سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :10

آئون اھڙو ڪڇان جھڙي ڀت، منھنجي خاموشيءَ تي ھن کي ڪجھھ شڪ پيو، پر ھمت ڪري وري پڇيائين ”سيٺ صاحب ڳالھايو ڇو نٿا؟“ جي ڪجھھ چوڻو ڪونھ ھو تھ پوءِ ڇو گھرايو اٿو؟ چڱو مان وڃان ٿي. ايترو چئي ھوءَ وڃڻ لڳي، مون اڳتي وڌي ھن جو رستو روڪيو ۽ چوڻ لڳس، ”شياما آئون توکان شرمندو آھيان مون کي گھڻو ڪجھھ چوڻو آھي تون ٿورو ترس تھ سھي.“

شياما ھاڻي سڀ ڪجھھ سمجھي وئي منھنجي چوڻ تي بيھي رھي، پر ھن جي اکين مان باھھ جا الا نڪري رھيا ھئا ۽ ھن جي شڪل ھڪ خوني شينھن وانگر غضبناڪ نظر اچي رھي ھئي، مون کي ڏسي چوڻ لڳي، ”شرمنده تون شرمنده! برابر توکي شرم اچڻ گھرجي، پر نھ شرمندگي تھ اسان غريبن جي لاءِ آھي. ڀلا سنگھڻ واري جو ڪھڙو دوش، جڏھن گل ۾ چڱو واس ھجي، ڪيئن ائين آھي نھ؟ مان لڄارو ٿيندي ھن کي جواب ڏنو، ”نھ نھ شياما تو مون کي سمجھيو ئي ڪين آھي.“

منھن ڳاڙھو ڪندي ھن مون کي جواب ڏنو، مون سمجھيو نھ آھي؟ آئون اوھان شاھوڪارن کي خوب ٿي سمجھان، اسان غريبن جي محنت مزدوري، سکر ۽ آرام وانگر اسان جي عزت بھ اوھان جھڙن شاھوڪارن جي بنا قيمت خريد ڪيل مال وانگر آھي.“

مون وري تڪڙو تڪڙو ھن کي چيو ”شياما! نھ! تو ڀلي آھين! آئون تو سان پريم ٿو ڪريان سچو پريم.“

اھو ٻڌندي ئي ھو ڌڪار سان کلڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي. ”پريم کي بدنام ڪرڻ وارا آئون توکي چڱي طرح سان سڃاڻان ٿي، جنھن کي پراين استرين ۾ ھٿ وجھندي لڄ نٿي اچي، جنھن کي پراين پترين جو ٻليدان ڏيندي بھ ڀئو نٿو ٿئي ۽ پنھنجي ڪامنا پوري ڪري ٿو سو مون کي ٻالي ڀولي نينگر سمجھي پريم آلاپڻ جي ڪوشش پيو ڪري، آئون تنھنجي ڄار ۾ ڦاسڻ واري نھ آھيان.“ ھن جي اھڙي جرئت ۽ ھمت ڏسي آئون اچرج ۾ پئجي ويس، مون جھڙي پراڻي پاپيءَ کي ڌوٻيءَ جي ڌيءَ ھٿان اھڙي شڪست نصيب ٿئي، سو سڀ ڪجھھ پريم جو پرڪاش ھو، مون وري وينتي سان چيو، ”شياما! تون ڀلي آھين! ڇا منھنجو پريم آزمائڻ ٿي گھرين.“

شياميا وراڻيو، ”ڇو نھ! مون کي بھ پورو پورو اڌيڪار آھي، تھ جيڪو پريم جي ڊاڙ ھڻي تنھن کي آزمايان، ڇا تون مون سان وواھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھين! جي ھا تھ آئون تنھنجي جنم ساٿي ٿيڻ لاءِ تيار آھيان نھ تھ وٺ پنھنجو رستو.“

شياما جو شرط ٻڌي آئون وائڙو ٿي ويس، ھيءَ ڳالھھ اھڙي نھ ھئي جو يڪدم قبول ڪري وٺان ھا آئون سوچي رھيو ھوس تھ کيس ڪھڙو جواب ڏيان، شادي ڪرڻ وٺڻ تھ ممڪن ھو پر منھنجي دل ۾ ڪجھھ شڪ پيدا ٿيا ۽ شاديءَ کي ناممڪن ڪري خاموش رھيس. آئون ھن کي پنھنجي زال ڪيئن ٿي ٺاھي سگھيس، ڳوٺ جا ماڻھو ڇا چوندا آئون سيٺ جو پٽ ۽ ھوءَ ھڪ ڌوٻياڻي. ماءُ پيءُ سان ڪيئن ڳالھھ ڪڍان ھا، جنمن تائين ھو ھائو نھ ڪن ھا. ھڪڙي ڌوٻياڻي ۽ منھنجي زال بڻجي، جيڪڏھن آئون ھنن کي چوان بھ ھا تھ ھو مون کي چريو سمجھن ھا.

