سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :2

هوڏانهن رام ڀائو ڪجهه دير ناٽڪ ڏسڻ ويٺو، پر سندس من اُتي بنهه نٿي لڳو، کيس اُهو ناٽڪ زهر جيان ٿي لڳو، پاڻ پنهنجي زال تي ساهه ڇڏون ۽ هوُءَ پنهنجي ننڍي ڳالهه به نه ٻڌي، اِهو کيس ڏاڍو خراب لڳو، آخر هوُ سمنڊ جي ڪناري تي هلڻ لاءِ هليو ويو، پر ههڙيءَ ٿڌيءَ هوا سان به هن جو دماغ ۽ من سانت نه ٿيا. ”هاڻ واپس گهر وڃڻ کي ڪائي معنى ڪانهي، خسيس ڳالهه ۾ به هوُءَ پنهنجي ٿي هلائي، ٽڪيٽون ورتم، دوست کي چيم ته پنهنجيءَ زال کي وٺي ٿو اَچان، هنن پنهنجون زالون آنديون، ۽ منهنجيءَ زال هيئن ڪيو! بهتر ٿيندو، جي ٻه ڪلاڪ کن هتي گهمي ڦري، ڪيڏانهن هلي وڃان.“ اَهڙا ويچار سندس ڪاوڙيل من ۾ اُٿي رهيا هئا.

هيڏانهن سيتا ٻائي، ٻارهين بجي کن بلڪل بي صبر ٿي ويئي. ”هاڻ ناٽڪ گهر وڃي، گهوٽ جي ڳولها ڪرڻ کپي،“ اِئين سوچي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ٿي، پر هيڏي رات جو، اَڪيلي وينديس ڪيئن ۽ ڪٿي؟ کيس ڪجهه به نٿي سمجهيو، سندس من ۾ اِهو خيال گهر ڪري ويو هئو ته هاڻ هوُ گهر واپس ڪونه ايندا، ۽ اِهو خيال ايندي ئي هوُءَ زارون زار روئڻ ٿي لڳي. ”هڪ دفعو مون سان وري ملن. پوءِ وري هرگز هرگز هنن سان جهڳڙو ڪانه ڪنديس.“ اَهڙو هن پڪو پهه پچايو. برهمڻ کي ۽ سڀني نؤڪرن کي پنهنجي گهوٽ کي ڳولڻ لاءِ موڪليائين. ڪافي دير کان هنن مان به ڪو واپس ڪونه آيو هئو. تڏهين ٿڪجي، دريءَ جي ڀرسان پيل ڪوچ تي ويهي واٽ نهارڻ لڳي ته ٿوريءَ دير ۾ ئي اَک لڳي ويس. ۽ ننڊ جي جهوٽي ۾ به کيس خوفناڪ سپنو ڏسڻ ۾ آيو ۽ اُن سپني ۾ ڏٺائين ته سندس گهوٽ کيس ڇڏي، ڪيڏانهن نڪري ويو آهي ۽ هوُءُ سندس ڳولا ڪري رهي آهي، ۽ اُها تار ڪنهن کان پڙهائي ٿي. ڪلاڪ کن جيئن تيئن ننڊ ڪئي هوندائين، جنهن جي دوران اُهو خوفناڪ خواب ڏٺائين ۽ هوءَ گهٻرائجي ڇرڪ ڀري اُٿي، پاڻ ڪٿي آهي، اِن جي کيس ذرا به سڌ ڪانه رهي. جتي ڪٿي اوندهه هئي. ڏيو ڪڏهوڪو اُجهامي چڪو هئو. ڪيتري دير ته اوسي پاسي ۾ هٿوراڙيون هڻي ڏٺائين. تڏهين پڪ ٿيس ته هن جيڪي ڏٺو هئو اُهو سپنو ئي هئو. اَصل حالت بلڪل نرالي آهي، اِهو ڄاڻي اُٿي بيهڻ ۾ کيس ذري گهٽ پندرهن منٽ لڳا، پوءِ کيس ڌيان ۾ آيو ته سندس گهوٽ اَڃا موٽيو ڪونهي، پر به هوُ موٽيو ڇو ڪونهي؟ اِهو سوال سندس من ۾ پيدا ٿيڻ تي، سندس سرير ٿر ٿر ڪنبڻ لڳو، ويچاري اَڪيلي! ڏيو ٻارڻ لاءِ ماچيس به نه پئي لڌس، هٿوراڙيون هڻي هڻي نيٺ هن ماچيس ڳولي ڪڍيو. ۽ ڏيو ٻاري گهڙيال ڏانهن ڏٺائين ته خبر پيس ته ڏيڍ لڳي چڪو هئو. اِنڪري اَڳي جيان، وري هيٺ ويئي ته ڇا ڏسي، ڪنهن جو ساهه کڻڻ جو آواز پيو ٻڌجي ۽ ڪو مهڙ واري ڪمري ۾ آرام ڪرسيءَ تي سمهيل آهي، پوءِ هن جي خوشيءَ جو نه اَنت نه پار هئو. هڪدم سندس وات مان خوشيءَ ڀريل لفظ نڪتا ۽ هن سندس گلي کي مٺي ڏني.

