سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

 

صفحو :1

دل جي دنيا

امر جليل

نھ مھاڳ، نھ امھاڳ

ڪجھھ لکڻ کان اڳ ضروري سمجھان ٿو تھ اوھان کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيان، اوھان کي خبردار ڪري ڇڏيان. پوءِ، متان چئو تھ اسان سان دوکو ٿيو آھي. اسان سان فريب ٿيو آھي. اسان سان ويساگھاتي ٿي آھي، تنھن ڪري وضاحت ضروري سمجھان ٿو.

مان ڏاڍو فيئر قسم جو ماڻھو آھيان. ان فيئر ڪم بھ فيئر نموني ڪندو آھيان. سڄي ڄمار ڏاڍيءَ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪوڙ ڳالھايو اٿم. جيڪي بھ قانوني خلاف ورزيون ڪيون اٿم، سي قانون جي دائري ۾ رھندي ڪيون اٿم. تنھنڪري، اوھان کي خبردار ڪري ڇڏڻ ضروري سمجھان ٿو، بلڪ لازمي سمجھان ٿو.

ھن وقت مھاڳ جي نالي ۾ اوھين جيڪي ڪجھھ پڙھي رھيا آھيو، سو مھاڳ ناھي، سو امھاڳ بھ ناھي. سو ڪجھھ بھ نھ آھي. درحقيقت، ھن وقت اوھين ڪجھھ بھ نھ پڙھي رھيا آھيو. پنھنجو وقت برباد ڪري رھيا آھيو. اوھين ھن وقت جيڪي ڪجھھ پڙھي رھيا آھيو، تنھن جو ڪو وجود، ڪو ڀرم ڪونھي. ھن وقت اوھين جيڪي ڪجھھ پڙھي رھيا آھيو، سو عدم آھي، سو غائب آھي، سو غير حاضر آھي، سو خلا آھي، خالي خالي آھي. ڪجھھ بھ نھ آھي. اوھين ڪجھھ بھ نھ پڙھي رھيا آھيو. دراصل زندگي بذاتِ خود ڪجھھ بھ نھ آھي، ڏاڍي بي مقصد آھي. ڏاڍي بي معنيٰ آھي.

ھن وقت اوھين جيڪڏھن سگريٽ ڇڪي رھيا آھيو، تھ پوءِ مھرباني ڪري سگريٽ وسائي ڇڏيو. جيڪڏھن جوان آھيو تھ جوانيءَ تي ۽ جيڪڏھن پوڙھا آھيو تھ پنھنجي ٻڍاپي تي رحم ڪريو. سگريٽ ھڪدم وسائي ڇڏيو، دير نھ ڪريو. مون کي خبر آھي تھ سمورا سگريٽ ڇڪڻ وارا ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي نھ مرندا آھن. سگريٽ نھ ڇڪڻ وارن کي بھ ڪينسر ٿي پوندي آھي. مرڻ لاءِ ڪينسر جو ٿي پوڻ ضروري ناھي. اڪثر ماڻھو بنا سبب جي مري ويندا آھن. ماڻھو فقط بک ۾ پاھھ ٿي نھ مرندا آھنب. ڍو تي بھ ماڻھو مري ويندا آھن. بلڪ وڏي تعداد ۾ مري ويندا آھن. فرق فقط ايترو آھي جو بک ۾ پاھھ ٿي مرڻ وارا پنھنجي مٿان مقبرا اڏائي نھ سگھندا آھن. مون کي خبر آھي تھ سگريٽ نھ ڇڪڻ جي باوجود اسين مري ويندا آھيون. مون اوھان کي سگريٽ في الحال اِن ڪري وسائي ڇڏڻ جو مشورو ڏنو آھي، جو ڪتابن کي باھھ لڳڻ،  ۽ لڳائڻ جو امڪان وڌي ويو آھي. ھلاڪن دنيا تي قبضو ڪري ورتو آھي. اڳ تلوارون ۽ تير ھلندا ھئا، ۽ ڪتاب سڙندا ھئا. ھينئر ھيڊروجن بم ۽ ايٽم بم ھلندا، ۽ ڪتاب ۽ ڪتبخانا سڙندا.

