سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب

صفحو : 14

شيخ ابوعبدالله تونسي

هيءُ خلق خدا کان ڪناره ڪش ٿي، تلمسان شهر کان ٻاهر هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن تلمسان جو بادشاهه نالي يحيٰ جيڪو گهوڙي تي نهايت دٻدٻي سان وڃي رهيو هو. انهيءَ شيخ کي واٽ تي ڏٺو، پوءِ گهوڙي کي ڦيرائي وٽس وڃي سلام ڪيائين ۽ ان وقت هو ريشمي لباس ۾ ملبوس هو. پڇيائين ته اي شيخ! هن لباس ۾ جيڪو مون پاتو آهي، نماز جائز آهي يا نه؟ شيخ کِليو! پڇيائين ته ڇو ٿو کلين؟ چيائين ته تنهنجي ناداني ۽ بي سمجهي تي ٿو کلان؟ تنهنجو حال ان ڪُتي جي مثل آهي، جيڪو جڏهن ڪو مردار پيل هوندو آهي ته ان مردار کي کائي ڍءُ ڪندو آهي ۽ مٿي کان وٺي پيرن تائين نجاست ۽ پليديءَ ۾ ڀريل هوندو آهي. پوءِ جڏهن پيشاب ڪندو آهي ته پنهنجي ٽنگ کي مٿي ۽ پري ڪري پيشاب ڪندو آهي ته متان اوچتو پيشاب جا ڇنڊا نه لڳن ۽ تنهنجو به پيٽ حرام مال سان ڀريل آهي ۽ مخلوق تي ڪيل ظلمن جو بار تنهنجي گردن تي بي انداز آهي. هاڻي تون مون کان پڇين ٿو ته هنن ڪپڙن ۾ نماز جائز آهي يا نه؟ پوءِ يحيٰ تمام ڏاڍو رُنو ۽ گهوڙي تان هيٺ لهي، سندس پيرين پيو ۽ توبہ ڪري سلطنت ڇڏڻ جو عزم ڪيائين.

 

يحيٰ بن يعان

هي تلمسان جو اهو بادشاهه هو، جنهن توبہ ڪئي هئي ۽ روحاني رنگ لڳڻ سبب سلطنت کي ڇڏي، شيخ ابوعبدالله جي خدمت ڪرڻ ۽ ان وٽ رهڻ جو عمل اختيار ڪيائين.

ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس شيخ چيو ته هاڻي تنهنجي مهماني وارا ڏينهن ختم ٿي ويا، هاڻي رَسو کڻي ڪاٺيون ڪري وڪڻي گذارو ڪر. پوءِ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪري پنهنجي مٿي تي کڻي اچي بازار ۾ وڪڻي، انهيءَ رقم مان پنهنجي ضرورت آهر کڻي، باقي صدقو ڪري ڇڏيندو هو. شهر جا ماڻهو اهو ڏسي روئندا هئا ته سلطنت کي ڇڏي ڪهڙي حال ۾ راضي آهي، پنهنجي ساري زندگي انهيءَ ئي شهر ۾ گذاريائين تانجو اتي ئي فوت ٿي ويو.

مذڪور آهي ته شيخ ابوعبدالله تونسي هر وقت يحيٰ جي حق ۾ دعا گهرندو رهندو هو. فرمائيندو هو ته يحيٰ بادشاهي کان زهد ڏانهن آيو، پر جيڪڏهن اسان انهيءَ آزمائش ۾ مبتلا ٿيون ها ته شايد زهد ڏانهن نه اچي سگهون ها.

 

شيخ حافظ ابوالعلاء حسن بن احمد عطا

هي نهايت برگزيده صوفي طبقي مان هو. خاقاني ڪتاب ”تحفہ“ ۾ سندس ڏاڍي تعريف بيان ڪئي آهي.

تنڪور شيخ

هيءُ ترڪستان جي اعليٰ مشائخ مان هو. اتايسوي جي اڪابرين خاندان مان هو. خواجه عبيدالله (احرار) پنهنجي چاچي خواجه محمد کان نقل ٿو ڪري ته سندن چوڻ آهي ته هي خاندان تنڪور کان ترڪستان ويو، جتي ڪافي فائدا حاصل ڪيائون.

 

شيخ ابي زيد قرطبي

هيءُ پنهنجي وقت جي برگزيده مشائخ مان هو. مشهور صاحب ڪرامات هو.

 

شيخ ابوالعباس جوري

هيءُ اندلس جي اشبيله علائقي جي ڳوٺ جور ۾ رهندڙ هو. پنهنجي وقت جو صاحب ڪمال، منتخب اهل ڪمال ۽ ارباب حال هو.

 

شيخ ابي اسحاق بن ظريف

هيءُ برگزيده مشائخ مان هو. وقت جو شاندار مڪاشفن  ۽ عجيب مقامات جو صاحب هو.

شيخ ابي العباس قسطلاني ڇهه سو مشائخ کي ڏٺو ۽ انهن سڀني منجهان صرف چئن برگزيده مشائخ جي متابعت ڪيائين، جن منجهان ٽي بزرگ اهي آهن ۽ چوٿون بزرگ شيخ ابي الربيع مالقي هو.

 

شيخ ابوبڪر بن هوار بطائحي

شيخ تاج العارفين ابوالوفا، احمد شنبڪي کان آندو آهي ته ابن هوار شروعات ۾ بطائح ۾ ڦُرلُٽ جو پيشو ڪندڙ هو، جڏهن ان ڌنڌي کان توبہ ڪيائين ته عراق جي زمين ۾ اهل طريقت جو ڪوبه شيخ نظر ڪونه آيو. الله تعاليٰ جي حضور ۾ گريه ۾ سوال ڪيائين پوءِ هڪ رات خواب ۾ حضور اڪرم ﷺ جن کي ڏٺائين. حضرت ابابڪر ﷦ سندن اڳيان هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن کي خلعت هئي، پوءِ حضرت ابابڪر صديق ﷦ کي حڪم فرمايائون ته خرقه ۽ ٽوپي کيس پهرائي ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جن سندن شان ۾ فرمايو ته عراق ۾ سندن سنت کي زنده رکڻ لاءِ قيامت تائين تون ئي مڪلف رهندين.

هيءُ شيخ ابومحمد شنبڪي جو مريد هو. سندس حياتي ۾ شينهن ۽ ٻيا جهنگلي جانور سندس مطيع رهندا هئا.

 

تاج العارفين شيخ ابوالوفا

هيءُ عراق ۾ پنهنجي وقت جي نامور مشائخ مان هو. کيس چاليهه ارباب ڪمال خادم هئا، جهڙوڪ شيخ علي هيئتي، شيخ بلقا بن بطو، شيخ عبدالرحمٰن طفسونجي، شيخ مطر باذراني، شيخ ماجد ڪردي ۽ شيخ احمد بقلي يماني.

مذڪور آهي ته جنهن وقت کيس ڪي مشڪلات درپيش اينديون هيون ته انهن جي حل لاءِ پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو. شيخ وٽ هڪ مقصد لاءِ ويو ته ڏٺائين ته شيخ ننڊ ۾ ستو پيو آهي. سندس سڀئي عضوا الله تعاليٰ جي تسبيح ۽ تهليل ۾ مشغول آهن. پوءِ سندس سجاڳ ٿيڻ تائين انتظار نه ڪيائين ۽ نه وري کيس سجاڳ ڪرڻ جي گستاخي ڪيائين. هڪ دفعي سندس مرشد جي عضون ئي، سندس مشڪل کي حل ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو. پوءِ انهيءَ جواب ۾ کيس تسلي ٿي ۽ موٽي آيو.

اول ئي تاج العارفين جو لقب حاصل ڪيائين.

ومن ڪلامہ: لايکون الشيخ شجاصي يعرف من قاف الي قاف فقيل لہ ما قاف اليٰ قاف؟ قال بطيعہ الله عليٰ جميع مافي الاکوان من ابتداءِ خلقہ يکن الي مقام ”وقفوهم انهم مسئولون“ قال الذکر شهود الحقيقة وخمود الخليفة.

ترجمو: سندس ڪلام مان آهي ته شيخ شجاصي کي ڄاڻ نه هئي ته قاف کان قاف تائين ڇا آهي؟ پوءِ کيس چيو ويو ته جيڪو قاف کان قاف تائين آهي، سو الله تعاليٰ جي قدرت ۽ فرمان هيٺ آهي، ۽ سموري مخلوق جيڪا ابتدا کان  حشر ۾ قيام تائين هوندي، تن کان بيشڪ پڇيو ويندو، پوءِ هيءَ آيت پڙهيائين: ”۽ انهن کي روڪيو، انهن کان سوال ڪيو ويندو.“ پوءِ چيائين ته ذڪر حقيقت جو مشاهدو آهي ۽ ذميواريءَ جو بار.

 

شيخ منصور بطائحي

هي بزرگ مشائخ مان هو. صاحب ڪرامات عاليہ هو.

شيخ علي هيئتي فرمائي ٿو ته هڪ دفعي جهنگ ۾ هڪ شينهن هڪ جوان جي ٻانهن ٽوڙي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏي، پوءِ شيخ اچي ڏٺو ۽ شينهن کي چيائين ته ڇا توکي نه چيو هئم ته پاڙيسرين کي تڪليف هرگز نه ڏج. شينهن جي پيشانيءَ جا وار پڪڙي چيائينس ته مري وڃ! الله تعاليٰ جي حڪم سان مري ويو. پوءِ جوان جي بازو جيڪا شينهن ٽوڙي جدا ڪئي هئي، ان کي کڻي جوان جي ٽٽل جاءِ تي رکي چيائين ته يَا حَيُّ يَا قَيُّومُ يا ذوالجلال والاکرام، پوءِ انهيءَ دم جوان جي ٻانهن جڙي درست ٿي وئي، جهڙي طرح پهريائين هئي.

 

الشيخ الڪبير عارف بالله عقيل منبجي، المعروف ”طيار“

لانہ لما اراد الانتقال من قرية التي کان بها مقيما، ببلاد الشرق صعد الٰي منارتها طار في الهواءِ والناس ينظرون اليہ فجاؤ فوجدوه في منبج و هو احد الاريقة الذي قال فيهم الشيخ ابوالحسن القرشي رايتہ اربعة من المشائخ يتصرفون في قبورهم کتصرف الاحياء الشيخ معروف الکرخي رحمة الله عليہ والشيخ سيد عبدالقادر جيلاني قدس الله سره والشيخ عقيل منبجي والشيخ حيات بن القيس الحراني.

