سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :1

چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

چيت ڪيشو ڀاگوت

ديباچو

 

پرتنڌي ڪهاڻيون ۽ بهترين ڪهاڻيون

مراٺيءَ ۾ ساهت جي شاخ- ڪهاڻي، گذريل اَٽڪل 35 ـــ 40 سالن ۾ ئي اُسري آهي. اِن هوندي به، پوءِ ڇپائيءَ جي سهوليت چئو، چاهي ان اَدب جي شاخ جي ڪمي چئو، اِن ٿوري عرصي ۾ به بهترين ڪهاڻين جا انيڪ مثال اَکين آڏو اچن ٿا ۽ ’پرتنڌي ڪهاڻين‘ جي مجموعي جي محدود صفحن ۾ انهن کي ڪيئن درج ڪجي، اِهو هڪ مشڪل سوال بڻجيو پوي.

پر ٿورو گهرو ويچار ڪبو، ته ’پرتنڌي‘ لفظ ذريعي اِهو سوال حل ٿي سگهي ٿو. ’پرتنڌي‘ڪهاڻين جو مجموعو معنى ٻوليءَ جي بهترين ڪهاڻين جو مجموعو ناهي. ’پرتنڌي‘ معنى، جنهن ليکڪ جي ڪهاڻين، ڪهاڻيءَ جي ڌارا کي ڪو موڙ ڏنو آهي، اِن اَدب جي شاخ جي ڊيگهه، ويڪر، اونهائي وڌائي، ان کي نئين تازگي بخشي، اَهڙي ڪهاڻي نويس جي ڪهاڻي. جذبات ۽ تصور جي ڪنهن غيبي، شاهي، پرجوش پلٽ پلٽان جي دوران، ڪو اَڻ ڄاتل ليکڪ پڻ ڪو واقعو، شخص، يا ماحول، ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ چمڪائي ڇڏيندو؛ اِنڪري بنهه خالص صورت واري مقصد ۽ طرز بيان هڪ ٻئي سان بلڪل ٺهڪندڙ ۽ موضوع جي مزاج سان ميل کائيندڙ عبارت چونڊي، اهو ڪلا جو مثال، اَڻ ڄاتل شاعر جيان پيدا ڪري ويندو. ان ڪلا جي نموني کي سهڻي بناوت اَزخود حاصل ٿي ويندي آهي. اِهو ڪلا جو مثال، ڪنهن به مروج اَدب جي وهڪري، اَسلوب جي مڃيل وهڪ ۾ نه وهي، پنهنجي ذاتي غير رواجي حسن سبب چمڪي ويندو. ڪهاڻي طور اَهو ڪلا جو مثال ڪيترو به اَصولن پٽاندر هجي، پوءِ به اُن کي ’پرتنڌي‘ مجموعي ۾، اَڳيئي چيل ڳالهين سبب، شامل ڪري ڪونه سگهبو.

ازانسواءِ، ڪهاڻي، اَدب جي نئين ۽ گهٽ اُسريل شاخ هئڻ سبب، ۽ پاٺڪن جي وڌندڙ تعداد ۽ تقاضائن سبب گهڻ ـــ ويائوَ هئڻ ڪري، اُن ۾ تجربي ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي وَجهه ملن ٿا. اَڪار ننڍڙو هئڻ سبب اَن ۾ ’مشهوريءِ’ جي لياقت جهجهي اَنداز ۾ آهي. انڪري اُن ۾ نوان تجربا ٿيڻ به ممڪن آهي ته هڪ سانچي تيار ٿيڻ جو خطرو به آهي. فن جا پيمانا جڙڻ اِن ريت اَڻ ٽر آهن، پر اِن هڪ هنڌ بيٺل پاڻيءَ کي واٽ ڪڍي ڏيندڙ، ڪهاڻيءَ کي بيجان فن جي پيمانن مان ٻاهر ڪڍندڙ شهزور ليکڪ، هر موڙ تي ملن ٿا. اِنهن رهنما اَديبن جي پريرڻا جو بنياد انگريزي، بينگالي يا هندي جهڙين ڌارين ٻولين ۾ ٿي سگهي ٿو؛ کين علحدي ماحول، علحدي شخصيت کي ساڪار ڪرڻو هوندو. سندن وشواس مروج وهڪري کان نيارو هوندو؛ ۽ ٿي سگهي ٿو اِنهن رهنمائن جو ڪاريه تجرباتي حالت ۾ هئڻ ڪري، هوُ ٿاڦوڙا هڻندا هجن؛ ڇو ته سندن ڪوشس لتاڙيل راهه کان نرالي واٽ اَپنائڻ لاءِ هوندي آهي، کين اِدراڪ جون نيون نيون چوٽيون جيتڻيون هونديون آهن، اِنڪري سندن رچنائون هميشه اُصولن تي ٻڌل، سهڻيون، ڊؤلائتيون هونديون ئي ـــ اِئين ناهي، پر اُهي ’پرنڌي‘ ـــ هڪ نئين ڌارا جا پٿ درشڪ ـــ اَهم اَوس ثابت ٿيندا.

اَزانسواءِ، اَدب جي ڪنهن به شاخ ۾ نيون واٽون لوچي لهندي، جهونيون واٽون، بند ٿيو وڃن ـــ اِئين ڪونهي، هڪ ئي وقت، اَنيڪ الڳ الڳ، هڪ ٻئي جو پورائو ڪندڙ وهڪرا چالو هوندا آهن. ساڻ ساڻ نوان نوان تجربا به جاري هوندا آهن. ٻنهي کي پنهنجا پنهنجا پاٺڪ هوندا آهن. ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي نموني ٽيڪا ڪندڙ نقاد هوندا آهن. ٻئي ڌرؤن بيحد هوڏي رخ اختيار ڪنديون آهن، پر ٻنهي نمونن جي رچنائن جو سواد ساڳئي چاهه سان وٺندڙ پاٺڪ ٿي سگهن ٿا. اُن پاٺڪ جي ڀومڪا، هن مجموعي جو سمپادن ڪندي، اَدا ڪرڻ قبول ڪئي اَٿم. ڪهاڻين جي چونڊ، شخصي نڪته ـــ نظر تي منحصر هئڻ سبب، متڀيد ٿيڻ جو خطرو ته آهي ئي. هنن کان بهتر ڪهاڻيون نه ملن ها ڇا؟ اِن اَزلي ۽ بي تعلق سوال جو جواب ڏيڻ جيتوڻيڪ ممڪن آهي، اِن هوندي به بي نسبت آهي.

 

 

1

وامن چور گهڙي

 

آتٿي ديوو ڀوَ![1]

ڪلهه کان برسات وسڻ بند ٿي هئي. جتي برسات جي ضرورت هئي، اُتي برسات وسائڻ لاءِ ڪڪر هلي ويا هئا. آسمان رات کان وٺي صاف هئو. هوا ۾ وڻندڙ ٺنڊڪ اَچي ويئي هئي. جڏهين گهري ننڊ مان، صبح جو اُن ڳوٺ جا رهواسي اُٿيا، تڏهين ڳوٺ جي ٽڪريءَ پوئتان سج مٿي ايندو ڏٺائون.

’بائجا‘ کيت مان واپس آئي ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجا ڪم مشين کان به سٺي نموني ۽ تيزيءَ سان پورا ڪرڻ لڳي. مشين کان سٺي نموني سان منهنجو مطلب آهي، هن ڪم ۾ دل لڳائي ڇڏي هئي. پوري ڪيل هر هڪ ڪم جو واسطو هن سان، هن جي پتيءَ سان، سندس پٽ سان، سندس سفيد ۽ لال ـــ ڍڳن جي جوڙي سان هئو. گذريل گهڻن ئي سالن کان اُنهن کي پنهنجي گهر جا ڀاتي ڪري ليکيندي هئي. کين پنهنجن هٿن سان اَن کارائي ۽ پنهنجي دل جو پيار ڏيئي، رشٽ پشٽ، خوش، راضي ڪيو هئائين.

