سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: --

صفحو : 11

 ڏوهيڙا

]سنڌي بيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سٽون ٿين، ۽ وڌ ۾ وڌ جو ڪو تعداد مقرر ڪونهي. ٻن سٽن واري بيت ۾ ڪڏهن هندي دوهي وانگر ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيو ٿئي، ڪڏهن وري هندي سورٺي موجب، ٻنهي سٽن جي وچ تي قافيو ٿئي، ڪڏهن وري پهرين سٽ جي آخر ۾ ۽ پوئين سٽ جي وچ تي قافيو اچي. ٻن سٽن کان مٿي سٽن وارا جيڪي بيت آهن، انهن جي پوئين سٽ جي گهڻو ڪري وچ تي قافيو ايندو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙا تمام ٿورا بيت ملندا، جن ۾ سڀني سٽن جي پويان قافيو آيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي قسم جا بيت سڀ کان پهريائين لکي تعلقي شڪارپور جي شاعر عثمان احسانيءَ جا ملن ٿا. ان کان پوءِ ميين لطف الله قادري ۽ ٻين ڪن تمام ٿورن شاعرن جي ڪلام ۾ ملن ٿا.

سرائڪي شاعريءَ جي وري اها پـَر رهي آهي، ته ان جي بيت جي پوئين سٽ ۾، وچ تي قافيو اصل نه ايندو آهي. سرائڪي بيت ۾ گهڻو ڪري چار سٽون ٿينديون آهن، ۽ قافيو سڀني سٽن جي آخر ۾ ايندو آهي. خود سنڌي شاعرن جهڙوڪ: حضرت سچل سرمست، حضرت قادر بخش بيدل، حمل خان لغاري ۽ خليفي نبي بخش وغيره جيتوڻيڪ سنڌي بيتن ۾ آخري سٽ جي وچ تي قافيو آندو آهي، پر سرائڪي بيتن ۾ سڀني سٽن ۾ پوئتان قافيو آندو آهي.

سرائڪي بيتن کان سواءِ، حضرت سچل سرمست جا ڪجهه سنڌي بيت به اهڙا ملن ٿا، جن کي فني سـِـٽا جي لحاظ کان ڏوهيڙو جو نالو ڏنو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ فقط اهڙي قسم جي بيتن کي ڏوهيڙو چوڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو لفظ ڏوهيڙو ۾ ٻٽو دوهو جو مفهوم سمايل آهي. جيئن ته سرائڪيءَ بيت ٻن دوهن تي مشتمل ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري سرائڪي ۾ انهيءَ کي ڏوهيڙا سڏيو ويو. سنڌيءَ ۾ به اهو لفظ سرائڪيءَ جي ذريعي آيو آهي. هتي سچل سرمست جي اهڙن بيتن جو انتخاب پيش ڪجي ٿو. [

توحيد ۽ معرفت

(1)

احد احمد صورت ساڳي، سر ٻنهي جو سوئي،
الست بربڪم قالو بليٰ، پنهنجو پاڻ اکيوئي،
سچا حاضر هر جا هادي، سمجهين سر سڀوئي،
غائب سمجهي غير نه ڄاڻين، حق الحق اهوئي،

 

(2)

الف سڃاڻي احديت وارو، بي تي ڪين اڙياسي،
شرح ملا، ڪنز قدوري، ڪافيا ڪين پڙهياسي،
غير خيالون ڪنڊ ڏئي، پوءِ لاحد منجهه لڙياسي،

 

(3)

باس اهائي بات اسان جي، غازي غير نه آهين،
خام خيال هي ٻانهپ وارو،
لا ۾ لاشڪ لاهين،
من عرف نفسـ
ه فقد عرف ربـه، ٺاهه ڪهڙا ٻيا ٺاهين،
سچا سچ اشارو اهو، ڪاڏي ڪوڙا ڪاهين،

 

(4)

رام رحيم هڪ هڪ سمجهين، موج محبت ماڻين،
ڪافر مومن گبر نصارو، غير گمان نه آڻين،
خلق الانسان عليٰ صورتـ
ه، ٻول اهوئي ڄاڻين،
مان تون صورت ساڳي سچا، جي تون پاڻ بچائين،

 

(5)

صريح چوان مان توکي طالب، ڪجانءِ صحيح گويائي،
وبي ينطق وبي يبصر، ٻوڙين ٻول ٻيائي،
ڪل شيءُ ناطق بالحق، رکين سر سڀائي،
ستگر سر سمجهايو سچل، واهه واهه اهائي وائي.