اوھين ھن وقت جيڪڏھن موٽر سائيڪل ھلائي رھيا آھيو، ۽ ڪتاب بھ پڙھي رھيا آھيو تھ پوءِ ھڪدم ٻنھي ڪمن مان ھڪ ڪم ڇڏي ڏيو. ڪتاب پڙھو، يا موٽر سائيڪل ھلايو. اوھين جيڪڏھن ارادي جا پڪا، ۽ ضدي آھيو، ۽ ٻئي ڪم ھڪ مھل ڪرڻ چاھيو ٿا، تھ پوءِ مٿي تي ھيلميٽ پائي ڇڏيو. ڏسجو، متان ھيلميٽ بدران مٿي تي شيڪسپيئر جو ھيمليٽ پائي ڇڏيو. مٿي تي ھيمليٽ بدران ھيمليٽ پائي ڇڏڻ ۾ ھونءَ تھ ڪا خرابي ڪونھي، پر ڳالھھ ڇاھي جو پيءُ جي دشمن، ۽ ماءُ جي عاشق ھيمليٽ کي ديوانو ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ ديواني کي مٿي تي ويھارڻ ٺيڪ ڪم ڪونھي. اوھين مٿي تي ھيلميٽ پائي ڇڏجو، ۽ موٽر سائيڪل ھلائجو.

منھنجو ھڪ دوست ڏاڍيءَ پابنديءَ سان مٿي تي ھيلميٽ پائي موٽر سائيڪل ھلائيندو ھو. ھڪ دفعي ٽرڪ سان حادثي ۾ سڄو چچرجي ويو. ھڏ گڏ ڀڄي پيس. پر ھيلميٽ ۾ محفوظ مٿو بچي ويس. بچي ويل مٿو اسان جي دوست کي ڪم نھ آيو. ھو مري ويو. اسان کيس صحيح سلامت مٿي سميت قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.

مئل ماڻھوءَ جو صحيح سلامت مٿو جيئرن جي ڪم نھ ايندو آھي. مئل ماڻھوءَ جو صحيح سلامت مٿو خود مئل ماڻھوءَ جي ڪم بھ نھ ايندو آھي. بلڪ ڪنھن جي بھ ڪم نھ ايندو آھي. اِن قسم جو بيڪار مٿو تاريخ جو منحرف ٿي پوندو آھي. مون زندگيءَ ۾ انيڪ مئل ماڻھن جي ڪنڌ تي صحيح سلامت مٿا لڳل ڏٺا آھن. ھيلميٽ اسان جي بيڪار مٿي کي محفوظ رکي سگھندو آھي، پر اسان جي ٽنگ ۽ ٻانھن کي ڀڄڻ کان بچائي نھ سگندو آھي.

مون اھڙا جيئرا جاڳندا ماڻھو بھ ڏٺا آھن، جن جي ڪنڌ تي نامعقول قسم جو مٿو لڳل ھوندو آھي. اھڙي ناقص مٿي ۾ ميڄالي بدران جھرڪيءَ جو اجڙيل آکيرو پيل ھوندو آھي. منھنجي مٿي ۾ بھ آکيرو آھي، جنھن ۾ آنو لاھي جھرڪي اڏامي ويئي آھي. مون جھڙا ماڻھو جن جي ڪنڌ تي نامعقول مٿو لڳل ھوندو آھي. سي کائڻ ۾ ٻڪر جو برين مصالحھ پسند ڪندا آھن.

اسين دال کائڻ کان پوءِ، تيليءَ سان ڏند ۾ ڦاٿل ٻوٽي ڪڍي وٺندا آھيون. ڦٿل ناسپاتيءَ کي صوف سمجھي کائي ويندا آھيون، ۽ ڌڻيءَ در دعاگو ٿيندا آھيون.

