سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

 

صفحو:2

ڏهين فيبروري

            رنگين راتين ۽ حَسين منظرن واري اولهه جي انهيءَ سائنسي ترقيءَ ۾ اڳڀري ۽ بيحد خوبصورت ملڪ ۾ مون ڪيترائي ڏينهن رولاڪيون ڪيون. رنگن ۽ روشنين جي ماحول ۾ ڪيئي راتيون گذارڻ کان پوءِ، مون انهيءَ ملڪ جي ڏوراهين پنڌ تي موجود سفاري پارڪ ڏسڻ جو فيصلو ڪيو، جتان مون کي پنهنجي اڳئين منزل طرف وَڃڻو هو.

هڪ رات جي ڊگهي سفر کان پوءِ مان سفاري پارڪ پهتس. سڄو ڏينهن جانورن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ، سفاري پارڪ مان ئي مون شام جي وقت پنهنجي سمارٽ فون وسيلي آن لائين ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ۽ سج لهڻ واري وقت سفاري پارڪ جي ويجهو نيم ويران ننڍڙي ريلوي اسٽيشن تي پهتس. انهيءَ اسٽيشن تان مون کي ريل رستي، ڀر واري ٻئي ملڪ روانو ٿيڻو هو.

مان مقرر وقت کان ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ ريلوي اسٽيشن پهتس، جتي ٻه ٻيا سياح به ساڳئي ٽرين جي انتظار ۾ موجود هئا.

لڳاتار رولاڪين ۽ اوجاڳن سبب مون ڏاڍي ٿڪاوٽ پئي محسوس ڪئي. منهنجي نئين منزل ڏانهن ويندڙ ٽرين جي اچڻ ۾ اڃا ٽي ڪلاڪ هئا، تنهن ڪري مون پنهنجي سمارٽ فون ۾ الارم تي ٽائيم سيٽ ڪيو ۽ ريلوي اسٽيشن تي موجود هڪ سليپنگ ڪيپسول ۾ وڃي سمهي پيس.

مان الارم جي آواز کان سواءِ ئي جاڳيس. اڃا رات هئي پر محسوس ڪيم ته مون گهڻي ننڊ ڪئي هئي. مون سليپنگ ڪيپسول کان ٻاهر نڪري پليٽ فارم جي ٻنهي پاسي نهاريو پر اهي ٻئي سياح مسافر نظر نه آيا، جيڪي ساڳئي ريل ۾ روانا ٿيڻا هئا. شايد مون کي گهاٽي ننڊ اچي وئي هئي ۽ ٽرين اچي، هلي به وئي هئي!

انهيءَ ملڪ ۾ ريلوي جي مڪمل آٽوميٽڪ ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم سبب، ريلوي اسٽيشن تي عملي جو ڪو ماڻهو به موجود نه هو ۽ هاڻي مان انهيءَ پليٽ فارم تي اڪيلو انسان موجود هئس.

مان پنهنجو سفري بيگ گهليندو هڪ بينچ تي وڃي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ ڪو مشيني آواز ٻڌڻ سبب ڪنڌ کڻي نهاريم ته، انساني جسم جهڙو هڪ روبوٽ مون ڏانهن اچي رهيو هو. روبوٽ منهنجي ڀرسان اچي چيو، سر، مهرباني ڪري پنهنجي سڃاڻپ ڪرايو.“

مون پنهنجي ملڪ جي حڪومت پاران جاري ڪيل پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ کيسي منجهان ڪڍي روبوٽ ڏانهن وڌايا پر روبوٽ اهي ڏسڻ بدران، پنهنجي هٿ جي تِري منهنجي ٻانهن جي ڪَرائيءَ تي رکي ڇڏي. روبوٽ جي هٿ منجهان ڪجهه روشنيون نڪتيون ۽ پوءِ روبوٽ منهنجي ٻانهن تان پنهنجو هٿ کڻي چيو، حيرت آهي ته توهان وٽ پنهنجي سڃاڻپ جا ڊاڪيومينٽس موجود ناهن.“

مون پنهنجي ملڪ جي حڪومت پاران جاري ڪيل پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ روبوٽ جي هٿ ۾ ڏيندي چيو، هي آهن منهنجي سڃاڻپ جا ڊاڪيومينٽس!“

روبوٽ منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏسي چيو، سر، ڪاغذ جو دور گذري چڪو آهي. هاڻي انساني جسم اندر لڳل چِپ (Chip) ۾ هر ماڻهوءَ جا سڀ ڊيٽا موجود هوندا آهن.“

مون سخت ڪاوڙ منجهان وراڻيو، مون اڄ شام جي وقت ئي هن ريلوي اسٽيشن تان سفر ڪرڻ لاءِ آن لائين بڪنگ ڪرائي هئي! اهو چئي مون پنهنجي سمارٽ فون ڪڍي ۽ آن لائين بڪنگ جو عڪس روبوٽ کي ڏيکاريو.