ترجمو: ڇاڪاڻ ته جڏهن انهيءَ پنهنجي ڳوٺ کان اڀرندي شهر وڃڻ جو ارادو ڪيو ته مناري تي چڙهيو ۽ اُڏامي هوا ۾ هليو ويو ۽ ماڻهو کيس ڏسندا رهيا. پوءِ کيس ”منبج“ ۾ ڏٺائون. پاڻ انهن چئن هستين مان هڪ آهي، جن جي باري ۾ شيخ ابوالحسن قرشي فرمائي ٿو ته مون مشائخ مان چئن شخصن کي ڏٺو، جيڪي پنهنجي قبرن ۾ اهڙي طرح تصرف ڪن ٿا. جهڙي طرح زندهه شخص زندگي ۾ تصرف ڪندا آهن. جن ۾ شيخ معروف ڪرخي، شيخ سيد عبدالقادر جيلاني، شيخ عقيل منبجي ۽ شيخ حيات بن قيس حراني شامل آهن.

چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن هڪ صاحب ڪمال ولي پنهنجي مريدن جي جماعت سان گڏ فرات نديءَ جي ڪناري تي آيو. پوءِ پنهنجو هڪ مصلّو دريا جي پاڻيءَ تي وڇايائين ۽ انهيءَ تي ئي فوت ٿي ويو. پوءِ شيخ منبجي پنهنجي مصلّي تي ويهي مصلّي سميت پاڻي ۾ ٽٻي هنئي ۽ ٻئي ڪناري تي نڪتو. سندس جسم مصلّو ۽ سامان بلڪل خشڪ هئا.

 

شيخ ابي يعزا

شيخ ابي مدين بيان ٿو ڪري ته قحط سالي (ڏڪار جي حالت) ۾ شيخ يعزا جي خدمت ۾ ويس، هو جهنگ ۾ ويٺو هو. سندس چوڌاري جهنگلي جانور ۽ پکي ويٺل هئا. هڪ هڪ ٿي وٽس پکي ۽ جانور اچي رهيو هو. پنهنجي پنهنجي آواز ۾ ڪجهه چئي رهيو هو. پوءِ شيخ ابي يعزا جو جواب ٻڌي واپس هليو پئي ويو. اها ماجرا ڏسي مان شيخ کان پڇيو ته هيءَ ڇا ماجرا آهي. چيائين قحط سالي ۽ بک سبب اهي جانور پريشان آهن. سندن رزق جو هنڌ هن وقت مغرب جي زمين آهي. الله تعاليٰ کين رزق جي عطا ڪرڻ جي آگاهي فرمائي آهي، مگر ان جڳهه تي نشاندهي مان ٻڌائي رهيو آهيان.

 

شيخ ابي الحسن ابن شيخ ابوالبرڪات اسماعيل بن ابي

سعيد نيشاپوري بغدادي

هيءُ وقت جو صاحب حال و صاحب طريقت هو.

 

شيخ عزاز بطائحي

هيءُ عراق جي اڪابر مشائخ ۽ ڪامل عارفين مان هو.

چيو وڃي ٿو ته جنهن وقت به کيس وڻ مان ميوو پٽي کائڻ جي خواهش ٿيندي هئي ته وڻ جي ميوي واريون ٽاريون خودبخود جهُڪي سندس آڏو اچي بيهنديون هيون، ضرورت موجب ميوو پٽڻ کان پوءِ خودبخود وري موٽي پنهنجي ساڳي جاءِ تي وڃي بيهنديون هيون.

سندس ڪلمات هي آهن: الارادة تحويل القلب من الاشياء لرب الاشياء والتصوف الجلوس مع الله بلائهم والتجريد بارقة تحرق البقاء وتمحق الرسوم و تعصم من رؤية الکون والوجد نور يزهو مقرون بنيران اشتياق تحرق البقايا و يلوح عليٰ اليها کل آثارة و المحبة کاس لها وهج في الاسرار.

ترجمو: ارادو يعني پنهنجي قلب کي شين کان ۽ شين جي حاجت کان صاف ۽ پري رکڻ آهي ۽ تصوف پنهنجين آزمائشن ۾ الله سان لنو لڳائڻ  آهي ۽ گوشئه نشيني خبرداريءَ سان رهڻ آهي ۽ تجريد پنهنجي هستي کي فنا ڪرڻ آهي، جنهن ۾ سالڪ پنهنجين عادتن ۽ خصلتن کي مِٽائي ڇڏيندو آهي ۽ زندگي جي ضرورتن کي، گهرج آهر حاصل ڪرڻ آهي ۽ وجد نور آهي، جيڪو عشق جي باهه مان پيدا ٿيندو آهي ۽ سالڪ جي هر باقي شيءِ کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ محبت الٰهي ان جو جام  آهي، جيڪو اسرار الٰهي جي روشني مان پيدا ٿيندو آهي.

 

شيخ ابومظفر

 

عبدالسميع بن عبدالله بن عبدالسميع واسطي شيخ عزاز بطائحي کي ڏٺو هئائين ۽ سندس مقامات جي باري روايتون به ڪيون اٿس.

 

 

شيخ جليل ابي عمر اسماعيل

بن ابي البرڪات واسطي، شيخ عزاز بطائحي جو خادم هو. وقت جو معروف صاحب ڪمال هو.

 

الولي الڪبير،سيد محمد بن يعقوب

سندس ڪنيت اباحربه هئي. ڇاڪاڻ ته وقت جي سلطان جي ايذائن ۽ ظلمن کان الله جي مخلوق تنگ اچي وئي هئي. اهڙي حالت ڏسي هن شيخ پنهنجي آڱر جي اشاره سان سلطان کي قتل ڪري ڇڏيو. سندس آڱر حربه يعني هٿيار جو ڪم ڪيو، انهيءَ ڪري سندس اها ڪنيت پئجي وئي. يافعي کيس حياتيءَ ۾ ڏٺو هو. سندس وفات کان پوءِ هن جي قبر جي زيارت ڪرڻ ويندو هو.

 

شيخ ڪبير عارف بالله علي بن وهب سنجاري

جهڙي طرح خواب ۾ ابوبڪر بن هوار بطائحي، سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله جن جي دست مبارڪ سان گودڙي پهري هئي. اهڙي طرح بيداريءَ ۾ هن پاڻ کي اهڙي گودڙي پهريل ڏٺي ۽ پنهنجي همعصر مشائخ ۾ وقت جو برگزيده عارف ڪامل هو.

 

شيخ صالح ابي يعقوب اسرائيل

بن عبدالمقتدر الحميد سائج. هڪار، لبنان، عراق ۽ عجم جي جبلن ۾ سير ۽ سياحت ڪندو رهيو. اڪيلائپ جي زندگي بسر ڪندو هو. شيخ بن مسافر ۽ ان جي همعصرن سان مجلسون ڪندو رهيو ۽ صاحب ڪرامات عاليہ هو.

 

شيخ عبدالله متوفي

وقت جو مشهور صاحب ڪرامات هو. سندس لقب مفتي العارفين هو.

من ڪلامہ: اول التصوف علم واوسطہ عمل و آخره موهبة. فالعلم يکشف من الاسرار و العمل يعين علي الطلب والموهبة، تبلغ غاية الامل واصلہ علي ثلث طبقات مريد طالب ومتوسط ساير و منتهي واصل فالمريد صاحب وقت و المتوسط صاحب الحال والمنتهي صاحب اليقين.

ترجمو: سندس ارشاد آهي ته تصوف جو اول ”علم“ آهي ۽ وچ ”عمل“ آهي ۽ پڇاڙي ان جي ”بخشش“ آهي. علم اسرار کي کولي ٿو ۽ عمل طلب ۾ مدد ڪري ٿو ۽ بخشش آرزو جي انتها آهي ۽ ان جو اصل مريد و طالب جي ٽن طبقات تي ٻڌل آهي: وچولو، ڪامل ۽ آخري. مريد اصل صاحب وقت، متوسط صاحب حال ۽ منتهي صاحب يقين هوندو آهي.

 

شيخ ابي الحسن بن احمد طفسونجي

هن جو بيان آهي ته منهنجي مرشد شيخ عبدالرحمٰن طفسونجي، پنهنجي وفات وقت مون کي اها وصيت فرمائي هئي ته شيخ عبدالقادر جن جي خدمت کي پاڻ تي لازم ڪري ڇڏج ۽ ان وٽ ئي قيام ڪج. سندس وفات کان پوءِ وصيت موجب شيخ عبدالقادر جن جي خدمت ۾ رهڻ لڳس، خلعت حاصل ڪيم ۽ دامادي جي به نسبت جو شرف حاصل ٿيو. گويا وٽن قيام ڪرڻ جو حڪم نسبت داماد (ناٺي) ڏانهن اشارو هو.

 

شيخ ابي البرڪات اسماعيل بن ابي سعيد نيشاپوري

هيءُ بغداد جو هو. وقت جي مشهور بزرگان دين مان هو. معروف، مشهور مشائخ مثلاً عزاز وغيره سندس پٽ هئا.

 

شيخ ڪبير ابي الحسن

وقت جي معروف شخصيت هو.

 

شيخ جليل ابي عباس احمد

بن علي صرصري هو. شيخ حماد دباس جو فيض يافته هو. سندس ئي خليفو به هو. شيخ ابوطاهر به سندس وقت جو معروف بزرگ هو.

 

شيخ ابوسعيد قلوري

هيءُ اڪابر مشائخ مان هو. مستجاب الدعوات هو ۽ وقت جا برگزيده مشائخ سندس همعصر هئا. جهڙوڪ شيخ حماد باس وغيره.

 

شيخ ابوسعيد

هي اڪابر عارفين ۽ معتبرين ۽ فقيهن مان هو.