زيب سنڌيءَ، ۽ علي نواز گھانگھري جڏھن ’روشني پبليڪيشن‘ پاران ڪتاب ”دل جي دنيا“ جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي ڳالھھ ڪئي ھئي، تڏھن ڪجھھ دير لاءِ مون کي تعجب ٿيو ھو. تعجب ان ڪري ٿيو ھو جو مون ڀانيو ھو، تھ چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي کين ڇڏي ھليا ويا آھن. چينو ۽ چرٻٽ اڪيلا رھجي ويا آھن. ڏاڍا اٻاڻڪا ٿي پيا آھن. نھ ڪو کين ٻڌڻ وارو آھي، ۽ نھ ئي ڪو سندن ڳالھھ سمجھڻ وارو وڃي بچيو آھي. پر، مون کانئن ڪجھھ نھ پڇيو. فقط ايترو چيو، نئين ڇاپي لاءِ مھاڳ لکندس، جيڪو درحقيقت مھاڳ نھ ھوندو.

ھينئر مھاڳ جي نالي ۾ جيڪي ڪجھھ لکي رھيو آھيان، مھاڳ ناھي. امھاڳ بھ نھ آھي. ڀانيان ٿو بي مھاڳي آھي. ڳالھھ نھ مون کي سمجھھ ۾ آئي آھي، ۽ خدا چاھيو، بلڪ الله چاھيو تھ ڪنھن کي بھ سمجھھ ۾ نھ ايندي. ھونءَ بھ اڄڪلھھ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ ۾ ڇا رکيو آھي! سموري حڪمت ناسمجھيءَ ۾ آھي. ڄاڻ، آگاھي، ۽ سمجھھ انسان کي معاشري ۾ ھيکلو ڪري ڇڏيندي آھي – اڪيلو ڪري ڇڏيندي آھي. ھو سولائيءَ سان خدا کي خير آباد ڪري الله حافظ چئي نھ سگھندو آھي. ھو جواز تان ھٿ کڻي نھ سگھندو آھي.

مون کي اِن ڳالھھ جو فڪر ڪونھي تھ اسان خدا جو ۽ خدا اسان جو ڪيتري عرصي تائين ساٿ ڏنو. اسان خدا تان ھٿ کنيو، ۽ خدا جي نالي ۾ کنيل وفائن جي قسمن کي ٽوڙيو. خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ سان معاشري تي ڪو اثر ڪونھ پوندو. اڳ خريد ڪيل ڪوڙا شاھد ڪورٽن ۾ خدا جو قسم کڻي ڪوڙيون شاھديون ڏيندا ھئا، ۽ بيگناھن کي عمر قيد، ۽ ڦاھيءَ جون سزائون ڏياري ڇڏيندا ھئا. ھينئر ھو ساڳيو ڪم الله جي نالي ۾ قسم کڻي ڪندا. جن کي بيگناھھ مرڻو آھي، سي مرندا. جن کي اختلاف راءِ جي سزا ڀوڳڻي آھي، سي ڀوڳيندا. خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ سان ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ خبرون سچيون ثابت نھ ٿينديون.

اصل ۾ مون کي فڪر آھي، ھڪ شخص خدا ڏني جو. موجوده روش ۽ رواج موجب مائٽن جيڪڏھن سندس نالو خدا ڏني مان مٽائي الله ڏنو رکي ڇڏيو تھ وڏو ممڻ مچي پوندو. خدا ڏني جي ھڪ ڀاءُ جو نالو الله ڏنو آھي. مائٽ خدا ڏني جو نالو مٽائي رب ڏنو بھ رکي نھ سگھندا. خدا ڏني جي ٻئي ڀاءُ جو نالو رب ڏنو آھي. مسئلو اِھو ناھي تھ ھڪ مياڻ ۾ ٻھ تلوارون وجھي سگھجن ٿيون يا نھ. اصل ۾ معاملو فوجداري آھي. ھڪ گھر ۾ ساڳي نالي سان ٻھ ماڻھو پاڪستان ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿي پوندا.

