. چپ چنبڙيل ۽ مٺيون ڀڪوڙيل ھئس.

”قاسم،“ افلاطون ڄڻ پاتار مان وراڻيو.

”قاسم- قاسم تون،“ افلاطون ڳالھائي نھ سگھيو. پوءِ ريلنگ کي پٺي ڏيئي، قاسم جي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”قاسم تون، چپ ڪري ڇو بيٺو ھئين؟“

”ڀڄي وڃان ھا؟“

”نھ، نھ.“

”تھ پوءِ؟“

”تون بھ ھڪ ٻھ ٺونشا وھائي ڪڍينس ھا.“

”ڪنھن کي؟“

”واھھ پٽ عاشق!“ افلاطون ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکندي چيو، ”اڙي اٺ، تون باڪسر آھين، فلمي ھيرو ناھين.“

قاسم جي چپن جي سختي ڍري ٿي ويئي. سندس واڇ جي ھڪ ڪنڊ مان مرڪ ليئو پائي ورتو. ھو خاموش رھيو.

”ڏس قاسم، مون کي پوز نھ ھڻ. مان ڪئميرا مين نھ آھيان. مان تنھنجو يار افلاطون آھيان،“ افلاطون قاسم جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو، ”منھنجي ڳالھھ نھ ٽار. مون کي جواب ڏي.“

”ڇا جو جواب؟“

”تو غلام حسين کي ٺونشا ڇو نھ ھينا.“

”قاسم جواب ڏيئي نھ سگھيو. خاموش رھيو. افلاطون ٻيھر کانئس پڇيو، مون کي جواب ڏي قاسم، تو ھڪ ٽڪي جي زميندار کي ٺونشا ڇو نھ ھنيا.“

تڏھن کيس ٽارڻ خاطر قاسم وراڻيو، ”مون محبت ڪئي آھي افلاطون، تو وانگر رسالا نھ وڪيا اٿم.“

افلاطون ککو وکو ٿي ويو. ڪياڙي کنھندي وراڻيائين، ”ھڪڙي ڏينھن تون ڏسندين قاسم، مان توکي زبردست پرنٽر ۽ پبلشر ٿي ڏيکاريندس.“

”ان ڏينھن مان خودڪشي ڪندس.“

”ڇو؟“

”سھڙ بھ ڪڏھن پرنٽر ۽ پبلشر ٿيا آھن.“

افلاطون ٻئي ھٿ پنھنجن ڪنن تي رکي ڇڏيا. سندس منھن لھي ويو. قاسم وٽان پري ٿي، پنھنجي اسٽال ڏانھن وڃڻ لڳو. قاسم کيس ٻانھن کان ڇڪي، پاڻ وٽ روڪي ورتو.

”ناراض آھين، افلاطون.“

”ڇڏ يار.“

”ڏس. ناراض ٿي وئين نھ.“

”نھ يار. تون عاشق آھين. پنھنجو يار ناھين.“

”پاڻ ٻئي ھڪ ٻئي جا يار آھيون، افلاطون.“

افلاطون منھن مٿي ڪري قاسم ڏانھن ڏٺو، ”سچ؟“

”ھا سچ.“

”تھ پوءِ تو سالي صاحب کي ٺونشا ڇو نھ ھنيا؟“

”ڪيئن ھڻانس ھا!“ قاسم اونھو ساھھ کڻي وراڻيو.

افلاطون سندس مطلب سمجھي نھ سگھيو.

”ھيئن ھڻينس ھا،“ افلاطون قاسم کي پيٽ ۽ سيني تي ٻھ چار ٺونشا ھڻي ڪڍيا.

قاسم کلڻ لڳو.

”اڙي تون کلين ٿو!“ افلاطون خارن مان چيو، ”تڏھن باڪسر ڌوڙ جو ٿيو آھين.“

قاسم گنڀير لھجي ۾ وراڻيو، ”مون ڪنھن سان واعدو ڪيو ھو، افلاطون، تھ ائين نھ ڪندس.“

”وري فلمي ڊائلاگ.“

”سچ ٿو چوانءِ، افلاطون.“

”تھ اڄ اوھان جي ملاقات ٿي ھئي؟“

”ھا.“

”ڪيئن؟“

”ڪالھھ زينب ڪپڙو وٺڻ آئي ھئي. ڪپڙو ڏسندي آھستي چيو ھئائين، منھنجي ڀاءُ کي اسان جي پيار جي خبر پئجي ويئي آھي.“

”ٻيو ڇا چيائين؟“

قاسم وراڻيو، ”چيائين، منھنجو ڀاءُ اسان ٻنھي کي اڦٽ ماري وجھندو.“

افلاطون فڪرمند نظر اچڻ لڳو. پڇيائين، ”پوءِ تو ڇا چيس، قاسم.“

چيومانس، ”مان تنھنجي ڀاءُ کي ھن ڪپڙي وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيندس.“

ان ڳالھھ تي افلاطون ڏاڍو خوش ٿيو.