 

(6)

يار ياري يقيني رکجانءِ، توڙي شڪ سڀوئي،
جو ڪجهه هيڙين، ٿيندين سوئي،
ڪل شيءُ ير جع اليٰ اصلـ
ه، هو نه هڪ مٽيوئي،
سچل سچو ٿي رهندين، عشقئون عين اهوئي.

 

(7)

خمر خمار انهيءَ جو خاصو، موت اهو مسروري،
ازلاً ابداً عجائب جهڙي، مـَـي اها مخموري،
انا احمد بلاميمي، مارين دم منصوري،
سچا جام جلالي پيءُ، ڪر حاصل حق حضوري.

 

(8)

ذات صفات اهائي آهي، ڀول نه وجهين ڀولي،
سوئي اندر، سوئي ٻاهر، سوئي تنهنجي چولي،
تو ۾ مون ۾ هن ۾ هر جا،
سچو سچ ٿو ٻولي.

 

(9)

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيءُ مردانو،
پاڻ بيگانو مورنه ڄاڻين، آهين يار يگانو،
وَ نفخت فيـه من روحي، بلڪل ڇڏ بهانو،
وهم
سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.

 

(10)

مسجد ڇڏي ميخاني منجهان، حاصل ڪين ڪيوسي،
هي سڀ حـُـسن جمال اسان جو، جنهن ۾ پاڻ پياسي،
ڏوهه ثواب کان آجا ٿي، پوءِ
سچل سچ ٿياسي.

 

(11)

پير مريد نه ٿي تون هرگز، ماڻج موج مستاني،
مخدومي ۽ شيخي پيري، خام ڇڏي خاني،
پٽ دعا پاراتي واري، ناهه راهه رباني،
هرهڪ پٽڪو پنهنجو رکي،
سچل ڪم آساني.

 

(12)

عشق محبت ٻاجهون ڄاڻين، ٻي سڀ راهه خلافي،
بزرگ ڪاڻ دنيا جي ڪن ٿا، طلسم سڀ تلافي،
سچا هرگز سي نه ٿيندا، سچا صوفي صافي.

 

(13)

هن زماني بزرگ بيشڪ، ڇهئي لطيفا لائن،
ڪسب ڪرن دم بند ڪرڻ جو، نه ٿا پاڻ سنڀالن،
اهي فن فروعي آهن، ناحق وقت وڃائن،
ريءَ ٿيڻ گم
سچل سائين، پاڻ نه پنهنجو پائن.

 

(14)

بزرگ شيخ مشائخ يارو، نامخدوم ٿياسي،
نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي،
نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءَ رکياسي،
سچا ٻاجهون عشق الله جي، ڪوئي هنر نه سکياسي.

 

(15)

مرشد آکيو، عاشق ٿيوين، تان منڪر ٿي مشاخي،
شيخي پيري بحر بزرگي، اٿئي سڀ هلاکي،
عشق امانت، خاص الله جي، دل کي ڏي فراخي،
سچا سوز گداز سوا سچ، ٻيا سڀ چور طباخي.

 

(16)

هي سڀ سير بحر انهيءَ جو، ڀر نڪاجنهن بستي،
قلزم ڪارونڀار ڪڪوريل، ڪرنڪا جنهن ڪشتي،
منجهه درياءَ محبت واري، حال سٽين هي هستي.

 

(17)

لا نفي جو ڪلمو مون کي، مرشد پاڻ پڙهايو،
نابودي جي نشي اندر، ستگر سير ڪرايو،
هٿيو ڏيئي همت وارو، سارو بار کڻايو،
صدق
سچل مان ستگر تان، جنهن جانب جوش جڳايو.

 

(18)

ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي به سڀ بهانا،
ناقص نيت ڪعبي واري، مرد گهمن مـَـيخانا،
سچل ستگر ائين آکيو، حق لهن مستانا.
 