۽ اَٺن ڏهن مهينن کان ته سندس ڪم تمام گهڻو وڌي ويو هئو. ويهن کان ٽيهن ورهين جي عمر تائين، جنهن وشواس، اُتساهه ۽ آشا وچان ماڻهو تڪليفون برداشت ڪندو آهي، ساڳئي وشواس سان هن پنهنجي گهر ۽ کيت جو ڪم ڪيو هئو، جن جي حصي ۾ فقط تڪليفون ئي آيون هجن، اُنهن کي هيءُ وشواس ـــ ڀريو، عمر جو دؤر حاصل ڪونه ٿيندو آهي، اِنڪري ئي رڳو اِها تشبيهه ڏني ويندي آهي. اَسانجي هن غريب ملڪ جي آزمودي جي تجربي گاهه ۾، محنت ڪري جيڪي خاڪا، اَنيڪ ڄڻن تيار ڪيا، انهن مان اِهو نتيجو پڪيءَ طرح سان نڪتو آهي ته هن ملڪ ۾ محنت ڪش طبقي جي زالن ۾ ويهن کان ٽيهن سالن جي عمر ئي ڪانه ٿيندي آهي. ويهن ورهين تائين هوءَ وڌن ٿيون ۽ اُن کانپوءِ هڪدم سندن عمر جو اَنگ ايڪٽيهن کان شروع ٿئي ٿو، جنهن عمر جي دؤر ۾، عورت بالغ بڻجي آزمودي سان عيش عشرت جي زندگي بسر ڪري سگهي ٿي، اُهو دؤر اَنيڪ ڪارڻن ڪري کين حاصل ئي ڪونه ٿئي. سج اَڃا ڪني ڪڍي مس مٿي اَچي، ته اوندهه ۽ محنت جا بادل اوچتو کيس ڍڪيو ڇڏين ۽ پوءِ چئين بجي کن، پيلي اُس پکيڙيندي، سج اُلهڻ شروع ڪري ـــ اَهڙي، عورت جي قابل رحم ڪهاڻي، اَکين وارن اَنيڪ ڄڻن ڏٺي ـــ ٻڌائي آهي. اِن جو سبب؟ ”ڪنڪوءَ جو ٽڪو“ لڳائي، ٻنهي پاسن کان وَريل ساڙهي پائيندڙ، ”ڀاڳن واري لڪشمي“ ڏسڻ ۾ ايندڙ عورت، آدرشي سپنن ۾ ئي ٿي سگهي ٿي، اِها پڪ، هن هارين ـــ مزدورن جي ملڪ جي بيشمار جنتا کي، ٿي ويئي آهي.

اِن ڪري ’بائجا‘ گذريل اَٺ مهينا جيڪا محنت بنا وسرام وٺڻ جي ڪئي، اُها دلڪش، لڳيندڙ، آسائتي، غير معمولي سبب ڪري ئي! ۽ اُهو سبب اِهو هئو، ته جنهن پاٽل جي گهر ۾، ’بائجا‘ جي مڙس ’پئڪوُ‘ ويهه ورهيه ڪم ڪيو ، اُس ۾، مينهن پاڻيءَ ۾، کڏن کٻن ۾، ڪنڊن ـــ پٿرن ۾، ڪشالا ڪڍي، پاٽل جي ميون جي باغن ۾ پاڻي ڇڻڪيائين، مالڪ جي گهر، سوني اَن، رس ـــ ڀريل ميوون، تازين ڀاڄين جون ٽوڪرين جون ٽوڪريون، گاڏين جون گاڏيون ڀري موڪليائين ۽ اُهو پاٽل ماڻهن جي نظر ۾ ’بيوقوف‘ نڪتو هئو. ڪم نصيبا اَڻ پڙهيل هئڻ سبب، هڪ اَهڙي ”ڀل“ ڪري ويٺو جا جيڪر ڪڏهين به سڌاري نه سگهجي. مرڻ وقت، بائجا کي سڏي، هن کيس پنهنجن هٿ سان ڪنڪو لڳايو هئو ۽ اَٺن ـــ ڏهن ايڪڙن جي لڙاٽيل، ڪڏهين ته کيڙيل، ڪاري زمين، کيس دان ڪيائين. هن احسان مڃيندي سندس پيرن تي هٿ مس رکيا ته هن جو پراڻ ــ پکيئڙو اُڏري ويو.

اُن زمين تي ئي گذريل اَٺن ڏهن مهينن کان بائجا ۽ پئڪوُ محنت ڪئي هئي. پئڪوُءَ مالڪ جي گهر جي نؤڪري، مالڪ جي موڪل سان ڇڏي به مالڪ سان سلوُڪ قائم رکيو ۽ پنهنجي کيت کي مڃائيندي، سورج ديوتا کي ٿورو دير سان اُلهڻ لاءِ لڳاتار پرارٿنا ڪندو آيو هئو. کيت کيڙڻ جي شروعات ڪرڻ ڪاڻ، هن دسهڙي جي ڏينهن اُن غيرآباد زمين ۾ پهريون رنبو هنيو. اُن وقت نڪتل گهميل مٽي، پئڪوُ ۽ بائجا پنهنجين ترين ۾ کڻي، دل کولي سنگهي هئي. اُن مٽيءَ جي، آلن بوهي مڱن جهڙي سڳنڌ سنگهي، ٻنهي جي اَکين ۾ غير رواجي خمار، عجيب توانائي ۽ اُميدن جا مٺڙا مٺڙا سپنا تري رهيا هئا ۽ اُهي سپنا ساڪار ڪرڻ ڪاڻ، ڪئلين جيان، سانوڻ ۾ پکين جيان، بنا ٿڪاوٽ ڄاڻائڻ جي، لڳاتار محنت ڪئي هئائون. اُنهن پگهر جي ڌارائن ۾ پلجي نپجي، ٻاجهري جا ساوا ڪانا جيڪي سندس ٻنيءَ ۾ لهرائي رهيا هئا، اُنهن جي چيلهه تائين ايندڙ اوچائيءَ ۽ سرسر ڪندڙ پنن ۾ سڀ ڏک ــــ سور غائب ٿي ويا هئا.

اِنهيءَ خوشيءَ جي خمار ۾ بائجا، اَڄ پنهنجا سڀ ڪم پورا ڪيا هئا. ڏاندن کي داڻو پاڻي ڏيئي، ٻارن ۽ مڙس لاءِ ماني سيڪي جڏهين ٻاهر آئي تڏهين سج جي روشني اَڃا ڳاڙهي ئي هئي. پئڪوُ ڏاند ٻني ڏانهن وٺي ويو. ويندي وقت هن پنهنجي ڏاندن ۽ پائجا ڏانهن نظر اُڇلي. پوءِ به اَڄ سندس وات مان هميشه جيان اُميد ۽ اُتساهه ڀري گفتار نه نڪتي، اِهو بائجا جي ڌيان تي آيو، پر اِها ڳالهه دل ۾ نه ڪري، پنهنجي ستن ـــ اَٺن سالن جي پٽ سان گڏ بازار وڃي هن لاءِ ڪپڙا خريد ڪري اَچڻ بهتر سمجهائين.

شام جو پئڪوُ آيو. اُداس اُداس ٿي هن ماني ٻاني کاڌي ۽ جيسين جوڻس ٺاهه جوڙ ڪري، واندي ٿئي، تيسين ڪمري جي ڪنڊ ۾ هنڌ وڇائي ليٽي پيو.

بائجا ڪم پورو ڪيو. پٽ جي بدن تي چادر وڌائين ۽ پنهنجي پٿرڻي جي پرئين ڇيڙي تي کيس سرڪائي، ليٽڻ جو خيال ڪرڻ لڳي. پٽ کي گهري ننڊ اَچي ويئي آهي، اِها خاطري ڪري، هن بتي وسائي ۽ هوءَ پئڪوُءَ جي پٿرڻي تي ويئي. تمام گهڻي محنت ڪري ٿڪجڻ سبب، بائجا کان الڳ سمهي، ڪيتريون ئي راتيون ڪاٽيون هئائين. اَڄ سندس پٿرڻيءَ تي پنهنجو پاڻهي وڃي ويهندي، بائجا جي من ۾ هڪ خوشيءَ ۽ نواڻ جي چمڪ مچي ويئي.