قاسم چيو، ”تڏھن زينب التجا ڪئي، ائين نھ ڪجانءِ، ائين ڪندين تھ پوءِ منھنجا مائٽ قيامت تائين منھنجو سڱ توکي نھ ڏيندا.“

افلاطون جا چپ ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. وات ڦاڙي، ٽڪ ٻڌي قاسم جي منھن ۾ ڏسندو رھيو. پوءِ پڇيائين، ”تھ تون سچ پچ زينب سان شادي ڪندين.؟“

”ھا.“

”تھ تنھنجو عشق فلمي نھ، بلڪ سچو، يعني True Love آھي.“

”ھا افلاطون. مان زينب سان شادي ڪندس.“

افلاطون کيس سمجھائيندي چيو، ”نانگ جي ٻر ۾ ھٿ نھ وجھھ قاسم.“

”اسان نانگن جا ھار پاتا آھن، افلاطون،“ قاسم وراڻيو، ”اسان ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي آھيون.“

ڪجھھ دير خيالن ۾ غلطان رھڻ کانپوءِ، افلاطون چيو، ”ڪالھھ بلڊنگ جي چوڪيدار ٻڌايو پئي، تھ تنھنجو سالو صاحب سنڌ جو آفت زميندار آھي. وٽس اھڙا تھ خطرناڪ ڌاڙيل آھن، جو اک ڇنڀ ۾ ماڻھو ماريندي دير نھ ڪندا آھن.“

قاسم ھلڪو ٽھڪ ڏنو.

”اڙي! تون کلين ٿو، گڏھھ.“

”ٻيو نھ تھ روئان!“

”چرچي چرچي ۾ سر نھ وڃائي ويھين.“

”افلاطون،“ قاسم سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ”ھيءُ ڪراچيءَ جو شھر آھي. ھتي چور کي ڳنڍيڇوڙ ۽ سير کي سوا سير ملندو رھندو آھي.“

”توکي ڌاڙيل کان ڊپ نٿو ٿئي، قاسم؟“ افلاطون جو وات حيرت مان کلي ويو.

”سنڌ جا ڌاڙيل جيڪڏھن ڪراچيءَ تائين ايندا، تھ کين ڪي ڪين ورندو. ڪلفٽن تي سمنڊ ۽ سرڪاري باغيچي جا ڀولڙا ڏسي موٽي ويندا.“

”تون ھوش ۾ ناھين، قاسم“ افلاطون اسٽال ڏانھن وڃڻ لڳو.

قاسم کيس ٻانھن کان ڇڪي، پنھنجي ويجھو آندو. آھستي ٻڌايائينس، ”ڪورٽن جا در کليل آھن. مان زينب سان سول مئريج ڪندس.“

”پر تون تھ نوڪر آھين، معمولي سيلزمين آھين. زينب سان ڪيئن شادي ڪندين؟“

افلاطون چوڻ خاطر چئي ويو، پر جڏھن قاسم جي منھن تي نظر پيس، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي. ڪجھھ دير اڳ جنھن شوخيءَ سان ڳالھائي رھيو ھو، سا شوخي کانئس موڪلائي ويئي. دل جو درد منھن تي تري آيس.

افلاطون قاسم جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ کڻندي چيو، ”قاسم، آئي ايم ساري، قاسم.“

”افلاطون.“ قاسم ٿڌو، اونھو ساھ کڻندي چيو، ”اھو ڪو ڏوھھ تھ ڪونھي، جو مان ھڪ معمولي سيلز مين آھيان، نوڪر آھيان. مان ايم. اي فائينل جو شاگرد بھ تھ آھيان. يونيورسٽيءَ جو مڊل ويٽ باڪسنگ چئمپين بھ تھ آھيان.“

افلاطون خاموش رھيو. کيس ڏسندو رھيو. قاسم جي وجود تي غم ۽ الم جا پاڇا پئجي ويا. ھن پولار ۾ نھاريندي چيو، ”مان ھڪ نھ ھڪ ڏينھن پڙھي پوندس. گريجوئيٽ ٿيندس. ايم. اي جي ڊگري وٺندس. ان وچ ۾ پاڪستان جو مڊل ويٽ چئمپين بھ ٿي ويندس. منھنجو اھو ڏوھھ ڪونھي جو مان سيلز مين آھيان.“

افلاطون سھي نھ سگھيو. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”مون کي معاف ڪر، قاسم.“

قاسم چيو، ”منھنجو سڀ کان وڏو ڏوھھ اھو آھي، جو مان غريب آھيان. پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ کان پوءِ ۽ ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ بھ غريب رھندس. مان مل جو مالڪ ٿي نھ سگھندس. ٻاھران مال گھرائڻ جي پرمٽ وٺي نھ سگھندس. مان غريب آھيان، افلاطون. مان غريب رھندس. غربت اسان جي بدنصيبي آھي.“

افلاطون دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳو. ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي، منھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين. قاسم افلاطون جي ڀرسان وڃي ويٺو. ڏانھنس پاسيرو ڏسندي چيائين، ”تون بھ غريب آھين، افلاطون، ۽ ھميشه غريب رھندين. تون فٽ پاٿ تي رسالا ۽ اخبارون رکي، ھڪ ڏينھن وڏو پرنٽر ۽ پبلشر ٿيڻ جا خواب ڏسندو رھندين. نھ افلاطون نھ. اسان غريب آھيون. اسان جي زندگيءَ جا پير گوڏن تائين مفلسيءَ جي ڌٻڻ ۾ لھي ويا آھن.“

افلاطون اوچتو منھن ڦيرائي، قاسم ڏانھن ڏسڻ بنا، پنھنجي اسٽول تي وڃي ويٺو. ھڪ پير اسٽول تي رکي، کاڏي گوڏي تي رکي ڇڏيائين. کيسي مان پن جي ٻيڙي ڪڍي، دکائي، اونھو سوٽو ھڻي، قاسم ڏانھن ڏٺائين. قاسم جي منھن ۾ گھنج ھئا. سندس اکين جي ٻاھرين ڪاراڻ چٽي ٿي ويئي ھئي. ھن پنھنجو سمورو بار لوھي ريلنگ تي ڇڏي ڏنو ھو. افلاطون دونھون ڇڏيندي، اي- ون ريسٽورنٽ ڏانھن ڏٺو.