شيخ ابو محمد مدني بيان ٿو ڪري ته شيخ بسير دمشق کان سفر جي اجازت گهريم. هن مون کي ٻه عدد صوف ڏنا ۽ چيائين ته هڪ صوف وڃڻ وقت سفر دوران کائج ۽ ٻيو صوف ضرورت لاءِ رکي ڇڏج ۽ ٻي ڪنهن شيءِ جي کائڻ لاءِ توجهه هرگز نه ڪج ۽ عراق کان وٺي دمشق تائين سفر ڪيم ۽ هڪ ئي صوف تي گذارو ڪيم ۽ مون کي ٻئي کاڌي جي طلب ڪونه ٿي ۽ نه وري مون کي بک لڳي ۽ واپس موٽڻ وقت ٻئي رکيل صوف کي کاڌم ته ساري واٽ مون کي بک ڪونه لڳي. اهڙي طرح دمشق کان عراق جو سفر پورو ڪيم.

 

شيخ امام ابي عمرو عثمان

بن مرزق القريشي. هي شيخ عقيل منبجي جو همعصر ۽ سندس دوست هو. سندس پٽ شيخ اصيل ابي الخير به معروف عارفين مان هو.

       

شيخ ابي محمد مبارڪ بن محمد الفرازي

هن جو به وڏن مشائخن ۾ شمار هو. شيخ عقيل منبجي جو دوست هو.

 

شيخ فقيہ ناسڪ ابي محمد بن عبدالله بن محمد افريقي

هيءُ ابويعزا جي مريدن مان هو. هن جي تعريف ۾ بيحد مناقب بيان ڪيا ويا آهن.

 

شيخ ابي مدين مشڪور

هيءُ به شيخ ابويعزا جي مريدن مان هو. پنهنجي شيخ جون ڪافي ڪرامتون بيان ڪيون اٿائين.

شيخ صالح ابوعبدالله بن محمد

بن ڪامل الحسيني ۽ معروف زمان شيخ حضرت سيد عبدالقادر جيلانيءَ جن جي معارف جو بيان ڪندڙ آهي.

 

شيخ ابومحمد شيبي محلي

هيءُ برگزيده مشائخ مان هو. شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جن جي همعصرن مان هو.

 

شيخ قيس بن يونس شامي

هيءُ به شيخ سيّد عبدالقادر جيلاني جي همعصر ۽ دوستن مان هو.  وقت جي نامور مشائخ مان هو.

شيخ علي بن ادريس يعقوبي

هيءُ شيخ بقا جي مخلص ۽ ارادتمند احباب مان هو.

 

شيخ عبدالرحمٰن بن احمد اسيلي

هيءُ شيخ علي بن وهب جو همعصر هو. وقت جو برگزيده بزرگ هو.

 

شيخ موسيٰ بن ماهين زولي

روايت آهي ته بعض عرفا منجهان هڪ خاتون پنهنجي چئن مهينن جي عمر واري ٻار کي کڻي، شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ چيائين ته هيءُ ٻار فلاڻي جو پُٽ آهي ۽ هن عمر جو آهي ۽ هن لاءِ دعا فرمائيندا. شيخ انهيءَ ٻار ڏانهن پنهنجو رخ ڪري فرمايائون، اي پٽ! پڙهه! قل هو الله احد پوءِ ٻار سورة اخلاص نهايت فصيح زبان سان پڙهي ويو ۽ ان وقت ئي ڳالهائڻ ۽ برجستو گهمڻ لڳو. راويءَ جو بيان آهي ته ٽن سالن کان پوءِ ان ٻار کي ڏٺم! ته کيس زبان ۾ اهائي فصاحت موجود هئي، جيڪا چئن مهينن جي عمر ۾ شيخ جي تصرف سان حاصل ٿي هئي.

 

شيخ ابي محمد عبدالله بن مسعود معروف رومي

هيءُ شيخ ابي نجيب سُهروردي جي احباب ۽ خادمن مان هو.

 

شيخ امام عارف تقي الدين علي

بن مبارڪ واسطي، هيءُ سيدي احمد رفاعي جو دوست ۽ ان سان گڏ رهندو هو.

 

شيخ جليل ابي الحسن علي

هيءُ سيدي احمد رفاعي جو ڀاڻيجو هو. صاحب مقامات جليله هو. شيخ عمو ۽ سيدي احمد رفاعي جو صحبت يافته ۽ فيض يافته هو.

 

شيخ علي بن مريس يعقوبي

هيءُ شيخ علي هبتي جي مريدن مان هو. پنهنجي زماني جي نامور مشائخ سان مجلسون ڪيون هئائين ۽ پاڻ به وقت جي نامورن مشائخ ۾ شمار ٿيندو هو.

 

شيخ ابوالحسن جوسفي

هيءُ شيخ علي هيئتي جي دوستن مان هو. سندس تعريف ۽ مقامات جون ڪافي روايتون بيان ڪيون اٿائين.

شيخ ابي نصر صالح

بن ابي المعالي، هن شيخ عبدالرحمٰن طفسونجي ۽ ان جي وقت جي مشائخ کي ڏٺو هو.

 

شيخ ابوالفتح

هيءُ شيخ يحيٰ بن محمد بن مرتعش جو خادم هو.

سندس چوڻ آهي ته مون پنهنجي شيخ کان پڇيو ته مٿس ارتعاش لقب پوڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ فرمايائين ته شيخ بقا جي ڳوٺ جي مٿان هوا ۾ اُڏامندو ٿي ويس ته هڪ شخص کي مزبلہ ۾ ويٺل ڏٺم ته کيس چيم ته اي مزبلہ ۾ ويٺل شخص، اُٿُ! پوءِ اسان ڏانهن نگاهه ڪيائين. ڏٺم ته شيخ بقا هو. ان جي نگاهه جي هيبت جي ارتعاش منهنجي مٿان غلبو ڪيو ۽ مان عاجز ٿي ويس.

 

شيخ مطر باذراني

هيءُ ساداتِ عارفين ۽ اڪابر مشائخ محققين مان هو.

 

شيخ عوض

بن سلامة بغدادي ۽ شيخ مطر جي دوستن مان هو.

 

شيخ ابي طاهر

بن احمد صرصري پيءُ ۽ پٽ ٻئي ڄڻا، شيخ مطر باذراني جا فيض يافته هئا. شيخ جي مقامات جي حق ۾ ڪافي روايتون سندن بيان ڪيل آهن.

 

شيخ ابي محمد ماجد الڪردي

صاحب ڪرامات عاليه هو. مقامات جليه جو مالڪ هو. سندس فرزند شيخ سليمان بيان ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ وٽ خلوت ۾ موجود هئس، ڪابه شي کائڻ يا پيئڻ لاءِ ڪونه هئي جو والد صاحب پنهنجي خلوت خانه مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي جڳهه تي ويهي رهيو. مان به سندس اڳيان ادب سان ويهي رهيس ته اچانڪ ويهه شخص وٽس اچي ويهي رهيا. پوءِ مون کي فرمايائين ته خلوت خانه ۾ وڃ، ڪجهه شيون کڻي اچ ته دوستن کي کارايون. آءٌ حيران ٿي ويس ته اتي ته ڪابه شيءِ ڪونه آهي، ڇا کڻي اچان؟ پر ادب کي ملحوظ رکندي مان خلوت ۾ اندر ويس ته ڏٺم ٻه خادم، طعام جا دسترخوان جهليو بيٺا آهن. پوءِ کڻي ٻاهر آياسون. سڀني کائي ڍءُ ڪيو، ليڪن طعام برابر باقي هو. انهيءَ ئي ساعت ۾ پندرهن شخص ٻيا به آيا، انهن به خوب کائي ڍءُ ڪيو ۽ پوءِ ٻيا به آيا جن طعام کاڌو ۽ اڳين به انهن سان ٻيهر طعام کائي ڍءُ ڪيو.

 

شيخ ابوالحسن سنجاري

هيءُ هڪ وڏو بزرگ ۽ صاحب عرفان هو.

 

شيخ العالم ابي طالب عبدالرحمٰن

بن ابي الفتح هاشمي واسطي، مغربي. هيءُ پنهنجي وقت جي اڪابرين مشائخ مان هو.

 

شيخ القدوة جمال العارفين ابا محمّد

بن عبدالله بصري ابي العباس خضر عليہ السلام جو صحبت يافته هو. ڪيترن ئي مشائخ سان مجلسون ڪيون هئائين. پاڻ به جليل القدر بزرگ هو.

 

شيخ القدوة ابا عمرو بن عثمان بن مرزوق قرشي

شيخ احمد بن برڪات السعد بن صايغ بيان ٿو ڪري ته مصر ۾ ان وٽ ٻه شخص حاضر ٿيا، انهن ۾ هڪ عربي هو. ٻيو شخص عجمي هو. انهن پنهنجي پنهنجي زبان يعني عربي ۽ عجمي جو مسئلو ڇيڙيو ۽ آخر ائين فيصلو ٿيو ته عرب کي کپي ته هو عجمي زبان ۾ ڳالهائي ۽ عجميءَ کي کپي ته هو عربي زبان ۾ گفتگو ڪري. پوءِ ٻئي ڏينهن ٻنهي شخصن کي ڏٺم ته عجمي شخص فصيح زبان ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. عرب وري نهايت بلاغت سان عجمي زبان ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. عرب ٻڌايو ته اڄ رات ابراهيم خليل الله عليہ السلام کي خواب ۾ ڏٺم ته مون کي عجمي زبان سيکاري رهيو هو. عجمي ٻڌايو ته اڄ رات خواب ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي زيارت ڪيم جن مون کي عربي زبان جي تلقين فرمائي. جن سببن جي ڪري هرهڪ کي اها نعمت نصيب ٿي آهي.

 

ابي العباس احمد

بن برڪات سعدي مقري، جليل القدر اولياء مان هو، پنهنجي مرشد شيخ قدوة ابا عمرو بن عثمان جي مناقب جون ڪافي حڪايتون بيان ڪيون اٿس.

 

شيخ فرح عارف ابي عبدالله محمد

بن ابوالحسن مخرومي. هيءُ شيخ قدوة اباعمروبن عثمان جي دوستن مان هو. شيخ ابي عبدالله محمد جو مرشد هو.

شيخ جليل الاصيل ابي الخير سعد

بن شيخ القدوة عارف بالله ابي عمرو بن عثمان بن مرزوق قريشي جو خدمت يافته هو.