هن پئڪوُءَ جي پيشانيءَ تي هٿ رکيو، کيس اَڃا ننڊ آئي ڪانهي، اِهو هڪدم سندس ڌيان ۾ آيو ۽ ذرا آهستي پنهنجپائيءَ وچان پڇيائينس، ”اڄ ڇو اُداس اُداس پيا لڳو؟ اڄ وري ’لاليا‘ چارو پاڻي برابرڪونه ورتو ڇا؟ ڪو سبب؟“

”اون هون! اَهڙو ڪجهه به ڪونهي.“

”نه پوءِ مون کي ته ٻيو ڪوبه سبب ڏسڻ نٿو اَچي. پاڻ اَڄ ته خوش هئڻ کپي. سڀاڻي کل خوشيءَ جو ڏينهن آهي. وڏو پرڀ آهي. سڀاڻي ’لاليا‘- ’ڍوَليا‘ کي سنجٽ، لباس پائڻو آهي. خرچ به هونئن کان وڌيڪ ڪرڻو آهي. پيٽ به سڀان لاءِ خالي رکڻو آهي! پوءِ هيءُ سڀ ڇاهي؟“

”اِنڪري ئي ته ويچار ۾ پئجي ويو آهيان.“

”ڪهڙو ويچار؟“

”سڀاڻي ’پولا‘[2] جو پرڀ آهي ۽ ’لاليا‘ ـــ ’ڍوَليا‘ لاءِ اِهو پهريون ’پولا‘ آهي. اُهو شدمد سان ملهائڻ کپي. پنهنجي گهر لاءِ به اِهو پهريون ئي ’پولا‘ آهي. ۽ مون وٽ هڪ پئسو به ڪونهي، اِن جوئي ذرا خيال ٿي پيو آهي.“ اِئين چئي پئڪو ٿورو مرڪيو ۽ ’بائجا‘ جي ڪلهي تي هٿ رکيائين.

”پوءِ؟ توهانجو ويچار پورو ٿيو” ڇا فيصلو ڪيؤ؟“ ”ڪجهه به نه. ٽيون ڏينهن بند جي مرمت ڪرڻ لاءِ پٿر گهربا هئا. اُن لاءِ جيڪي ٽي چار روپيا خرچ ڪيم، اُهي اَجايا ڪيم، اِئين لڳي رهيو آهي.“

”هون! پوءِ؟“

”پوءِ وري ڇا؟ اَڄ تون هيءُ ڇا پڇي رهي آهين؟ ذرا خوش پيئي ڏسجين! ٿڪل ٽٽل، ملول به نٿي لڳين! پنهنجو پاڻهي مون وٽ هلي آئينءَ! نيٺ به آهي ڇا؟“

”اِئين ته ڪجهه به ڪونهي، مان رڳو ايترو ٻڌائڻ آيس ته سڀان ’لاليا‘ ـــ ’ڍوَليا‘ کي اَهڙو نه ’پرڻ پولي‘ جهڙو مال کارائينديس، جو هُو ڏاڍا خوش ٿي ويندا. اَڄ ننڍڙي کي به نوان ڪپڙا وٺي ڏنم، اِهو شايد ڏٺؤئي ڪونه. نڪو وري پڇيؤ به! جڏهين غم ٻنهي گڏجي ڀوڳيو آهي، ته پوءِ اَڄ جي خوشي؟ صرف ايترو ٻڌائڻ لاءِ آئي هيس!“

”سچ؟ اِهو سڀ آندءِ ڪيئن؟ مون کي به ته ٻڌاءِ!“

”مڙيئي آندم، جنهن ڏينهن توهان بند جي مرمت ڪرڻ لاءِ پئسا خرچ ڪيا، اُن ڏينهن کان وٺي پئسن تي ورتل گاهه، ’لاليا‘ ـــ ڍوَليا‘ کي هونئن کان ٿورو گهٽ ڏيڻ لڳيس ۽ سندن پيٽ کي لت ڏيئي، گاهه وڪڻي چار پنج رپيا جمع ڪيم. ايترن پئسن سان سڀان جو پرڀ سولائيءَ سان ملهائي سگهنداسين. گونگن جانورن جو اُپواس به ڇٽندو.

اَڄ ڳڙ به آڻي رکيو اَٿم. هاڻ چئو، ڪيئن آهيان مان؟“

”اِهو سڀ سچ آهي؟“ ۽ اِنهن چئن اَکرن ۾ جيون گڏ گذارڻ جي شاستر جا پوتر سلوڪ جپجي ويا! سندن اُها رات، سانوڻ جي اونداهي پک هوندي به، چانديءَ جهڙي گذري، گهر جي کير کي چڱيءَ طرح ٽهڪائي، ڳاڙهسري آڱر جي ٿولهه جيتري ملائي ڪڍي مانيءَ سان کائڻ، تازي ولوڙيل لسي مان مکڻ جو گول گول چاڻو ڪڍي وات ۾ وجهڻ، اِئين آرام ۽ آنند سان سڄي رات، ٻئي ڏينهن جو ڪاريه ڪرم طئه ڪرڻ ۾ ڪاٽي ڇڏي، اَکين جا ڇپر ڇينڀڻ بنائي گهري ننڊ ڪندي، ۽ سرير کي وسرام ڏيڻ بنا ئي، ٿڪاوٽ لاهيندي، هنن اُها رات ڪاٽي ئي ڇڏي.

اِهو اَڄ تائين ڪنهن به ڪونه ٻڌايو آهي ته اَسُر جو ڪڪڙ ٻانگ ڇو ڏيندو آهي. ساڳيءَ طرح شڪر تاري جي روشني ڏسڻ ۾ ايندي ئي، پئڪوُءَ بائجا کي چيو، ”اُٿ! اَڄ سج کي ذرا جلدي سڏ ڪنداسن!“ اُٿي، شڪر جي چوکي روشنيءَ ۾ هوءَ ٻني ڏانهن هلي ويو. پلس[3] جي وڻ جون چار ٽاريون ٽوڙي کڻي آيو. دروازي تي اُهي ٽاريون اُڀيون ڪري ٻڌائين. پنهنجن ڏاندن جي جوڙي (’لاليا‘ ـــ ڍوَليا‘) کي رات جو ئي هئڊ گيهه سندن ٿوهن تي لڳائي، کائڻ لاءِ نينڍ ڏيئي آيو هئو. صبح ٿيندي ئي کين ٻاهر وٺي ويو.

’پولا‘ جي پرڀ تي ڏاندن کي نينڍ ڏيئي، پنهنجي گهر مهمان جيان کاني تي گهرائبو آهي. اُن ڏينهن ڏاندن کان ڪوبه ڪم ڪونه ورتو ويندو آهي. اُنهن جو ڪم ماڻهو سنڀاليندا آهن. اَهڙيءَ طرح سڄي سال جي لاءِ هنن جيڪي تڪليفون سٺيون آهن ـــ اُن احسان جو معاوضو چڪاو ويندو آهي. جيئن ٻارن کي سنڀالبو آهي، تيئن اُن ڏينهن کين سنڀاليو ويندو آهي. ايشور جي اَننت، اَسيم هٿ- ڦاڙ، وراٽ ڏاتارپڻي کي ماڻيندڙ اِنسان، جنهن ڀاونا سان ”پترم، پشپم، ڦلم، تويم“[4]سندس چرڻن ۾ اَرپڻ ڪري، سمورو جيون، ’اپنشد‘جي شلوڪ موجب، تياڳه سان ماڻڻ جي ڀاونا جيئن رکبي آهي، تيئن هڪ ڏينهن لاءِ، سموري شيوا ڏاندن جي ’چرڻن‘ ۾ ارپڻ ڪري، پنهنجي فراخ دلي، پسون ـــ پکين تي ديا ڏيکارڻ جي اِڇا ڪرڻ جو ڏينهن آهي هيءُ ’پولا‘ جو پرڀ. يعنى ته کيتيءَ جي ديوتا جي آگيا پالڻ جو ڏينهن آهي، هيءُ ”پولا“ جو پرڀ!