اي – ون ريسٽورنٽ ۾ گھانچي ۽ غلام حسين ساڳين ڪرسين تي ويٺا ھئا. غلام حسين جي منھن جو نقشو بدليل ھو. ڀرون ڳتيل، ۽ اکيون ڪرڙيون ٿي ويون ھئس. گھانچي آنند سان سگريٽ مان دونھان ڪڍي رھيو ھو. غلام حسين بوسڪيءَ جي قميص جو ڪف مٿي ڪري پنھنجي قيمتي واچ ۾ وقت ڏٺو. چيائين، ”ھن ساڍي پنجين جو وقت ڏنو ھو. ھينئر ساڍا ڇھھ ٿيا آھن. ڪڏھين ايندو جانو مڪراني؟“

”بس ھير ايندو.“

”اھا ھير الاءِ ڪڏھن ختم ٿيندي،“ غلام حسين چيو، ”ڪٿي تنھنجو جانو مڪراني پڪڙجي تھ نھ پيو.“

”واھھ ڙي گولام حسين،“ گھانچيءَ ٽھڪ ڏنو، ”جانو باشا کي ڪير پڪڙيندو. جانو پوليس جو دوست آئي. ڪراچي جا ٽاپ وڪيل جانون جو ڪيس ڦڙي ھلائيندا آئن.“

غلام حسين خاموش رھيو. سامھو، ڀت وٽ ويٺل ھڪ پارسي گراھڪ جي ڪوپ ساسر مان جلترنگ پيدا ٿيو. غلام حسين ان گراھڪ ڏانھن ڏٺو. گراھڪ ھوٽل جي در ڏانھن حيرت مان ڏسي رھيو ھو. غلام حسين منھن ڦيرائي ھوٽل جي در ڏانھن ڏٺو.

در جي وچ ۾ ھڪ راڪاس جيڏو ڪارو ڪوپو شخص بيٺو ھو.

”آگيا استاد جانو باشا،“ گھانچيءَ وڏي واڪ چيو ۽ ڪرسي پري ڪري اٿي بيٺو. ھوٽل جي گراھڪن منھن ورائي در ڏانھن ڏٺو. جانوءَ جا ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکيا ھئا. سندس ٻرانگھھ کليل ھئي ۽ بشرٽ جو ڪالر کڙو ڪيل ھوس.

ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ پوليس وارو ھڪڙي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن واري شڪار جي کل لاھي رھيو ھو. پوليس جي نگاھھ جڏھن جانو مڪرانيءَ تي پيئي، تڏھن ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. جانوءَ سان ھٿ ملائي، کانئس حال احوال وٺي، موٽي وڃي شڪار جي ڍونڍ تي ڪريو.

گھانچيءَ ھوٽل جي در وٽ جانو مڪرانيءَ سان زوردار ھٿ ملايو، ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي جي منھن ۾ ڏسي کلڻ لڳا.

جانوءَ ھڪ اڏامندڙ نگاھھ ھوٽل ۾ ويٺل گراھڪن تي وڌي، ۽ پوءِ گھانچيءَ سان گڏ غلام حسين جي سامھون اچي بيٺو. غلام حسن ھڪ نگاھھ ۾ جانو مڪرانيءَ جو فولاد جھڙو جسم جاچي ورتو. سندس منھن تي مرڪ تري آئي.

جانو مڪرانيءَ جو ڦٿل نڪ شرناءِ جھڙو، ٿلھا چپ اٺ جي چپن جھڙا، چنجھيون اکيون چراغ جھڙيون، وار ڊڀ جھڙا ۽ رنگ دانگيءَ جي تري جھڙو ھو. لاڳيتو پان چٻاڙڻ سبب وات ڳاڙھو ھوس.

”جانو باشا، ھيءُ آئي سائين گولام حسين، سنڌ جو آفت وڊيرو،“ گھانچيءَ ٻنھي جي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو، ”گولام حسين ۽ آءٌ اين جياءِ (N.J.V) اشڪول ۾ پڙندا ھئاسي.“

”اڙي تون پڙيلو آئين، گھانچي، کانا کراب؟“ جانو حيرت مان گھانچيءَ ڏانھن ڏٺو.

ھانا. ماسٽر کانا کراب اشڪول کان راشٽيڪيٽ نا ڪري تھ ولا آءٌ ماٽرڪ ڪران ھا.“

جانوءَ پنھنجو دونھاٽيل فولاد جھڙو ھٿ غلام حسين ڏانھن وڌايو. غلام حسين پنھنجو ھٿ جانوءَ جي رڪ جھڙي ھٿ ۾ ڇڏي ڏنو. جانوءَ پنھنجو چنبو بند ڪري ڇڏيو. غلام حسين جو ھٿ جانوءَ جي مٺ ۾ گم ٿي ويو.