مون کي ھيتري دير تائين خاموش ڏسي شياما چوڻ لڳي، ”ڇو سيٺ صاحب پريم جو نشو لھي ويئي.“ ائين چوندي ھوءَ منھنجي ڪمري مان ھلي وئي، شياما کان سواءِ منھنجي جيون ۾ ڪو رس نھ رھيو ھو، گھڻي ڪوشش ڪيم تھ ھن کي پنھنجي دل تان ميساري ڇڏيان، پر ناممڪن ٿي پيو پاڻ کي وري پراڻين عادتن ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اھي وڻيون ئي ڪين ٿي. شراب ڄڻ زھر ٿي لڳو. شياما سان ڌوٻي گھاٽ تي ملڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھن پرواه ئي نھ ڪئي. نيٺ مون پڪو ارادو ڪيو ۽ ھڪ اونداھي رات جو گھٽيءَ ۾ شياما کي چيم، ”شياما! تو جيڪي چيو ھو تنھن تي ھيترا ڏينھن ويچار پئي ڪيو اٿم، نيٺ پڪو پرن ڪري آيو آھيان، ڇا تون بھ تيار آھين. سماج کليو کلايو اسان کي وھانءُ ڪرڻ نھ ڏيندو. تنھنڪري ھلي پنھنجو سنسار وسائينداسين، جتي پريت جي ريت کان سواءِ ٻي ريت نھ ھوندي، ڇا تون ھلڻ لاءِ  تيار آھين.“ شياما راضي ٿي وئي، ٻئي ڏينھن اسان ماٺ ميٺ ۾ قنبر مان ڀڄي نڪتاسين. حيدرآباد پھچي ميرپورخاص جو رخ رکيوسين، ھتان ڍورو نارو وڃي ساھھ پٽيوسين، مسافريءَ جون اھڙيون تڪليفون مون جھڙي نازڪ مزاج ڪڏھن ڪين سٺيون ھيون، عشق در در جون ٺوڪرو کارائي ٿو، سو کائڻيون پيون. تڙ تڪڙ ۾ ايترا پئسا بھ پاڻ سان ڪين کنيا ھيم ۽ جيڪا پونجي ھئي  سا مھيني ٻن ۾ کٽڻ تي اچي پھتي ھئي، شياما سان ڳالھھ ڪيم سا ڏاڍي چنتا ۾ پئجي وئي، ھن ڀانيو ھو تھ پاڻ سان جام ڏوڪڙ کڻي نڪتو ھوندس. نيٺ صلاح بيھاريسين تھ ڍوري ناري ۾ ڪپھھ جي ڪارخاني ۾ نوڪري ڪريان. ڪيترا ڏينھن سيٺ جي پٺيان رلڻ کان پوءِ  مس مس نوڪري ملي. ڪارخاني جي ويجھو مزدورن جي بستيءَ ۾ رھڻ لاءِ مٽيءَ جو ھڪڙو ننڍڙو گھر بھ مليو، مزدورن جي رھڻي ڪرڻيءَ مان پتو پيو تھ ڪارخاني جو ڪو گھڻو چاڙھو ڪونھي، مزدورن جي شڪل مان صاف لنگھڻ جا نشان بکي رھيا ھئا، سندن اکيون ڏرا ڏيئي آيول ھيون. نراڙ تي مٽي لڳل، نھايت ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا، صدريون بھ ڪنھن ٿلھي ڪپڙي جون ٺھيل، اڳيان سينو کليل. ٽنگن ڏانھن نھارين تھ جھڙيون سڪل ٺوٺ. ڌوتيون ڏسو تھ ميريون چتيون لڳل، اگھاڙن پيرن جون تريون ٽڪيل. مطلب تھ مزدورن کي ڏسي سرمايھ داري ۽ غريبيءَ جو نقش اکين اڳيان ڦري ٿي ويو. مون کي ڏڪڻي وٺي وئي تھ ڀڳوان خير ڪري، ھتي ڪيئن گذار ٿيندو، پر لاچار کي آچار ڪونھي، انھيءَ مزدوريءَ کان سواءِ في الحال ڇا ٿي ڪري سگھيس، صبح کان وٺي شام تائين ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھوس، رات جو ڪوٺيءَ تي ٿڪل ٽٽل اچي پئجي رھندو ھوس، شياما کي منھنجي عاجزي ۽ ناداريءَ جو ڪافي تجربو ٿي چڪو ھو، منھنجي پريم کي سمجھندي، ھن جو فرض ھو تھ مون سان ھمدردي ڪري ھا، اھڙي اوکي ويل ۾ منھنجي سھائتا ڪري ھا، ھو اٽلو مون سان ڇڪجڻ لڳي، پر مون ڪنھن ڳالھھ جي پرواه ڪانھ ڪئي ۽ ڪارخاني ۾ وڌيڪ ڪم ڪري پئسا ڪمائي پئي کيس کارايم ۽ لٽا ٺھرائي ڏنم. وقت گزرندي ويرم ئي نھ لڳندي آھي، گھران ڀڄي نڪرندي سال گذري چڪا ھئا جو پورنماشيءَ جي ڏينھن ڀڳوان اسان کي سھڻي چنڊ جھڙي ڌيءَ ڏني. مزدور جي اونداھي ڪوٺيءَ ۾ جوت ٻري پئي. ھاڻي مون کي شياما جي ڪڙين ڳالھين جي پرواه نھ رھي ھئي، مان پنھنجي پورنما جي چاھ ۽ سک ۾ اھڙو مگن ھوس، جو جڳ کي بھ وساري ڇڏيم.