سرجڻھار ھڪ، سندس نالا انيڪ آھن. سرجڻھار تي ھڪ – ھٽي، ۽ اجاره داري قائم ڪرڻ لاءِ قومن ھڪ ٻئي کي ڏاڍو ڪٺو آھي.

اسان کي آخر علامھ اقبال جي خوديءَ جي باري ۾ بھ تھ سوچڻو آھي! قومي شاعر آھي؛ بلڪ امت جو حڪيم آھي. ڳالھھ لنوائي تھ نھ سگھبي! سندس خوديءَ جو آخر ڇا ٿيندو! خوديءَ کي بلند ڪرڻ کان پوءِ خا کي ئي بندي کان پڇڻو ھو تھ، اي بنده، ٻڌاءِ تھ تنھنجي رضا ڪھڙي آھي. خدا حافظ کي اسان الله حافظ سان ريپليس ڪري ڇڏيو آھي. موجوده حالتن ۾ خوديءَ کي جيڪڏھن بلند ڪيوسين، تھ پوءِ اسان کان ڪير پڇندو تھ، اي بنده ٻڌاءِ تھ تنھنجي رضا ڪھڙي آھي! اسان خدا کان منھن موڙيو. خدا اسان کان منھن موڙي ڇڏيو آھي. الله سائين بندي کان سندس رضا جي باري ۾ پڇندو يا نھ پڇندو، ان باري ۾ مون کي ڪا خبر ڪونھي.

مون کي فقط ايتري خبر آھي تھ خوديءَ جي ڪابھ بلندي انسان جي ڪم نھ ايندي آھي. انسان کي ڪم ايندو مونن ۾ منھن وجھڻ. کيس ڪم ايندو فڪر جي فرھي ھٿ ۾ کڻڻ، ۽ ماٺ ۾ مطالعو ڪرڻ. تڏھن مونا طور سينا ٿي پوندا آھن. اڳ جيڪي سمجھھ ۾ نھ ايندو ھو، سو سمجھھ ۾ اچڻ لڳندو آھي. اڳ جيڪو آواز ٻڌڻ ۾ نھ ايندو ھو، سو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. سو ازل کان آھي. قديم آھي. آڳاٽو آھي. ھر صورت ۾، ھر رنگ ۾، ھر روپ ۾ قائم آھي، دائم آھي. ڪل ڪائنات جي سرجڻھار تي ھڪ قوم جي اجاره داري امڪان کان ٻاھر آھي. ’جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن سڄڻ سامھون.‘

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چويم

آئون جوئي آھيان، سوئي آھيان.

۽ ھيءَ ڳالھھ بھ سچل سرمست واري عقيدي جي آھي:

جيڏانھن پورب پنڌ، تيڏانھن آئون نھ وڃڻو،

ھيءُ ھنن جو ھنڌ، منھنجو ھنڌ ھنگلاج ۾.

۽، اھا ڳالھھ ان دور جي آھي جڏھن مون اڃان پھرين ڪھاڻي ’انداز‘ نھ لکي ھئي، ۽ ڪتاب ”دل جي دنيا“ شايع نھ ٿيو ھو. امان روزانو رات جو سمھڻ کان اڳ اڌ رات تائين ”سچل سرمست جو رسالو“ پڙھندي ھئي، ۽ روئندي ھئي. اسر ويل اوچتو آسمانن ڏانھن اسھڻ کان اڳ، ھن اڌ رات تائين ”سچل سرمست جو رسالو“ پڙھيو ھو، ۽ رني ھئي. منھنجي لاءِ پنھنجي اختيار ڪيل راھھ جو تعين ڪري ويئي ھئي. ان راھھ جو حوالو منھنجي ھر ڪھاڻيءَ ۾ آيو آھي، ھر ڪالم ۾ آيو آھي، ھر ڊرامي ۾ آيو آھي، ۽ موجوده تحرير ۾ آيو آھي، جنھن کي اوھين ھن وقت مھاڳ جي نالي ۾ پڙھي رھيا آھيو.