”۽ ھي پنھنجو جانو باشا آئي، ڪراچي جو بليڪ ڪنگ. آڌو ڊجن ماڻن کي چاقوءَ سان بلڪل کلاس، شڪ شڪ شڪ کلاس ڪريو آئي.“

غلام حسين جي ٻانھن کي ٻھ چار لوڏا ڏيئي، جانوءَ پنھنجي مٺ کولي ڇڏي. غلام حسين ھڪدم پنھنجو ھٿ ڇڪي ورتو. جانو ڪرسي سوري ويھي رھيو. قميص جي کيسي مان ولائتي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي، ھڪ سگريٽ پنھنجي واڱڻ جھڙن چپن ۾ جھلي ماچس ڳولڻ لڳو. غلام حسين پنھنجي لائيٽر سان سندس سگريٽ دکايو. ھن ھڪ اونھو سوٽو ھڻي، منھن مٿي ڪري، دونھون پکي جي ھوا ۾ ڇڏي ڏنو. دونھون ھوا ۾ ملي جلي ويو.

”ڇا پيئندين، جانو بادشاھھ،“ غلام حسين کانئس پڇيو، ”ٿڌو يا گرم؟“

جانوءَ جواب نھ ڏنو. جواب ۾ گھانچيءَ ڏانھن ڏٺائين. ٻنھي جي منھن تي معنيٰ خيز مرڪ تري آئي. جانوءَ جون اکيون وڌيڪ چنجھيون ٿي ويون. غلام حسين سندس مرڪ جي معنيٰ سمجھي ويو. جانوءَ جي ھٿ کي ٿڦڪي ڏيندي چيائين، ”تون خيال نھ ڪر جانو بادشاھھ. تنھنجي اھا اڃ اسان سائي سائڻ سان لاھينداسين.“

”ڇا!“ جانوءَ جو ھيٺيون چپ اچرج ۾ لٽڪي پيو.

غلام حسين چيو، ”جانو بادشاھھ، سنڌ ۾ ڀنگ کي سائي سائڻ بھ سڏيندا آھن.“

”ولا!“

”ھا.“

”کش رھھ واجا. تو پانجو دل کش ڪري ڇڊيو،“ جانوءَ غلام حسين جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ کڻندي چيو، ”او دلو ديوس ڪٿي آئي، ولا، ھڪ ٽڪر ۾ حرامي کي کلاس ڪندوس.“

”سامھون بارنيس اسٽريٽ جي ڪنڊ وٽ بيٺو آھي، مردود،“ غلام حسين چيو، ”ڪڏھن ڪڏھن تھ ڪراچيءَ ايندا آھيون. گذريل ٻن سالن ۾ جڏھن بھ آيا آھيون، ھن مردود نڪ ۾ دم ڪيو آھي. اسان جي گھر ھيٺان اچي بيھندو آھي.“

”دادا آئي؟“

”نھ. جمالدين اينڊ سنز جي دڪان تي سيلز مين آھي. ڪپڙو وڪڻندو آھي.“

”دڪان کي آگ لگايان؟“

”نھ نھ. دڪان جو مالڪ منھنجو دوست  آھي.“

”ڪيڙو گال ٿو ڪرين واجا. مالڪ دوست اور نوڪر جو ايڊو مجال!“

”ھن حراميءَ کي نوڪريءَ جي ضرورت ناھي. نوڪريءَ مان ڪڍائيندومانس، تڏھن بھ ھت ايندو.“

”ھون،“ جانوءَ منھن ۾ گھنڊ وجھي پڇيو، ”ديوس کي بلڪل کلاس ڪرانس؟“

”ھا. بلڪل خلاص،“ غلام حسين چيو، ”پر خيال سان. جيئن منھنجو نالو وچ ۾ نھ اچي. عزت وارا آھيون.“

”ھو ھو ھا.“ جانوءَ جي نڙيءَ مان ٽھڪ ائين نڪتو، ڄڻ خراب لائوڊ اسپيڪر مان آوز نڪري رھيو ھو، ”اڙي تون ڦڪر نا ڪر.“

جانو اٿي بيٺو. غلام حسين چيو، ”ترس. اول مان ھوٽل کان ھليو وڃان. مان توکي گھر جي بالڪونيءَ مان اشارو ڪندس، پوءِ تون ھن سوئر کي چيري ڇڏجانءِ.“

غلام حسين گھانچيءَ ۽ جانو مڪرانيءَ کي ھوٽل ٻاھران بيھاري، پاڻ سعيد منزل جي سامھون، بارنيس اسٽريٽ جي پرئين پاسي کان تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ٻھ ٽي بلڊنگون ڇڏي، ڊنشا بلڊنگ ۾ ھليو ويو. ٻھ ٻھ ڏاڪا چڙھندو، فليٽ نمبر ٻارھين جي در وٽ وڃي بيٺو. ساھھ چڙھي آيو ھوس. ساھھ قابو ڪري، زور سان در کڙڪايائين. سندس پڦيءَ در کوليو. ھو اندر ھليو ويو. ورانڊي ۾ ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکي بيھي رھيو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ کانپوءِ، پڦيءَ کان پڇيائين، ”ڪٿي آھي زينب؟“

”ابا ھڻي ٺھيو. رات کان ويچاريءَ جي جان کائي ويو آھين.“

”جان کائي ويو آھيانس!“ غلام حسين رڙ ڪئي، ”منھنجي ننڍڙي ڀيڻ نھ ھجي ھا تھ جيڪر اڦٽ ماري وجھانس ھا.”

