سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:ڪولاج ٿيل شخص جي پورٽريٽ

باب:

صفحو :1

ڪولاج ٿيل شخص جي پورٽريٽ

نسيم پارس

مهاڳ

چون ٿا موجودات ۾ پراسرايت کي ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻو. انسان اسرارن جي انت کي شايد ڪڏهن ڇهي سگهي. مونجهارن کي شايد ڪو مات ڏئي سگهي. مکڙيءَ کي پنکڙي پنکڙي ڪري ٽوڙيو، هر پنکڙيءَ پويان اهو تجسس هجي ته شايد ان پويان ڪجهه هوندو. پر لاحاصل مرڪزيت خالي ۽ کوکلي هڪ پردي پويان ٻيو پردو ۽ ائين لامحدود پردن پويان ڪٿي به ڪو اهڙو جلوو ڪونه جنهن کي ڏسي منزل ، سچ يا حقيقت جو گمان ٿئي هر شيءَ پراسرار آهي ۽ رهندي.

ڌرتيءَ تي آڪاش جي تارن کان وڌيڪ اکيون چمڪي رهيون آهن. هر اک هڪ الڳ دنيا آهي ۽ ائين دنيا هر الڳ اک تائين محدود آهي. اک بند ٿئي ٿي ته دنيا جو انت ٿئي ٿو ۽ ان دنيا جي پڄاڻي ٿئي ٿي.

دنيا هڪ Illusion آهي ۽ هر اک ۾ ان جو الڳ وهم يا گمان آهي. هر آدمي دنيا آهي ۽ ان جي فنا سان دنيا فنا ٿئي ٿي. ڪي اکيون ڪيئن ڏسن ٿيون ته ڪي ڪيئن پر اديب، شاعر ۽ مصور جي اک انهن عڪسن کي الڳ روپ ۾ ڏسي ٿي.

ائين نسيم پارس وٽ پنهنجي دنيا آهي. جيڪا منفرد آهي. هن جا عڪس چنڊ، ستارا، ڏينهن ۽ رات مختلف رنگن ۽ شڪلين ۾ واضع آهن. هو جڏهن اظهار ڪري ٿو ته هن جا اهڃاڻ، هن جا عڪس ۽ منظر صرف هن جي ملڪيت نظر اچن ٿا.

”بندو خان اوٻاسي ڏيئي ٿو ته زبان ڪري پويس ٿي.“  

”رات هن جي دوڪان ۾ لهي اچي ٿي ۽ بندو خان جا نيڻ کڻي وڃي ٿي.“

اديب لاءِ لکڻ ائين آهي جيئن مذهبيءَ لاءِ مراقبو. مان نه ٿو سمجهان ته ڪو ادب پيڙا، ڏک يا ذهني دٻاءُ سان جنم وٺي ٿو. پر ان جي برعڪس لکڻ اديب کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو. هو پنهنجي منفرد دنيا جي الڳ راهن تي گهمي اهڙو سير ۽ تفريح ڪري واپس موٽي ٿو جو هن جا سڀ ٿڪ لهي وڃن ٿا. ۽ هو پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪري ٿو. هڪ اديب لاءِ سڀ کان وڏي عياشي لکڻ آهي. جيڪر اسان دنياداري ۽ روزگار جو حصول ايتري اجازت ڏئي ته ڪجهه لکي ڪلهي تي کنيل وزندار ڳٺڙيءَ جو بار هلڪو ڪري سگهون ته اها خوشنصيبي ٿيندي.

”ڪولاج ٿي ويل شخص“  ۾ هو لکي ٿو.