روبوٽ منهنجي سمارٽ ڏانهن ڏسي وراڻيو، سر، توهان جي انهيءَ قديم فون ۾ آن لائين بڪنگ جي تاريخ ته بلڪل ٺيڪ، ڏهين فيبروري آهي پر اها هڪ صدي اڳ جي تاريخ آهي.“

مون روبوٽ جي ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجي فون ۾ موجود ڪئلينڊر کوليو ته، منهنجي آن لائين ٽڪيٽ ۽ ڪئلينڊر جي تاريخ ۾ واقعي هڪ صديءَ جو فرق موجود هو!

 

 

 

ٽيهن سالن کان پوءِ

 

مان ٽيهه سال پرڏيهه ۾ گذاري واپس آيس. مون زندگيءَ جو باقي وقت پنهنجي ننڍپڻ جي شهر ۾ گذارڻ پئي چاهيو، تنھن ڪري ڪو گهر خريد ڪرڻ ٿي چاهيم.

مون هڪ اسٽيٽ ايجنسي واري سان رابطو ڪيو ۽ هن مون کي شهر جي مختلف علائقن ۾ گهر ڏيکارڻ شروع ڪيا.

مان روز صبح جو اسٽيٽ ايجنسي تي ويندو هئس ۽ اسٽيٽ ايجنسيءَ جو مالڪ مون کي ڪيترائي گهر روز ڏيکاريندو هو پر مون کي ڪوبه گهر پسند نٿي آيو.

روز جيان هڪ ڏينهن مان اسٽيٽ ايجنسيءَ تي پهتس ته، اسٽيٽ ايجنسيءَ جي مالڪ معذرت ڪندي چيو، هاڻي مون وٽ وڪري لاءِ ڪوبه اهڙو گهر ناهي، جيڪو توهان کي ڏيکاري سگھان!“

چيم، جيڪڏهن اها ڳالهه ڪالهه ٻُڌايو ها ته، اڄ مان توهان وٽ اچي پنهنجو وقت ضايع نه ڪيان ها!“

مان واپس وڃڻ وارو هئس ته هن چيو، باقي هڪ گهر آهي پر اهو ڪير به خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. توهان خريد ڪرڻ چاهيو ته، تمام گهٽ قيمت تي ملي ويندو.“

چيم، ڳالھه قيمت جي ناهي. جيڪڏهن مون کي پسند اچي ويو ته مان ڪنهن به قيمت تي خريد ڪندس.“

اسٽيٽ ايجنسيءَ وارو مون کي اهو گهر ڏيکارڻ هليو.

هن گهر جي دروازي تي تالي ۾ چاٻي وجهندي چيو، هن گهر ۾ ست ڪمرا آهن ۽...“

انهيءَ کان پهرين جو هو ڪجهه وڌيڪ ٻُڌائي، مون هڪدم چيو، ۽ انهن ستن ئي ڪمرن ۾ هڪ شخص جي ساڳئي تصوير ٽنگيل آهي.“

هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ چيو، شايد هي گهر توهان جو اڳ ۾ ئي ڏٺل آهي!“

مون ڪوبه جواب نه ڏنو.

ڪاريڊور ۾ پهچي مون هڪ ڪمري جي در ڏانهن اشارو ڪري چيو، اڳ ۾ انهيءَ ڪمري جو دروازو کوليو.“

هن انهيءَ ڪمري جو دروازو کوليو ۽ اسان ٻئي انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿياسين.

ڪمري اندر ميز تي هڪ اخبار پيل هئي، جنهن جي مٿان ڪافيءَ جو مگ رکيل هو. مگ منجهان تازي ڪافيءَ جي ٻاڦ نڪري رهي هئي.

مون اڳتي وڌي ڪافيءَ جو مگ کنيو ته، مگ منجهان ٻاڦ نڪرندي ڏسي، هن جي چهري تي خوف ۽ پريشانيءَ جو تاثر ظاهر ٿيو. ڳيت ڏيندي چيائين، اهڙين ڳالهين جي ڪري ئي هي گهر ڪير به خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي!“

مون ڪافيءَ جو ڍُڪ ڀري، مگ ميز تي رکندي وراڻيو، مان هي گهر خريد ڪرڻ ٿو چاهيان.“

هن سخت حيرت منجهان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، هي جاءِ مالڪ وڪڻي ويو ته، ٽيهن سالن ۾ وري ڪنهن به خريد نه ڪئي ۽ توهان ٽن منٽن ۾ خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا!“

ديوار تي ٽنگيل تصوير ڏانهن اشارو ڪري مُرڪي چيم، هن گهرَ جي هر ڪمري جي ديوار تي اها ساڳئي تصوير لڳل آهي. توهان اها تصوير اڳ به ڏٺي هوندي پر اڄ انهيءَ تصوير کي وري ڏسو...“

هن ديوار تي ٽنگيل تصوير ڏانهن ڏٺو ۽ ھڪدم مون ڏانهن ڏسي، حيرت سان چيو، هي ته هوبهو توهان جهڙي شخص جي تصوير آهي!“

مون اخبار کڻي ڏٺي، جنهن تي ٽيهه سال اڳ جي تاريخ لکيل هئي ۽ ميز تي پيل مگ منجهان ڪافيءَ جي ٻاڦ نڪري رهي هئي!