”ٻار آھي. غلطي ڪري ويٺي آھي. ھاڻي ڇڏينس.“

”ڇڏيانس! ھر سال ڪپڙا، زيور وٺڻ جو بھانو ڪري، بابا کي ڀنڀلائي ڪراچيءَ ايندي آھي. ڇاجي لاءِ ڇاجي لاءِ؟“

”سياڻو ٿيءُ ابا. ھوش ڪر.“

”روھڙيءَ ۾ تھ جھرڪ کان بھ پڙدو ڪندي آھين. وڏي شھر ۾ اگھاڙيون عورتون ڏسي تنھنجي مت مارجي ويئي آھي.“

”مٺا، غلام حسين، ابا ٺھيو.“

”ھڪ ٽڪي جي نوڪر جي ايڏي مجال جو اسان جي گھر ٻاھران اچي بيھي،“ ”غلام حسين ڪاوڙ منجھان ڪنبندي چيو، ”روھڙيءَ ۾ ائين ٿئي ھا! چئھ پڦي. جواب ڏي. روھڙيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو اک کڻي بھ اسان جي حويليءَ ڏانھن ڏسي ھا، تھ جيڪر اک ڪڍائي ڇڏيانس ھا. ڪٿي آھي، بيغيرت زينب.“

زينب ڪمري مان نڪري، ورانڊي ۾ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙھيون ھئس. وار اڻڀا ۽ منھن تي ھيڊ ھاريل ھئس.

”لخ لعنت ٿئي ڇوري،“ غلام حسين زينب کي منھن ۾ گھروڙي بجو ڏنو.

زينب کانئس ٻھ چار قدم پوئتي ھٽي ويئي، ”ادا.“

”خبردار جو پنھنجي بدزبان سان مون کي ادا چيو اٿئي،“ غلام حسين قدم وڌائي زينب جي سامھون وڃي بيٺو. رڙ ڪندي چيائين، ”پاڇي کان پڙدو ڪندڙ ڇوڪري، تو ايڏي ھمت ڪيئن ڪئي!“

غلام حسين زينب جي منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي. ھوءَ ٿڙندي، ٿاٻڙندي ڀت سان وڃي لڳي. پاڻ مس سنڀاليائين، جو غلام حسين ٻي چماٽ ھڻي ڪڍيس. ھوءَ ڦيري کائي در جي طاق سان وڃي لڳي. طاق جون مٿيون شيشو چور چور ٿي ويو.

پڦي وڌي اچي غلام حسين کي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. غلام حسين سٽ ڏيئي ٻانھن ڇڏائي ورتي.

پڦيءَ کي سامھون ٿيندي چيائين، ”پڦي، جيڪڏھن ڪنوارين ڇوڪرين کي خاندان جي عزت ۽ عظمت جو اشتھار سمجھو ٿا، تھ پوءِ ڪوٽن جا ڪڙا چاڙھي ڇڏيو. حويليءَ جون ڀتيون آسمان تائين کڻائي ڇڏيو، جيئن ھي ڇوڪريون اسان جي ٽوپيءَ سان ھٿ چراند نھ ڪري سگھن.“

”ادا،“ زينب پاڻ سنڀالي، لڙڪ اگھي، ڀريل آواز ۾ ڳالھايو، ”مون محبت ڪئي آھي. گناھھ نھ ڪيو اٿم.“

”زينب!“ غلام حسين ھيبتناڪ رڙ ڪئي، جنھن ۾ پڦيءَ ۽ زينب سان گڏ پاڻ بھ ڪنبي ويو. اکين مان ڄڻ باھھ جا جنسي شعلا نڪرڻ لڳس. ٻنھي ھٿن جون مٺيون ڀڪوڙي ڇڏيائين.

زينب چيو، ”ھو غريب آھي تھ ڇا ٿيو، ھڪ شريف انسان بھ تھ آھي.“

”خاموش، بدزبان ڇوڪري، خاموش،“ غلام حسين لاڳيتيون ٻھ چار چماٽون زينب کي وھائي ڪڍيون، ”اردو ناولن ۽ فلمن جا ڊائلاگ مون کي نھ ٻڌاءِ.“

پڦي غلام حسين جي سامھون آئي، پر ھنکيس ڌڪو ڏيئي پري ڪندي چيو، ”تون پري ٿيءُ، پڦي، اڄ مان ھن ڇوريءَ کان پڇندس. ھن جي ايڏي مجال ڪيئن ٿي.“

زينب جو ھيٺيون چپ ڦاٽي پيو ھو. سندس کاڏيءَ ۽ قميص جو آڳو رت ۾ آلو ٿي ويو ھو. ھن وھندڙ رت نھ اگھيو. جڏھن غلام حسين سندس اکين ۾ ڏٺو، تڏھن ھن ٻانھن سان رت اگھي، نفرت وچان ڀاءُ ڏانھن نھاريو.