” هيليڪاپٽرن مان من وسلويٰ ڪري ٿو.“

نسيم پارس دنيا جي وڏي طاقت تي طنز ڪري ٿو. من وسلويٰ بي شڪ آسمان مان موسيٰ نبيءَ جي امت تي نازل ٿيو هيو. اڄ سامراجي طاقتن جو تسلط ڏاڍو سائنسي ٿي ويو آهي. اهي پاڻ کي قومن تي ائين مسلط ڪن ٿيون جو عوام انهن جي حاڪميت ۽ پنهنجي محڪوميت محسوس ئي ڪونه ٿو ڪري. نسيم پارس جي ڪهاڻي ڪولاج  ٿي ويل شخص اهڙي پينٽنگ جيان آهي جنهن ۾ رنگ ڏاڍي بي ترتيبيءَ سان بظاهر وکريل نظر اچن ٿا، پر جيڪڏهن ان کي باريڪبينيءَ سان پڙهبو ته اها تصوير جيان آهي جنهن جو هر حصو پاڻ ۾ الڳ ڪهاڻي سمائي بيٺل آهي. سندس ڪهاڻي پڙهڻ ۾ گهڻ رخي آهي. ائين ٿو لڳي جيئن هو Lack of Concentration جو شڪار آهي پر اهائي خوبي آهي جيڪا هن جي سڀني ڪهاڻين کي انفراديت بخشي ٿي. هن جو خيالي تسلسل اهڙي زنجير جيان آهي جنهن جي هر ڪڙيءَ کي الڳ رنگ ڏنل آهي پر اهي خوبصورتي سان هڪٻئي ۾ ڦاٿل آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ جمالياتي عنصر گلن، تارن چنڊ ۽  نم جي وڻن جيان ڦهليو پيو آهي. ڪهاڻيون پڙهندي هڪ خوشبوءِ جو احساس ٿئي ٿو. هر ڪهاڻيءَ ۾ هر جملي جي پڄاڻي تي  چنڊ جو فل اسٽاپ نظر اچي ٿو. چنڊ هن جي نگاهن جو مرڪز آهي.

” ڪهاڻي گهٽيءَ ۾ الوپ ٿي ويل شخص“  ۾ هو هڪ ڪردار جي حوالي سان چوي ٿو.

” بيشڪ منهنجي زال چنڊ جهڙي آهي، پر هن جي چپن تي ڪنهن ٻئي جي چپن جا نشان آهن.“

هو ڪهاڻي ۾ شاعري ڪري ٿو ۽ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو هن جون ڪهاڻيون نثري نظم آهن. جن ۾ تشبيهون ۽ استعارا هر هنڌ جديد ۽ انفرادي انداز ۾ موجود آهن.

ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هو لکي ٿو.

” سمورو جڳ سندس اکين ۾ اوتجي ويو آهي. هو اکيون بند ڪندو ته ڪائنات ۾ اوندهه ٿي ويندي.“

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ماڻڪ ۽ ان جي همعصرن وٽ تجريدي جدت نظر اچي ٿي جيڪا سندس وفات کانپوءِ ان ساڳي گهاڙيٽي ۾ گهٽ نظر اچي ٿي پر نسيم پارس جو انداز ان ساڳي تجريدي سلسلي بجاءِ هڪ نئون انداز آهي جيڪو نسيم پارس جو پنهنجو آهي. هن جي ڪهاڻين جهڙو گهاڙيٽو ۽ پيش ڪش جهڙو انداز ان کان پهريون مون نه پڙهيو آهي.

ڪهاڻي ” جيون جهوٽو لوءِ جو“ ۾ سندس لفظن جو جادو ڏسو.

”  نم جو ٻور اکين تي ڪري ٿو.... “

” طوطو اڏامي ويو هڪ خواب ٻليءَ جي اکين ۾ ڇڏي ويو.“

ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي هنڌ هو چوي ٿو.

”موت پاريهر آهي.“

سندس جملو پڙهي موت لاءِ دل ۾ عزت ۽ احترام جاڳي ٿو. موت لاءِ هن جي  تشبيهه بلڪل نئين آهي. هو لکي ٿو.

هڪ محبوبا جو سوال

” تنهنجي زندگيءَ ۾ مان ڪٿي بيٺل آهيان.“

هن جي  هر جملي ۾ هڪ لڪيل درد سمايل آهي جيڪو هر کليل دل وارو پڙهڻ کانپوءِ محسوس ڪري سگهي ٿو.

هو مڪالماتي ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن جي هر وکريل مقالمي ۾ هڪ ڳجهو تسلسل آهي.

” چنڊ مان ٺهيل چوڙيون“ هڪ سٺي ڪهاڻي آهي جيڪا  نم جي وڻ هيٺان کيڏندڙ ڪردارن مان جنم وٺي ٿي. هن جا ڪردار ڄڻ خواب ۾ نظر ايندڙ نرم ۽ نازڪ چمڪندڙ شيشي جا تراشيل آهن، جيڪي ڇرڪ ڀري جاڳڻ تي هيٺ ڪري چڪنا چور ٿي وڃن ٿا ۽ يادن ۾ هر طرف اولڙا رهجي وڃن ٿا.