 

 

 

سرحد پار جي عورت

 

بيحد سهڻي عورت هائي وي جي پاسي تي بيٺي هئي.

هڪ ڪار اچي عورت جي ڀرسان بيٺي. ڪار ۾ ويٺل نوجوان عورت ڏانهن ڏسندي پڇيو، ڇا توهان کي لفٽ جي ضرورت آهي؟

عورت هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو ته، نوجوان ڪار جو دروازو انلاڪ ڪيو. عورت مرڪندي فرنٽ سيٽ تي ويهي رهي.

نوجوان ڪار ڊرائيو ڪندي پڇيو، توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي؟

عورت سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ نوجوان کان سوال پڇيو، ڇا توهان مون کي منهنجي منزل تي پهچائي ڇڏيندا؟

نوجوان ميوزڪ سسٽم آن ڪندي چيو، توهان جهڙي خوبصورت عورت گڏ هجي ته، بنا ڪنهن منزل جي به سفر ڪري سگهجي ٿو.“

عورت وڏو ساهه کڻي سڪون سان وراڻيو، انهيءَ جو مطلب ته، منهنجي منزل تائين توهان مون سان گڏ هوندا.“

نوجوان بيحد سهڻي عورت جي چهري ڏانهن ڏسي ڳالهايو، ها. ڪٿي وڃڻو آهي توهان کي؟

عورت سامهون رستي ڏانهن ڏسندي چيو، مون کي سرحد پار ڪري ٻئي ملڪ وڃڻو آهي.“

نوجوان ڪار جي ايڪسيليٽر تان پير جو دٻاءُ گهٽ ڪندي وراڻيو، نه سرحدي علائقي جون حالتون ٺيڪ آهن ۽ نه ئي هن وقت مون وٽ پاسپورٽ موجود آهي!“

خوبصورت عورت جلترنگ جهڙو ٽهڪ ڏئي چيو، گهٻرايو نه. توهان مون کي سرحد کان ٿورو اورتي لاهي ڇڏجو. مان پاڻيهي اڳتي هلي وينديس.“

نوجوان هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو ۽ ڪار جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي. ڪجھه دير کان پوءِ ڪار ٻئي ملڪ جي سرحد کان ٿورو اورتي پهتي ته، عورت پاڻ ئي نوجوان کي ڪار بيهارڻ لاءِ چيو.

نوجوان ڪار روڪِي ته خوبصورت عورت شڪر گذار نظرن سان نوجوان ڏانهن ڏسندي، پنهنجا هٿ نوجوان جي هٿن مٿان رکي ڇڏيا. نوجوان جي چپن تي جوانيءَ جي مُرڪ ڦهلجي وئي ۽ هن پنهنجيون آڱريون عورت جي آڱرين ۾ ڦاسائي ڇڏيون. عورت پنهنجو چهرو نوجوان جي چهري جي ويجهو ڪيو ته، نوجوان کي عورت جي ساهن منجهان رت جي بوءِ محسوس ٿي. نوجوان پنهنجا هٿ عورت جي هٿن مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو عورت جِي جڪڙ منجهان پاڻ کي آزاد ڪرائي نه سگهيو.

عورت ڪار مان لٿي ته سندس وات منجهان رت ڳڙي رهيو هو. هن جي رت هاڻن چپن تي مرڪ ڦهلجي وئي ۽ هوءَ اڳتي وڌي، سرحد پار ڪري ٻئي طرف هلي ويئي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


 

 

 

 

رات، ريل ۽ رڻ پٽ

 

انتهائي تيز رفتار ريل ۾ رات جو مان ننڊ پيو هئس ته اوچتو تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. ڌماڪو ٿيڻ شرط مون سخت تڪليف محسوس ڪئي ۽ پوءِ مون کي ڪابه خبر نه پئي.

هوش آيو ته مان ريل جي اونڌي ٿيل ڪمپارٽمينٽ ۾ لاشن جي وچ ۾ پيل هئس. مان ڏاڍي مشڪل سان اٿيس ۽ ڪمپارٽمينٽ کان ٻاهر نڪري ويس. ٻاهر نڪتس ته حادثي جي شڪار ٿيل ريل منجهان ڪيترن زخمي ماڻهن جا مدد لاءِ آواز اچي رهيا هئا. مان پاڻ زخمي به هئس ۽ منهنجي جسم منجهان رت به وهي رهيو هو. مون ۾ ايتري طاقت ئي نه بچي هئي جو ڪنهن ٻئي جي مدد ڪري سگهان.