بئڪ بي تي ڪجهه دير گهمڻ تي، رام ڀائو جي من کي پهرين پهرين ته نه، پر پوءِ شانتي ضرور ملي. ”هڪدم گهر ۽ زال ڇڏي وڃڻ چڱو ناهي، گهر وڃي هڪ دفعو وري، پنهنجيءَ زال کي سندس چوڪ محسوس ڪرائڻ کپي. کيس سمجهائڻ کپي ته سندس اِن ضد ڪري پاڻ کي بيحد غصو لڳو آهي.“ اِهو خيال ايندي ئي، گهر وڃي مهڙ واري ڪمري ۾ پيل آرام ڪرسيءَ ي ويهي رهڻ جو هن ويچار ڪيو. زالس اَڃا شايد نانيس وٽان واپس نه به آئي هجي، اِهو خيال به سندس من ۾ آيو. ٻيءَ گهڙيءَ ۾ اِهو خيال به آيس ته شايد واپس آئي به هجي. اِنڪري ڪنهن کي به سڏڻ جي لڦڙي ۾ پوڻ نه گهرجي، متان هوُءَ جاڳي پوي. اِنڪري، جيئن مٿي چيل آهي، هوُ هڪ بجي کن اَچي آرام ڪرسيءَ تي ويٺو ته کيس اَک لڳي ويئي. ۽ مٿي جيئن چيل آهي، کيس ڏسي سيتا ٻائيءَ مٺي ڏيئي، ”ڀليس“ ”معاف ڪريو“ اِئين سڏڪا ڀريندي روئندي روئندي چيو ته هوُ به جاڳي پيو ۽ اَڳيون ڳالهيون وساري، کيس سانت ڪرايائين، اِهو چوڻ جي ضرورت ناهي، چوڻو صرف ايترو آهي ته سيتا ٻائي جيڪو پهه پچايو هئو، اُهو قائم رهيو. سندس پهريون جهڳڙو آخرين ئي نڪتو.

2

و. سي. گرجو

گسي ويل گرهڻ

”سيتا ڪاڪي! او سيتا ٻائي! او سيتا....“

سيتا ٻائي رنڌڻي جو فرش ڪپڙي - ٽڪر سان اُگهي رهي هئي. هن سڏ مٿان سڏ ٻڌا. آواز مان ڄاڻي ويئي ته ڪهڙو ماڻهو هوندو، اِهو ڌيان ۾ ايندي ئي، هڪدم سندس چهري تي نفرت جون ريکائون ظاهر ٿي پيون ۽ سندس پيشانيءَ تي ٻه گهنج به پيا. باقي رڳو ٻه ڀيرا ڪپڙي - ٽڪر هڻڻو هئس، اِنڪري ايترو ڪم پورو ڪري، دروازو کولڻ جو سوچي، سڏ جو سڏ نه ڏنائين، ۽ پنهنجو ڪم چالو ئي رکيائين.

”او سيتا! هيءُ به ڪي ماڻهو آهن! صبح جي پهر کان گهر کي ڪڙيون - ڪنڍا لڳائي ويٺا آهن!..... او سيتا ڪاڪي!.... او سيتا ٻائي! مان آيو آهيان... مان بالوُ ڪاڪا جوشي آيو آهيان... در کول نه!.... اوسيتا ڪاڪي!....“

اِنهن سڏن جي دؤران، سيتا ٻائيءَ پنهنجو ڪم پورو ڪري، هڪدم هٿ ڌوتا، ۽ ڪمر تي ٻڌل ڪپڙي سان هٿ اُگهندي، اَچي در کوليائين.