انسان کي ھڪ ڀيرو نڀاڳ کڻندو آھي تھ ڇڏندو ئي ڪونھي، مون سان بھ اھڙي ئي ويڌن ھئي، ھڪ ڏينھن ڀڳوان جو مون تي ڪوپ ٿيو، مان ڪارخاني ۾ وڏي مشين واري پٽ تي بيٺو ھوس، تھ اوچتو مشين جو پٽو ٽٽي پيو ۽ منھنجو ساڄو ھٿ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو. مون پاڻ کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي ساڄي ھٿ جو چار آڱريون وڍجي پيون رت ريلا ڏيئي وھڻ لڳو، جيئن تيئن ٻين مزدورن مون کي کڻي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ آندو. ڪارخاني جو ڊاڪٽر آيو، جنھن گھڻي ڪوشش کان پوءِ وڌيڪ رت وھڻ کي روڪيو ۽ آڱريون سبڻ کان پوءِ پٽي وغيره ڪري ھليو ويو. ٿورا ڏينھن مزدور ۽ پاڙيسيري پڇڻ لاءِ ايندا ھئا، پر ڪجھھ وقت کان پوءِ ماٺ ٿي وئي، ڄڻ شامو ڪجھھ ھو ئي ڪونھ. آئون ھوس شياما ھئي ۽ ننڍڙي پورنما. ٿورو گھڻو پئسو جو وڌيڪ ڪمائي ڪري گڏ ڪيم ھوم سو بھ آھستي آھستي پورو ٿيڻ تي آيو. ڪمائڻ وارو جي کٽ تي پوي تھ ڏوڪڙ ڪٿان اچن! ھڪ پاسي سندر زال بکي وگھي پئي مري، تھ ٻئي طرف نردوش ٻالڪڙي ڪنڊ ۾ بک وچان پئي رني، تھ ٽئين پاسي غريب ۽ نادار مزدور جنھن پنھنجي اوستا ۾ ڪڏھن ڏک نھ ڏٺو ھو ۽ لاڏ ڪوڏ سان پليو ھو، سو بک جي تڪليف کان نسوت ۽ نٻل ٿي پيو ھو جن کي ڪنھن بھ نٿي پڇيو،  پائي بھ ڪانھ بچي ھئي ۽ اچي بھ ڪٿان ھا؟ ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو اک لڳي وئي، سمھي اٿڻ کان پوءِ جو ڏسان تھ شياما ۽ پورنما جو گھت ۾ پتو نھ ھو. شياما کي سڏ ڪيم پر ڪو جواب نھ مليو، سمجھيم تھ ڪنھن پاڙيسيريءَ وٽ وئي ھوندي. ڪلاڪ ٻھ انتظار ڪيم پر نھ آئي، ڏاڍو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس، بخار حد کان وڌيڪ ضعيف ڪري ڇڏيو ھو، تنھن ھوندي بھ ڀتين کي ٽيڪ ڏيندو، اٿيس ۽ دوازي تائين جيئن تيئن ڪري پھتس، شياما کي ڏاڍا سڏ ڪيم، پر ڪو جواب ڪونھ مليو. رامي پاڙيسيريءَ کان پڇيم پر ھن کي بھ ڪجھھ معلوم نھ ھو، شام تائين سڄي پاڙي کي خبر پئجي وئي تھ شياما ڀڄي وئي، پھريائين جڏھن بيمار ھوس تھ ڪو ڪونھ ٿي پڇڻ لاءِ آيو، ھاڻي جي ڏسو تھ ھي آيو ۽ ھو آيو، زالون مڙس سڀئي ھڪ ٻئي پٺيان پئي آيا ۽ منھنجي فٽن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪي ھليا ٿي ويا. ھي آھي جڳ جي ريت، شياما جي انھيءَ حرڪت کان آئون شرم ۾ ٻڏو پيو ھوس، ڇا ڪري ٿي سگھيس، منھنجي غيرت نھ گھريو تھ ڳوٺ ڏانھن موٽان، يا انھن کي خبر ڏيان. مون کي خبر ھئي تھ جيڪڏھن انھن کي خبر پوي ھا تھ آئون ڪٿي ھوس تھ سڀ ڪجھھ وساري منھنجي سھائتا ڪن ھا، نيٺ ڪوٺي ڇڏي وڃڻو پيم، ھٿ بيڪار ٿي چڪو ھو، تندرستي جواب ڏيو بيٺي ھئي، ھاڻي ڪنھن بھ ڪم جي لائق نھ رھيو ھوس، پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نھ ھو، سڙڪ جي ڪناري آئي وئي کان پيو پنندو ھوس ۽ ائين پنھنجو پيٽ پاليندو ھوس، تپ جي ڪري ھتان ٻئي ھنڌ وڃي نٿي سگھيس، نيٺ ڪارخاني جي ويجھڙائي ۾ ڇھھ مھينا گذاريم تان جو تپ ٽٽو، ڪجھھ طاقت آئي ۽ اڳتي ھلڻ جھڙو ٿيس، شياما جو ڪٿان بھ پتو نھ پيو. ڍوري ناري کان پنڌ ڪندو ڇھن مھينن ۾ ميرپور پھتس، ميرپورخاص ۾ گذران پنڻ تي ھو جو آڱرين وڍجڻ جي ڪري ٻئي ڪنھن بھ ڪم جو نھ رھيو ھوس، ميرپورخاص ۾ اھڙي طرح وقت گذاريم.