مون بنا سوچڻ جي اونداهيءَ ۾ هڪ طرف هلڻ شروع ڪيو ته، جيئن جلد کان جلد ڪنهن اهڙي هنڌ پهچي سگهان، جيئن گهڻو رت وهڻ سبب مري نه وڃان!

ڪجهه پنڌ کان پوءِ مون کي اونداهيءَ ۾ هڪ طرف روشنين ۾ موجود وڏو محل نظر آيو. ويجهو پهتس ته رڻ پٽ ۾ اهو هڪ ننڍڙو گهر هو!

مون گهر جي در وٽ لڳل ڪال بيل جو بٽڻ دٻائڻ لاءِ اڃان سوچيو مس ته، گهر جو دروازو کلي ويو ۽ وڏن اڇن وارن وارو هڪ تمام پوڙهو شخص ٻاهر نڪري آيو.

هن مون کي منهنجي نالي سان مخاطب ٿيندي چيو، مان تنهنجو ئي انتظار ڪري رهيو هئس!“

حيرت سان چيم، تون منهنجو انتظار ڇو ڪري رهيو هئين ۽ توکي منهنجي نالي جي خبر ڪيئن پئي!؟

هن ڪوبه جواب نه ڏنو.

هن کي خاموش ڏسي چيم، ريل جو حادثو ٿيو آهي ۽ مان زخمي حالت ۾ مدد خاطر هتي پهتو آهيان!“

هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، ها، مون کي سڀ خبر آهي!“

مون سخت تڪليف ۽ هيڻائيءَ سان چيو، مون کي مدد ۽ آرام جي سخت ضرورت آهي. هاڻي مان وڌيڪ بيهي نٿو سگهان!“

هن پنهنجي کيسي منجهان ريموٽ ڪنٽرول ڪڍي بٽڻ دٻايو ته، گهر جي چوڌاري لڳل سموريون لائيٽس روشن ٿي ويون. هو مون کي سهارو ڏئي گهر جي پوئين پاسي وٺي ويو، جتي ڪيتريون ئي قبرون موجود هيون.

هن مون کي هڪ قبر جي ڀرسان وڃي بيهاريو، جنهن تي منهنجي نالي جو ڪتبو لڳل هو!

سخت حيرانيءَ سان چيم، مان ته اڃان هاڻي ئي ريل جي حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ هتي پهتو آهيان ۽ هن قبر تي منهنجي مرڻ کان اڳ ۾ ئي منهنجي ئي نالي جو ڪتبو لڳل آهي!“

وڏن اڇن واري پوڙهي شخص وراڻيو، ريل جو اهو حادثو اڄ نه، ستر سال اڳ ٿيو هو...! اهو چئي هو پاڻ ڀرسان واري قبر وٽ وڃي گم ٿي ويو!

ڊسڪوري 2047

ڌرتيءَ تان موڪليل خلائي مشن ڊسڪوري 2047 ڪيترن سالن کان پوءِ، ڪائنات ۾ موجود انهيءَ سَياري جي ويجهو پهتو، جتي زندگي موجود هئي.

سَياري جي ويجهو پهچڻ شرط ڊسڪوري 2047 منجهان ڌرتيءَ تي موجود ليبارٽريءَ ڏانهن تصويرون موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته سڄي دنيا ۾ موجود ماڻهن، انسانَ جي خلائي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ شروع ڪيو. اڃان ڌرتيءَ ڏانهن تصويرون موڪلڻ جو سلسلو جاري هو ۽ خلائي مشن سَياري جي سطح تي لٿو ئي نه هو ته، مختلف قسمن جون ڪيتريون ئي اڏامندڙ مشينون خلا ۾ ظاهر ٿيون. انهن اڏامندڙ مشينن ڊسڪوري 2047 کي سَياري جي سطح تي پنهنجي مرضيءَ جي هنڌ تي لهڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.

سَياري جي سطح تي لهڻ شرط ڊسڪوري 2047 جو ڪنٽرول مشن ۾ موجود خلا بازن جي هٿن مان نڪري ويو. ڌرتيءَ تان آيل ٽنهي خلابازن اڃان صورتحال کي سمجهيو ئي نه هو ته، ڊسڪوري 2047 جا دروازا پنهنجو پاڻ ئي کُلي ويا ۽ خلائي مخلوق جا ڪيترائي فرد اندر داخل ٿي ويا.