”پاڻ جهڙن، هر لحاظ کان وڏي ماڻهوءَ کي، هيتري دير ٻاهر بيهاري ڇڏيهءِ، اِهو تنهنجو ڪيترو نه وڏو اَپراڌ آهي!“ چهري تي، ڄڻ اَهڙو ڀاو ڏيکاريندي، بالوُ ڪاڪا عرف بلونتراو جوشيءَ جي سواري اَندر داخل ٿي.

اَندر هڪ جهوني پراڻي ڪرسي پيئي هئي، جنهنجي پٺ ڀڳل هئي. اُها ٿوري سرڪائي، سيتا ٻائي دروازي کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهي. بلونتراوُ ڪرسيءَ جي سلامتي آزمائڻ لاءِ، هڪ ٻه ڀيرا زور سان ڌونڌاريو، ۽ پوءِ پنهنجي غليظ پنجي سان، اُن کي لوڏي يعنى ته وڌيڪ گندو ڪندي، اُن تي براجمان ٿيو، پوءِ دروازي طرف نهاريندي، ڪجهه رکي آواز ۾ چيائين، ”ڇو سيتا ٻائي؟ ڇا ڪري رهي هئينءِ؟ مان ڪيتري دير کان، در ٻاهر بيهي پيو واڪا ڪريان، خبر ناهي صبح صبح جو، دروازا سڀ بند ڪري وهو ٿا، اِنجو مطلب ڇا آهي!.... اَسان ڳوٺ جا سڀ ماڻهو چور آهيون يا توهان وڏا شاهوڪار ڪٻير آهيو، جو گهر مان چپٽي جيترو ڪچرو غائب ٿيڻ تي لک ٻين لکين جو واه جو نقصان ٿي ويندو؟ هان؟  باقي شاهوڪاري؟ ها... ها... ها... جڳ کي خبر آهي توهانجي ... ها... ها...! ... اَسان ڳوٺاڻن توهانجا ٻه کيت سنڀاليا آهن، تڏهين ته ٻه مٺيون اَن مليوَ ٿو!...“

سيتا ٻائيءَ کي ٻڍي جو اِهو ’مذاق‘ ڪنڊي جيان چڀي ويو، پر سهن شيل ۽ سٺي سڀاءُ واري هئڻ ڪري، هن وات مان هڪ حرف به نه ڪڍيو. جي چاهي ها ته هوءَ ٻڍي جي نفرت ڀري ڪؤڙي گفتار لاءِ سندس چڱي لاک لاهي سگهي ها، پر، سيتا ٻائي ڪجهه به نه ڳالهائي، هن جي اَچڻ جو ڪارڻ من ئي من ۾ ڳولڻ لڳي.

پر ڪاڪي جي يادگيري ڪچي ڪانه هئي، کن رکي، وري پڇيائين، ”تو جواب ڪونه ڏنو، سيتا؟ تو در ڇو ڪونه کوليو؟ تنهنجو دروازو هميشه بند ڇو هوندو آهي؟“

سيتا ٻائيءَ کن اَڌ ته سوچيو ته هن اَهنڪاري ٻڍي کي خوب ڇنڊ ڪڍان، پر هڪدم، من کي روڪي چيائين، ”مان ذرا ڪم ۾ هيس، اِنڪري هڪدم اَچي ڪونه سگهيس، ڇو، ڪو ضروري ڪم هئو ڇا؟“

”ها،“ منهن چٻو ڪندي، بلونتراو فرمايو، ”ڄڻ، واندڪائيءَ جي ڦيرن کانسواءِ اَسان کي ٻيو ڪو ڪم ڌنڌو ئي ڪونهي!... ٺيڪ آهي، مڃيوسين ته تون ڪم ۾ هئينءَ. پر ومي ته ڪانه ويئي هئي نه، ڪٿي؟“

”هوُءَ گهر ۾ ڪانه هئي، واهه تي ويئي آهي، باسڻ ملڻ لاءِ...“ سيتا ٻائيءَ ذرا ڪٺور آواز ۾ چيو.

”ها... ها... ڏٺي سين، ڏٺي سين توهانجي ڪٻير جهڙ شاهوڪاري!“ ڪاڪي نفرت وچان کلندي چيو. ”ڪم واري مائي رکڻ جي به سمرٿي ڪانه اَٿوَ ته پوءِ ڪڙا - ڪلف لڳائي پنهنجي حفاظت ڇا ڪندؤ؟.... ها.... ها... رهڻ ڏي، رهڻ ڏي!“

اِها مصيبت ڪڏهين ٿي ٽري، ويچاري سيتا ٻائي اِهو سوچڻ لڳي، هن پڇيو، ”ڪو ڪم اَٿؤ ڇا؟“

”وري ساڳي رٽ! ڳوٺ جي فقيرن ٻقيرن جي گهر اُهين ئي وڃي، اَهڙو واندو هيءُ بالوُ ڪاڪو ڪونهي.“

”ته پوءِ چئي ڏيو نه، ته مون ۾ ڪهڙو ڪم اَٿؤ.