 

شيخ فرح بن عبدالله حبشي

صاحب حالات جليہ هو. شيخ سويد سنجاريءَ جو مريد هو.

 

شيخ المعارف ابي المحاسن يوسف

بن شيخ القدوة ابي الحسن زنجاني، شيخ فرح ۽ شيخ سنجار کي ڏٺو هئائين ۽ شيخ سنجار، سندس مقامات عاليه جو ڪافي بيان ڪيو آهي. جيئن ته بيان ٿو ڪري ته سمعت شيخي سويد رضي الله عنہ يقول جاهدت نفسي في بدايتي و منتها الماء مدة فاخذت في بعض سياحتي بغدير من الماء فراودتني نفسي علي الشرب فامتنعت فرايت من شيءِ اسود القي نفسہ في الماء فاذا هي نفسي تمثلت بين يدي في الماء تسالني بالله تخفيف عنها فقلت والله لا حلت عليٰ مجاهداتي ولا مما بايعت الله تعاليٰ عليہ.

ترجمو: شيخ سويد رضي الله کان ٻڌم، جنهن چيو ته ابتداء ۾ مون پنهنجي نفس سان ڏاڍو مجاهده ڪيو. ڪافي مدت پاڻي ۾ گذاريم (مگر پاڻي نه پيتم) پوءِ پاڻيءَ جي وڏي تلاء ۾ سير ڪرڻ شروع ڪيم. پوءِ منهنجي نفس مون کي پاڻي پيئڻ تي آماده ڪيو. پوءِ ڪجهه پيتم. ايتري ۾ ڏٺم ته ڪاري رنگ جي ڪنهن شيءِ پنهنجو پاڻ کي پاڻيءَ ۾ اڇلايو آهي. اها منهنجي نفس جي مثالي صورت هئي، جيڪا منهنجي آڏو اچي بيٺي ۽ الله جو قسم وجهي مون کي منٿون ڪيائين ته مون تي ڪجهه هلڪائي ڪر. مون کيس چيو ته پنهنجن مجاهدن ۾ هلڪائي ڪري سگهندس، مگر الله تعاليٰ سان عهد ڪيل ڳالهين ۾ هرگز نه ڪندس پوءِ وڌيڪ مون کي ٻڌايائين نفس کي عاجز ۽ مات ڪري آخر ۾ کيس رعايت ڪيم.

 

شيخ جليل ابي الفضايل سويد سنجاري

سندس خلف رشيد، شيخ اصيل اسماعيل بيان ٿو ڪري ته سنجار جي سلطان کيس سڏايو، سندس مريدن کي خوف ٿيو. چيائين (ڪا ڳالهه ڪونهي) آءٌ توهان سان آهيان. پوءِ جڏهن سلطان جي وڏي در وٽ پهتا ته سلطان کي سخت قولنج شروع ٿي ويو ۽ جڏهن گهٽي ۾ پهتا ته درد جي شدت سبب سلطان کي بيهوشي طاري ٿي وئي. سلطان جي اهل ۽ عيال اهو يقين ڪيو ته شيخ کي گهرائڻ سبب اها تڪليف پهتي آهي. پوءِ مرد ۽ زالون روئندا، شيخ جي قدمن ۾ ڪِري پيا ۽ پوءِ شيخ جي دعا سان هو چڱو ڀلو ٿي ويو. هو وقت جي عارفين، اڪابر محققين ۽ مشائخ علمائن مان هو.

سندس قول آهي ته عارفين جو مقام ڇهن اصولن تي ٻڌل آهي اهي اصول هي آهن:

(1) القصد الي الله في السير (سيرسلوڪ ۾ الله تعاليٰ جي ڳولها جو ارادو ڪرڻ).

(2) والاعتصام بالله تعاليٰ في الامور (سڀني ڪمن ۾ الله جي رضا مطلوب رکڻ).

(3) والجلوس مع الله تعاليٰ بالادب (الله تعاليٰ جي اڳيان ادب سان ويهڻ).

(4) والنصيحة العباد السر والجهر (ٻانهن کي ظاهري ۽ پوشيده نصيحت ڪرڻ).

(5) والکتم اسرار الله تعاليٰ في الطي و ثبوت الحال مع العلم بالصبر (الله تعاليٰ جي اسرارن کي پوشيده ۽ ڍڪي رکڻ ۽ حال جي پختگي تي علم ۽ صبر سان قائم رهڻ.)

(6) وذکر لااِلٰہ اِلا الله الملک الحق المبين (۽ لا اِلٰہ اِلا الله الملک الحق المبين جو ذڪر جاري رکڻ).

قال: العلم ثلاثة، العلم باحکام الله و هو العلم بالامر والنهي والاحکام الحدود و علم مع الله تعاليٰ وهو علم الخوف والرجاء والمحبة والشوق و علم بالله وهو العلم بنعوتہ وصفاتہ و علم الظاهر وعلم الطريق و علم الباطن و علم المنزل يعني علم الحقيقة والمواطن الوصول اليٰ رب الخليقة و علم الحکم وعلم الشرع وڪل باطن لا يقيمہ ظاهر فهو باطل واصل العقل الصمت و باطنہ و کتمان الاسرار وظاهره و الاقتداءِ بالسنة واذا غلب الهويٰ تواري العقل ومن احتجب في شيءِ من علوه فلا ينظر اليٰ شيءِ من عيوبہ

ترجمو: چيائين ته علم ٽي قسم آهي: الله تعاليٰ جي احڪامن جو ڄاڻڻ، امر ۽ نهي سان ۽ حدود جا احڪام ۽ الله تعاليٰ جي معرفت حاصل ڪرڻ خوف ۽ سندس محبت ۽ شوق اميد سان ۽ الله تعاليٰ جي نعمتن ۽ صفتن جي ڄاڻ، ظاهري علم، طريقت جي علم ۽ باطني علم جي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ.. منزل جي خبر يعني حقيقت ۽ مقامات ۽ وصل ربّ تعاليٰ جو علم هجڻ، ۽  شرعي احڪامن جي ڄاڻ جو هجڻ ۽ جيڪو به باطن، ظاهر جي اصلاح کي قائم نه ڪري، اهو باطل آهي ۽ عقل جو بنياد خاموشي آهي ۽ باطن، اسرارن کي پوشيده رکڻ ۾ آهي ۽ ظاهري اعتبار سان سنت رسول ﷺ جي پيروي ڪرڻ ضروري آهي. شهوتن جو غلبو عقل کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو شخص بلند مرتبي تي پهچي، پوءِ ان کان ڪا شيءِ ڳجهي رهي ته کيس ڪڏهن پنهنجو ڪو عيب نظر نه ايندو.

شيخ رسلان

هيءُ شام جي اڪابرين مشائخ ۽ معروف عارفين مان هو. صاحب درجات هو. ڪافي مشائخ سندس صحبت حاصل ڪئي ۽ ان جا مناقب ۽ ڪرامتون به بيان ڪيون ۽ جن مشائخ سندس صحبت حاصل ڪئي ۽ مناقب بيان ڪيا تن مان خاص هي آهن: امام ابي الفرح عبدالرحمٰن بن شيخ ابي العلاء خزرجي ۽ شيخ عارف ابي محمد ابراهيم بن محمد بعلبڪي وغيره.

 

ابومحمد صالح اڪاڪي

هيءُ شيخ ابومدين مغربي جي مريدن مان هو. فقيہ ابي العباس احمد بن قريش تلمساني کان مذڪور آهي ته هڪ دفعي مغرب ۾، شيخ ابي مدين جي زماني ۾ مسلمانن ۽ يورپي عيسا.ئين جي وچ ۾ جنگ لڳي. عيسائي مسلمانن تي غالب اچڻ لڳا. پوءِ شيخ چند مريدن سان گڏجي جهنگ ڏانهن روانو ٿيو ۽ هڪ واريءَ جي دڙي تي ويهي رهيو. پوءِ سڀ خنزير شيخ وٽ جمع ٿيا. پاڻ تلوار ڪڍي سڀني سوئرن کي قتل ڪري ڇڏيائين. کانئس پڇيو ويو ته فرمايائين ته هاڻي مسلمان فرنگين تي غالب ٿي ويندا. پوءِ انهيءَ تاريخ کي واقعي سان ڀيٽيو ويو ته اها ڳالهه صحيح نڪتي ۽ مسلمانن جي لشڪر ۾ موجود هڪ شخص ڳالهه ڪئي ته شيخ کي جنگ جي دوران ڏٺو ويو ته پنهنجي ترار سان فرنگين کي قتل ڪري رهيو هو. حالانڪ شيخ جي موجودگي واري جڳهه ۽ جنگ واري ميدان جو مفاصلو هڪ مهيني جي پنڌ تي هو.

۽ اهي مشائخ ڪرام جيڪي کانئس طريقت ۾ فيضياب ٿيا هئا، سي هي آهن:

(1) شيخ ڪبير عارف بالله عبدالرزاق مغربي

(2) شيخ صالح ابي عبدالله محمد بن حجاج مغربي

(3) شيخ صالح فاضل ابي العباس احمد بن محمد انصاري

(4) سندس فرزند شيخ جليل معارف ابي اسحٰق ابراهيم

۽ انهن کان سواءِ هڪ سندس صحبت جو فيضياب شيخ ابومدين مغربي هو.

 

شيخ عبدالرحيم ۽ شخص عبدالرزاق

شيخ جليل ابي الحجاج الاقصري کان روايت آهي ته مصر ۾ ٻه شخص گڏ هوندا هئا. عبدالرزاق چيو ته لوح محفوظ ۾ ڏٺم ته هڪ وقت بيت المقدس ۾ هڪ ابدال گذاري ويو آهي. پوءِ مون کي ان جي ڪفن، دفن ڪرڻ جو حڪم ٿيو آهي. انهيءَ ساعت ۾ بيت المقدس هليو ويو ۽ ان ابدال جو ڪم حڪم موجب پورو ڪري مصر ۾ موٽي آيو ۽ شيخ عبدالرحيم چيو ته مون کي اهو حڪم ٿيو آهي ته انهيءَ ابدال جو بدل شخص. مصر ۾ نيل ندي جي وچ ۾ ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪري رهيو آهي. پوءِ ٻئي ڄڻا ويا ۽ ٻيڙيءَ کي نيل جي ڪناري تي ڏٺائون ۽ انهيءَ شخص کي به ٻيڙيءَ ۾ ڏٺائون. شيخ عبدالرحيم پنهنجي لٺ زمين ۾ کوڙي ته ٻيڙي وانگر ٿي پاڻيءَ جي مٿان هلڻ لڳي. پوءِ نيل نديءَ جي وچ ۾ بيٺل ٻيڙي کي وڃي پهتا ۽ انهيءَ شخص سان مليا. مصافحه ڪري سندس هٿ چميائون پوءِ لٺ کي حرڪت ڏنائون. ته اها ٻيڙي به رواني ٿي هلي ۽ مغرب جي نماز اتي پڙهيائون.