”دل جي دنيا“ منھنجين ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب آھي، ۽ پھرئين پيار، ۽ پھرين ٻار وانگر مون کي وڻندو آھي. پر سچ پڇو تھ ھن ڪتاب ۾ مون کي ڪابھ اھڙي غير معمولي ڳالھھ ڏسڻ ۾ نھ آئي آھي، جو ھيءُ ڪتاب گذريل ٽيھن سالن کان وقفي وقفي سان لاڳيتو ڇپجي رھيو آھي. چئن پنجن پبلشرن ھن ڪتاب کي ورائي ورائي شايع ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ منھنجي اوائلي دور جون ڪھاڻيون آھن، ۽ منھنجين عام ڪھاڻين وانگر عام رواجي قسم جون ڪھاڻيون آھن، ۽ عام رواجي ماڻھن جون ڪھاڻيون آھن. رستن، گھيڙن، ۽ گھٽين ۾ ڌڪا کائڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. ھي ڪھاڻيون تعبير لاءِ خواب ڏسڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. گدلي تلاءَ ۾ چنڊ جي پاڇولي سان پيار ڪرڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. گھاو خاطر جلاد جي تلاش ۾ گھمڻ وارن ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن. ڪنھن بھ ڪھاڻيءَ جي نھ ابتدا آھي، ۽ نھ ئي ڪا انتھا آھي. نھ ڪا شروعات آھي، ۽ نھ ئي ڪا پڄاڻي آھي. منھنجين سمورين ڪھاڻين وانگر ھن ڪتاب ۾ پڻ سڄن جي دنيا ۾ چرين ۽ مجذوبن جون ڪھاڻيون آھن. تصديق لاءِ تحقيق، ۽ تحقيق لاءِ تصديق ڪرڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. آئيني ۾ پنھنجو عڪس ڏسي آئينو ٽوڙي ڇڏڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن.

مان ايٽم بم ٺاھڻ وارن جون ڪھاڻيون لکي نھ سگھندو آھيان. جن مٿان ايٽم بم اڇلايو ويندو آھي، مان انھن جون ڪھاڻيون لکندو آھيان. مان معمولي قسم جو مولائي ماڻھو آھيان، تنھنڪري پاڻ جھڙن مولائين جون ڪھاڻيون لکندو آھيان، بي مقصد، بي معنيٰ بلڪل ھن تحرير وانگر بي معنيٰ جنھن کي اوھان مھاڳ جي نالي ۾ پڙھيو آھي، پر مھاڳ نھ آھي، امھاڳ بھ نھ آھي. ڪجھھ بھ نھ آھي. خلا آھي. عدم جو احساس آھي. 

امر جليل

20 جون 1998ع

 

مھاڳ

’دل جي دنيا‘ جي ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي جي وچ ڏھن سالن جي وڇوٽي آھي. اھي ڏھھ سال منھنجي زندگيءَ جا طويل ۽ ٿڪائيندڙ سال آھن. اھي ڏھھ سال بيوفا بھارن ۽ مستقل خزائن جا سال آھن. اھي ڏھھ سال گلن کان خوشبوءِ جي رسي وڃڻ جا سال آھن. انھن ڏھن سالن ۾ مون کي مختلف ڪردارن ۾ ڳوليو ويو آھي. انھن ڏھن سالن ۾ منھنجي خلاف منھنجين ڪھاڻين جي ڪردارن کي مدنظر رکي الزامن جي فھرست تيار ڪئي وئي آھي. انھن ڏھن سالن ۾ مون پڻ پاڻ کي پنھنجين ڪھاڻين ۾ ڳولڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