”ڳالھائي. خاموش ڇو آھين، ڇوري.“

زينب آلين اکين سان غلام حسين جي جلندڙ اکين ۾ گھوريندي چيو، ”ياد اٿئي، مان جڏھن ننڍڙي ھوندي ھيس، تڏھن تون مون کي چٺيون ۽ سوکڙيون ڏيئي جادل ڪاسائڻ ڏانھن موڪليندو ھئين. پنھنجا ڪرتوت وساري ڇڏيا اٿئي. ڪھڙو غيرتمند ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کان ڌوتين جو ڪم وٺندو ھوندو.“

”خاموش، بڪواس بند ڪر.“

زينب ڪنبندي رھي، ۽ ڳالھائيندي رھي، ”اوطاق ۾ ۽ ٻاھر جيڪي ڪجھھ منھن ڪارو ڪندو رھيو آھين، تنھنجو ڄڻ ڪنھن کي خبر ڪونھي. اڄ وڏو غيرتمند ٿي پيو آھين.“

مان مرد آھيان. جيئن وڻندو، تيئن ڪندس.“ غلام حسين زينب کي چوٽيءَ کان ڌونڌاڙيندي چيو، ”پنھنجين اکين سان ھلي ھن حراميءَ جو رت ۾ رنڱيل لاش ڏس.“

غلام حسين زينب کي چوٽيءَ کان ڇڪيندو پھرين ڪمري جي بالڪونيءَ تائين وٺي آيو. پڙدو ڪيرائي، زينب کي در جي وٿيءَ وٽ بيھاري سندس چوٽيءَ مان ھٿ ڪڍڻ بنا، پاڻ بالڪونيءَ ۾ نڪري بيٺو.

جانو مڪراني ۽ گھانچي اي- ون ريسٽورنٽ جي ٻاھران بيٺا ھئا. غلام حسين ھٿ لوڏي ٻنھي کي اشارو ڏنو. پوءِ پڙدو ھٽائي، اوٽ ۾ بيٺل زينب کي چيائين، ”ڏسجانءِ. پنجن منٽن ۾ ھن حراميءَ جو لاش بندر روڊ ۽ بارنيس اسٽريٽ جي چوڪ وٽ پيو ھوندو.“

زينب جون اکيون وحشت ۾ پٿر جون پتليون ٿي ويون. ھن در جي وٿيءَ مان راڪاس جيڏي جانو مڪرانيءَ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سعيد منزل وٽ بيٺل قاسم تي نظرون ڄمائي ڇڏيائين.

بالڪوني جي ھيٺان، ڪجھھ پرڀرو، سعيد منزل جي لوھي ريلنگ وٽ افلاطون ۽ قاسم بيٺا ھئا. قاسم لوھي ريلنگ کي پٺي ڏيئي بيٺو ھو ۽ سامھون افلاطون بيٺو ھوس. افلاطون کيس سمجھائي رھيو ھو، ”تون ھليو وڃ. ڏس، جانو مڪراني توڏانھن اچي رھيو آھي. چاقو ھڻندي دير نھ ڪندو. خدا جي واسطي ھليو وڃ.“

”ھليو وڃان؟“

”ھا.“

”ڪيڏانھن؟“

”جيڏانھن وڻيئي، تيڏانھن ھليو وڃ، في الحال ھتان ھليو وڃ.“

”زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان؟“

”ھا.“

قاسم افلاطون جي اکين ۾ نھاريندي چيو، ”مان ڪيئن زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان، افلاطون.“

”ڏس قاسم،“ افلاطون تڪڙو تڪڙو چوندو ويو، ”زينب توکي نھ ملندي. تون پنھنجي جان بچائي ھتان ھليو وڃ.“

”منھنجي دل نھ ٽوڙ افلاطون.“

”پاڻ کي اجايا دلاسا نھ ڏي، زينب توکي نھ ملندي.“

”ڇو نھ ملندي؟ ان لاءِ تھ مان غريب آھيان. مسڪين آھيان. سيلز مين آھيان.“

”ڳالھين ڪرڻ جو وقت ناھي قاسم،“ افلاطون بندر روڊ ڏانھن ڏسندي چيو، ”ڏس، ھو ٻئي ٽرام پٽو ٽپي آيا آھن. وقت ويو ڪونھي. تون ڀڄي وڃ قاسم.“

”انصاف انڌو ناھي. قانون جا ڪن ٻوڙا ناھن. قانون جي دائرن ۾ ڪوبھ مون کي زينب کان جدا ڪري نھ سگھندو.“

”انصاف اسان لاءِ انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو آھي قاسم،“ افلاطون تڪڙ ۾ چيو، ”پر ھيءُ بحث ڪرڻ جو وقت ناھي. تون خدا جي واسطي ڀڄي وڃ.“

قاسم افلاطون کي ھٿ سان پنھنجي سامھون پري ڪري، منھن ورائي، ڊنشا بلڊنگ جي ان بالڪونيءَ ڏانھن ڏٺو، جتي غلام حسين بيٺو ھو.

غلام حسين جو ھڪ ھٿ اجرڪ جي پڙدي پٺيان لڪل ھو، جنھن سان زينب کي چوٽيءَ کان ڇڪي، در جي وٿيءَ وٽ بيھاريو ھئائين.

زينب در جي وٿيءَ مان جانو مڪرانيءَ کي قاسم ڏانھن وڌندي ڏٺو. ھڪ دردناڪ آھھ زينب جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتي، ۽ سندس چپن کي ڦڙڪائيندي ھلي ويئي.

جانو مڪرانيءَ قاسم کي ويجھو وڃي، پاڻ کي ھوا ۾ اڇل ڏني. اک ڇنڀ ۾ پنھنجو رڪ جھڙو مٿو قاسم جي منھن تي ھڻڻ لاءِ قاسم تي بل ڏنائين. قاسم وڄ وانگر جانوءَ جي سنوت کان ھٽي، سندس وار گسائي ڇڏيو. جانوءَ جي لوندڙي لوھھ جي ريلنگ سان وڃي لڳي. ھڪ آواز ٿيو، ڄڻ لوھھ جو مارتول ڀيم سان وڃي لڳو. جانو ڦھڪو ڪري فٽ پاٿ تي ڪري پيو. اکين جا تارا پٿر وانگر ھڪ ھنڌ ڄمي ويس.