۽ وري گذريل اَٺ مهينا، جن ’لاليا‘ ـــ ڍوَليا‘ جي ٻل تي پئڪوءَ جي ٻنيءَ تي فصل پيدا ٿيو هئو، اُنهن لاءِ پئڪوُءَ جي دل ۾ ڪيترو نه احسان جو جذبو ڀريل هوندو؟ اِن جو وشواس اُنهن گونگن جانورن کي به ٿي ويو، جڏهين اُٿڻ شرط پئڪوءَ سندس بدن تي پيار وچان هٿ ڦيريو هئو.

پئڪو پنهنجن ڏاندن جي جوڙي، پنهنجي مالڪ جي گهر وٺي ويو. نوجوان ’پاٽل‘ ۽ نئين ’پاٽلڻيءَ‘ کي نمسڪار ڪيائين. پنهنجي حقي گهر اَچي ڪم ڪاج ڪرڻ جو وشواس ڌاري، پنهنجن هٿن هيٺ وڏا ٿيل، ڏاندن جي ٻن جوڙين کي ڇوڙي، اُنهن کي پنهنجن ڏاندن سان گڏ وٺي، نديءَ تي ويو.

ننڍڙي تلاءَ ۾ ڏاند ڇوڙي ڇڏي ڏنائين، ۽ پنهنجي عمر وساري، ڌوتي مٿڀرو ورائي، ڌاڙام سان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنائين. ڏاندن جي بدن تي هٿ ڦيري، مهٽي مهٽي کين بلڪل اَڇو اُجرو ڪري ڇڏيائين. پوءِ کين تلاءَ مان ٻاهر ڪڍي ڪناري تي رکيل سڪي ڪپڙي سان، سندن بدن اُگهي ڇڏيائين. سندن پڇن جون پڇڙيون هٿ تي سٺي سڪايائين ۽ پنهنجن آلن ڪپڙن سان گهر موٽيو. موٽندي، سر سبز ٻني ڏانهن نهاريندي، ڏاندن رنڀيو ـــ اِئين ڪندي ڄڻ اِهو صاف صاف ظاهر ڪيائون ته اَسان سمجهي ويا آهيون ته اَڄ اَسانجي اُپواس ٽوڙڻ جو ڏينهن آهي. هن ديش ۾، هيءُ گونگا جانور، اَننت ڪال کان ”اَپؤرشييه واڱميه“ واري شلوڪ آَنوسار، رڳو رنڀون ڪري ئي اَنيڪ معنائون ظاهر ڪندا آيا آهن.

اُس ۾ ڏاندن جو بدن پوريءَ طرح سڪي وڃڻ تي، سندن رنگ وڌيڪ نکرجي ويو ۽ سائي، سبز چراگاهه ۾، پيٽ ڀري چرڻ لاءِ جڏهين جبل چڙهڻ لڳا، تڏهين گهري سائي رنگ جي پنن واري چمپا گلن جي وڻ ۾ سفيد ـــ لال گل ٽڙيا آهن ــــ اِهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ وَن ـــ ديوي به رهي نه سگهي هوندي.

پيٽ ڀري چرڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻهي ڏاند گهر ڏانهن وَرڻ لڳا ته پئڪو به پٺيان پٺيان گهر آيو. هن ڏاندن کي اَڱڻ ۾ بيهاريو. پٽس گيرو رنگ سان ڀريل برتڻ کڻي ٻاهر آيو ۽ گيرو رنگه ۾ پنهنجا پتڪڙا هٿ ٻوڙي، ڏاندن جي پٺين تي پنهنجا پنجا ڇاپي ڇڏيائين. پئڪوءَ ننڍڙي مٽڪي گيرو رنگه ۾ ٻوڙي، اُن جي گل منهن سان، ڏاندن جي بدن تي گول گول ٺپا هنيا. آڪاش ـــ گنگا ڏسڻ ۾ اَچي ايتري صاف آڪاس ۾ جيئن منگل گرهه جي روشني نظر ايندي آهي، تيئن اِهي پنجا ۽ ٺپا لڳي رهيا هئا.

پوءِ هن ڏاندن جي سڱن کي لال رنگه لڳائي، مٿن نيريون چانديءَ جيان چمڪندڙ سهڻيون گول گول پٽيون چنبڙايون. سڱن جي سوراخن ۾ سفيد ــــ لال سونهري ڌاڳن جو جهاڙ ٻڌي، لٽڪايائين. سونهري ڌاڳن ۾ پوُتل ڦول- مالهائون، ڏاندن جي پيشانيءَ تي لٽڪايائين، جن کي ’ماٿاٽيا‘ سڏيندا آهن. اُهي ’ماٿاٽيا‘ هوا سان لڏي رهيا  هئا. ڪوڏين سان مڙهيل پٽا، سندن گلي ۾ پاتائين. جهنگلي گلن جون رنگه برنگي مالهائون، گلبا ڪشي[5] گلن جا گجرا به سندن گلن ۾ پاتائين. سندن پيرن ۾ ٻهوڙنگي ڌاڳن روپي ڇيڙون ٻڌائين. سندن پڇ به رڱيائين ۽ سندن وشال اَکين ۾ پنهنجو، پنهنجي ٻار جو۽ اَڱڻ ۾ اَچي بيٺل بائجا جو صاف نظر ايندڙ عڪس ڏسي، پئڪو تمام گهڻو خوش ٿيو. تيسين سندس پٽ، ڏاندن جي پڇن جون پڇڙيون پنهنجي منهن تي ڦيرڻ شروع ڪري ڇڏيو هئو.

ٽيون پهر به گذري ويو. ’وَڙن‘ ـــ ’پرڻ ـــ پولين‘ سان ڀريل دونا، ٽوڪرن ۾ رکي، ’لاليا‘ ــــ ڍوَليا‘ کي کائڻ لاءِ ڏنا، کين ٻيو به ڪجهه کپي يا نه، اِهو پڇڻ لاءِ دروازي وٽ اَچي بيٺي ۽ ’مهمان‘کائي ترپت ٿيا آهن، اِن جو آنند، سڄي ڪٽنب گڏجي ورتو.

ٻه چار ’پرڻ ــــ پوليون‘، ڪيلن جي پتن ۾ ٻڌي، پئڪوءَ اُهي هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهيون ۽ ڪنڪو جي دٻلي کڻي، هو پاٽل جي گهر آيو. مورک پاٽل جي ٻولي ڀالي پٽ، هن ويهين صديءَ ۾ به اُهو پرساد سويڪار ڪيو ۽ پئڪو جي مٿي تي گلابي پٽڪو ٻڌائين.

نوَن ڪپڙن ۾، پئڪو جو پٽ چڱو ٺهي پيو هئو. بائجا جي ترپت نظر پتي، پٽ ۽ ’مهمان‘ ۾ کتل هئي. ايتري ۾ پئڪو، ڏاندن جي گلي ۾ پيل نوڙيون، وڏي رعب وچان جهلي، ڏاندن کي ’پولا‘ جي سينگاريل پئنڊال ۾ نمائش ڪرڻ لاءِ نديءَ جي ڪناري ڏانهن وٺي ويو.

اَڄ ندي ڪناري جي واري ڏاندن جي کڙن سان پوتر ٿي ويئي هئي. چؤگرد ماحول ڏاندن جي رنڀن ۽ للڪارن سان گونججي ويو هئو. ڏاندن جي گلن ۾ پيل ننڍڙين گهنگهرن جو آواز هُوبهو لئه ۽ تال ۾ ڪيئن ڪڍجي، اِهو ڄاڻڻ لاءِ اِندر پوريءَ جون نرتڪيون جمع ٿي ويون هيون.