ڪهاڻي ”هڪ شخص جيڪو چنڊ بڻجي نه سگهيو“ هڪ خوبصورت جمالياتي  تاثر آهي جنهن ۾ لفظن جي چانڊوڪي هر طرف ڦهليل آهي.

هن جي ڪهاڻي ”وکريل وجود جو الميو“ علامتي انداز ۾ لکيل هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي.

هو لکي ٿو.

” ملائڪ خدا کان پڇا ڪري سزا ٿا ٻڌائين.“

” اڌ زندگي جنت ۾ اڌ زندگي دوزخ ۾.“

” مون فيصلو قبول ڪرڻ کان نابري واري دوزخ ۽ جنت جي وچ تي ويهڻ پسند ڪيم. مون کي اڌ رنگو ٿي پيو.“

هن جون ڪهاڻيون اهڙا Pieces of Puzzle آهن ، جن کي توهان پاڻ ۾ ملائي من پسند شڪليون ڏسي سگهو ٿا. هن جا جملا ايڏا ته علامتي آهن جو هر دفعي پڙهڻ کانپوءِ نئين معنيٰ  ۾ ڍلجي وڃن ٿا.

”ڪرسمس جو وڻ“ هڪ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي.              ” مئل ماڻهو ڪجهه ناهن موٽائيندا“  ۾ ٻن پيار ڪندڙ دلڙين جي پيڙا ۽ اذيت کي بيان ڪيو ويو آهي. ” اي زندگي تون ڪٿي آهين“ نسيم پارس جي هڪ فڪرانگيز ڪهاڻي آهي جنهن ۾ زندگيءَ کي هڪ ڏاڪڻ سان تشبيهه ڏنل آهي. هو لکي ٿو.

” مان تتل صحرا ۾ وڃان ٿو پيرين اگهاڙو ڊوڙندو. رڙيون ڪندو تيز ڊوڙندو. منهنجا پير مونکان پوئتي رهجي وڃن ٿا. مان پنهنجا پير تتل صحرا ۾ وڃائي ويهان ٿو.“

وري اڳتي لکي ٿو.

” موت صرف خواب نه ڏسڻ جي سزا جو نالو آهي.“

نسيم پارس پنهنجين لکڻين ۾ هڪ فلسفيءَ جيان نظر اچي ٿو. هو ڪٿي ڪٿي تمام مٿاهون نظر اچي ٿو.

 هو ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو.

” تون ته ٿڃ سان آهين. “

” ها تنهنجو اوسيئڙو ڪندي ڪندي ارهن ۾ ٿڃ ڀرجي وئي آهي.“

نسيم پارس جون ڪهاڻيون پنهنجي دور جي لکندڙن کان مختلف آهن. انهن ۾ نئون آواز سمايل آهي. ڪهاڻي ”ماڻڪ جو موت“  ۾ هن  جي ڪهاڻي جو هيرو عظيم ڪهاڻيڪار ماڻڪ آهي هو ان سان گفتگو ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو.

” ادب بڪواس کانسواءِ ڪجهه به نه آهي وڃي ڪو ٻيو ملڪ وسائجي.“

ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته مايوسي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اديب جو داخلي درد سمايل آهي.

ڪهاڻي ” خوابن جي رنگينيءَ مان اسرندڙ ڪائنات“  ۾ هو لکي ٿو.

” مورن جا رنگ ڌماڪي سان ڇڻڻ ۽ رجڻ لڳن ٿا.“

نسيم پارس وٽ اهڙين سوچن جا انبار آهن، جيڪي سوچون هڪ نئون خيال اڀارين ٿيون.

” اوندهه مان اسرندڙ سورج مکي“ هڪ عجيب ڪيفيت واري ڪهاڻي آهي. نسيم پارس ڪٿي ڪٿي تجريد جي انتها کي ڇهي ٿو ۽ هن سان اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو.

” اڻپوريل غم ۾ ماڻيل مزو“ ڪهاڻيءَ ۾ نسيم مهانگائيءَ جي موضوع  کي طنزيا رنگ ۾ پيش ڪيو آهي.