غلام حسين جو ھٿ زينب جي چوٽيءَ مان ڇڏائجي ويو. ھو ٻئي ٻانھون بالڪونيءَ جي ڪناري تي رکي خارن مان قاسم ڏانھن ڏسڻ لڳو.

قاسم لوھي ريلنگ کي ٽيڪ ڏيئي، اڳ وانگر ٿي بيٺو ھو. سندس منھن جون مشڪون ڇڪيل ھيون، ۽ نگاھون جانوءَ تي کتل.

جانوءَ ڪنڌ لوڏي پاڻ کي سامت ۾ آندو. ھٿ جي تريءَ جو زور ڏيئي پاڻ کي فٽ پاٿ تان مٿي ڪيائين. اٿي بيٺو. اٿنديئي، ٻئي ٺونشا ٺاھي، قاسم تي اڇل ڏنائي. قاسم سندس وار گسائي، کيس منھن تي لاڳيتا ٻھ چار ٺونشا وھائي ڪڍيا. لوندڙيءَ واري مڪ کائي، راڪاس جيڏو جانو، بولاٽيون ڏيندو، پپر جي وڻ سان وڃي لڳو، ۽ ڏسنديئي ڏسندي اونڌي منھن پپر جي پاڙ ۾ وڃي پيو.

افلاطون پيھھ کي پري ڪري، سڀني کان اڳتي اچي بيٺو ۽ حيرت مان قاسم ڏانھن ڏسڻ لڳو.

اي- ون ريسٽورنٽ جا گراھڪ ڪرسيون ڇڏي، ڊوڙندا آيا ۽ پيھھ ۾ شامل ٿي ويا. ريسٽورنٽ ۾ جنھن پوليس واري جانوءَ کي کيڪاريو ھو، سو ماڻھن کي پري ڪري وڻ وٽ اچي بيٺو. وڻ وٽ جانوءَ کي اونڌي منھن ڪريل ڏسي کانئس ڇرڪ نڪري ويو.

جانوءَ وڏيءَ ڪوشس سان پاڻ کي سڌو ڪيو. ٻئي ھٿ وڻ جي ٿڙ ۾ کپائي، پاڻ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، ۽ پوءِ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. سندس کاٻي اک ۽ نڪ مان رت ٺينڊيون ڪري وھي رھيو ھو. ھن ڦڪائيءَ مان ڪنڌ مٿي ڪري، ڊنشا بلڊنگ ڏانھن ڏٺو.

غلام حسين ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ھو. مٺيون ڀڪوڙجي ويون ھئس. چپن ۾ پنھنجي ساءِ ڀڻ ڀڻ ڪيائين، ”ھن ڀاڙيءَ جي تعريف ۾ گھانچيءَ ڌرتي آسمان ھڪ ڪري ڇڏيو ھو. ھن وائڙي ڀوڪ اڌ ڊزن خون ڪيا آھن! ھاءِ ڙي ڪرم علي کوسا، ھاءِ ڙي علڻ چانڊيا، ھاءِ ڙي انب شيدي- ڪھاڙيءَ جي ھڪ ڌڪ سان ھن خسيس ڇوري جو ڪم لاھي ڇڏين ھا. ھاءِ ڙي سنڌ! ڪراچي ويئي سنڌين کان.“

اوچتو غلام حسين ڀڻ ڀڻ بند ڪري ڇڏي. واڇون ٽڙي پيس. پنھنجي ساءِ وات مان نڪتس، ”شاباس. وارو ڪر جانو.“

جانو وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ھو. ھٿ ۾ چلڪندڙ خنجر ھوس.

ماڻھن جون اکيون دھشت کان ڦاٽنديون ويون. افلاطون جا گوڏا ڪنبڻ لڳا.

قاسم پنھنجي جاءِ تان نھ چريو ۽ جانوءَ ڏانھن ڏسندو رھيو. جانوءَ ڏانھنس وک وڌائي. نفرت سبب سندس چھرو خوفناڪ ٿي ويو ھو. ھو وڌندو آيو ۽ پوءِ جڏھن قاسم کان وک کن پري رھجي ويو، تڏھن مٿانئس وار ڪيائين.

قاسم تير وانگر خنجر جي وار کان پاڻ ڪڍائي ويو. خنجر لوھي ريلنگ سان وڃي ٽڪريو جانوءَ ھيبتناڪ ٽھڪ ڏنو.

قاسم ريلنگ وٽان پري ٿي ويو ھو. جانو ريلنگ کي پٺي ڏيئي، خنجر اڳتي ڪري، قاسم ڏانھن وڌڻ لڳو. قاسم پوئتي ھٽڻ لڳو. ھٽندي ھٽندي پپر جي ٿڙ سان وڃي لڳو. جانوءَ ھڪدم مٿس وار ڪيو. قاسم ڪنڌ پري ڪري ڇڏيو ۽ خنجر جو اڌ ڦرو پپر جي ٿڙ ۾ لنگھي ويو.