ڊسڪوري 2047 ۾ داخل ٿيل خلائي مخلوق جي اڳواڻ، ڌرتيءَ کان آيل خلاباز انسانن ڏانهن ڏسندي چيو، اسان جي سَياري جي مدار ۾ داخل ٿيڻ شرط ئي، توهان جي مشن جو ڪنٽرول اسان جي هٿن ۾ اچي ويو هو. توهان پاران ڌرتيءَ ڏانهن موڪليل تصويرون به اسان جي مرضيءَ سان ئي ويون آهن.“

ڌرتيءَ تان آيل هڪ خلاباز انتهائي حيرت سان چيو، توهان ته اسان جي ٻولي به ڄاڻو ٿا!“

خلائي مخلوق جي اڳواڻ وراڻيو، ”توهان انسانن جي ٻولي مون ڪجهه انسانن کان ئي سکي آهي.“

خلاباز وڌيڪ حيرت ۽ پريشانيءَ منجهان پڇيو، ڇا مطلب... ڇا توهان اسان جي ڌرتيءَ تي وڃي چڪا آهيو!؟

خلائي مخلوق جي اڳواڻ وراڻيو، ها، اسان ڌرتيءَ تي ويندا رهيا آهيون ۽ ڌرتيءَ تان انسانن کي کڻي به ايندا آھيون.“

ڌرتيءَ تان آيل ٽئي خلاباز انسانَ حيرت ۽ پريشانيءَ سبب ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيا.

خلائي مخلوق جي اڳواڻ چيو، اسان جي بايولاجيڪل ليبارٽريز ۾ تجربن خاطر ڪيترا انسان اڳ ۾ ئي قيد ڪيل آهن. هاڻي اسان توهان ٽنهي کي به انهن ۾ شامل ڪري ڇڏينداسين.“

سپريم پاور

ٽين عالمي جنگ دوران، ايٽمي سائنسدان کان سپر ايٽم بم ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غلطي ٿي وئي. سپر ايٽم بم جا تابڪاري اثر بنا دير جي ڌرتيءَ جي سڄي گولي تي ڦهلجي ويا، جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ هڪ ئي وقت تباهي مچي وئي.

دنيا جي سموري انساني آبادي ختم ٿي وئي.

سائنسدان، سپر ايٽم بم جي تابڪاري اثرن کان بچاءَ خاطر پنهنجي ايجاد ڪيل لباس (Atomic protect wearing) ۾ هجڻ سبب، ڌرتيءَ جي گولي تي بچي ويل آخري انسان هو.

سائنسدان گهڻي عرصي تائين دنيا ۾ اڪيلو رهيو.

ڪيترن سالن جي اڪيلائيءَ سائنسدان کي زندگيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيو ته هن خودڪشيءَ جو فيصلو ڪيو.

سائنسدان خودڪشي ڪرڻ لاءِ روالور ڏانهن هٿ وڌايو ته، روالور تائين هٿ پهچڻ کان اڳ ئي، هڪ طرف کان آيل گولي سندس لوندڙيءَ ۾ اچي لڳي!

مصنوعي ذهانت واري عورت

سائنسدان سان سندس بيحد حَسين ۽ ذهين محبوبا بيوفائي ڪئي ته کيس سخت صدمو پهتو. هن پنهنجي بيوفا محبوبا کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سائنسدان جي اڳوڻي محبوبا اڪثر پنهنجي نئين بواءِ فرينڊ سان گڏ ڊنر ڪرڻ کان پوءِ، رات جي وقت هڪ نيم ويران رستي تي پسار ڪندي هئي.

هڪ رات سائنسدان روالور کڻي اڳواٽ انهيءَ رستي تي هڪ وڻ جي پويان وڃي لڪي بيهي رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ سائنسدان کي ليمپ پوسٽ جي هلڪِي روشنيءَ ۾ پري کان اڳوڻي محبوبا ۽ سندس بواءِ فرينڊ ايندي نظر آيا ته، هن روالور ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ مظبوطيءَ سان جهليو. هن چاهيو ٿي ته اهي ٻئي سندس ڀرسان گذري اڳتي هليا وڃن ته، جيئن هو ٻنهي تي پٺيان گولي هلائي. هن نٿي چاهيو ته سندس حملي کان پوءِ جيڪڏهن اتفاقي طور تي ٻنهي منجهان ڪو هڪ بچي وڃي ته، هو قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿي وڃي.

سائنسدان جي اڳوڻي محبوبا ۽ سندس بواءِ فرينڊ هٿُ هَٿ ۾ ڏئي وڻ جي ڀرسان گذري اڳتي وڌي ويا. وڻ جي پويان لڪل سائنسدان، پنهنجي اڳوڻي محبوبا ۽ سندس بواءِ فرينڊ کي قتل ڪرڻ خاطر، پٺيان گولي هلائڻ لاءِ روالور سڌو ڪيو پر هو گولي هلائي نه سگهيو. کيس احساس ٿيو ته، ڪنهن به انسان کي مارڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي!

سائنسدان کي ڪنهن به انسان کي قتل ڪرڻ مشڪل لڳو ته، هن پنهنجي اڳوڻي محبوبا جي همشڪل مصنوعي ذهانت واري باربي ڊول ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن هو انهيءَ باربي ڊول کي ماري پنهنجي اندر ۾ موجود انتقام جي باهه کي وِسائي سگهي.