-----

 

جهولڻو

]حضرت سچل سرمست جي رسالي ۾ هڪ ٻي انوکي صنف جهولڻو ملي ٿي، جيڪا اڳ ۾ ڪنهن به سنڌي شاعر وٽ نظر نه ٿي اچي. البته روحل فقير جي هندي ڪلام ۾ جهولڻو ملي ٿو، پر فني سـِـٽا جي لحاظ کان روحل فقير جي هندي جهولڻي ۽ سچل سرمست جي جهولڻي ۾ فرق آهي. روحل فقير جي هندي جهولڻي ۾ اڪثر چار سٽون ٿين ٿيون، ۽ هر سٽ جو وزن عام بيت جي وزن کان وڏو ۽ اينگهه وارو ٿئي ٿو. سچل سرمست جي جهولڻي جو هر بند گهڻو ڪري اَٺن سٽن جو ٿئي ٿو، ۽ نائين سٽ وراڻيءَ جي اچي ٿي. سچل سرمست جي رسالي ۾ سسئي پنهون بابت جهولڻو ملي ٿو، جنهن ۾ اهڙا پنجاهه بند آهن. هر بند يا بيت کان پوءِ جيڪي وراڻيون اچن ٿيون، اهي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. هر بند جي سٽ جو وزن ننڍو ۽ گهڻو ڪري هندي جهولڻي جي سٽ جي اڌ جيترو آهي. ڄڻ چئن سٽن کي اَٺ سٽون ڪري رکيو ويو آهي. قافيو بند جي سمورين سٽن جي آخر ۾ اچي ٿو، ۽ هر بند يا بيت جو جدا جدا قافيو آهي. حضرت سچل سرمست جي سسئي ۽ پنهون جي جهولڻي مان ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا:

 

(1)

سرتيون سڀ ٿيس صلاحي،
هو تان راهه وٺي پيا راهي،
ڇوٿينءَ ڪڍ تنين جي ڪاهي،
ڏونگر ڪيم ڏسائج ڏاهي،
حـَـبَ ۾ ڪونه ڪندءِ همراهي،
هت ٿو سنگ منجهائي ساهي
تڏهن ڇپ ڪرڻ تو ڇاهي،
پر هو اهڙو امر الاهي:

 

ٻيا سڀ ويهه تون وهم وساري.

(2)

چي ڙي، مون سان مـُـور مَ ٿيو مصلحاتي،
ثابت سڪ رهي ڪا ساتي،
هاريون هي جا آهي حياتي،
تن کي روهه رسان ٿي راتي،
پائيندس جهر تتي جهنگ جهاتي،
ڇا جي ڇڄي پوي مون ڇاتي،
ڪنديس ووڙ سندين ويلاتي،
ايندس ساڻ وٺي ڀـَـڙُ ڀاتي:

 

ڏسنديون هوت مڙئي هڪ واري.

(3)

چي ڙي، ويهه وسار وڃڻ جي وائي،
تو سان لعلن جنهن لئون لائي،
تنهنجي دل کئين تنهن تائي،
سو اڄ جاڙ ڪري ويو جائي،
ڏيئي ڪن ٻڌج تون ٻائي،
ڊوهن پاس نه ڊوڙج ڊاهي،
سرت صلاح تون سمجهه سائي،
اها ڳالهه امر ۾ آئي:

 

ڏونگر ڏورئون ئي ڏهڪاري.

(4)

چي ڙي، آڏو لس بگهيڙ ڪن لوڙا،
تن کئون ڪـَـنَ ٻئي ٿين ٻوڙا،
ڇوهئون ڇپر ڇني ٿو ڇوڙا،
تاتي ٽاڪ ٽڪر جا ٽوڙا،
سهمناڪ سـُـنڊا سي سوڙها،
ڏيون مارَ مٿي ڏين موڙا،
سي ئي ڏُرت ڏورڻ جا ڏوڙا،
ڏينڀو ڏنگ هڻن ٿا ڏوڙا:

 

آهن هاڙي منجهه هزاري.

(5)

ڪيچن ڪڍ لڳي هوءَ ڪهڪي،
پهريين پور ٽڪر سان ٽهڪي،
ڪامڻ ڪوهه ڏسي نا ڏهڪي،
اتي روح نه تنهن جو رَهڪي،
توڙي پير ڦٽيس پٻ ڦهڪي،
تان ڀي نار نه بالڪل نهڪي،
توڙئون ڪين تنهين هڏ تهڪي،
او جان عاشق اهڙي اهڪي:

 

ڏونگر سڀ وڌائين ڏاري.

(6)

مٿي روهه ڏسو سا رَمڪي،
ڪا جا عشق چکايس چمڪي،
ڏسي سڃ نه دم ڀر ڌَمڪي،
محبت مور نه ڪامڻ ڪمڪي،
گوندر وچ گذاري غمڪي،
هاديءَ جانب سان نئين جمڪي،
تنهن تان تانگهه نه تر هڪ تمڪي،
مٿس وڄ ورهه جي چمڪي،

 

تنهن جي شور وڌي شوڪاري.