قاسم سموري قوت سان جانوءَ جي منھن تي کاٻي ھٿ جي مٺ سان ٺونشو ھڻي ڪڍيو. جانوءَ جو ھٿ وڻ ۾ کتل خنجر  مان ڇڏائجي ويو. اڃا پاڻ مس سنڀاليو ھئائين، جو قاسم ساڄي ھٿ جي ھڪ مڪ وھائي ڪڍيس. جانو اڇل کائي ريلنگ سان وڃي لڳو. ھوش گم ٿي ويس. ھوا ۾ ٿاڦوڙا ھڻڻ لڳو. قاسم وڌي اچي پيٽ ۾ گوڏو ھنيس. ھو سور کان ٻٽو ٿي ويو. قاسم ٻنھي ھٿن جون آڱريون ھڪٻئي ۾ جڪڙي، سڄيءَ طاقت سان جانوءَ کي کاڏيءَ ھيٺان ڌڪ وھائي ڪڍيو. ڌڪ کائي، جانو ڏور ٽٽل ڪمان وانگر ڇڪ کائي سڌو ٿي ويو. قاسم اول کاٻي ۽ پوءِ ساڄي ٺونشي سان جانوءَ جو نڪ ۽ چپ ڦاڙي ڇڏيا. جانوءَ جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. ھن ٻئي ھٿ ريلنگ ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھٿ لوھھ جي نلڪن مان ڇڏائجي ويس ۽ ھو ريلنگ مان گھرڪندو، بارنيس اسٽريٽ جي سڙڪ تي، گٽر وٽ وڃي ڪريو.

خلق کي ڄڻ نانگ سنگھي ويو. ماڻھن جا پير فٽ پاٿ کي چنبڙي ويا.

غلام حسين جڪ کائيندي بالڪوني کي لتون ھڻي ڪڍيون. زينب اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ عذاب کان ڇوٽڪارو مليو ھوس.

افلاطون فخر سان قاسم ڏانھن ڏسڻ لڳو. قميص جي ٻانھن سان پگھر اگھي، قاسم ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.

ان وقت ساڳيو پوليس وارو، جيڪو ريسٽورنٽ ۾ ويٺو ھو، اڳتي وڌي آيو، ۽ قاسم کي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ”تم غنڊا ڻڍ.“

قاسم حيرت مان پوليس واري ڏانھن ڏٺو ۽ ڪجھھ نھ ڪڇيو. سپاھيءَ سيٽي وات ۾ وجھي، سڄيءَ قوت سان وڄائي.

ٻھ سپاھي اين. جي. وي ھاءِ اسڪول جي بس اسٽاپ وٽ ڳنڍيريءَ واري جي گاڏي مان ڳنڍيريون کڻي کائي رھيا ھئا. سيٽيءَ جو آواز ڪن تي پين، تھ ڳنڍيرين سان کيسا ڀري، ڊوڙندا آيا ۽ پيھھ ۾ ڪاھي پيا.

ھڪ سپاھي جنھن جو منھن سڪل ڇوھاري جھڙو ھو، تنھن اچڻ شرط پڇيو، ”کيا ڻڍ، امان؟“

”سالا غنڊا ڻئڍ. اپنڍ جانو بادشاھھ کو مارا ڻئڍ (ماءُ تي گار، ڀيڻ، زال تي گار.)

”لڍ چلو (ماءُ تي گار، ڀيڻ تي گار، زال تي گار) سالڍ کو تھانڍ پر.“

ڇوھاري جھڙو سپاھي قاسم کي موٽر رڪشا ۾ ويھاري ٿاڻي ڏانھن وٺي ويو.

ٻن سپاھين ۽ گھانچيءَ ڏاڍءَ مشڪل کان پوءِ جانو مڪرانيءَ کي گٽر وٽان اٿاري، فٽ پاٿ تي آڻي بيھاريو. گھانچيءَ رومال ڪڍي جانوءَ جو ڦاٽل نڪ، چپ ۽ کاٻي اک اگھي. اکين تان رت جو تھھ پري ٿيس، تھ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيائين، ”ڪيڊان ويو ڙي دلو؟“ آءٌ ھن کي کلاس ڪندس.“

”ڀڄي ويو، جانو باشا،“ گھانچيءَ وراڻيو، ”توسان لڙڻ وارو آئي ڪو مائي جو لال.“

اِن جواب تي جانو مڪراني ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين، ”دلو، ديوس، بزدل.“

جانوءَ فٽ پاٿ تي ٿڪ اڇلائي. سندس وات مان رت جي گرڙي اوڪاري وانگر نڪري آئي.

گھانچيءَ ڏڪندي ڏڪندي بالڪونيءَ ڏانھن ڏٺو. بالڪوني خالي ھئي ۽ اجرڪ جو پڙدو ھوا ۾ لڏي رھيو ھو.

جڏھن ماڻھن جي پيھھ ڇڙوڇڙ ٿي ويئي ۽ ھر ڪو سرگوشين ۾ ڳالھائيندو ھليو ويو، تڏھن افلاطون پنھنجي اسٽول تي پير رکي ويھي رھيو. ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي. ٽو جو سگريٽ ڪڍي، دکائي ڊگھو سوٽو ھنيائين. منھن گوڏي تي رکي ڇڏيائين. ڪجھھ دير لاڳيتو بارنيس اسٽريٽ ڏانھن ڏسندو رھيو. ڏسندي ئي ڏسندي، افلاطون جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ سندس نگاھن آڏو بارنيس اسٽريٽ جي ٽريفڪ، موٽر پارٽس جا دڪان ۽ اسپتالون ڪنھن ڪوھيڙي ۾ گم ٿيندا ويا.

 

²

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com