سائنسدان ڪيترين ئي راتين جي اوجاڳن کان پوءِ پنهنجي بيوفا محبوبا جي همشڪل مصنوعي ذهانت واري باربي ڊول ٺاهي ورتي. هن ڪجهه راتيون انهيءَ باربي ڊول سان گڏ گذاريون. مصنوعي ذهانت واري اها باربي ڊول سائنسدان جي هر حڪم جي تعميل ڪندي هئي...!

هڪ رات سائنسدان پنهنجي بيوفا محبوبا جي همشڪل باربي ڊول کي مارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن پاڻ سان گڏ ستل باربي ڊول کي الماڙيءَ منجهان روالور کڻي اچڻ لاءِ چيو.

مصنوعي ذهانت واري باربي ڊول بستري تان اٿي الماڙيءَ ۾ پيل روالور ڪڍيو ۽ سائنسدان کي گولي هڻي ڇڏي.

آخري جنگ

بايولاجيڪل هٿيارن جي عالمي جنگ ۾ دنيا جا سڀ ماڻهو مري ويا. سائنسي ترقيءَ ۾ سڀ کان اڳڀري ملڪ جي هڪ شهر ۾ فقط ٻه انسان زندهه بچيا ۽ اهي ٻئي مرد هئا.

ڪيترن ڏينهن جي اڪيلائيءَ کان پوءِ ٻنهي مردن جي اوچتو ملاقات ٿي ته، هنن گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

ٻَئي مرد فڪرمند رهندا هئا ته، سندن مرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تان انسان جو وجود ختم ٿي ويندو، جو دنيا ۾ ڪابه عورت موجود ناهي، جيڪا انساني نسل کي اڳتي وڌائي سگهي!

هڪ ڏينهن ٻَئي مرد انسانن کان خالي شهر جي هڪ رستي تان وڃي رهيا هئا ته، کين هڪ اڪيلي عورت نظر آئي.

اڪيلي عورت نوجوان ۽ انتهائي حَسين هئي.

ٻَئي مرد عورت جي ڀرسان پهتا.

هڪ مرد عورت کي چيو، توکي ڏسي بيحد خوشي ٿي آهي.“

عورت وراڻيو، مون کي به توهان ٻنهي کي ڏسي بيحد خوشي ٿي آهي.“

ٻِئي مرد عورت کان پڇيو، ڇا تون اسان ٻنهي مان ڪنهن هڪ سان گڏ رهڻ چاهيندينءَ؟

عورت مرڪي وراڻيو، جيڪڏهن توهان چاهيو ته، مان توهان ٻنهي سان گڏ رهي سگهان ٿي.“

عورت جي ڳالهه ٻنهي مردن کي نه وڻي.

ٻَئي مرد وڙهي پيا ۽ هڪ مرد ٻِئي مرد کي قتل ڪري ڇڏيو.

عورت انتهائي حيرت ۽ ڏک واري انداز سان قاتل مرد کان پڇيو، تو پنهنجي دوست کي ڇو ماري ڇڏيو!؟

مرد وراڻيو، مون کي تو ۾ شراڪت قبول نه هئي. مان چاهيان ٿو ته، تون فقط منهنجي ٻارن جي ماءُ بڻجين ۽ دنيا مان انساني وجود کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهين.“

عورت وراڻيو، مان تنهنجي ضرورت ته پوري ڪري سگهان ٿي، پر ٻار نٿي ڄڻي سگهان.“

مرد پريشانيءَ منجهان پڇيو، پر ڇو... تون ٻار ڇو نٿي ڄڻي سگهين!؟

عورت وراڻيو، ان ڪري ته مان حقيقي عورت ناهيان. مان مصنوعي ذھانت واري روبوٽڪ ڊول آهيان.“

سمنڊ، سندري ۽ بادل

سمنڊ، بادل سان ڳالهائي رهيو هو ته سندري سمنڊ ڪناري تي آئي. سمنڊُ، سندريءَ تي موهت ٿي پيو ۽ هن بادل سان گفتگو اڌ ۾ ڇڏي، سڄو ڌيان سندريءَ ڏانهن ڏٺو. بادل کي سمنڊ جي بي رخي نه وڻي ۽ هو سمنڊ کان ناراض ٿي ويو.

سمنڊَ جي لهرن اڳتي وڌي سندريءَ جي پيرن کي چميو ته سندري پنهنجي پيرن ۾ لهرن کي ڏسي مُرڪي پئي. سمنڊَ کي سندريءَ جي مُرڪ ويتر موهي وڌو. سمنڊ بي اختيار ٿي پنهنجي لهرن سان سندريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. سمنڊ جي ڀاڪر ۾ اچي سندريءَ ٽهڪ ڏنا ته سمنڊ مست ٿي ويو. سمنڊ جي مستي محسوس ڪري سندري ڊڄي وئي ۽ هن خشڪيءَ طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو. سمنڊ جي لهرن سندريءَ جو پيڇو ڪيو پر سندري سمنڊ ڪناري پيل پٿرن مٿان چڙهي وئي. سمنڊَ، پٿرن مٿان بيٺل سندريءَ کي ڇنڊا هڻي سڏيندو رهيو پر سندري هيٺ نه لٿي. ڪجهه دير کان پوءِ سندري اتان هلي وئي ته سمنڊ اداس ٿي پيو.