(7)

آهي ڪل شيءِ“ سو هادي،
خلق الاشياءَ کئون آبادي،
وَهـُـوَ عينها ٿي آزادي،
واندي غير ڪنون هيءَ وادي،
لٿا شڪ شبها ٿي شادي،
سري سـِـره ٿي امدادي،
جنهن کي سمجهه تنهين کي تعدي،
سوئي مرد نه آهي مادي:

 

سڀ وچ صورت يار پياري.

آخري بند:

(8)

ظاهر سچ ته سڀ ڪنهن جائين،
هي ڀي رمز تون دل سان لائين،
تون تان آئينو ٿي آئين،
پنهنجو پاڻ ئي ۾ منهن پائين،
مين کي ڇوڙ ته ٿيوين سائين،
ڀولو مور نه هن ۾ ڀائين،
تو کي صحي سچ سڻائين،
ڪا شيءِ ناهي بنا حق ڪائين،
ڪل شيءِ ناطق بالحق ڳالهه اهائي ڳائين:

 

هر جا پاڻ غني گفتاري.

-------


 

جهولڻو ڪافي

]حضرت سچل سرمست جي رسالي ۾ ڪن ڪافين کي به جهولڻو ڪافي سڏيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سِٽا جي لحاظ کان انهن جو جهولڻي سان ڪجهه تعلق آهي. انهن ڪافين جو هر بند ٻن يا ٽن سٽن جو ٿئي ٿو، ۽ قافيو هر سٽ جي پويان اچي ٿو. هر بند جو جدا جدا قافيو ٿئي ٿو، جن جو قافيه جي لحاظ کان نه ٿل سان تعلق ٿئي ٿو، ۽ نه ٻين بندن سان. جيئن ته انهن بندن جو وزن اينگهه وارو ۽ لچڪدار آهي، ۽ انهن جي اڳيان ٿل به موجود آهي، تنهنڪري اهي ڪافيءَ وانگر ڳائي سگهجن ٿيون. انهيءَ ڪري اهڙين شين کي جهولڻو ڪافي جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو.[

جاني آءُ ڙي جاني، ميان،

 

آءٌ تا روز پڇان ٿي پانڌيون.

 

1.          تنهنجي اچڻ ڪاڻ هت، پوٿيون ٿي پٽايان،
سنجهي صبح سرتيون، ٿي پانڌي پڇايان،
ڏاها تنهنجي ڏيهه ڏي، ٿي ڪانگ اڏايان.

 

2.          پرين تنهنجي پار ڏنهن، اچي قاصد جي ڪوئي،
حال سڻايان پانهنجو، تنهن رهبر کي روئي،
جاني حال اسان جي، هاڻي هجر ۾ هوئي.

 

3.          دلبر تنهنجي ديس ڏي، ٿي ڏسان ڏيهاڙيون،
نانءُ تنهنجو سپرين، اَسين وس نه وساريون،
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، زور ڪريان ٿي زاريون.

 

4.          اٿي ويٺي اوتيان، آءٌ پنبڻين مان پاڻي،
اچي ڏسج سپرين، تون حال منهنجو هاڻي،
درمنديءَ جي دل ۾، تنهنجي سڪ تا ساماڻي.

 

5.          تا ڪون سڄڻ تانهنجي، هينڙي حيراني،
ڏيئي ڏکيءَ کي وئين، تون نينهن ته نشاني،
سدا
سچو آهي، ميان، تهنجي ڳچيءَ ۾ ڳاني.

 

(2)

ساٿي ساري سنيها، چئج پنهونءَ کي،

 

بيراڳي آهيان وو!

 

1. حال ڏسيو ٿو جو وڃين،
    دلاسو ڪر دوست ڏنهن،
2. ڪارو ڪج نه ڪيچ کي،
     ٻانهي ڄاڻي پانهنجي،
3. تو سان عمر گذاريان،
    ڳالهين تنهنجين ڳاري آهيان،
4. ڏورندين مون ڏونگرين،
    ٻڌا هوندا هـــوت تو،

سارو عرض ڪرين، وو
وٺي جلد ورين،وو
ڇپر تا نه ڇڏين، وو
گولن ساڻ گڏين، وو
جان ڪي هت هئان، وو
جان ٿي رت روئان، وو
گهڻا ڏينهن ٿيا، وو
جي
سچوءَ سڏ ڪيـا، وو