مان ڪير آھيان؟ ’دل جي دنيا‘ وارو شامو آھيان! ’پڙلاءَ‘ وارو ساجن آھيان! ’بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو‘ آھيان! ’منھنجو ڏس آسمان کان پڇو‘ واريءَ ڪھاڻيءَ جو گوتم آھيان! ’اروڙ جو مست‘ ۾ عبدالرحمان ڌاڙيل آھيان! ’تاريخ جو ڪفن‘ ڪھاڻيءَ ۾ اياز مڪراني آھيان! ’جڏھن مان نھ ھوندس‘ ۾ ڦاھيءَ کان اڳ آخري ڪھاڻي لکڻ وارو قومپرست آھيان! مان ڪير آھيان؟ مان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچي نھ سگھيو آھيان. اصل ۾، مان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچڻ جو خواھشمند نھ آھيان. ائين برابر آھي تھ ڪوبھ ليکڪ پاڻ کي مڪمل طرح پنھنجين تحريرن کان جدا ڪري نھ سگھندو آھي؛  پر، ليکڪ کي سندس ڪھاڻين جي انيڪ ڪردارن مان ڪنھن بھ ھڪ ڪردار ۾ ڳولڻ، يا ان ڪردار سان وابستھ ڪرڻ ممڪن نھ آھي. بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ مان لکي رھيو آھيان. لکڻ منھنجي لاءِ اظھار، ۽ ھئڻ جي احساس جو ذريعو آھي. ويھھ – ٻاويھھ سال لاڳيتو ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکڻ جي باوجود مان پاڻ کي پنھنجي ڪنھن بھ ھڪ ڪردار ۾ ڏسي نھ سگھيو آھيان. مان سچل سرمست جو معتقد آھيان –

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،

آئون جوئي آھيان، سوئي آھيان.

مان اڪثر ان ھيڪلي شخص جي باري ۾ سوچيندو آھيان، جيڪو آزمائش جي اسٽيڊيم ۾ بيٺو آھي، ۽ خونخوار چيتي جو انتظار ڪري رھيو آھي. اسٽيڊيم جي ڪنھن بھ ھڪ در مان چيتو ظاھر ٿيندو، ۽ ھيڪلي شخص تي حملو ڪندو. آدمخور چيتي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ھيڪلي شخص جي ھٿ ۾ تلوار نھ آھي. آسماني ڪتابن واري سيمسن وانگر ھو طاقتور بھ نھ آھي. ھو ٿڪل ٿڪل، نٻل ۽ ويڳاڻو آھي. ھو ٽئين دنيا جو ليکڪ آھي. ھن جي ھٿ ۾ قلم آھي. ھو اسٽيڊيم ۾ ’موجود خاموش تماشائين جي وچ ۾ پنھنجي موت جو منتظر آھي. ٽئين دنيا جي ڏتڙيل ليکڪ محسوس ڪري ورتو آھي تھ، قديم چواڻيءَ جي ابتڙ، قلم ڪنھن بھ صورت ۾ تلوار کان وڌيڪ طاقتور نھ آھي. ان ڄاڻ جي باوجود ٽئين دنيا جو ليکڪ لکي رھيو آھي، ۽ ادب جي بارگاھھ ۾ پنھنجي وجود جو نذرانو ڏيئي رھيو آھي.‘ 

امر جليل

25 فيبروري 1984ع

شعبو – ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي

علامھ اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد

سوجھرو

 

ھيءَ انھن ڏنھن جي ڳالھھ آھي، جڏھن مفلسيءَ اسان کي بي آب مڇين وانگر پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو ھو ۽ اسان تي مصيبتن ۽ آفتن جا ولر وري آيا ھئا. نوڪري وڃڻ جو فڪر اڃا جيءَ کي چھٽيو پيو ھو، جو مٿان، مشڪلن ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ جنيد کي مدي جو تپ ٿي پيو. پنھنجي ننڍڙي معصوم ڀاءُ جي حالت اکين سان ڏسي رھيو ھوس، پر مجبور ھوس. منھنجيون ڀينرون زيبو ۽ ڪمو، جنيد جا اڀا ساھھ ۽ ڳاڙھيون اکيون ڏسي، روئڻ ھارڪيون ٿي پيون ھيون.