ان ڏينهن کان وٺي سمنڊ بيچين رهڻ لڳو. هو روز صبح کان وٺي سندريءَ جو انتظار ڪندو هو. ڏينهن گذرڻ سان گڏ سمنڊ جي بيچيني وڌڻ لڳندي هئي ۽ شام کان پوءِ هو ديوار سان ٽڪرائجڻ لڳندو هو.

سمنڊ ڪيترائي ڏينهن سندريءَ جو انتظار ڪيو پر سندري وري سمنڊ ڪناري نه آئي. سمنڊ سڄو ڏينهن سندريءَ جو انتظار ڪرڻ کان پوءِ، رات جو چنڊ کي منٿون ڪندو هو ته، هو سُندريءَ تائين سندس نياپو پهچائي ۽ سندريءَ کي سندس بيچينيءَ بابت ٻُڌائي پر چنڊُ، سمنڊ کي نظر انداز ڪري پنهنجو سفر جاري رکندو هو. جيئن جيئن چنڊ مٿي چڙهندو هو، تيئن سمنڊ جي بيچيني وڌڻ لڳندي هئي.

ڪيترن ڏينهن کان پوءِ بادل آيو ته سمنڊَ، بادل ڏانهن ڏسي کيس منٿ ڪئي ته هو سندريءَ کي ڳولي ۽ کيس ٻُڌائي ته، سمنڊَ هن لاءِ بيچين آهي ۽ کيس سڏي ٿو.

بادل، سندريءَ خاطر کيس نظر انداز ڪرڻ سبب سمنڊ کان ناراض هو، پر بادل کي سمنڊ جي بيچينيءَ سبب، سمنڊ تي رحم اچي ويو ۽ هو سندريءَ جي ڳولا ۾ هليو ويو.

بادل ڪيترن ئي ڏينهن تائين شهرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن، پهاڙن ۽ صحرائن مٿان مٿان هلندو ۽ سندريءَ جي ڳولا ڪندو رهيو پر هن کي ڪٿي به سندري نظر نه آئي. گهڻي وقت جي ڳولا کان پوءِ، هڪ ڏينهن بادل اونچائيءَ تان سندريءَ کي ڏسي ورتو. سندريءَ کي سمنڊ جو نياپو ڏيڻ لاءِ بادل هيٺ لهي آيو. سندريءَ کي ڀرسان اچي ڏسڻ کان پوءِ، بادل پاڻ سندريءَ تي موهجي پيو ۽ هن سندريءَ کي سمنڊ جو نياپو نه ڏنو.

هزارين صديون گذري ويون آهن پر سمنڊ اڄ تائين سندريءَ لاءِ بيچين آهي!

چنڊ، چڪور ۽ سُندري

چڪورَ سُندريءَ کي گذارش ڪئي، مهرباني ڪري تون چنڊ کي چئو ته هڪ هنڌ بيهي، جيئن مان سِڌو چنڊ تائين پهچي سگهان.“

سُندريءَ مرڪي وراڻيو، منهنجي چوڻ سان چنڊ پنهنجي مدار تي ڦِرڻ ڇڏي ته نه ڏيندو!“

چڪور چيو، تنهنجي چوڻ سان ته موسمون تبديل ٿي سگهن ٿيون، ستارا آسمان تان لهي ڌرتيءَ تي وڇائجي سگهن ٿا، گلَ ۽ پوپٽَ پنهنجا رنگ تبديل ڪري سگهن ٿا، پهاڙَ پنهنجي جاءِ تان سُري سگهن ٿا، آبشار انڊلٺ جهڙا رنگ اختيار ڪري سگهن ٿا!“

سُندريءَ حيرت سان پڇيو، اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن آهي!“

چڪور وراڻيو، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ممڪن نه هجي ها ته، مان چنڊ کي هڪ هنڌ بيهارڻ لاءِ توکي نه چوان ها!“

سندري سوچ ۾ پئجي وئي.

چڪورَ چيو، تون پنهنجي سامهون موجود آبشار کي چئي ڏس.“

سُندريءَ سامهون ڏسي رڙ ڪئي، آبشار... انڊلٺ جهڙو ٿي ڏيکار....!“

واديءَ مان اڃان سُندريءَ جي آواز جو پڙاڏو ختم ئي نه ٿيو ته، آبشار جو پاڻي انڊلٺ جي ستن رنگن ۾ بدلجي ويو!

سندري حيران ٿي وئي.