 

-------


 

ٽيهه اکري

]اهو نظم جنهن جو هر بند عربيءَ الف ب جي اکر سان شروع ٿئي، انهيءَ کي فارسي جي لحاظ کان سي حرفي ۽ سنڌيءَ ۾ ٽيهه اکري چيو ويندو آهي. ڪن شاعرن سنڌي الف - بي موجب 52 بندن تي مشتمل نظم به لکيا آهن، پر انهن کي به ٽيهه اکري ئي سڏيو اٿن. ڪن شاعرن وري لا ۽ ”ءِ“ کي ڇڏي، فقط 28 اکرن تي ٻڌل 28 بند لکيا آهن، پر انهن کي به ٽيهه اکريون ئي سڏيو اٿن. اهوئي سبب آهي، جو اصطلاحي معنيٰ ۾ ٽيهه اکري ان کي چيو ويو، جنهن جا بند الف - بي جي اکرن سان شروع ٿين - پوءِ اُهي ٽيهه اکر هجن، يا گهٽ وڌ. ٽيهه اکريون بيتن ۽ ڏوهيڙن ۾ به چيون ويون آهن، ته عروضي بندن ۾ به لکيون ويون آهن. ڪي وري هڪ ڊگهي بيت ۽ ڪافيءَ جي صورت ۾ چيون ويون آهن. ڪن ٽيهه اکرين ۾ هڪ اکر لاءِ هڪ بيت يا بند هوندو آهي، ته ڪن ۾ وري هڪ کان مٿي بيت ۽ بند به هوندا آهن. ڊگهن بيتن ۽ ڪافين ۾ هرهڪ اکر لاءِ هڪ مصرع هوندي آهي، ته ڪڏهن وري هڪ ئي مصرع هڪ کان مٿي اکر جڙيا ويندا آهن. تاريخي لحاظ کان ٽيهه اکري شاهه لطيف کان آڳاٽي ايجاد ٿيل معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو شاهه صاحب جي ڪن رسالن ۾ ٽيهه اکري آيل آهي. محققن جو خيال آهي، ته اهو شاهه لطيف جو ڪلام نه آهي. ٻي پراڻي ٽيهه اکري ميين عيسي جي آهي، جيڪا اندازن 1163هه کان پوءِ لکي ويئي. ان کان پوءِ، بيشمار ٽيهه اکريون چيون ويون آهن. اسان جي شاعر حضرت سچل سرمست به سرائڪيءَ ۾ ٽيهه اکريون چيون آهن، جن مان 9 ڏوهيڙن تي ٻڌل آهن ۽ هڪ صرف هڪ ڏوهيڙي ۾ سمايل آهي. نموني طور ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا:[

ف -      فوجان حسن ديان چڙهه پيان،

 

جيوين چڙهي سپاهه فرنگيان دا،

 

                گردا گرد اُهين ڪون جو ويڙهه گهتن،

 

ڏاڍا تاب اُنهان وو ترنگيان دا،

 

                قابو نين سياهه سون پووِن،

 

جوڙ ڏٺا مين جنگيان دا،

 

                انهان نال برابر ڪيوين ڪري،

 

سـَـچـُـو لشڪر روميان زنگيان دا،

 

ر -         رنگ گـَـهرا متواليان دا،

 

آون رل ته سير تماشڙي ني،

 

                چناه دي وو ڪناري ناز ٽرن،

 

ڪر هار سينگار سي خاصڙي ني،

 

                غمزه لا عشاقان جو سرمنگن،

 

رکن عاشقان اتي وو تلاشڙي ني،

 

                ساڏي طرف سهڻي وو اڏا ڇوڙئي،

 

ڏاڍي باز برهه دي باشڙي ني.

 

ٻي سي حرفي مان:

ر -         رخ پيا رنگ رنگ اتي، ٿئي موج کڙي،

 

ڇوليئن ڇول پئي،

 

                خس خار اُتارا وڏا ڏتس،

 

سارا بحر وچون بد نيڪ ڳئي.

 

ز -         زور تي بحر زُخار آندا، تنهن دي وچون ٿيا

 

ڪوئي بخار کڙا،

 

                        اُهين شور مچاريا آسمان توڙي، وسڪاردي ٿي

 

وو غبار کڙا.