نسيم لفظن جي ميڊيا ۾ تخليق ڪري ٿو ۽ اهڙين تخليقن جو اظهار صرف لفظ ۾ ئي ممڪن آهي. هن جي تصور جي اڏام صرف لفظ ئي قيد ڪري سگهن ٿا. ڪنهن ٻئي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وس جي اها ڳالهه  نه  آهي  ته اها انهن تصوراتي علامتن ۽ تجريدن کي پاڻ ۾ سمائي سگهي. علامتي ۽ تجريدي تخليقون ۽ اظهار صرف الفاظن ۾ ڪري ئي انهن سان انصاف ڪري سگهجي ٿو. اها ڪيميرا جي وس جي ڳالهه نه آهي ته ان جي اک اهو ڪجهه ڏيکاري سگهي جيڪو لفظن جي طاقت ۾ سمايل آهي.

ڪتاب کي جيئرو رکڻو آهي ته صحافتي يا وضاحتي لکڻين بجاءِ علامتي ۽ تجريدي تخليقي انداز اختيار ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ هر پڙهندڙ لاءِ ان جي ذهني پهچ مطابق رستو کليل آهي ته هو انهن علامتن ۽ تجريدن ۾ پنهنجي ذهني آڌار تي هڪ نئين دنيا مان وس آهر ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

نسيم پارس جو هي پهريون ڪتاب آهي. مونکي اميد آهي ته هو ائين ئي جوش سان لکندو ۽ وڌيڪ خوبصورت ڪهاڻيون تخليق ڪندو.

ڊاڪٽر رسول ميمڻ

30 اپريل 2006ع

ڪراچي

مهاڳ

مون نه ڄاتو اهو سج جهڙا پرين،

روز پاتا پئي تو لڪي ليئڙا

(شيخ اياز)

مبين مان توکي اڌ چمي آڇيان ٿو

مون کي ان ڏينهن تعجب لڳو هيو جڏهن مبين (نسيم) فون ڪري لاهور کان چيو هيو ته اها مئگزين ان کي ڏياري موڪليان جنهن ۾ سندس هڪ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. سوچيندو هيس هي همراه هن عمر ۾ وتي ٿو فرنگين جي ٻوليءَ کي ريپ ڪندو. پوءِ ائين نه ٿئي جو هڪ ڏينهن هن جون ريپ جون ڪهاڻيون  نوان نوان گلر ڄڻڻ شروع ڪن. ها‍‍! هاڻي ته هو آفيسر آهي ۽ سو به حساب ڪتاب رکڻ ۽ ڪرڻ وارو. چاهي ته ”گهوڙي سواري ڪري“ ۽  چاهي ته اونداهيءَ سان اگهاڙو رقص ڪري پر شرط اهو آهي ته هن کي ۽ هن جي ”هجڻ“ کي ڪو چئلينج نه ڪري نه ته هن جي اڱڻ تي ۽ ڪونڊين ۾ ٿوهر ڦٽي ٿا پون.

 مان آهيان مان ناهيان ته پوءِ جي ڳالهه آهي پر هن جي سوچ کي ”ونگ هڻي“ نٿو سگهجي. ننڍڙي ”يسوع“ جي ماءُ سان گڏ ننڍي گهٽيءَ ۾ چانهه پيئندي به هن کي ”ايمپائر“ سئنيما ۾ لڳل پوسٽر، پوسٽر ۾ لڳل شاديءَ جي پهرين رات ۽ ٿڌ ۾ مڙس جو ڀاڪر ياد اچي ويو.

”پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور هئا.“

هن سماج ۾ بندوڪاسائيءَ جهڙا ماڻهو ته ملي  وڃن  ٿا پر ”خالي فريم“ آڇڻ وارا مبين (نسيم) جي ڪهاڻين ۾ ڪي ٿورا ئي نظر اچن ٿا. ڀل فريم خالي هجي پر ان فريم ۾ هر دل جي ڌڙ ڪڻ کي ٻڌي نه ٿو سگهجي پر ان جي ڪينواس تي هڪ نه نظر ايندڙ جيءَ ئي سجائي سگهجي ٿو. ڇا ڪو ڪنهن کان پهرين پيار جو پهريون ۽ ڪنوارو ڇهاءُ ۽ ان جو احساس کسي سگهي ٿو؟

دنيا وڏي آهي سڌا ٿي هلڻ ٿا چاهيون تڏهن به ٻين کي سڪون ڪونهي، وتن ٿا هروڀرو وڏون ڪڍندا ڄڻ پڻهن جو آهي. جيترو به آهيون هنڌ کٽولا ڪري جيءَ ۾ جايون ڏيون اوترو وتن ٿا آسمان سان ڳالهيون ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com