چڪور پنهنجي گذارش کي ورجايو، سندري، مهرباني ڪري تون چنڊ کي چئو ته هڪ هنڌ بيهي، جيئن مان سِڌو چنڊ تائين پهچي سگهان.“

سُندريءَ مُرڪي وراڻيو، ها، مان رات جو چند کي چونديس ته هڪ هنڌ بيهي رهي.“

رات جو چنڊ کڙيو ته، سُندريءَ چنڊ ڏانهن ڏسي رڙ ڪئي، او چنڊ...! هڪ هنڌ بيهي رهه... جيئن تنهنجو عاشق... چڪور سڌو تو تائين پهچي سگهي!“

چنڊ هيٺ لهي سندريءَ جي چهري جي سامهون پهچي چيو، منهنجا عاشق ته بيشمار آهن پر... مان فقط توتي عاشق آهيان.

محبت جو نظم

مون ڪيترا سال اڳ، پهريون ڀيرو هن کي سمنڊ جي ڪناري تي ڏٺو هو. هن کي ڏسڻ کان پوءِ، منهنجي دل هن سان گڏ هلي وئي هئي.

مان هن کي ٻيهر ڏسڻ لاءِ روز سمنڊ جي ڪناري تي ويندو هئس، هن جو انتظار ڪندو هئس پر هوءَ ڪيترن سالن تائين وري ڪڏهن به مون کي نظر نه آئي ۽ نه ئي هن سان گڏ ويل منهنجي دل واپس آئي!

ڪيترن سالن جي انتظار کان پوءِ هوءَ مون کي ٻيهر سمنڊ جي ڪناري تي نظر آئي ته، مون هن جي ڀرسان وڃي پڇيو، مون کي سڃاڻين ٿي؟

انڪار سان ڪنڌ لوڏي چيائين، مان فقط سمنڊ کي سڃاڻندي آهيان!“

چيم، ڪيترا سال اڳ منهنجي دل توسان گڏ هلي وئي هئي!“

هن بي نيازيءَ سان وراڻيو، مون سان گڏ ته هوائون ۽ بادلَ هلندا آهن. مون کي تنهنجي دل جي خبر ناهي!“

چيم، توکي پهريون ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ، ٻيهر ڏسڻ لاءِ مون ڪيترائي سال روز تنهنجو انتظار ڪيو آهي!“

هن حيرت سان مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو.

ڊگهو ساهه کڻي چيم، ڪيترا سال اڳ جڏهن مون پهريون ڀيرو توکي ڏٺو هو ۽ منهنجي دل توسان گڏ هلي وئي هئي، تڏهن مون تنهنجي لاءِ محبت جو نظم لکيو هو. ايترا سال گذرڻ کان پوءِ، هاڻي ته انهيءَ ڪاغذ جا اکر به ڌنڌلا ٿي ويا آهن!“

منهنجي ڳالهه ٻُڌي هن مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو ته، سمنڊ جي هڪ لهر اوچتو ويجهو اچي ڇنڊا هنيا!

سمنڊ جهڙي هلڪي نيري رنگ جي لباس ۾ هن جي ڀنل جسم ڏانهن ڏسندي چيم، انهيءَ کان اڳ جو اکر ميسارجي وڃن، مان اهو محبت جو نظم توکي ڏيڻ چاهيان ٿو. انهيءَ لاءِ مون کي تنهنجي دل جي ايڊريس گهرجي.“

هن جلترنگ جهڙو ٽهڪ ڏئي چيو، محبت جو نظم مون کي سمنڊ جي ايڊريس تي موڪلي ڇڏجانءِ!“

اهو چئي هوءَ سمنڊ ڏانهن هلي وئي!

سپنو ۽ ساڀيان

بيحد خوشيءَ منجهان مون ڏانهن ڏسندي چيائين، مان خواب پئي ڏسان يا واقعي توهان منهنجي سامهون موجود آهيو!“

مون ڪو به جواب نه ڏنو، فقط مُرڪي پيس.

هوءَ ڪجهه دير منهنجي مُنهن ۾ چِتائي ڏسندي رهي. مُرڪندي رهي ۽ پوءِ ڪو خيال سندس ذهن ۾ آيو ته چيائين، پاڻ کي چُهنڊي هڻي ڏسان، جيئن پَڪَ ٿئي ته توهان حقيقت ۾ منهنجي سامهون آهيو!“

مون پنهنجو هٿ هن ڏانهن وڌائي مُرڪي وراڻيو، چُهنڊي پاڻ کي نه مون کي پاءِ، جيئن مون کي به خبر پوي ته تون سچ ۾ منهنجي سامهون آهين!“

هن ڪنڌ هيٺ ڪري هڪدم منهنجي هٿ تي چُهنڊي پائي خوشيءَ منجهان چيو، توهان ته حقيقت ۾ مون سان گڏ آهيو. مان خواب نه پئي ڏسان!“

مون ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو، مان هڪ خواب ئي آھيان!“

هن منهنجي هٿ تان اکيون مٿي کڻي، منهنجي چهري ڏانهن ڏٺو پر مون کي نه ڏسي سگهي، جو سندس سپنو پورو چڪو هو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com