شيخ جي قبر جنانه شهر ۾ آهي ۽ سندس نسبت حسيني آهي.

 

شيخ جليل ابي الحجاج الاقصري

هن طريقي جي نامور بزرگن مان آهي.

 

امام ابوالفرح عبدالرحمٰن

بن شيخ ابي العلاء خزرجي، هيءُ شيخ رسلان جو صحبت يافته هو. پنهنجي وقت جو برگزيده بزرگ هو.

شيخ ابي محمد ابراهيم

بن محمود بعلبڪي هي به نامور مشائخ مان هو.

 

شيخ ابي العباس احمد

بن قريش تلمساني کيس شيخ ابومدين مغربي جي سلسلي سان نسبت هئي.

 

امام مجدالدين ابي الحسن علي

بن وهب قريشي ۽ حجاج الاقصريءَ جو همعصر ۽ مصاحب هو.

 

شيخ امام تقي الدين

هيءُ امام مجدالدين جو فرزند هو. انهيءَ جي صفتن سان موصوف هو.

 

شيخ الجليل عالم ابي اسحاق

بن ابي طاهر انصاري هن شيخ عبدالرحيم کي ڏٺو هو. پنهنجي وقت جي بزرگن کان فيض حاصل ڪيو هئائين.

 

شيخ عبدالله قريشي

هيءُ برگزيده عارف صاحب برڪت ۽ مستجاب الدعوات هو. شيخ عبدالرحيم کي ڏٺو هئائين ۽ ان جي شان ۾ چيو هئائين ته: غلب علي انوار جميع احباب الاحوال من اهل الديار والمصرية في وقتہ.

ترجمو: پنهنجي وقت جي ڳوٺن يا شهر وارن، سڀني احباب الاحوال هستين مٿان کيس غلبو حاصل هو.

شيخ ابوعثمان بن مرورة

هيءُ بزرگ ست سال ساندهه آسمان ڏانهن پنهنجي منهن ڪيو بيٺو رهيو، انهيءَ ساري مدت ۾ ڪابه شيءِ ڪونه کاڌائين نه پيتائين ۽ وري ڪو ڪپڙو پهريائين. ان کان پوءِ بشريت جي احڪام اندر آيو ۽ خيال ڪيائين ته پنهنجي گهر وڃان ۽ پنهنجي گهر واريءَ سان صحبت ڪريان ته نيڪ ۽ صالح فرزند مون کي پيدا ٿئي. پوءِ پنهنجي گهر واري وٽ آيو ۽ کيس اها ڳالهه چيائين. سندس گهر واري کيس چيو ته جيڪڏهن اهو ڪم رات جو ڪري هليو ويندين ته ڪنهن کي به خبر ڪونه رسندي ۽ پوءِ ماڻهو تنهنجي ۽ منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ رکندا ۽ ڇا چوندا. بهتر اهو آهي ته صبح ٿئي ته ڳوٺ وارن کي پنهنجي اچڻ جي خبر ڪر. قدرت الٰهي سان انهيءَ وقت ڳوٺ ۾ ننڍي وڏي، مرد ۽ عورت سڀني جي ڪن تي انهيءَ جي آمد جي خبر پهچي وئي ته شيخ پنهنجي گهر واري وٽ آيو آهي. پوءِ گهر واريءَ سان صحبت ڪري هليو ويو. پوءِ ست سال ٻيا انهيءَ رنگ ۾ رهيو. کيس اگهڙ وارن جي پوشاڪ سان ڍڪيل هئي ۽ جتان به هيءُ لنگهيو پئي ته وڻ ٽڻ پري هٽندا پئي ويا ۽ جهنگلي جانور درندا کيس رستو ڏيندا پئي ويا ۽ پکي پرندا مٿس ڇانو ڪندا رهيا. پوءِ ستن سالن کان پوءِ شيخ ساڳي رنگ کان ٻاهر نڪري هوش ۾ آيو ۽ انسانيت جي اوصاف ۽ شرعي احڪامن جي پابندي ڪيائين. پورا چوڏهن سال سندس نمازون قضا ٿي ويون، سندس اڳيان ڪُتا ۽ شينهن رانديون ڪندا هئا.

 

شيخ عارف ابي حفص عمر

بن مصدق واسطي، هيءُ شيخ عثمان بن مرورة جو صحبت يافته ۽ مريد هو.

 

شيخ عارف ابي فتح بن ابي مغانم واسطي

هيءُ شيخ ابي حفص عمر جو يار طريقت ۽ عثمان بن مرورة جو صحبت يافته ۽ مريد هو.

 

شيخ مڪارم النهر خايضي

هيءُ صاحب مڪارم ۽ صاحب ڪرامات عظيم هو. سندس قول هي آهن: قال اول وصال العبدالحق في هجرانہ نيف و اول هجران العبد الحق مواصلة لنفسہ واول درجات القرب محو شواهد النفس واثبات شواهد الحق ومن طلب الدلالة في انا لا غايتہ لها ومن طلب الله عزوجل وجده باول خطوتہ يقصده بها.

ترجمو: چيائين ته ٻانهي تي حق تعاليٰ جو پهريون حق نفس کان جدائي آهي ۽ ٻانهي جو حق تعاليٰ جي قرب کان پري رهڻ جو پهريون سبب سندس نفس سان تعلق قائم ڪرڻ آهي. قرب جا درجا ماڻڻ لاءِ پهريون مقام نفس جي شواهد کي مِٽائڻ آهي ۽ حق جي شواهد کي مضبوط رکڻ آهي ۽ جنهن ”انا“ يعني نفس لاءِ دليل طلب ڪيو ته پوءِ نفس جي سڌن جي ڪابه انتها نه آهي ۽ جنهن الله عزوجل کي طلب ڪيو ته اهو پنهنجي مقصد کي پهرئين منزل تي ئي لهندو.

 

شيخ ابي محمد علي

بن ادريس، هن جي ڪرامات جون حڪايتون شيخ ابوالڪرام بيان ڪيون آهن. شيخ ابي الحسن جوسيقي ۽ شيخ علي سان مجلسون ڪيون هئائين.

 

شيخ خليفه

بن موسيٰ عراقي، هيءُ عظيم محقق ۽ صاحب ڪرامات عاليه هو.

قال صلاح القلب في اربع خصال؛ المتواضع لله والافتقار الي الله- والخوف من الله- والرجا في الله (دل جي اصلاح جون ٽي خصلتون آهن، الله تعاليٰ جي اڳيان عاجزي ڪرڻ، الله تعاليٰ جو ئي محتاج هجڻ ۽ الله تعاليٰ جو خوف رکڻ ۽ الله تعاليٰ جي رحمت ۾ اميد رکڻ).

 

شيخ ڪبير عارف بالله ابي عبدالله محمد

بن احمد قرشي، هيءُ صاحب ڪمال ۽ وڏي شان وارو هو.

 

شيخ ابي محمد عبدالخالق

بن ابي بقاء، هيءُ پنهنجي وقت جي برگزيده مشائخ مان هو.

 

شيخ ابي العباس احمد

هيءُ بلسين علائقي جو گودڙي پوش هو.

 

شيخ فضايل

بن علي مجرومي وقت جو برگزيده بزرگ هو.

 

ابوالعباس قسطلاني

بن قطب الدين ۽ شيخ عبدالله قرشي جو شاگرد هو.

من کلماتہ قال اذ اصع الفقير الفقر فهو الاسم الاعظم. قال احتقار الفقراء سبب لکل رذيلة

قال من لہ يصحب الفقرآء بالادب حرم برڪتهم الولي في بداية هو الحريص عليٰ اخبار الاوليآء و احوالهم بسمع الحق فلاينکره ولايقرض عليہ يشتاق الي الاحوال وتحرص علي حصولها ويتمني المقامات موصولها.

قال والولي في نهاية هو الذي يفيد ويستفيد ويجد في احوالہ و اعمالہ البرکة.

قال والمريد من سلم نفسہ الي الله حفظها حسن الخلقة حسن الخلق معاملة کل شيء بما يونسہ ولا يوحشہ فمع العلماءِ بحسن الاستماع والافتقار و مع اهل المعرفة بالسکون والانتظار ومع اهل المقامات بالتواضع والانکسار.

قال لقيت من المشائخ قريبا من الست ماية شيخا فاقتديت باربعة: الشيخ ابي زيد القرطبي والشيخ ابي الربيع المالقي والشيخ ابي العباس الجوري والشيخ ابي اسحاق بن ظريف.

ترجمو: چيائين ته جڏهن فقير پنهنجي فقر کي صحيح ڪيو ته اهو اسم اعظم آهي. فقراء کي حقير سمجهڻ  رذالت جو سبب آهي.

جنهن کي فقراء جي صحبت ادب سان نصيب ٿئي، اها سندن لاءِ برڪت آهي. شروعات ۾ ولي اولياء ڪرام جي خبرن ۽ احوالن ۾ دلچسپي رکندڙ هوندو آهي. حق جو ٻُڌڻ ۽ ان جو انڪار نه ڪرڻ ۾ نه گهٽائيندو آهي، پنهنجي اشتياق کي اولياءِ جي احوال حاصل ڪرڻ ۾ ۽ ان ۾ دلچسپي کي وڌائيندو آهي ۽ انهيءَ مقامات تي پهچڻ جي تمنا رکندڙ هوندو آهي.

چيائين ته ولي اهو آهي جنهن جي پڇاڙي پنهنجي احوال ۽ اعمال ۾ برڪت حاصل ڪرڻ هجي ۽ فائدو پهچائي ۽ فائدو حاصل ڪري.