پئنڊال ۾، اَنب جي پنن سان ڊگهيون، اوچيون، پري پري تائين ڪمانيون جوڙيل هيون، هيٺ هڪ قطار ۾ سينگاريل، سجايل، سهڻا ڏاند بيهاريا ويا هئا. هيءُ سمورو شادمانو ڏسڻ لاءِ، سج، جبل جي چوٽيءَ تي اَچي ويٺو هئو.

پاٽل جا ۽ ڳوٺ جي آبرودار ماڻهن جا رشٽ پشٽ، طاقتور، سندر ۽ سجايل ڏاند، جن کي جهُل پيل هئي، جن جي سڱن تي ٻرندڙ مشعالون لڳل هيون، گيهه ـــ ٻڏل اَٽو کائي، جن جو سرير سٻل ٿي ويو هئو، اُنهن مست ڏاندن جون دلپذير رنگن واريون جوڙيون، پڇ مٿي کڻندي، پنهنجي گلن ۾ ٻڌل نوڙيون سنڀاليندڙن کي ڇڪيندي، حيران ڪندي، ’تاٿئي،‘ ناچ ڪندي، رنڀون للڪارون ڪندي، پئنڊال ۾ اَچي پهتيون ۽ وچو وچ اَچي بيٺيون. سندن جوڳي پوڄا ڪئي ويئي. پرساد ورهايو ويو. ڏاندن جي پٺين تي ٿڦڪيون ڦيريون ويون. بندوق مان گولي ڇٽي، ڇرڪي ويل ڏاندن ۽ مستيءَ جي نشي ۾ چور ماڻهن سبب جنگجو مئدان ڄڻ ويرن سان ٽمٽار ٿي ويو. سڀني ڪمانن مان وارا ڪيا. ڪمانن جي پڪي ڌاڳي جي ٽڪري ٽڪري لاءِ هارين خوب جدوجهد ڪئي. هٿ وڍجي وين ۽ اِهي ڌاڳن جا ٽڪرا ڪنگڻ جيان، وير ـــ ڀوُشڻ جيان پنهنجين ڪراين ۾ ٻڌي، پنهنجن ڏاندن کي سندن چئني کڙن تي اُڏائي، هو گهر واپس آيا.

هاڻ سڀني کي هڪٻئي جي ڏاندن جي جوڙين جي پوڄا ڪرڻي آهي، هرڪنهن جي آڱڻ ۾، ڏاندن جي ڄاتل سڃاتل جوڙي بيهاري ويندي آهي. ڏاندن جي سجاوٽ ۽ سينگار جي واکاڻ ٿيندي آهي ۽ ڏاندن جي جوڙي آڻيندڙ کي پنهنجيءَ حيثيت مطابق ٿورا پيسا ڏنا ويندا آهن ــــ سينگار ــــ ڪلا جو قدر ڪندي، ۽ کاڌل اَناج لاءِ اَحسانمندي ظاهر ڪرڻ ڪاڻ، ڏاندن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. کيتيءَ تي دارو مدار رکندڙ سنسڪرتي وارن هارين جو، ان ڏينهن لاءِ، اِهو سنجها ٽاڻي جو ڪاريه ڪرم هوندو آهي.

پئنڊال مان ڏاندن جي جوڙي وٺي، پئڪو گهر آيو. ڏاندن کي گهر ۾ ٻڌي، بائجا سندن پوڄا ڪئي. سڄي ڏينهن جو اُپواس، اُن ٽن ڀاتين واري ڪٽنب، هڪ ئي ٿالهيءَ ۾ کائي، ڇوڙيو ۽ پوءِ ٻٽو پان جو ٻيڙو کائي ڏاندن جي جوڙي، نمائش ڪرڻ لاءِ، واقفڪارن جي گهرن ڏانهن ويو. پاٽل، ڳوٺ جا آبرودار ماڻهو، برهمڻ ــــ سڀني وٽ ويو. هر هڪ گهر ۾، ڏاندن جي پيشانيءَ تي ڪنڪو جو ٽڪو لڳو ۽ پيرن تي گل ڪريا. پئڪو جي ڪنن تي مٺڙا ٻول، ۽ هٿ تي ڳڙ جو ٽڪرو ۽ ٿورا گهڻا پئسا پيا.

آخر ۾ پئڪوءَ، ڏاندن جي جوڙي ڊاڪٽر جي گهر سامهون بيهاري. پاٽل جي گهر ڪم ڪرڻ سبب، ڊاڪٽر سان به پئڪوءَ جي واقفيت هئي. پنهنجي پٽ جي بيماري جي دوا درمل، هن هن ڊاڪٽر وٽان ئي ڪئي هئي. نموني طور سندس کيت ۾ پيدا ٿيل اَن جا سنگه، ولين ۾ پيدا ٿيل ڪدو، کيت مان تازو لڻيل دال، گهڻائي ڀيرا ڊاڪٽر کي پهچائي آيو هئو ۽ اِن واقفيت جي مدنظر، هن سندس گهر جي در وٽ پوڄا ڪرائڻ لاءِ ڏاندن جي جوڙي آندي هئي. ڊاڪٽر ٻاهر ويو هئو. پئڪوءَ سندس زال کي سڏ ڪيو.

”اَمڙ! در تي ديوتا آندا اَٿم. پوڄا ڪريو.“

”ڇاجي پوڄا پئڪو؟ ڪهڙا ديوتا؟“ ڊاڪٽر جي زال اَچي پڇيو. پنهنجن وارن جو چوٽو ٺاهيندي هوءَ ٻاهر آئي.

”ڪهڙي پوڄا ڪرڻي آهي؟ هنن ڍڳن جي؟“

”ها اَمڙ!“

”اِها پوڄا وري ڇا لاءِ؟ هنن حيوانن کي اِهو سڀ سمجهه ۾ به ڪونه اچي ٿو؟ اِها ته رڳو آهي اَڻ پڙهيلن جي راند، اَسانکي اِن ۾ وشواس ڪونهي. پوڄا ٻوڄا وري ڇاجي؟ تون اَسان وٽ آيو آهين، توکي اَسين ڄاڻون، سڃاڻون. هيءَ وٺ پنهنجو اِنعام...“ اِئين چئي، ساڙهيءَ جي وَر ۾ ٺونسيل هڪ روپئي جي ڪاغذ جو پرزو، پئڪوءَ جي هٿ تي رکيائين ۽ ”ڊاڪٽر صاحب گهر ۾ ڪونهن.“ اِئين چئي اَندر هلي ويئي.

پئڪو عرصي کان، ڏاڍي خوشيءَ وچان اِهو ڏڻ ملهائيندو پئي آيو! هيءَ مائي اَن کائي ٿي يا ڪؤڙيون دوائون پي ٿي جيئي، اِن تي عجب کائيندي پئڪو اُتان نڪتو. گهر ايندي ايندي، رات جو يارهن کن وڄي ويا. اَڱڻ ۾ رکيل ڏيئي ڀرسان ئي، پئڪوءَ پنهنجن ڏاندن کي ٻڌو. ٿڪل پٽس، نون ڪپڙن سان ئي پٿرڻي تي وڃي سمهيو هئو. پئڪوءَ ڏاندن جي سرير تي چانور ڇٽيا. پنهنجا نوان ڪپڙا لاهي رکيائين ۽ لوٽو کن پاڻي پي، پنهنجي پٿرڻي پٿاريائين. بائجا 15-16 ڪلاڪ جي پورهئي سبب ٿڪجي، پٽ جي پاسي ۾ ئي ليٽي پيئي هئي.

پئڪوءَ جو پٽ کونگهرا هڻي رهيو هئو. پئڪوءَ ڏيئو وسايو ۽ بائجا جي بستري تي وڃي کيس زور زور سان ڌونڌاڙيائين، کيس خبر هئي، هوءَ اَڃا سمهي ڪانهي، سمهڻ جو مکر ڪري رهي آهي.