 

ٻي سه حرفي مان:

ذ -         ذات صفات هڪائي آهي، ڀول نه گهتين ڀولي،
                سوئي اندر سوئي ٻاهر، سوئي تيڏي چولي،
               
وفي انفسکم افلاتبصرون، وسدا وچ وچولي.
س -      سراپا سوئي وسدا، سڀ ڪجهه يار ڪريندا،
                جيها اِٿان تيها اُٿان، ڇوڙ گمان گهريندا،
               
لو ڪشف الغطاءَ مازدت يقينا، ڪيهان ڌيان ڌريندا،
ع -       عطر عنبير جو لاکڙيـُـس، اڄ يار ميڏي گهر آيا،
                اُٿڻ ٻهڻ سڀ نال اهين دي، ڪنهن تا رمز ريجهايا،
               
ونحن اقرب اليـه من حبل الوريد، رڳ رڳ وچ سمايا.

 

-------


 

گهڙولي

]هن ۾ عورت جي زباني محبوب جي خدمت جو جذبو ظاهر ڪيل هوندو آهي، ۽ آزي ۽ نيزاري ڏيکاريل هوندي آهي. هن صنف ۾ خدمت جي اظهار لاءِ وراڻي ۾ گهڙولي ڀرڻ ضرور ايندو آهي. انهيءَ ڪري اهو نالو پيو اٿس. پهرين گهڙولي حضرت سچل سرمست جي ملي آهي، جيڪا سرائڪيءَ ۾ آهي. ان کان پوءِ، ڪيترن ئي شاعرن سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ گهڙوليون چيون آهن. فني سـِـٽا جي لحاظ کان ڪي گهڙوليون بيتن ۾، ته ڪي وري بندن تي مشتمل هونديون آهن. سچل سرمست جي گهڙولي ننڍن بندن تي ٻڌل آهي، جنهن جي هر بند ۾ ننڍيون ٻه مصرعون آهن، جيڪي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. انهن جي پويان وراڻي اچي ٿي.گهڙوليءَ ۾ 33 بند آهن، جن مان انتخاب هيٺ ڏجي ٿو. [

 

مئن تان گهڙولي ڀرندي هان

1. پير پيران سئين حضرت ميران،
    ڪامل مرشد ڪرندي هان،

 

نام ڳڌي جنهن دي ٽٽن زنجيران
مئن تان گهڙولي ...    ...

 

2. نوح نبي دي ٻيڙي آئي،
    صدق ٻيڙي تي چڙهندي هان،

 

جنهن وچ حضرت محبوب الاهي
مئن تان گهڙولي ...    ....

 

3. ابوبڪر شاه عمر عثمان،
    شاه عرب دي بردي هان،

 

علي پاڪ امام شمان
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

4. ان الله ينطق عليٰ النسان عمر،
    شڪر اولاد عمر دي هان،

 

شب معراج نبي دي نال عمر
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

5. بعد نبي دي نبي هوندا،
    مئن فرق نه ڪوئي ڪرندي هان،

 

قول نبي دي عمر هوندا
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

6. پيش پنجان دي تڏان پئي هان،
    نال سفارش نه چڙهندي هان،

 

چوان دا جڏان امر مني ها
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

7. پنج تن درخت ميوو حقيقي،
    شاخ تنهين شجر ديهان،

 

اربع بمر گان ڦول رفيقي
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

8. حسن حسين علي دا ڄايا،
    ٻانهي شاه حيدر دي هان،

 

بار امت دا سر تي چايا
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

9. شاه عبيدالله جيلاني،
    ڄم شاه درازي دي هان،

 

بخش ڪيتي حق سلطاني
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

10. مرشد شاه درازي دي گولي،
      بحر برهه وچ تردي هان،

 

عبدالحق پڙهائي ٻولي
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

11. شان اسا ڏا وچ سلسلي دي،
     قر
ة العين رهبر دي هان،

 

12. نا مئن شيعه نا مئن سني،
      باندي عشق افسر دي هان،

 

13. ڪيتا نور الله دي تجلا،
      همه شمس قمر دي هان،

 

14. علم ظاهر هستي هو وڻ،
      دم قدم گم ڪر دي هان،

 

15. صورت الله دي دل وچ ڄاڻين،
     محو ذاتي وچ مردي هان،

 

16. سر سنيهڙو هٿ گهڙولي،
     جام قدح ڪوثر دي هان،

 

17. سچل سارا نور الاهي،
     هر دم رب رب ڪردي هان،

ابو سعيد فاروق اڪمل دي
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

صرفي صاف برهه دي مني
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

تن من سارا عشق اجلا
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

لدني باب الف دا اورڻ
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

وفي انفسکم صحيح سڃاڻين
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

محڪم خيال دي دم ڪڙولي
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

حضرت پير دي هي همراهي
مئن تان گهڙولي ...   ...