”ڏس! ڪم ڪو هرو ڀرو خاص اَهميت وارو آهي، اِئين ڪونهي، پر توکان هڪ سوال پڇڻ لاءِ هتي آيو آهيان. پنهنجي شاهوڪاري، وڏائيءَ جو توهان کي خوب اَڀمان آهي، قبول ڪيوسين ته ومي جو پيءُ هڪ وڏو سرڪاري آفيسر هئو، پگهار به چڱو چوکو هئس، صاحب جي شاهوڪاري وڏ ماڻهپو، هن سان گڏ ئي لڏي ويا ۽ توهان کي، اَسانجي هن تيلنگي جهڙي غريب ڳوٺ ۾، وڏن کان ورثي ۾ مليل ٻن کيتن تي جيئن تيئن ڪري پيٽ گذران ڪرڻو ٿو پوي، اِها مهرباني سمجهو اَسان ڳوٺاين جي، جو اُنهن کيتن جي پيدائش بنا ڪنهن رڪاوٽ جي، توهان کي ماڻڻ ٿا ڏيون، نه ته توهان ماءُ - ڌيءَ کي بک ۾ پاهه ٿي مرڻو پوي ها. منصف صاحب جي راڻيءَ کي ۽ سندس لاڏليءَ نينگر کي پوءِ خبر پوي ها ته سنسار جو سک ڇا ٿيندو آهي. ۽ ڳوٺاين جي مهرباني به هن بالوُ ڪاڪي ڪري ئي آهي، اِهو تنهنجي ڌيان تي نٿو اَچي، سيتا ڪاڪي!“

سيتا ٻائيءَ ذرا چڙي چيو، ”اِهو سڀ وَر وَر ٻڌائڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اَڄ تائين گهڻائي ڀيرا اِهي آَڱر اُڳاري چڪا آهيو.“

”اِهو ئي ته روئڻو آهي! اَسان کي ته تون ڳالهائڻ ڏين ئي ڪانه! تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪرڻ کپي، اُهو هميشه ڪندو پئي رهيو آهيان، هاڻ توکي اَسانجي تر جيتري به پرواهه ڪانهي، اِها ڳالهه ئي نرالي آهي، نه ته منهنجي ڳالهه مڃڻ کانسواءِ رهي سگهين ها؟“

”توهان آخر چوڻ ڇا ٿا چاهيو؟ توهانجي ڪهڙي ڳالهه مڃي ڪانه اَٿم؟“

”هاڻ زخمن تي لوڻ نه ٻرڪ، هاڻ ته توکي منهنجي ڳالهه به ڌيان ۾ ڪانهي، سيتا!“

ڀروُن تاڻي، سيتا ٻائيءَ بلونتراوُ ڏانهن ڏٺو، ۽ ڪجهه پلن کانپوءِ هيٺ نهارڻ لڳي.

ڪجهه پل اِنتظار ڪرڻ کانپوءِ بالوُ ڪاڪي چيو،”وميءَ جي شاديءَ جي باري ۾ مون ويهه پنجويهه ڀيرا سڌيءَ يا اَڻ سڌيءَ طرح توکان پڇيو هوندو...“

”ها. ۽ ان باري ۾ منهنجو ڪهڙو رايو آهي، اِهو به توهان ڄاڻو ٿا.“ سيتا ٻائيءَ غصي وچان چيو.

”پر تنهنجي اِن راءِ کي ڪائي معنى ڪانهي، اِهو مان شروع کان چوندو پئي آيو آهيان، سيتا! پاڻ ڪير آهيون، پنهنجي لياقت ڪهڙي آهي، اِهو ڌيان ۾ رکي ئي ماڻهوءَ کي دنيا ۾ هلڻ کپي. توکي خبر آهي، پوني جو بروي وڪيل ڪيترو نه وڏو ماڻهو آهي. سندس گهر ۾ لڪشمي داسيءَ وانگر پيئي وهي. ڇهن ستن پيڙهين کان شاهوڪار خاندان آهي ۽ وري هتان جا سڀ اِمتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، هاڻ ڪليڪٽري ۽ بئريسٽري جا اِمتحان ڏيڻ لاءِ ولائت ويو آهي! ۽ چوي ڇا ٿي اُهو، تنهنجي هن بي ڊؤلي، بوگر ڇوريءَ سان شادي ڪندو! اَصل اَڌ مغزي آهين، اَڌ مغزي! پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ئي آيو آهيان.“

اِئين چئي، پنهنجي ذري گهٽ ڀڏي وات ۾ بچيل ٻن چئن رنگبرنگي ڏندن جي، ٽهڪ ڏيئي نمائش ڪيائين.