 چيائين ته مريد اهو آهي جنهن پنهنجي نفس کي الله جي رضا آڏو جهڪايو ۽ ان جي حفاظت ڪيائين. بهتر اهو آهي جنهن جو خُلق هر شيءِ ۾ هر ڪنهن سان بهتر هجي ۽ ان ۾ انسيت هجي، وحشت نه هجي ۽ علماء سان حسن ادب سان پيش اچي ۽ انهن جي فيض جي حصول ۾ پراميد هجي ۽ اهل معرفت سان پرسڪون ۽ سندن ڪرم جو منتظر رهي ۽ اهل مقامات سان نوڙت ۽ عجز سان پيش اچي. چيائين ته مون تقريبن ست سو مشائخن سان ملاقاتون ڪيون آهن، مگر پيروي صرف چئن مشائخن جي اختيار ڪيم، جن ۾ شيخ زيد قرطبي، شيخ ابي ربيع مالقي، شيخ ابي العباس جوري ۽ ابي اسحاق بن ظريف آهن.

شيخ ابوالبرڪات

بن صحر اهوي. هيءُ اوڀر واري علائقي جي وڏن مشائخن مان هو، هيءُ صاحب ڪرامات ظاهره ۽ احوال باطنہ ۽ بلند مقامات وارو هو. پنهنجي چاچي شيخ ابي الفضايل مشهور عدي بن مسافر کان فيض حاصل ڪيو هئائين. پنهنجي چاچي مرشد جي وفات کان پوءِ جبل هڪار (موصل جي هڪ ڳوٺ) هجرت ڪري ويو ۽ ڪلام حقائق ۾ ڪافي مهارت رکندڙ هو.

شيخ ابي حفص عمر بن محمد معدني

هيءُ شيخ ابوالبرڪات جي مريدن مان هو. ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد ابوالبرڪات جي خدمت ۾ ويٺو هئس ته شيخ منهنجي خاطرداري ڪندي، گرم نان ۽ ڀُڳل گوشت آڻي رکيو ۽ ساڳئي وقت گرم کير جي ملائي ۽ ان ۾ پڪل گوشت به آندائين. مان جڏهن کائڻ لاءِ اٿيس ته شيخ فرمايو ته اهو منهنجي اڳيان آڻي رک ڇو ته مون کي اڃا قرار نه ٿو ٿئي. ايتري ۾ ڏٺم ته هڪ شخص هوا ۾ اڏامندو اچي وارد ٿيو ۽ منهنجي بک ختم ٿي وئي ۽ انهي شخص اهو نان ۽ گوشت کاڌو ۽ ٿوري دير شيخ وٽ ويهي ڪجهه ڳالهيون ڪري هوا ۾ اُڏامي هليو ويو. پوءِ شيخ مون کي فرمايو ته اي عمرو! جنهن کاڌي لاءِ تون آئين اهو کاڌو تنهنجو ڪونه هو. اهو کاڌو انهيءَ شخص لاءِ هو جيڪو کائي هليو ويو ۽ جڏهن به سندس خاطرداري ڪندا آهيون، هو ان وقت ئي حاضر ٿيندو آهي ۽ هن وقت چين ملڪ جي بلاد اقصيٰ ۾ مقرر آهي.

 

شيخ مقري ابوالفتح نصر

هيءُ ابوالبرڪات جي مريدن مان هو.

ڳالهه ٿو ڪري ته فصل خريف جي موسم ۾ آءٌ شيخ سان گڏجي ٻاهر واديءَ ۾ ويس ۽ سائين سان فقرآء جي جماعت به ساڻ هئي. مون کي مٺي ڏاڙهون ۽ کٽي ڏاڙهون کائڻ جي تمنا ٿي. انهيءَ وقت اسان جي خاطر واديءَ ۽ جبل جا سڀئي ميون جي قسمن وارا وڻ مٺن ۽ کٽن ڏاڙهن سان ڀرجي پُر ٿي ويا. پوءِ فرمايائون ته انهن وڻن جيڪي صوف، آڙو ۽ ڊاک وغيره جا وڻ آهن. انهن مان مٺا ۽ کٽا ڏاڙهون چونڊي پَٽي کاءُ. پوءِ انهن مان چونڊي پئي کاڌم ۽ ڍؤ ڪيم. پوءِ ٻي ساعت ۾ اٿي ويس ۽ شيخ ساڻ ڪونه هو. پوءِ ڏٺم ته انهن وڻن ۾ هڪ به ڏاڙهون نه هو.

 

شيخ عارف ابي فرح عبدالرحمٰن

بن ناسڪ ابي الفتح نصرالله بن علي حميدي شيباني، هيءُ به ابوالبرڪات جي مريدن مان هو. سندس فرزند شيخ اصيل ابي محمد عبدالله هو. هو ڳالهه ٿو ڪري ته مان پنهنجي پيءُ کان ٻڌو هو جنهن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن آءٌ جبل تي هئس ته سخت طوفان مون کي جبل تي ٽڪڻ ۽ هلڻ نه پيو ڏئي. شيخ به جبل تي منهنجي سامهون ويٺل هو. هٿ سان اشارو ڪيائين پوءِ آءٌ هوا ۾ معلق ٿي ويس ۽ ٿوري دير هوا ۾ رهيس. پوءِ شيخ آواز ڪري چيو ته اي طوفان! هن کي آهستي آهستي جبل تي رساءِ، پوءِ طوفان مون کي آرام سان جبل جي سطح تي رسايو.

شيخ جليل ابي البرڪات

بن معدن عراقي، شيخ ابوالبرڪات بن صخر جو صحبت يافته هو.

هيءُ بيان ٿو ڪري ته هڪ دفعي مصر ۾ هئس ۽ ارادو ڪيم ته ٻيڙيءَ ۾ سير ڪريان. پوءِ هڪڙي شخص جي هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي ڏٺم، جنهن ۾ صوفين جي جماعت ويٺي هئي. پوءِ آءٌ به انهيءَ ۾ سوار ٿي ويس، ٻيڙي رواني ٿي مگر ٻيڙي وارن مون کي ڪجهه نه چيو. ڪجهه وقت هلڻ کان پوءِ ٻيڙي کان هيٺ لٿاسون. پوءِ اتي مون کي اڻ ڏٺل هڪ ٻيٽ نظر آيو، پوءِ انهن سان گڏجي آءٌ به ٻيٽ ۾ آيس. اهو بحر محيط جو هڪ ڏورانهون خطو هو، جيڪو ماڪولات (کائڻ، پيئڻ جي شين) سان ڀريل هو. اتي هڪ مسجد ۾ آياسون، جتي ست بزرگ صاحب ولايت موجود هئا ۽ انهن ۾ هڪ سڀ کان وڏو بزرگ ويٺل هو. جنهن مون کان پڇيو ته تون ڪيئن هت آيو آهين؟ چيم ته تقدير آندو آهي. هر نماز ۾ اهوئي بزرگ امامت ڪندو هو. نماز کان پوءِ هو پنهنجي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويهي رهندو هو. روزاني مغرب جي نماز کان پوءِ انهن مان هڪ شخص اندر خلوت خانه ۾ گهڙي ويندو هو. طعام کڻي جماعت جي اڳيان اچي پيش ڪندو هو. پورو هفتو آءٌ اتي رهيس، مگر مون سان ڪنهن به گفتگو ڪونه ڪئي. هر شخص رات جو پنهنجي واري موجب خلوت خانه ۾ طعام کڻي جماعت جي آڏو پيش ڪندو هو. پوءِ ستين رات مون کي چيائون ته اڄ رات تنهنجو وارو آهي وڃي ۽ طعام کڻي اچ. آءٌ پوءِ خلوت خانه ۾ ويس مگر ڪجهه به ڪونه ڏٺم. سخت غمگين ٿيس ۽ الله تعاليٰ کي التجا ڪيم ته اي مالڪ! تون مدد فرماءِ. الله تعاليٰ دعا قبول ڪئي، ايتري ۾ ته طعام جا طبق آسمان کان هيٺ لهي آيا. پوءِ شڪر ڪيم ۽ اهي کڻي سنگت جي آڏو رکيم. پوءِ چيائون ته الحمدلله الذي رزقنا اخا صالحًا (الله جي تعريف آهي جنهن اسان کي صالح ڀاءُ جي هٿان رزق ڏنو). اڃا اتي هئس ته انهيءَ رات سخت طوفان آيو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو وڏو شور ٻڌم ۽ يڪدم ننڊ مان سجاڳ ٿيس ۽ ڪلمه طيب زبان تي ورد ڪيم ۽ جماعت جو بزرگ منهنجي آڏو اچي بيٺو ۽ چيائين ته فرنگين جي جهازن (سامونڊي ٻيڙين) مسلمانن سان جنگ جوٽي آهي، انهيءَ ڪري انهن ٻيڙن کي غرق ڪرڻ لاءِ هيءُ طوفان کڙو ٿيو آهي. پوءِ ڪلمه طيبه پڙهندي تون هيٺ لهي ٻيڙي ۾ سوار ٿي روانو ٿيءُ. انهيءَ ڪلمه طيبه جي برڪت سان ٻيڙيون سلامتيءَ سان ڪناري تي رسنديون. پوءِ صبح جو انهن مان هڪ شخص آيو ۽ مون کي هٿ کان جهلي ڪناري تي پهچايائين ۽ اتي ساڳي ٻيڙي ڏٺم، جنهن ۾ ساڳيا ئي صوفي سوار هئا. ٿوري دير گذري ته ٻيڙي اچي ڪناري تي رَسي. آءٌ لهي ڪناري تي آيس ۽ پٺيان نظر ڪيم ته ٻيڙي ۽ اهي سوار غائب ٿي ويا. ٻن سالن کان پوءِ مون جبل هڪار تي پاڻ کي شيخ ابوالبرڪات بن صخر جن وٽ ڏٺو ۽ اهو بزرگ به پنهنجي جماعت سان گڏ ادب سان ويٺل ڏٺم، جيڪي فيض حاصل ڪري رهيا هئا. پوءِ اٿي سندس قدم بوسي ڪيم ۽ دعا لاءِ درخواست ڪيم، پوءِ هو دعا ڪري روانو ٿي ويو.