”بائجا! اَڄ ايترو جلدي ئي سمهي پيئينءَ! هنن چوويهن ڪلاڪن ۾ ئي ٻڍي ٿي ويئينءَ ڇا؟“

”ڇاهي؟ ڏاڍا خوش پيا ڏسجو؟ چڱي ڪمائي ڪري آيا ٿا ڏسجو. اَچي، ٻه اَکر ڳالهائڻ جو به وقت ڪونه مليوَ! وڃو، وڃي سمهي پئو. نه ته وري ڪلهه وانگر توهاجو من بي ايمان ٿي ويندو!“

؟چڱو، چڱو! هاڻ گهڻو نه ڳالهاءِ، اَچ هيڏانهن.“

”گهڻو ڪمائي آيا اَڄ؟ ڪنهن ڪنهن، ڇاڇا ڏنو؟“

پئڪوءَ سڀ ڪجهه کيس ٻڌايو، ڪنهن ڇا ڏنو، ڪنهن ڇا ڏنو ـــ سمورو حساب کيس ٻڌايائين.

”۽ هيءُ ڏس....“

”ڇاهي؟“

”هن ڊاڪٽر کي ڪانه سڃاڻين؟“

”هوُ دواخاني وارو نه؟“

”ها. سندس گهر، ڏاند وٺي ويو هوس، پوڄا ڪرائڻ لاءِ.“

”ڏاندن جي گل ۾ ڳاڙها هار اُتان تي مليؤنه.“

”نه، ڙي! جوڻس پوڄائي ڪانه ڪئي، ’لاليا‘ ـــ ڍوَليا‘.“

”ڇا مطلب؟“

”چوڻ لڳي ته هي آهن جانور، هنن جي ڇا پوڄا ڪريان؟ اَسان توکي سڃاڻون.“

”پوءِ توهان هلي ڪونه آيا؟“

”ها. هن روپئي جو پرزو ڏنو آهي.“

”ڏاندن جي پوڄا ڪانه ڪيائين، باقي ڪاغذ جو پرزو ڏنائين؟“

”چوڻ لڳي ته اَسان پڙهيل ڳڙهيل آهيون.“

”پر کائن ته ڏاندن جي پيرن جو ٿا نه؟“ ٻئي ڪجهه دير خاموش رهيا.

”پئڪو!...“ بائجا پنهنجي مڙس جو نلو نانءُ کڻيءَ، پنهنجائپ ڀريل آواز ۾ محڪم اِرادي سان ڪجهه چوڻ چاهيو.

”ڇاهي، بائجا؟“ پئڪوءَ سندس ٻانهن تي هٿ رکي، چيو.

” ’لاليا‘ ـــ ڍوَليا‘ اَڄ اَسانجي گهر جا مهمان آهن. هوُ اَڄ ڪي جانور نه هئا. اُن مائيءَ، سندن اَپمان ڪيو آهي. ڪٿي آهي اُهو ڪاغذ جو پرزو؟... اُهو زهر آهي، اَسان لاءِ. اِهي پئسا اَسان لاءِ حرام آهن!“

پئڪو اُٿيو. اَڱڻ مان ڏيئو کڻي آيو. پنهنجي قميص جي کيسي مان اُهو روپئي جو نوٽ ڪڍيائين ۽ بائجا جي حوالي ڪيائين.

”هوُ اَسان جا مهمان آهن. هوُ سڀ ڪجهه سمجهن ٿا. هوُ اَسان کي سڀ ڪجهه ڏين ٿا. هيءُ ڪاغذ اَسان لاءِ ڪؤڙو آهي!“ هن اُهو سمورو روپئيءَ جو نوٽ ـــ سورهن آنا قيمت وارو ــــ سڌو ڏيئي جي لاٽ مٿان جهليو ۽ پوءِ ڏيئو اَڱڻ ۾ رکي آئي.

بستري ۾ گهسي آيل منگهڻ پڪڙي، ٻاهر ڦٽي ڪرڻ کانپوءِ جيئن ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ لڳڻ سان گهري ننڊ اَچي ويندي آهي، تيئن ....!

سمهندي سمهندي بائجا پئڪوءَ جي پيشانيءَ تي هٿ رکيو ۽ وشواس ـــ ڀريل آواز ۾ چيائين، ”پئڪو! اَڄ ’ماربت‘ ڪونه چيؤ؟ ’ڪر‘[6] شروع ٿي ويئي هوندي. ’ماربت‘ چئو ته سمهون!“

پئڪو اُٿي ويهي چوڻ لڳو، ”مکيون، جيوڙا، خارس، کنگهه، مان، اَپمان، کڻي وڃ ڙي ماربت!“

 

 

2

ڪُسمُاوَتي ديشپانڊي.

 

گاهه جا سلا

 

سدا شوراو جي سائيڪل آفيس کان گهر ويئي پئي! سائيڪل ويئي پئي، سدا شوراو ويو پئي- ساڳي ڳالهه آهي. پوڻين يارهين بجي، مقرر ٿيل رستي جي هڪ پاسي کان آفيس ڏانهن سائيڪل جا ڦيٿا ڦيريندي ۽ ساڍي پنجين بجي، ساڳي رستي جي ٻئي پاسي کان، پويان ڦيٿا ڦيريندي هلڻ ـــ اِهو هاڻ سندس سائيڪل کي به چڱيءَ طرح معلوم ٿي چڪو هئو. ڪو رستو ڄاتل سڃاتل ٿي وڃي، ته پوءِ گاڏيڙ سمهي پوي، لهي پان جي دڪان تي ترسي، يا ايندڙ کٽاڙي ۾ وڃي گپ شپ هڻي، ته به ڏاند گاڏي سڌي سڌي هلائيندا ڪونه ويندا آهن ڇا؟ اُن ئي ڏس ۾ هڪ ڏاڪو اَڳتي وڃبو ته سائيڪل سدا شوراو کي دفتر کان گهر آڻي ڇڏي ــــ اِهو ممڪن لڳي ٿو.

ڪم اَز ڪم، اُن ڏينهن ته سدا شوراو سائيڪل کي ڄاڻي واڻي ڏس ڪونه پئي ڏنو. سائيڪل جيان، سندس پير مشين جيان هلي رهيا هئا. پير پئڊل کي دٻائي رهيا هئا. ضروري جڳهه تي هٿ مڙي رهيا هئا. سندس نظرون خالي خالي ڪانه هيون، اُهي مڪمل ريت اَندر گهسي ويون هيون، ويچارن جي ڄار ۾ ڦاسجي ويون هيون، سندس چهري تي مايوسي ۽ بيزاري ڇانيل هئي. جيئن جيئن سائيڪل اَڳتي وڌي پئي، تيئن تيئن رستي جي پاسي وارين بستين جو سروپ بدلجي رهيو هئو. پهرين سڀ آفيسن جون شاهي عمارتون لنگهي وييون. پوءِ وسيع حاطن وارا کليل اَڏاوت وارا بنگلا لنگهي ويا. رستي جي ڇيڙي تائين اُنهن جا باغ ڦهليل هئا ۽ هر هڪ ۾ طرحين طرحين جا رنگبرنگي گل ڦل لڏي لمي رهيا هئا. پوءِ وچولي طبقي وارن جا گهر وَٽائڻ لڳا. ڪيترن ئي ڪٽنبن کي پنهنجن ڪلهن تي کيڏائيندڙ گهر لنگهيا. اُنهن جي ننڍڙن آڱڻن ۾، اِٽي ڏڪر، سيکڙاٽن جيان ڪرڪيٽ ڪندڙ ٻار شور ۽ غل مچائي رهيا هئا. سائيڪل اُنهن کان اَڳتي نڪري ويئي. ’چالين‘سان ڀريل هڪ بستيءَ ۾ گهڙي ويئي. رستي جي خسته حال سبب، ملندڙ جهوٻن ڪري سدا شوراو هوش ۾ آيو. کيس پسگردائيءَ جي نظارن جي ڄاڻ پوڻ لڳي. سندس گهر ويجهوئي هئو؛ پر اِن ڄاڻ هوندي به، سندس چهري تي آنند جي ريکا به ڪانه اُڀري. اُٽلندو اُن تي هڪ قسم جي بيزاري وڌيڪ ڇانئجي ويئي.