ھڪ ڏينھن اوچتو ماڻھن کي چوندو ٻڌم تھ حيدرآباد جي شھر ۾ ناٽڪ ڪمپني آئي آھي، جنھن جو کيل ”بيوفا پتلي“ ڏسڻ وتان آھي. ان ۾ ھڪ ائڪٽرس شياما نالي ڏاڍو سٺو ڪم ٿي ڪري، منھنجي دل اھو ٻڌي تڪڙي تڪڙي ھلڻ لڳي، نھ ڄاڻان اھا مون واري شياما ھجي. نيٺ حيدرآباد پھچڻ جا پھھ پچائي ريل ۾ بنا ٽڪيٽ جي چڙھيس، پر واٽ تي جھلجي پيس، بابو پوليس جي حوالي ڪرڻ تي ھو پر آزيو نيزاريون ڪري ھٿ پير جوڙي پنھنجي جند ڇڏايم، بابو رستي تي ھڪ اسٽيشن تي لاھي ڇڏيو. وري ريل ۾ چڙھڻ جي ھمت نھ ڪيم، پيرين پنڌ حيدرآباد ھليس جو مھينن کان پوءِ ھتي پھتس خبر پيم تھ ناٽڪ ڪمپني اڃا حيدرآباد ۾ آھي. ھڪڙي ڏينھن ڏٺم تھ سانجھيءَ جي مھل گھوڙي گاڏي ۾ عورت چڙھيو پئي وئي، آئون تلڪ چاڙھيءَ جي دڪانن تي انھيءَ وقت پني رھيو ھوس تھ دڪاندارن ۾ اھي ڳالھيون ٿي رھيون ھيون تھ اجھو اھا شياما ٻائي ناٽڪ ڪمپنيءَواري وڃي پئي، مون بھ پنھنجو منھن ڦيرائي ڏٺو تھ منھنجون اکيون ھن جي چھري تي کپي ويون. غور سان ڏٺم تھ سڃاڻي ورتم تھ برابر اھا شياما ھئا، قسمت اڄ ھن کي ڌوٻياڻيءَ مان شياما ٻائي بنائي ڇڏيو ھو، ۽ سيٺ شامداس کي ھڪ پينو فقير. دل جھلي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي رھيس، لاچار ھوس، بيوس ھئس، پنھنجي ڪيتا لوڙھي رھيو ھوس، اوچتو پنھنجي نردوش ٻچڙي جو خيال آيو، شياما ۽ آئون کڻي ڪيترو بھ ڪريل ڇو نھ ھجون پر تڏھن بھ ھوءَ منھنجي ڌيءَ ھئي، سيٺ ھوتچند جي آڪھھ جي پنھنجي ڪل کي ٽڪو لڳل نھ ڏيندس. شياما کڻي ڇا بھ ٿي ھجي، نيٺ ھوءَ پنھنجي ذات تي وئي ھئي، پر پورنما تھ منھنجي ٻچڙي ٿئي، ھيرو گپ ۾ ڪرڻ کان پوءِ بھ ھيرو ئي رھندو آھي، آئون پورنما کي وحشيا ٿيڻ کان بچائيندس. انھيءَ رات آئون جيئن تيئن ڪري شياما جي گھر پھتس. مون کي ڏسي وائڙي ٿي وئي، مون کيس چيو، ”شياما منھنجي پريم جو ھي ڦل توکي ائين لائق نھ ھو، ايترو تھ خيال ڪرين ھا تھ مون پنھنجو تن من ۽ ڌن سڀ تنھنجي پريم جي ارپڻ ڪري ڇڏيا، شياما مون کي ڌڪاري ڇڏيو، منھنجي ڳالھھ بھ نھ ٻڌائين، نيٺ مون کيس چيو تھ ”چڱو جيڪو توکي وڻي سو ڪر منھنجي ڌيءَ مون کي موٽائي ڏي.“