مون کي شيخ ٻڌايو ته هي اهو بزرگ اوتاد يا ابدال بندن جو رهبر آهي ۽ هن وقت بحر محيط جي ٻيٽن ۾ مقرر آهي.

 

شيخ ابي مفاخر عدي

هيءُ شيخ ابي البرڪات بن صخر جو فرزند هو. جنهن کان ئي فيض ۽ رتبو حاصل ڪيو هئائين ۽ مشائخ جي ڪثير جماعت سندس معتقد هئي.

 

شيخ ابي اسحاق ابراهيم اعرف

شيخ ابي المجد بن سعدان واسطي، ذڪر ٿو ڪري ته شيخ ابراهيم جي مجلس ۾ موجود هئس، حاضرين کي چيائين ته مون کي الله تعاليٰ تصرف جي طاقت ڏني آهي، جو منهنجي اڳيان ڪوبه مون کان اڳ اٿي نه ٿو سگهي، جيستائين آءٌ نه چاهيان. شيخ ابي مجد بيان ٿو ڪري ته شيخ جو اهو ٻڌي منهنجي نفس لوڏو کاڌو ۽ وهم پيدا ٿيو. پوءِ شيخ مون ڏانهن رخ ڪري چيو ته جيڪڏهن توکي طاقت آهي ته اٿي ڏيکار! انهيءَ وقت منهنجو بدن ڀاري ۽ ساڻو ٿي ويو ۽ ڪابه چرپر ڪري نه پيو سگهان. سخت بوجهه برداشت ڪندي، مون کي کڻي گهر پهچايو ويو ۽ منهنجو حال پاڻي کان ٻاهر ڦٿڪندڙ مڇي وانگر هو. پوءِ آخر ۾ سبب محسوس ڪيم ته ڇا آهي؟ چيم ته مون کي شيخ براهيم اغرب وٽ پهچايو. پوءِ مون کي شيخ وٽ پهچايو ويو ۽ ان منهنجي هٿ کي پڪڙي دم ڪيو. آءٌ انهيءَ ئي وقت صحيح ٿي ويس.

مذڪور آهي ته جڏهن شيخ ابراهيم اعزب گذاري ويو ته سج گرهڻ ٿي شام جي بعض مشائخ چيو ته زمين جو سج، آسمان جي سج تي غالب ٿي ويو آهي. پڇيو ويو ته زمين جو سج ڪير آهي. جواب ۾ چيائون ته شيخ ابراهيم.

هو پنهنجي مامي شيخ جليل سعدي احمد بن ابي الحسن رفاعي جو صحبت يافته هو. ان جي ئي سلسلئه طريقت تي ڪاربند هو.

 

شيخ العالم عارف ابي عبدالرحيم عسڪر

هيءُ عبدالرحيم نصيبي جو فرزند هو. شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو مريد هو. شيخ ابراهيم اعزب سان صحبت ڪئي هئائين.

 

شيخ محي الدين عمرڪيماني

هيءُ ۽ شيخ عمر بزاز، ٻئي شيخ عبدالقادر جيلاني جا صحبت يافته هئا.

 

شيخ جليل ابي محمد صالح مغربي اڪاڪي

هيءُ شيخ ابومدين جي مريدن مان هو. ان سان گڏ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان مجلس ڪئي هئائين.

چيو وڃي ٿو ته هو شيخ عبدالقادر﷥جي خدمت ۾ پهچي هڪ سو ويهه ڏينهن ساڻس خلوت جي مجلس ۾ رهيو ۽ هڪ ڏينهن کيس فرمايائين ته قبله جي طرف نظر ڪر! پوءِ جڏهن ان نظر ڪئي ته ڪعبة الله شريف کيس آڏو ڏسڻ ۾ آيو ۽ ان وقت ئي وري کيس فرمايائين ته مغرب جي طرف نظر ڪر! جڏهن اوڏانهن نظر ڪيائين ته کيس، سندس مرشد شيخ ابومدين مغربي کي ڏٺائين. فرمايائين ته توڙي جو تون هڪ قدم تي رسين يا ان کان وڌيڪ ڪيتري ئي مفاصلي تي هجين، سندس سلوڪ اهڙوئي هميشه هوندو. فرمايائين ته اهو به آءٌ ئي آهيان پوءِ هو اتان روانو ٿي شيخ ابومدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

شيخ ابوالبقا محمد

هيءُ ابهر صرفيني جو فرزند هو. هيءُ حڪايت ٿو ڪري ته کيس عُمر کان آرزو هئي ته مان رجال الغيب سان ناتو جوڙيان. ان وقت آءٌ شيخ محي الدين عبدالقادر﷥جي خدمت ۾ هئس. هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته آءٌ احمد بن حنبل جي زيارت لاءِ سندس قبر تي ويل آهيان. اتي سندس قبر تي هڪ شخص کي بيٺل ڏٺم، پوءِ مون اهو خيال ڪيو ته رجال الغيب جو هڪ فرد آهي، پوءِ جڏهن سجاڳ ٿيس ته دل ۾ چيم ته جيڪر اهو بيداريءَ ۾ به ڏسان. پوءِ امام جي زيارت لاءِ سندس قبر تي پهتس ۽ ڏٺم ته ساڳي صورت وارو فرد اتي موجود آهي، پوءِ پڪ ٿيم ته اهو رجال الغيب آهي. پوءِ انتظار ڪرڻ کان سواءِ تڪڙ ڪري سندس زيارت لاءِ ويجهو ويس ۽ دجله پهتس ته چاهيم ته ان کي عبور ڪريان. پوءِ عبور ڪري ان جي نزديڪ پهچي کيس قسم ڏنم ته ٿوري دير اتي ترس. جڏهن هو ترسيو ته کانئس پڇا ڪيم ته تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي. چيائين ته حنيفا مسلما وما انا من المشرکين. پوءِ دل ۾ چيم ته اهو اشارو حنفي مذهن ڏانهن ڪري ويو. پوءِ شيخ عبدالقادر﷥جيلاني جي مدرسه ڏانهن موٽي آيس. اڃا در تي مس پهتس ته اندران آواز آيو: ياﷴ! ما في الارض من المشرق الي المغرب في هذا الوقت ولي الله عزوجل حنفي سواه (اي ﷴ! هن وقت اوڀر کان اولهه تائين جيڪو به زمين تي ولي الله آهي سو حنفي ئي آهي).

شيخ خضر

هيءُ عبدالله حسيني موصلي جو فرزند هو. سندس فرزند شيخ ابي عبدالله محمد کان روايت آهي ته سندس والد تيرهن سال شيخ عبدالقادر جيلاني جن جي خدمت ۾ بسر ڪيا.

 

شيخ عباد ۽ شيخ ابوبڪر حامي

هي ٻئي بزرگ وقت جا صاحب ڪمال هئا.

ليڪن سيد شيخ عبدالقادر جيلاني سندن شان ولايت کي درجه بدرجه سلب ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪافي مدت کان پوءِ ائمه طريقت جي سفارش سان وري کين ساڳي حالت تي پهچائي ڇڏيو هو.

ابوالحسن علي بن يحيٰ بن ابي القاسم ارجي

ابوالحسن علي بن عبدالله ابهري

ابومحمد رجب داري

ابي علي بن نجيم خواراني

ابي محمد سالم بن علي امباطي

انهن مان هرهڪ طريقت جو بزرگ ۽ معرفت ۾ صادق هو. هرهڪ شيخ سيد عبدالقادر جيلانيءَ جو فيض يافته هو.

 

شيخ القدوة ابي سعود احمد

هيءُ ابي بڪر حريميءَ جو فرزند هو. شيخ سيّد عبدالقادر جيلانيءَ جن جو مريد هو.

 

شيخ امام احمد

هيءُ صالح بن شافعي جيلي جو فرزند هو. شيخ سيد محي الدين عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

شيخ عبدالله

هيءُ ابي الحسن بن جباتي جو فرزند هو. سيد عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

 

شيخ ابي سعيد عبدالله

هيءُ سلمان هاشمي جيلي جو فرزند هو. سندس گهر واري اُم احمد هئي. ٻئي اهل طريقت ۽ صاحب مقامات شريفه هئا.

 

شيخ ابونصر بغدادي

هيءُ صحراوي نالي سان معروف هو. شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

شيخ ابي حفص

هيءُ عمر بن حسين بن خليل طبسي جو فرزند هو. شيخ سيّد عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

 

شيخ امام حافظ ابي ذرعه طاهر

هيءُ محمد مقدسي رازي جو فرزند هو. شيخ سيّد عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

 

شيخ جليل ابي الخير

هيءُ شيخ القدوة ابي محمد مطر باذراني جو فرزند هو. هيءُ پنهنجي پيءُ جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته جڏهن منهنجي پيءُ جي وفات جو وقت آيو ته کانئس پڇيم ته توبہ کان پوءِ آءٌ ڪنهن جي پيروي ڪريان. چيائين ته شيخ سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي. آءٌ اهو گمان ڪري رهيو هئس ته شايد غشي جي حالت ۾ ٿو چوي. ٿوري دير کان پوءِ وري کانئس پڇيم ته وري به ساڳي ڳالهه ڪيائين. آخري ٽيون دفعو پڇيم ته وري به شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جو نالو کنيائين. ان کان پوءِ شيخ عبدالقادر﷥جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. شيخ فرمايو ته پيءُ جي وصيت کي ڇا لاءِ دل سان تسليم نه پيو ڪرين، حالانڪ ان منهنجي مٿان عظيم ذمه داري وڌي آهي.

 

شيخ ابي محمد مفرح

هيءُ بنهان شيباني نيساني جو فرزند هو. شيخ سيد عبدالقادر جيلانيءَ جن جو مريد هو.