”ڏسين نھ ٿو، ڏسين نھ ٿو،“ ڪموءَ مون کي ڪلھن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ڪجھ تھ ڪر، جنيد لاءِ ڪجھھ تھ ڪر.“

مون ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.

گھر جو ذري گھٽ سمورو سامان منھنجي بيروزگاريءَ جي نظر ٿي چڪو ھو، ۽ فقط ھڪ پراڻو گھڙيال وڃي باقي بچيو ھو، جيڪو ڀت سان چنبڙي، انسان جي دل وانگر ڌڙڪي رھيو ھو. مون سوچيو، انسان جي دل وانگر اِن گھڙيال جو آواز – ٽڪ ٽڪ، بند ٿي ويندو، موت وانگر خاموش ٿي ويندو. پر، ھن گھڙيال جي موت ۽ انسان جي موت ۾ ڪيڏو نھ فرق آھي! انسان جي تخليق – گھڙيال ۾ بند ٿيڻ کان پوءِ چاٻيءَ سان ٻيھر زندگي پيدا ڪري سگھجي ٿي، پر انسان جي ٿڌي جسم ۾ ٻيھر ڪير روح ڦوڪي، زندگي پيدا ڪري سگھندو؟

مون منھن ورائي جنيد ڏانھن ڏٺو.

۽ پوءِ، پراڻو گھڙيال، ڪندن مل پساريءَ وٽ ڏھين رپئي ۾ گروي ڪري آيس، جيتوڻيڪ ڏھھ رپيا ڊاڪٽر جي في ۽ ڪلورو مائسٽن جي ڪيپسولن لاءِ ٿورا ھئا. ڏھين رپئي جو نوٽ مٺ ۾ قابو ڪري، فڪرن ۾ ٻڏندو، ترندو گھر موٽي آيس.

انھن ڪارن ڏينھن ۾، پاڙي مان ڪنھن کان پيسا اڌارا وٺڻ جو سوال ئي نھ ٿي پيدا ٿيو. جڏھن کان ھڪ انگريزي انجنيئر جي پگھار پوري ڪرڻ لاءِ ڪارخاني مان اسان چاليھھ مزورن کي ڪڍيو ويو ھو، تڏھن کان پاڙي جي سڀني گھرن جي حالت ھڪ ٻئي کان بدتر ٿي ويئي ھئي. مزورن جي گھرن جو سامان ڪٻاڙين وٽ وڪامي ويو، ۽ جن کي گھرن ۾ وڌيڪ بکيا پيٽ ھئا، انھن جي عزت ۽ عصمت شھر جي ھوٽلن ۽ بنگلن تي وڪامڻ لڳي.

اوچتو ذھن جي اوندھھ ۾ اميد جو کڙکٻيتو چمڪي اٿيو. ياد آيم تھ ھڪ دفعي ربوءَ مون کان ٻارھن رپيا اڌارا ورتا ھئا. ھونءَ کانئس پيسا ھرگز نھ گھران ھا، پر ربوءَ جي حالت اسان جھڙي نھ ھئي. ھو نوڪري وڃائڻ کانپوءِ بھ آرام جي زندگي بسر ڪري رھيو ھو. ڏسڻ وارن کي پڪ ھئي تھ ربوءَ کي ھندن جي ڇڏيل ملڪيت ھٿ چڙھي ويئي آھي، يا وري نوٽن ڇاپڻ جي مشين ايجاد ڪئي اٿائين. سندس ٻارن جي اکين ھيٺان بک جا ڪارا ليڪا ڪين اڀريا ھئا، ۽ نھ ئي پاڻ ڪنتريءَ کان ڪنارا ڪش ٿيو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com