شياما نھ مڙي، اٽلو چوڻ لڳي، ”بکاري پنھنجو پيٽ تھ نٿو پالي سگھين، ڇوڪريءَ کي ڪٿان پاليندين؟“

جواب ڏنومانس تھ”شياما تون ڀلجين ٿي! ياد رک اڃا لکن جي ملڪيت اٿم، پر تنھنجي پريم تي اھا گھوري ڇڏي ھيم ھاڻي پورنما جي لاءِ وري ان جو شرن وٺڻو پوندو.“

پر ڪٺور دل شياما، بيوفا پتلي، منھنجي ھڪ ھڪ ڳالھھ ٿڏي ڇڏي ۽ نوڪرن کي سڏي مون کي ٺوڪرون ھڻائي ٻاھر ڦٽو ڪري ڇڏيائين، آئون سور پي اتان ھليو آيس. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ وري شياما گاڏيءَ ۾ ويٺل سري گھاٽ کان لنگھي ۽ ان سان گڏ منھنجي ٻالي ڀولي پورنما بھ ھئي، خبر ناھي تھ ڪھڙي جذبي ھيٺ آئون ٽپ ڏيئي گاڏيءَ تي چڙھي ويس، ۽ ڏنڊو جو منھنجي ھٿ ۾ ھو، پنھنجي پوري طاقت سان شياما جي مٿي ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ھنيم ۽ پوءِ پورنما کي کڻي ڀڄڻ تي ھوس، پر ايتري گوڙ ۽ ماڻھن جي ڀيڙ مان نڪري وڃڻ ڪو سولو ڪم نھ ھو، سو جھلجي پيس. شياما کي اسپتال کڻائي ويا، جتي ھوءَ ٽن ڏينھن کان پوءِ ڌڪن جي وگھي مري وئي. مون کي پورنما جو خيال ھو تنھنڪري چريائيءَ جو ڍونگ ڪري ھتي آيو آھيان. ھڪ خانداني نينگريءَ کي ظالم سنسار جي حوالي ائين ڪيئن ٿي ڇڏي سگھيس. خبر نھ آھي تھ ھاڻي ڇا ٿيندو، مون کي پنھنجي مرڻ جو ايترو ويچار ڪونھي، جيترو پاپي دنيا کان ھڪ نردوش ٻالڪ کي بچائڻ جو.

شاموءَ جي آتم ڪھاڻي ٻڌي مان حيرت ۾ پئجي ويس، ٻئي ڏينھن خبر پيم تھ شاموءَ کي سخت بخار آھي، تپاس کان پوءِ پتو پيو تھ مدي جو تپ اٿس، ھفتي کان پوءِ ڊبل نمونيا ٿي پيس، سندسن حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وئي، کيس بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم، ڏٺم تھ شايد بچي نھ سگھي، تنھنڪري ايڪسپريس تار سيٺ ھوتچند کي قنبر موڪليم تھ شامو مون وٽ چرين جي اسپتال ۾ داخل آھي، سندس حالت تمام نازڪ آھي، جلدي اچو. ٻئي ڏينھن ماڻھو ڊوڙندو آيو تھ شامو ٿو سڏي، آئون تڪڙو تڪڙو وارڊ ڏانھن روانو ٿيس، ڏٺم تھ شامو نھايت گھڻي تڪليف ۾ آھي، ۽ گھڻو بيچين پڻ نظر پئي آيو، مون کي ڏسندي اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳو. ”ڊاڪٽر صاحب! منھنجي ٻچڙيءَ جي پارت ھجيو.“ ايترو چئي پساھ ڇڏيائين.