سندس چوڻ آهي ته جڏهن شيخ عبدالقادر جيلاني شهرت حاصل ڪئي ته هڪ سو فقيهه وٽس جمع ٿي مسائل دريافت ڪرڻ لڳا. فرمايائون ته هرهڪ پنهنجو پنهنجو جدا علمي سوال پڇي ته هو ڇا ٿو چاهي؟ آءٌ به انهن منجهان هڪ هئس ۽ شيخ جي هر مجلس وعظ ۾ حاضر ٿيندو هئس . هڪ دفعي شيخ جيلاني جي سيني مان تجلي نڪتي ۽ حاضرين کي مات ڪري وئي . هرهڪ جي علمي صلاحيت ختم ٿي وئي ۽ علم وساري ڇڏيائون. پوءِ سڀئي هڪ عظيم اضطراب ۾ مبتلا ٿي ويا. پوءِ مٿي اگهاڙا ٿي شيخ جي ڪرسي وٽ وڃي سندس پيرن کي چنبڙي پيا. پوءِ شيخ جيلاني هرهڪ کي پنهنجي سيني سان لڳائيندو ويو ۽ هو اصلي حالت ۾ ايندا ويا، پوءِ فرمايائون ته اوهان جا سوال هي آهن ۽ انهن جا جواب هي آهن.

 

شيخ العارف ابي القاسم محمد

هيءُ احمد حسيني جو فرزند هو. شيخ سيّد عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

 

شيخ ابي عبدالله محمّد

هيءُ محمد ازهري حسيني جو فرزند هو. شيخ سيد عبدالقادرجيلاني جن جو مريد هو.

سيد ڪبير عارف معروف شيخ بقا

هيءُ شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جن جي خاص مريدن مان هو.

 

شيخ ابي الحسن علي

هيءُ محمد بن احمد بغدادي معروف ابن حماميءَ جو فرزند هو. سنه 553هه ۾ ڄائو هو. ننڍپڻ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن کي خواب ۾ ڏٺائين ۽ عرض ڪيائين ته يارسول الله ﷺ! هن وقت ڪهڙي شخصيت ڪتاب ۽ اوهان جي سنت تي ڪامل ڪاربند آهي، جنهن جي پيروي ڪئي وڃي؟ فرمايائون ته شيخ عبدالقادر﷥آهي ۽ ائين ٽي دفعا فرمايائون. پوءِ ننڊ کان سجاڳ ٿيڻ بعد مون پنهنجي پيءُ سان اها حقيقت ڪئي. منهنجو والد صبح جي نماز کان پوءِ مون کي شيخ عبدالقادر﷥جن جي مجلس ۾ وٺي ويو. پاڻ ﷥ مجلس کي وعظ فرمائي رهيا هئا. خلق جو تمام وڏو هجوم هو. اسان اڳتي وڌڻ کان عاجز ٿي وياسون. پوءِ شيخ﷥اسان کي پاڻ سڏي ويجهو ويهاريو ۽ قميص منهنجي پيءُ کي ۽ ٽوپي مون کي پهريائين ۽ مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ خرقه به سند طور عطا ڪيائين.

 

شيخ صالح ابي محمد داؤد

هي علي بغدادي، معروف بعلبڪيءَ جو فرزند هو. شيخ عبدالقادر جيلاني جن جي مريدن مان هو. سندس چوڻ آهي ته سنه 548هه ۾ شيخ معروف ڪرخي کي خواب ۾ ڏٺم. ماڻهو کيس وڪوڙي بيٺا هئا ۽ دعا ڪرڻ لاءِ عرض ڪري رهيا هئا. قال لي هات يا داوُد قصتک عرضها علي الله قلت و شيخي عرفوه اعني محي الدين. فرمود والله ما عرفوه ولايعرفوه. (چيائين ته اي دائود! پنهنجو قصو اچي ٻڌاءِ، جنهن کي الله تعاليٰ بيان فرمايو آهي. مون چيو ته پنهنجي شيخ جو قصو به بيان ڪريان، يعني شيخ محي الدين جو؟ انهيءَ فرمايو ته اللہ جو قسم! ان کي ماڻهن نه سڃاتو آهي ۽ نه سڃاڻندا.

پوءِ بيدار ٿيس ۽ صبح جو شيخ جي مدرسي لاءِ روانو ٿيس. ان جي در تي وڃي ويٺس ۽ اندران آواز آيو ته يا داؤد! استجبک ماعرفوه ولايعرفوه وهات قصتک اعرضها علي الله. يعني: چيائين ته اي دائود! پنهنجو قصو اچي ٻڌاءِ، جنهن کي الله تعاليٰ بيان فرمايو آهي. اللہ جو قسم! ان کي ماڻهن نه سڃاتو آهي ۽ نه سڃاڻندا.

 

شيخ عمر ابي منصور

هيءُ مبارڪ واسطي واعظ مشهور جراده جو فرزند هو. شيخ عبدالقادر جيلاني جن جي خاص مريدن مان هو.

 

شيخ عيسيٰ

بن عبدالله بن فيماز رومي ۽ شيخ عبدالقادر جيلاني جن جو مريد هو.

(1) شيخ ابي طلحه بن مظفر

(2) شيخ ابي سعيد بن محمد

(3) شيخ ابي محمد عبدالله بطائحي

اهي سڀ شيخ عبدالقادر جيلاني جن جا مريد هئا.

شيخ ابي محمد بطائحي ذڪر ٿو ڪري ته آءٌ شيخ وٽ ويس، جتي چار شخص ڏٺم، جن جو شان بلند ۽ بيمثل هو. جڏهن هو اٿي هليا ويا ته مون حضرت جن کان پڇيو ته هي ڪير هئا. فرمايائون ته ساڻن ملاقات ڪر ۽ کانئن پڇا ڪر. پوءِ مدرسہ جي صحن ۾ ئي انهن مان هڪ کي رسيس ۽ کيس دعا لاءِ عرض ڪيم. انهيءَ چيو ته ”بشريٰ لک و انت خادم رجل ببرکة، يحرص الله تعاليٰ سهلها و جبلها وبرها و بحرها و بدعوتہ ترحم الخليفة برها وفاجرها و نحن وساير الاولياء تحت ظل قدمہ و في دائر امره (ترجمو: خوش نصيب آهين تون جو برڪت واري شخص جو خادم آهين جو کيس تصرف ڏنو آهي الله تعاليٰ ماٿرين تي، جبلن تي، خشڪي تي، سمنڊ تي ۽ ميدانن تي، رحم وارو نائب بنايو اٿئين، کين نيڪ ۽ بد تي، اسين ۽ سمورا اولياء ڪرام سندس قدم جي پاڇي هيٺ آهيون ۽ سندس حڪم جي دائري اندر آهيون. ائين چئي هو مدرسي کان ٻاهر نڪري نظر کان غائب ٿي ويا. شيخ﷥جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، جنهن ٻڌايو ته اهي ڪوهه قاف جي اولياء جا سردار هئا.

 

شيخ ابي القاسم احمد

هيءُ محمد بغدادي حريمي جو فرزند هو. شيخ عبدالقادر جيلاني جن جي مريدن مان هو. شيخ حافظ ابي محمد عبدالغني بن عبدالواحد مقدسي. حافظ ابي محمد عبدالعزيز بن نصر بغدادي معروف ابن الآخر، شيخ ابي محمد عبداللطيف بن ابي طاهر بغدادي صوفي، شيخ ابي عبدالله ابومحمد ابوالغنايم ازهر ابن ابي المفاخر حسيني بغدادي،  اهي سڀئي شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جا مريد هئا.

 

شيخ صالح ابي المظفر اسماعيل

هيءُ علي حيري جو فرزند هو. شيخ علي هيئتي ۽ شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جن جي مريدن مان هو.

 

شيخ القدوة ابي محمد علي

 

هيءُ ابوبڪر يعقوبي جو فرزند هو.

چيو وڃي ٿو ته شيخ علي هيئتي، هن کي سندس هٿ کان وٺي شيخ عبدالقادر﷥جن جي خدمت ۾ آندو ۽ چيائين ته هيءُ منهنجو غلام آهي. شيخ عبدالقادر جيلاني پنهنجو ڪُرتو لاهي کيس پهرايو ۽ فرمايائين ته هيءَ عافيت جي خلعت آهي.

هو بيان ٿو ڪري ته 65 سال اتي گذاريم، مون کي ڪوبه غم و فڪر هرگز ڪونه پهتو جو ان جي ڪابه شڪايت ڪريان ۽ ٻئي دفعي وري به حضرت شيخ﷥جن جي خدمت ۾ وٺي ويو. پوءِ باطن جي خلعت جي درخواست عرض ڪيائين، پوءِ حضرت جن مون تي توجهه فرمايو ته ملڪ ۽ ملڪوت جا اسرار مون تي کُلي ويا، يعني ظاهر ٿي ويا.

 

(1) شيخ ابي عبدالله حنبلي قروي

(2) شيخ ابي اسحاق ابراهيم بن عبدالله طبري

(3) شيخ القدوه ابي الحسن علي قرشي فقيہ

(4) ابي القاسم بن عبادة انصاري

(5) شيخ عارف بالله خليفه بن موسيٰ عراقي شهير ملڪي

هيءُ سڀ حضرت شيخ سيد عبدالقادر جيلانيءَ جا فيض يافته هئا.

(1) شيخ ابي الرضي محمد بن احمد بغدادي مشهور نالو ”مفيد“.

(2) شيخ ابوالخليل احمد بن اسعد بن وهب مقري بغدادي

اهي ٻئي شيخ ابي سعيد قيلوي ۽ شيخ علي بن هيئتي جا همعصر ۽ شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جن جا فيض يافته هئا.

 

شيخ ابي سلمان داؤد

هيءُ يوسف سخي عالم جو فرزند هو. وقت جي نامور عارفن ۽ مشائخ مان هو.

 

شيخ حسن بلغاري

هيءُ مجذوب ۽ محبوب القلب هو. جڏهن بخارا جي علائقي ۾ آيو، خواجه غريب نوي سال جي عمر جو هو. شيخ حسن کيس ڏٺو ۽ پوءِ سندس اقتدا نه ڪيائين.

 

شيخ ابوالقاسم محمّد

هيءُ مسعود بخاري جو فرزند هو. خواجه محمد پارسا جي اڪابرين مريدن مان هو.

 

شيخ محمد بخاري

ڪتاب ”مسلڪ العارفين“ جي مصنف لکيو آهي ته هي شيخ ابوسعيد بخاريءَ جو مريد هو. خواجه سليمان ڪرمتني جي اڪابرين احباب مان هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com