 

--------

 

ماخذ

1. سچل سرمست جو رسالو، ڀاڱو پهريون. مرتب: مرزا علي قلي بيگ، سال 1902ع.

2. سچل سرمست جو رسالو، ڀاڱو ٻيو. مرتب: مرزا علي قلي بيگ، سال 1903ع.

3. سچل سرمست: آغا غلام نبي صوفي، سال 1933ع.

4. سچل سرمست جو رسالو: عثمان علي انصاري، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع.

5. سچل جو سرائڪي ڪلام: مولوي حڪيم محمد صادق، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1959ع.

6. سچل جو سنڌي ڪلام: رشيد احمد لاشاري. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد.

7. سچل جو سرائڪي ڪلام: رشيد احمد لاشاري. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد.

8. سچل جا سنڌي بيت (اڻ ڇپيل) ڇپائيندڙ: رحيم بخش شيخ مرحوم. ڪتاب فقط 208 صفحن تائين ڇپيو، پر پوءِ ڇپائي بند ٿي وئي. هن ۾ ڪجهه ڌاريا بيت به گڏجي ويا آهن.

9. درازي فيض (سچل سرمست جو سنڌي ڪلام، فقط ڪافيون، عنوان هيٺ آندل) اڻ ڇپيل ۽ اڻپورو. مرتب: رجب علي فقير.

10. سچل سرمست - شاعر هفت زبان، 1966ع: قاضي علي اڪبر درازي.

11. دولهه درازي: قاضي علي اڪبر درازي، سال 1961ع.

12. دولهه درازيءَ جي درٻار جا در: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1972ع.

13. مثنوي درد نامه: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1963ع.

14. مثنوي عشق نامه: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1962ع.

15. مثنوي وصلت نامه: اردو ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1965ع.

16. مثنوي راز نامه: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1968ع.

17. مثنوي وحدت نامه: اردو ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1964ع.

18. مثنوي تار نامه: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1963ع.

19. مثنوي گداز نامه: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،
سال 1962ع.

20. مثنوي رهبر نامه: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1964ع.

21. نقطئه تصوف: اردو ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي، سال 1973ع.

22. بحر طويل: قاضي علي اڪبر درازي.

23. ديوان خدائي: سنڌي ترجمو: قاضي علي اڪبر درازي،  سال 1968ع.

24. ديوان آشڪار، سچل ادبي اڪيڊمي، پيش لفظ، مخدوم امير احمد، لاهور، سال 1957ع.

25. سچل سرمست: مرتب: ڊاڪٽر عطا محمد حامي، پاڪستان پبليڪيشنس، ڪراچي، سال 1964ع.

26. فارسي مثنوي (ساقي نامو، تار نامو، راز نامو، گداز نامو ۽ عشق نامو) سنڌي منظوم ترجمو: ڊاڪٽر عطا محمد حامي، نئين زندگيءَ جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل ۽ پوءِ ڪتاب: سچل سرمست جي آخر ۾ ڏنل.

27. سچل سرمست (اردو): رشيد احمد لاشاري، سلطان حسين ائنڊ سنس ڪراچي، سال 1966ع.

28. سچل سرمست: شايع ڪيل، مغربي پاڪستان انفرميشن ڊپارٽمينٽ خيرپور، سال 1964ع.

29. جنت السنڌ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ،  سال 1958ع.

30. تذڪره شعراءِ سکر: ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، سال 1965ع.

31. سچل سرمست: ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، نئين سنڌي لائبريري، سال 1922ع.

32. سچل: ڪلياڻ آڏواڻي، سال 1954ع.

33. سچل جو ڪلام: نماڻو فقير، سال 1952ع.

34. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،  سال 1976ع.

35. جوتيون جواهرن جون: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سال 1971ع.

36. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (اردو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1983ع.

37. بيان العارفين سنڌي. مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،  (اڻ ڇپيل).

38. قرآن مجيد، سنڌي ترجمو: مولانا محمد مدني، 1953ع.

39. رساله قشيريه: امام ابو القاسم عبدالڪريم قشيري، اردو ترجمه: ڊاڪٽر پير محمد حسن، اداره تحقيقات اسلامي، اسلام آباد، 1970ع.