ڪلاڪ کان پوءِ سيٺ ھوتچند سڄي گھر سوڌو ڪوٽڙي واري گاڏي اچڻ کان پوءِ اسپتال پھچي ويو. کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايم. پھريائين ٿورو ڏوراپو ڏنائين، کيس سمجھايم تھ مون کي پاڻ ھفتو کن اڳي خبر پئي ھئي تھ شامو اوھان جو پٽ آھي، وري سندس بيماريءَ منجھائي وڌو، جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿي گذريو. پر ھاڻي مرڻ واري جي وصيت پوري ڪرڻ گھرجي. ڪوشش ڪري سندس ابلا نياڻي ھٿ ڪريو، سيٺ مون سان وعدو ڪيو تھ ڇا بھ ٿي پوي نينگري ضرور ھٿ ڪندس.

فريب جو شڪار

صبح جا يارھن ٿيا ھئا، آئون پنھنجي ھميشھ جي دستور مطابق ڪي جھونا بيمار تپاسي رھيو ھوس، اڃا ٻھ کن بيمار باقي ھئا، تھ پٽيوالي تعارف جو ڪارڊ آڻي ڏنو، جنھن تي دوارڪا داس ايم، اي پروفيسر انگلش، ڏيارام ڪاليج لکيل ھو. مون پٽيوالي کي چيو تھ، پروفيسر صاحب کي ٻاھر ڪرسي ويھڻ لاءِ ڏي تھ آئون بيمار ڏسي واندو ٿيان تھ پوءِ کيس اندس سڏيندس. بيمارن کان واندو ٿي مون وري ڪارڊ ڏٺو ۽ خيال ڊوڙائي رھيو ھوس تھ ھي نالو ڪٿي مون ٻڌو آھي يا پروفيسر سان ڪڏھن گڏيون آھيان، پر ان وقت ياد نٿي پيو. پروفيسر کي اندر گھرايم ۽ ھٿ ملائي کيس ڪرسيءَ تي ويھڻ لاءِ چيم. پروفيسر جو چھرو ڏسي سمجھي ورتم تھ ھن سان اڳي ڪڏھن بھ ڪين گڏيو آھيان، پر تڏھن بھ مون کي نالو پئي دل ۾ ھرکيو تھ ڪٿي ضرور ٻڌو اٿم، ٿوري دير خوش خير عافيت پڇڻ کان پوءِ پروفيسر پنھنجي اصل مقصد تي آيو ۽ چوڻ لڳو ”ڊاڪٽر صاحب! مون ڪيترن دوستن کان اوھان جي تعريف ٻڌي آھي، تنھنڪري خيال ڪيم تھ روبرو مڪي، اوھان سان صلاح مشورو ڪريان. مون کي اميد آھي تھ معاملي جي نزاڪت کي سمجھندي، اوھان ٺيڪ صلاح ڏيندا، آئون اوھان وٽ ھڪ پاڳل پوڪريءَ جي علاج بابت پڇا ڳاڇا لاءِ آيو آھيان، ھن ڇوڪريءَ جو نالو شانتا ٻائي آھي.“ پروفيسر جو شانتا نالو وٺڻ مون کي بجليءَ وانگر  پروفيسر دوارڪا داس جو نالو دل تي تري آيو. اھو منشي ميلارام ھو، جنھن مون کي پھريائين پروفيسر لاءِ چتاءُ ڪيو ھو تھ شانتا جي دماغ خراب ٿيڻ جو ڪارڻ ھي پروفيسر آھي. منشي ميلا رام شانتا جو سڳو چاچو ھو. ھن مون کي تاڪيد ڪئي ھئي تھ پروفيسر دوارڪا داس شانتا کي ضرور ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ھن کي ڪنھن بھ حالت ۾ شانتا سان ملڻ نھ ڏيڻ کپي ۽ اسان جو ھن سان ڪھڙو واسطو ۽ ڪھڙي مٽي. اڄ اڀاڳڻ شانتا جي اھا دردشا انھيءَ نالائق پروفيسر جي ڪري ئي ٿي آھي. اھي خيال تيزيءَ سان منھنجي دماغ ۾ ڊوڙي رھيا ھئا تھ مون کي سوچ ۽ ويچار ۾ ڏسي، پروفيسر تاڙي ورتو، مون کي سنڀاليندي پروفيسر کان پڇيو دل ۾ نھ ڪجو، اوھان جو شانتا سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇا اوھان جي ڪا مائٽي اٿس؟