اُن چال اَڳيان جيڪي ڏاڪا هئا، اُنهن ڏاڪن جي قطار جي قطار، رستي لڳ اَچي پهتي هئي. ڪنهن هلڪڙي، جهنگلي ماڻهوءَ جي من جيان ٽپ ڏيئي، پهريون دروازو کلڻ تي ويهڻ جو ڪمرو ڏسڻ ۾ ايندو. اُن جون دريون هيڏڙيون! ڇي ڇي! اُهيءُ به ڪي گهر آهن! کڏيون آهن ـــ ڪبوترن جون کڏيون! اُهي به ڪجهه مٿڀريون هونديون آهن. هوا جو ايندڙ ويندڙ جهوٽو منجهن هڪدم کيڏي ويندو هئو. آڪاس جي نيراڻ سندن چوگرد ڦهليل هوندي آهي... پر...

پر سدا شوراو کي بڇان اچي ويئي. ڪم تان موٽڻ شرط، هميشه ماني کائي وٺندي هئو. هميشه جيان، کيس بک به لڳي هئي؛ پر اَڄ سندس ويچارن، کائڻ جي اِڇا ماري ڇڏي. گهر ۾ روٽي تيار هوندي، هن هيڏڙي رنڌي ۾، ديوار ۾ ٽنگيل دٻن ــــ برڻين جو، کوکي جهڙو لڳندڙ ڪٻٽ ۽ برتڻ رکڻ لاءِ ڪاٺ جا تختا هئا. ڪنڊ ۾ ٺاڪر وغيره رکيل هئا، جنهن جي ڀرسان رما ٻائيءَ پٽي ۽ ٿالهي سجائي رکي هوندي، پاڻيءَ جو لوٽو ڀري رکيو هوندائين... پر ... کائجي ته نيٺ به ڇا کائجي؟ اُهي ئي چانور ــــ پوريون، ٻه مهينن ۾ ڏهون ڀيرو ٺهيل اُها ئي ڀاڄي، اُها دال،.... مڙيئي پيٽ جي کڏ ڀرڻي! خبر ناهي اِها کڏ هڪ دفعو ڀرجڻ کانپوءِ، گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن ڀريل ڇو نٿي رهي. اِهي ڳالهيون سوچڻ تي، سچ پچ اِئين لڳندو آهي. ته اِن انڌ ڌنڌ جي پٺيان ايشور وغيره ڪوئي ڪونهي. هوندو ته ضرور بلڪل بي عقل ئي هوندو... هيءُ.... هيءُ به ڪو جيئڻ آهي؟

سدا شوراو جا خيال ڀڙڪي اُٿيا هئا.

منجهيل من سان، پنهنجي گهر جي اَڳئين دروازي کي زور سان ڌڪو ڏيئي کوليائين. ڪوٽ ۽ ٽوپي، ڪليءَ تي ٽنگيائين ۽ اُتي ئي هيٺ صاف سٿري پيل فراسيءَ تي، وهاڻن جيان ويڙهي رکيل گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي، ليٽي پيو، ٿڪاو ۽ بيزاريءَ سبب کن پلڪ اَک لڳي ويس.

سندس آهٽ سڻي، سندس پتني ٻاهر آئي. کيس ايئن ليٽيل ڏسي، سندس اُتساهه، چنتا ۾ بدلجي ويو. اَڄ ڪلهه اِهو قصو گهڻائي دفعا ٿيندو هئو. هيڏانهن سدا شوراو کي نوڪري ملي، ۽ هوڏانهن سندس ننڍڙو گهر سنسار شروع ٿيو. اُتساهه جو اَنت ئي ڪونه هوندو هئو. هن ڏانهن ڪڏهين به ڏسندي هئي ته رما ٻائيءَ کي پنهنجي، خود جي خوشيءَ جو پاڪ عڪس نظر ايندو هئو. آفيس ۾ ڀل ته ڪم جو گاڏو هجيس، ته به سدا شوراو پنهنجي ڪٽنب جي سک سهوليت لاءِ خوب وَهندو هئو. بازار ۾ چڪر هڻندو هئو، پر اڄڪلهه کيس ڪنهن لاءِ، ڪو شؤق ئي ڪونه هئو. شؤق رکڻ جيترو اتساهه باقي ڪونه رهيو هئو.

اِن فرق سبب، رما ٻائيءَ کي ڏاڍو فڪر ٿيندو هئو. هن کي لڳندو هئو، ته سدا شوراو جي طبيعت بگڙجي ويئي هئي. منشي گريءَ جي گهاڻي ۾ پيسجندي، ڇا تي ڦاٽڻ جي نئوبت اچي ويئي. هاڻ کيس آرام ڪٿان ملندو؟ هوءَ کن لاءِ هن ڏانهن سوچيندي، ڏسندي رهي. پوءِ ڌيمي آواز ۾ چيائين، ”ڪٿي سوُر آهي ڇا؟“

سدا شوراو اَکيون کوليون ۽ بي دليو چيائين، ”نه، ڙي! اُٿان ٿو کائڻ لاءِ ــــ تون ماني پاءِ!“

گيهه، ’پرن ــــ پولي‘، دال ــــ چانور! اُهائي پرمپرا. جنم کان وٺي، اڃا تائين اها قائم هئي. هينئر کان مرڻ تائين به اِها ئي پرمپرا جاري رهندي! سدا شوراو سوچيو ــــ چون ٿا، دنيا ۾ شاعري آهي، حسن آهي. ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ايندو اِهو حسن؟ مون جهڙي، ساڳئي ساڳئي گهاڻي ۾ پيسجي نڪرندڙ ’جانور‘ کي، اَسان معمولي اِنسان جيان ڄاياسين، معمولي اِنسان جيان پلياسين، معمولي اِنسان جيان پيٽ گذران به ڪنداسين. اَسانجي موت ۾ به ڪنهن کي لوڏي ڇڏڻ جهڙو ڪجهه به ڪونه هوندو! ڇا ڪبي هيءَ زندگي!... اَسان منشين جا ٻار، منشي جا ئي پيءُ بڻبا. اسان جي وديارٿي ـــ جيون جا ٽي چار سال معمولي اِنسان جي دنيا کان ذرا ٻاهر گذريا! پر اُن سان وٽيوسين ڇا؟ اَسانکي رڳو ايترو ئي سيکاريو ويو ته اَسانجي جيون جو ملهه مٽيءَ جهڙو آهي. اَسان کان ته کليل هوا ۾، آزاديءَ سان غريبيءَ ۾ گذاريندڙ هاري به وڌيڪ سکي آهي.

لسي ــــ چانور سان گڏ لوڻ ته اَوس اَچڻوئي هو. لسيءَ ۾ چانور ملائيندي، سدا شوراو پتنيءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ منجهيل من سان يڪ ٽڪ هن ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي.

هن اوچتو پڇيو، ”تون هنن مان بيزار ڪانه ٿين؟“

”ڇا مان؟“ رما ٻائيءَ کي اِن سوال تي ڏاڍو عجب لڳو هئو، پر هاڻ هن جي من – ساگر جو ٿاهه ملندو، ان اميد وچان هن اُتساهه ۾ ڀرجي پڇيو، ”هنن سڀني مان ـــ دال، چانور، ڀاڄي رڌڻ مان، ٻهاڙي پائڻ مان، پٽ اُگهڻ مان، سمهڻ جاڳڻ مان...“

”اِنهن مان ڇو بيزار ٿينديس؟ رڳو ٻن ڄڻن جو ئي ته ڪم آهي!“

سدا شوراو، هيٺ ٿالهيءَ ڏانهن نهاريندي، چانور ختم ڪيا. هن محسوس ڪيو ته سندس سوال جو رخ به سندس زال ڪونه سمجهيو هئو. سندس من جي رات اَڃا به ڪاراٽجي ويئي.