40. تعرف: ابوبڪر بن ابو اسحاق محمد بخاري ڪلابادي، اردو ترجمو: ڊاڪٽر پير محمد حسن، المعارف لاهور، سال 1971ع.

41. فصوص الحڪم: شيخ محي الدين ابن عربي، اردو ترجمه: مولوي حافظ محمد برڪت الله، اقبال پبلشرز، ڪراچي.

42. ڪتاب الطواسين: منصور حلاج: اردو ترجمه: ڊاڪٽر محمد رياض، اسلامڪ بوڪ فائونڊيشن لاهور، 1977ع.

43. معارف شمس تبريز (ديوان شمس تبريز جي شرح): مولانا حڪيم محمد اختر، ڪتبخانه مظهري، ڪراچي، 1976ع.

44. مثنوي مولانا روم: اردو ترجمه: مولوي فيروزالدين.

45. ڪشف المحجوب: سيد ابوالحسن علي بن عثمان الجلالي، الهجويري داتا گنج بخش، اردو ترجمه: عبدالمجيد يزداني، قرآن لميٽيڊ لاهور، 1968ع.

46. ڪلمة الحق: صوفي عبدالرحمان سنڌي لکنوي، اردو ترجمه:
مولوي عرفان احمد انصاري، الله والي ڪي قومي دڪان لاهور، 1920ع.

47. افادات شيخ محي الدين ابن عربي (شرح فصوص الحڪم) شيخ محب الله اله آبادي، اداره انيس اردو اله آباد، سال 1961ع.

48. جنيد بغدادي: ڊاڪٽر علي حسن عبدالقادر مصري، اردو ترجمه: محمد ڪاظم، مڪتبه جديد لاهور، 1967ع.

49. الحڪم الرفاعيه: سيد احمد ڪبير رفاعي، اردو ترجمه: عبدالحليم شرر، آئينه ادب لاهور، سال 1967ع.

50. تصوف اسلام: مولانا عبدالماجد درياءَ آبادي، قرآن  لميٽيڊ، لاهور.

51. التحفة المرسله الي النبي (عربي، اڻ ڇپيل): محمد بن فضل الله - تعارف ۽ اختصار آيل ڪتاب: عربي ادبيات ۾ پاڪ و هند جو حصو: ڊاڪٽر زبيد احمد، اردو ترجمو: شاهد حسين رزاقي، اداره ثقافت اسلاميه لاهور، سال 1973ع.

52. رساله رموزات (فارسي، اڻ ڇپيل): سيد عبدالجليل بلگرامي - تعارف ۽ اختصار آيل، ماهنامه “المعارف” لاهور، مارچ 1979ع، مقاله: سيد محمد متين هاشمي.

53. سه ماهي “الرحيم”، مشاهير سنڌ نمبر: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي، سال 1967ع.

54. تذڪره مشاهير سنڌ، مولانا دين محمد وفائي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1974ع.

55. ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما:  احسن ڪربلائي، شايع ٿيل: مهراڻ جون موجون، مرتب: پير حسام الدين راشدي، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، سال 1956ع.

56. تاريخ تمدن سنڌ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

57. مخزن انوار توحيد: پروفيسر شاهه، ڪراچي، 1963ع.

58. حضرت مجدد ڪا نظريه توحيد: ڊاڪٽر برهان الدين احمد فاروقي، مقبول اڪيڊمي لاهور، 1967ع.

59. انتخاب مڪتوبات امام رباني: تلخيص ۽ ترجمو: مولانا هدايت علي جيپوري، سال 1963ع.

60. لغات قديمي: مرزا قليچ بيگ، نئين سنڌي لائبريري، سال 1924ع.

61. جامع سنڌي لغات، جلد اول: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1960ع.

62. تحقيق لغات سنڌي: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سال 1955ع.

63.  جامع اللغات: نولڪشور لکنو، سال 1908ع.

64. بيان اللسان (عربي اردو لغت)، قاضي زين العابدين، سال 1955ع.

65. الوحيد، سنڌ آزاد نمبر

66. Persian Poets of Sindh: Dr. H.I. Sadarangani، Sindhi Adabi Board، 1956.

67. The Pantheistic Monism of Ibn al-Arabi by: S. A. Q. Hussaini، Sh: Muhammad Ashraf Lahore، 1970.

68. The Secret of Anal Haqq: Shaikh Muhammed Ibrahim; Translated by: Khuwaja Khan, Sh: Muhammed Ashraf Lahore، 1971.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com