ڏٺم تھ ھاڻي پروفيسر خود ويچار ۾ پئجي ويو پر ترت مشڪندي جواب ڏنائين ڊاڪٽر صاحب! شانتا جي معاملي تي اچڻ کان اڳي ڪجھھ عرض ڪندس تھ جيئن ڳالھائڻ کان اڳي اسان ٻنھي جي گفتگوءَ ۾ دل جي صفائي ھئڻ گھرجي، نھ تھ جيڪڏھن ڪنھن وھم يا شڪ جي ھيٺ ڳالھائيينداسين تھ نتيجو ڪجھھ نھ نڪرندو، ماڳھين ڪٿي اھو سڀ ڪجھھ بيمار جي لاءِ خطرناڪ ثابت نھ ٿئي، مون کي پڪ آھي تھ جيئن منھنجي مرضي آھي تيئن سمجھان ٿو تھ اوھين بھ گھرو ٿا بيمار جلد کان جلد تندرست ٿي وڃي.

مان: ان ۾ ڪھڙو شڪ آھي پر آئون اوھان جي دل جو حال ڪيئن ٿو ڄاڻي سگھان؟

پروفيسر: ڪوبھ انسان ھوندو تھ ائين ڪڏھن ڪين گھرندو تھ ڪو ٻيو انسان پاڳل ٿي رھي، آئون سمجھان ٿو تھ منشي ميلا رام اوھان کي منھنجي طرفان غلط فھمي ويھاري ھوندي، جنھن کي اوھان جي دل تان ميسارڻ منھنجي لاءِ سولو ڪم نھ آھي، تنھن ھوندي بھ آئون غلط فھمي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

مان: پروفيسر صاحب، ڪنھن بھ بحث ۾ وڃڻ کان اڳي منھنجي پھرين سوال جو جواب ڏيو، شانتا بابت اوھان سان ڳالھائڻ کان اڳي انھيءَ جواب جي سخت ضرورت آھي، نھ تھ سمورو بحث اجايو ٿيندو پنھنجو وقت بھ وڃائيندوئ ۽ منھنجو بھ.

پروفيسر: ان جو جواب ٿورو ڏکيو آھي، آئون گھران ھا تھ اوھان تي ھر قسم جا بار ۽ سفارشون آڻي سگھان ھا، پر اوھان بابت ڳالھيون ٻڌي مون فيصلو ڪيو تھ سنئون سڌو اوھان سان ڳالھائي، انصاف گھرندس. شانتا سان في الحال منھنجي ڪا مائٽي ڪانھي، پر ھوءَ منھنجي مڱ آھي، آئون ھن سان شادي ڪرڻ وارو ھوس تھ غريب تي ھڪ ٻئي پٺيان آپدائون نازل ٿيون ۽ پوئين مصيبت کان اوھان خود واقف آھيو.

مان: پروفيسر صاحب اوھان جي شرافت ۾ مون کي ذرو بھ شڪ ڪونھي، پر جيڪا ڳالھھ اوھين چئي رھيا آھيون تھ شانتا اوھان جي مڱ آھي، سا ڪيئن تسليم ڪريان! پروفيسر آھستي سان کيسي مان ھڪ خط ڪڍي مون کي ڏنو. خط جو سرنامو پڙھيم تھ دوارڪاداس جي نالي تي ھو ۽ لکيل رام داس جو ھو، جو شانتا جو پيءُ ھو، خط جو مضمون نھايت صاف ھو جنھن ۾ دوارڪاس کي لکيل ھو تھ مڱڻو تھ اڳي ئي ٿيل آھي، تنھنڪري شاديءَ جي ڪھڙي تڪڙ پئي آھي، شانتا بي اي، پاس ڪرڻ تي آھي ۽ اوھان ايم، اي ڀلي تھ ٻئي پنھنجي پريکيا ۾ سوڀارا ٿي نڪرو تھ ٻنھي لاءِ وڌيڪ چکڳ ٿيندو ۽ نشچت ٿي ايڪانت سان شادي ڪجو.

خط پڙھڻ کان پوءِ پروفيسر بابت مون کي اطمينان ٿيو پر ھڪ مشڪل ھيءَ ھئي جو شانتا کي سندس چاچي ميلارام داخل ڪرايو ھو تنھنڪري ھو ھن جو سچو وارث ھو ۽ پروفيسر جو دخل ڏيڻ ھو ڪنھن بھ حالت ۾ پسند نھ ڪري ھا، جڏھن اھا ڳالھھ پروفيسر سان ڪيم تھ ھن نھايت شريفانھ نموني سان ان جو مون کي جواب ڏنو.