سوپاريءَ جو ٽڪرو وات ۾ وجهندي چيائين،”ٻڌين ٿي! مان ذرا ٻاهر چڪر هڻڻ ٿو وڃان. موٽندي ٿوري دير ٿي ويندي. ٻاهرئين دروازي کي ڪڙو نه پائج.“

سداشوراو کي دل ٿي ته اَڄوڪي ڏينهن ڪجهه عجيب ڪجي. چوندا آهن ته نانگ جو زهر سرير ۾ گهڙندڙ آهي ته ڪؤڙي نم جا پن به ڪؤڙا ڪونه لڳن، مرچ تکا ڪونه لڳن، ۽ کنڊ به مٺي ڪانه لڳي. اَهڙو ئي هڪ زهر، سداشوراو جي بدن ۾ گهڙي ويو هئو. مقرر ٿيل حالتن سبب، سندس من لڳاتار سسي رهيو هئو. مٿان وري هڪ هنڌ قيد ٿيل هوا زهريلي بڻجي چڪي هئي. اُن زهرئي سندس زندگيءَ ۾ دلچسپي ماري ڇڏي هئي.

سدا شوراو کي ايتري ته گهٽ ٻوساٽ محسوس ٿي رهي هئي، جو هن اِئين محسوس ڪيو ته اَڄ اَگر ڪجهه نيارو ڪري، دل کي ڪو جهوٻو ڏيئي، اُن جا در، دريون، کڙکڙ ڪري نه کوليائين، ته هڪ طرح سان هن جي جيون جو اَنت ئي اَچي ويندو. هن هٿ ۾ لڪڻ کنيو ۽ رڳو قميص سان ئي ٻاهر نڪري ويو.

من ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيل هئڻ سبب، هوُ سڌو ئي سڌو هلندو هليو. هڪ لنبي رستي تان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. ڳوٺ جي مڙن ئي بازارن، مڙن ئي بستين کي پٺيان ڇڏي ڪافي دور نڪري ويو. ڪيتري دير ٿي ويئي آهي، ڪيترا ميل لتاڙي چڪو آهي، دماغ ۾ ڪيترا قسمين قسمين جا خيال اَچي گم ٿي ويا، ڪنهنجي به کيس ڄا ڪانه هئي. هڪ قسم جي نشي ۾ ئي هوُ اَڳتي هلندو هليو.

آخر، رستي جي هڪ پاسي، پٿرين جي ڍڳ تي ويسانهن وٺڻ لاءِ ويهي رهيو. لٺ پاسيري رکي، اُن کي جهليندڙ هٿن ۾ پنهنجي کاڌي جهلي ويٺو. تڏهين کيس سڌ پيئي ته سندس پيرن ۽ پنين ۾ بيحد سوُر آهي، سندس رت نياري جوش وچان ڊوڙي رهيو آهي، ۽ ڊگهو ساهه کڻڻ ۾ کيس اَپار آنند ملي رهيو آهي.

اِن حالت کي هوُ ٿڪ چئي نه پئي سگهيو. کيس اِهي سڀ ڳالهيون پنهنجي من جي مڪتيءَ جون نشانيون لڳي رهيون هيون.

هن مٿي نهاريو. حد نظر تائين اَٿاهه نيلاڻ ڦهليل هئي ۽ اُن پس منظر ۾ بيشمار ستارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. ڪيترائي نه ننڍا هئا اُهي! ڪيئن نه لڳاتار ٽمڪي رهيا هئا! پري کان ساڳيا ساڳيا پئي لڳا؛ پر سچ پچ ڪيترا نه علحدا علحدا، ڪيترا نه غير رواجي هئا!

سدا شوراوَ نظرون هيٺ جهڪايون. هلڪي هلڪي هير لڳي رهي هئي. اُلهندڙ چنڊ، ڄڻ چاندنيءَ جو غاليچو اُفق ڏانهن سرڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئو. گاهه جي ننڍڙن ننڍڙن سلن مٿان هوا جي هرڪا لهر سرڪي، غائب ٿي ٿي ويئي.

اُهو گاهه بلڪل عام رواجي هئو. اُن جو هر هڪ سلو گرانٺ جيترو وڏو ٿيو هئو. ڪنهن برسات جي وسڪاري سبب اُهي چمڪيا نه پئي. ماڪ ـــ ڦڙن مٿن مڪٽ چاڙهيو ڪونه هئو. هر هڪ سلو سڌو، سادو ۽ لڪل هئو! هوا جو جهوٽو آيو ٿي ته سڀئي سلا برابر جهڪي گويا خاموش گيت ڳائڻ ٿي لڳا ۽ هوا جي جهوٽي لنگهي وڃڻ بعد، وري اَڳي جيان اُڀا ٿي اَلائي ڪنهنجي واٽ نهارڻ ٿي لڳا.

سدا شوراو ڏسندو رهيو ــــ ڪيتري دير اِئين، بنا اَک ڇينڀڻ جي، ڏسندو رهيو. اَکين ۾ آنسو تري اَچڻ ڪري، سندس اَڳيان وارو نظارون ڌنڌلو ٿي ٿي ويو.

هن اَکين هٿ ڦيريو، هڪ ڀيرو چؤڌاري نظر اُڇليائين، ۽ پوءِ اُٿي کڙو ٿيو.

هوُ گهر اَچي پهتو. اَڌ رات ٿي چڪي هئي. پوءِ به کيس پنهنجي گهر جي دريءَ مان روشني نظر آئي. رماٻائي، ديوتائن وٽ، ”شو ــــ ليلا ـــــ اَمرت“ ويٺي واچيو.

سدا شوراو در کي ٿيلهو ڏيئي اَندر آيو. هن بلڪل باريڪ آواز ۾ چيو، ”تون بيزار ڇو نٿي ٿين، اِهو هاڻ مون سمجهيو...“


[1]  ’اَتٿي ديوو ڀوَ‘ سنسڪرت چوڻي آهي، جنهنجي معنى آهي مهمان، ڀڳوان جو سروپ آهي. – اَنواد ڪ

[2]  هڪ اُتسوَ جنهن لاءِ ڏاندن کي خوب سينگاريو ويندو آهي ۽ سندن پوڄا ڪئي ويندي آهي. (اَنواد ڪ

[3] پلس جي وڻ جي اِها خصوصيت آهي ته اُن جا پن سدائين ٽي ٽي گڏ آهن.

[4]   هڪ سنسڪرت شلوڪ جو حصو، جنهن جي معنى آهي، ”پن، گل، ميوو، پاڻي.“ - اَنوادڪ

[5] هڪ قسم جو گل جيڪو ٻارهن ئي مهينا پيدا ٿيندو آهي، ليڪن رڳو شام جو ئي ٽڙندو آهي - اَنوادڪ

[6]  اَسانجي تڙ ۾، ’پولا‘ جي ٻئي ڏينهن يعنيٰ ته سانوڻ جي اُماس جي ٻئي ڏينهن کي ’ڪر‘ سڏين. اُهو سڄو ڏينهن ماڻهو راند روند ڪندي، خوشيءَ ۾ گهارين. اَسانجا ڏاڏا ڌرم ڪرم ڪرڻ ڪاڻ، جوئا ڪندا هئا. خراب ڳالهين، بيماري سيماريءَ جي نشانيءَ طور هڪ خيالي ’ديوتا‘ جو بت ٺاهيندا آهن، ۽ اُن جو جلوس ڪڍي، آخر ۾ نديءَ ۾ پرواهه ڪندا آهن. اِها به هڪ ريت سمجهي ويندي آهي، ۽ ’ڪر‘ شروع ٿئي، اُن رات کان اوجاڳو ڪري ماڻهو واڪا ڪري چوندا آهن، ”مکيون – جيوڙا، مڇر – منگهڻ، خارس، کنگهه، بيماري سيماري کڻي وڃ، او ماربت!“ اُن ڏينهن کانپوءِ مکيون، مڇر، بيماري سيماري گهٽ ٿئي ٿي، اِن وشواس سان ٻئي ڏينهن کان روزاني ڪرت ڪار شروع ڪندا آهن. - ليکڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com