بلونتراوَ جي اِن طنز ڀري گفتار جو هڪ هڪ لفظ سيتا ٻائيءَ جي دل چيريندو ويو. سنيهي پتيءَ جي دائمي وڇوڙي ۽ سخت غريبيءَ سبب جلندڙ دل ۾، اِهوئي هڪڙو، آشا جو سوکيم سلو هئو، جيڪو گذريل سال ٻن کان پاليندي آئي هئي. اُن سلي کي، بلونتراوَ جي لفظن جي باهه ڄڻ لهس ڏيئي نيست نابود ڪري ڇڏيو. سندس اِها اوچي آشا بلڪل اَجائي آهي، نراسائي ۽ دک جي خشڪ برپٽ ۾، سندس اُڃايل نظرن کي نظر ايندڙ هڪ رڃ آهي، اِئين بار بار کيس محسوس ٿيندو هئو، ۽ اِهو خيال ايندي ئي، هن جي بي اَنت دک ۾ اَڃا به نکار اَچي ويندو هئو. پر شري نواس جي بيباڪ، خانداني صورت، سندس هلت چلت، سندس وچن، سيتا جي ڌيان ۾ ايندي ئي، سندس جلندڙ دل کي ڄڻ سنجيوني ملي هجي، اِئين هوش ۾ اَچي، ڪجهه دير لاءِ پنهنجا سڀ دک درد به ڀلجي ويندي هئي. پر بلونتراوَ جي اَڄوڪي ڳالهه سندس سڀني سک - ڀرين اشائن کي پاتال ۾ دفن ڪندڙ وَجر ثابت ٿيندو، اِهو ويچار کن اَڌ لاءِ سندس من ۾ ايندي ئي، سندس دل ته ڇا هٿ پير به ڪنبڻ لڳا.

سيتا ٻائيءَ ڪجهه ڪانه چيو - دراَصل سندس وات مان لفظ ئي ڪونه اُڪليا؛ سندس اِها حالت، بلونتراوَ جي ڌيان ۾ اَچڻ کانسواءِ رهي ڪانه؛ ۽ اِهو ڏسي کيس ڌيئتن جيان مزو به آيو.

پنجي ۾ پڪڙيل ڪوئي ڏانهن جيئن ٻلو خوشي ۽ تعجب وچان، بريءَ نظر سان ڏسندو رهندو آهي، تيئن سيتا ٻائيءَ ڏانهن ڏسندي، بلونتراوَ پنهنجي گندي قميص جي کيسي مان هڪ اِخبار ٻاهر ڪڍي ۽ طنزيه آواز ۾ چيائين، ”مان ڪجهه نه ڪجهه چئي، پنهنجو سوارٿ سڌ ڪرڻ آيو آهيان، توکي اِئين لڳندو هوندو، اِنڪري پنهنجيءَ ڳالهه جي ثابتيءَ طور، هيءَ اَخبار ڄاڻي واڻي کڻي آيو آهيان. پڙهي ڏس - پڙهي ڏس، اِن ۾ ڇا لکيل آهي، توکي پڙهڻ اَچي ٿو، اِن جو اَڄ پورو پورو فائدو وٺڻ ڏي.... ها.... ها... ها.... زالون ۽ تعليم! ڪلجڳ آهي ڪلجڳ!.... هاءِ ڙي هاءِ! اَڄ اَسانجي پيشوائي هجي ها ۽ اَسانجي ڌرم جي سورج رام شاستريءَ جهڙو تيجسوي، برهمڻن جو اَوتار آفيسر هجي ها. پوءِ جيڪر توهان جهڙين اؤباش ۽ وات - ڦاٽين عورتن کي چهبوڪ لڳارائي ها، پر رهڻ ڏي، گذريءَ تي سوچڻ ئي اَجايو آهي.... پڙهو! ۽ پنهنجو من سانت ڪريو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com