پروفيسر: ڊاڪٽر صاحب! آئون اوھان جي نوڪري ۾ دخل ڏيڻ نٿو گھران نڪو اھو ٿو گھران تھ اوھان جي ذات تي ڪو حرف اچي، تنھنڪري شانتا سان ملڻ جو ڪو سوال ئي نٿو اٿي، سوال آھي شانتا جي علاج جو.

مان: انھيءَ جو اوھان فڪر ئي نھ ڪريو اھو منھنجو ڪم آھي.

پروفيسر: نھ ڊاڪٽر صاحب! ڳالھھ ائين تھ ميلارام ھڪ نھايت بدمعاش ماڻھو آھي، ھن جي چالاڪين کان اوھان واقف نھ آھيو ھو نھايت حرفتي آھي. ھن جي اندر جو حال اوھان کي معلوم نھ آھي، ھو گھري ٿو تھ شانتا ٺيڪ نھ ٿئي بلڪھ پاڳل ئي رھي، يا تھ صفا مري وڃي تھ ان ۾ سندس ڏاڍو فائدو آھي.

مان: پروفيسر آئون سمجھي نٿو سگھان تھ ائين ڪيئن ھوندو، شانتا جي بيماريءَ تي ھو ڏاڍو پريشان نظر پئي آيو، ڏاڍو انتظار ھوس تھ ان جو علاج ٿئي.

پروفيسر: ڪوڙو، فريبي سراسر ڍونگ ھو.

ھينئر وقت نھ آھي جو سڄو تفصيل اوھان کي ٻڌايان، ھن ڳالھھ مان اوھان اندازو ڪري سگھندا تھ ھن شانتا کي عام پاڳلن جي وارد ۾ داخل ڪرايو آھي، ڇا جدا ڪمرو وٺي رکائي نٿي سگھيو؟

مان: مون کي ٿي چيائين تھ سندس ڀاءُ رامداس تي قرض ھو ۽ پاڻ (ميلارام) غريب آھي ۽ سڄو خرچ شانتا جو ھن کي ڀرڻو پوندو.

پروفيسر: فريبي! دغاباز!

ايترو  چئي، پروفيسر ھڪ ٻيو خط کيسي مان ڪڍي مون کي ڏيکاريو جو رامداس کين لکيو ھو.

خط ۾ ھڪ ھنڌ لکيل ھو تھ شانتا جا نيٺ پتي اوھين ٿيڻا آھيو، تنھنڪري ھڪ ڀيد جي ڳالھھ اوھان کي ٻڌايان ٿو تھ منھنجو ڀاءُ ميلارام منھنجي ملڪيت جي پٺيان آھي، مون کي ان مان پنھنجي جان جو خطرو آھي، تنھنڪري لڪ چوري مون سڀ ناڻو پنھنجي اڪيلي ڌيءَ شانتا جي نالي بئنڪ ۾ رکائي ڇڏيو آھي ۽ جائداد ۽ زيور پنھنجي استريءَ جي نالي ڪرائي ڇڏيا اٿم تھ ميلارام ڪا لچائي نھ ڪري سگھي. خط پڙھي آئون حيران ٿي ويس ۽ سمجھيم تھ زر ۽ دولت پٺيان انسان ڪھڙا ڪڌا ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پوي. پروفيسر وري مون سان مخاطب ٿيو.

پروفيسر: ڊاڪٽر صاحب! رڳو دوائن سان بيمار چڱو ڀلو نٿو ٿئي، پر کاڌو پيتو بھ سٺو ھئڻ گھرجي ۽ رھڻ ڪرڻ بھ سٺو ھئڻ گھرجي. شانتا بي، اي پاس آھي ۽ چڱي گھراڻي جي ڇوڪري آھي، ماءُ پيءُ جي حياتي ۾ چڱا ڏينھن ڏٺا اٿس تنھنڪري عام پاڳلن سان ڏکيو وقت گذاري سگھندي. ممڪن آھي تھ اھائي ڳالھھ سندس صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي.

مان: ھائو پروفيسر ائين ٿي سگھي ٿو.

پروفيسر: تنھنڪري مون تي مھرباني ڪريو، ٽن مھينن جا پئسا جدا ڪمري ۽ سٺي کاڌي لاءِ اڳواٽ ڏيان ٿو، شانتا کي اتان ڪڍي جدا ڪمري ۾ رکو، اوھان جو ٿورو سڄي ڄمار نھ وساريندس، پروفيسر ٻئي ڏينھن تي اچڻ جو وعدو ڪري ھليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com