سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: --

صفحو :1

خزانته العارفين

مولانا درمحمد خاڪ

پيش لفظ

از افادات عاليه جناب عالم عامل صوفي ڪامل فقيہ فاضل

مولانا غلام الرسول صاحب عباسي لاڙڪانوي

بسم الله الرحمان الرحيم حامدا و مصليا

سّر ديگر هست کو گوش دگر طوطي کو مستعد آن شکر طر طيان خاص راقندي ست زرف

طوطيان عام زين خور بسته طرف

کي چشددرويش صورت زان لکات معني است آن نـﻶ فعولن فاعلات

واضح هجي ته علم تصوف نالو علم مشاهده جو آهي جنهن علم کي رسول خدا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم احسان سان تعبير ڪرڻ فرمايو آهي-

(ان تعبد ربڪ کانڪتراه فان لم تکن تراه فاذه يراک)

علم تصوف جو محصول آهي محبت ۽ قرب الاهي ۽ تصفيہ باطن ۽ تزڪيہ نفس- شيخ ڪامل مڪمل عالم ظاهر باطن متبع سنت صاحب الهامات معبر روايات مسيحادم جي صحبت ۽ تعليم ساڻ حاصل ٿئي ٿو- بي عنايات حق و خاصان حق گر ملک باشد سيه هستش ورق) سلوڪ تصوف ڪامل رهبر جي صحبت کان سواءِ مشڪل بلڪ بسا اوقات مهلڪ آهي مڪمل جي صحبت اڪسير آهي سندس ڪلمات شافي امراض باطنہ ۽ سندس ارشادات دوائي اسقام خفيه محبت الاهي ڪري اُن جو ڪلام پارس آهي جو ٽامي کي سون ڪري ڇڏي-

شيخ ڪامل جي صحبت ميسر نه ٿئي ته تصوف جا ڪتاب ۽ الله وارن جو ڪلام به نعمت آهي اوليائن جي ڪلام ۾ ڪافي جاذبيت آهي جو دل کي غير حق جي تعلق کان آزاد ڪري ٿي ۽ انابت ميسر ٿئي ٿي- اسان جي سنڌ ۾ حضرت شاه عبداللطيف هڪ عارف ڪامل متبع شريعت حامل عشق ۽ محبت عامل شرع ۽ سنت ٿي گذريو آهي- درکف جام شريعت در کف سندان عشق هر هوس ناک ندا ند سام سندان باختن- سندس رسالو هڪ شفا جو نسخو آهي جو باطن جي بيمارين کان خلاص ڪري ٿو ۽ ڪحل الجواهر آهي جو ڪور باطنن کي نور بخشي ٿو زبان شيرين ملاحت ڪلام وري ڄڻ سون تي سهاڳي جو ڪم ڏيکاري رهيو آهي مگر سندس ڪلام پر اشارات رموزات آهي جو صاحب ذوق کان سوا ٻيو مشڪل معلوم ڪندو – الحمد الله جو مولوي عالم ظاهر باطن واقف اسرار ڪن مولوي صاحب در محمد خاڪ ڪاندهلوي رساله جو شرح نالي خزانتہ العارفين تيار ڪيو آهي جو حامل خصوصيت خاصہ آهي حل معاني ڪلبات مشڪله تعبير اشارات ڪامنہ تطبيق به احڪام شريعت شرح رموزات مخفيه ۾ ڪافي توجهه فرمايو اٿس. هن وقت ۾ اهڙو شرح دستياب ٿيڻ مشڪل آهي فللہ دره واجره- رب تعالى  سالڪان طريقت کي نفع بخشي ۽ شارح صاحب کي اجر عظيم عطا ڪرڻ فرمائي آمين.

ڪتبہ الفقير المتوسل بذيل الرسول صلي الله عليہ و سلم غلام رسول المتوطن في بلدة لارکانہ-

23- رمضان شريف 1381 هه

تبصره از جانب جناب اديب اعلى باريڪ بين بالا جناب خان صاحب عبدالله خان چنہ حيدرآبادي

جناب مولانا در محمد متخلص به خاڪ ڪاندهلوي سان منهنجي واقفيت تقريبا ٽيهن سالن کان رهي آهي- جڏهن آءٌ وارهه جو مختيارڪار هوس ته جناب مولانا صاحب ان وقت ۾ منهنجو عربي ۽ علم عروض جو استاد هو مولانا صاحب جي صحبت ۾ شاعري- حديث – قرآني فلسفه ۽ شاه جي صوفيانه فلسفي ۽ تصوف جي مسائلن تي ڪيئي مرتبا طويل بحث ۽ تبادله خيالات ٿيا جنهن مون کي جناب مولانا صاحب ڏانهن زياده مائل ڪيو مولانا صاحب جي شاعري سنڌ ۾ عوام جي اڳيان ايترو مشهور نه ٿي آهي ڇاڪاڻ ته اها عام جي آڏو ڪتابي صورت ۾ نه آئي آهي ورنه مولانا صاحب هر ڪنهن قسم جو شعر موزون بلاغت فصاحت ملاحت سان مشحون نزاڪت سان نباهي چوڻ فرمايو آهي انهي ڪري جناب مولانا صاحب پڻ جمعيته الشعراءِ جي اعلى ارڪانن ۾ مندرج هجڻ ڪري ورڪنگ ڪاميٽي تي ممتاز ميمبر جي حيثيت ۾ چند سالن کان منتخب آهي، مطلب ته مولانا صاحب جو وجود مسعود طبقئه خاص وٽ مهتاج تعارف جو نه آهي بلڪ عام جي اڳيان هڪ گمنام گودڙيو آهي. حضرت خاڪ صاحب جناب حضرت بزرگ مرحوم مخدوم ملڪاڻي صاحب جو بامراد مجاز مريد هو ۽ آهي ۽ ان جي صحبت سوني مان کيس شاه صاحب جي لنؤ لڳي. ۽ اعلى اثر دوران شاه صاحب جي چند بيتن تي اسلامي نڪتي نگاه کان شرح لکي آهي جا لطيفي پيغام ۽ لات کي اهل روحانيت آڏو بخوبي پيش ڪري ٿي. اميد واثق آهي ته جناب مولوي صاحب جن شاه صاحب جي سڄي رسالي کي اهڙي رنگ ۾ پيش ڪرڻ فرمائيندا جو اڄ ڪلهه جي نوجوانن جي تربيت لاءِ اهڙو تمام ضروري آهي. (والسلام)

25-2-62ع                   

عبدالله چنا حيدرآباد

تبصره جديد مشحون بسخن سديد از طبع

اديب احسن شيرين زبان اديب زمان جناب

محبوب المحبوب صاحب القلم و اللسان

دامت حياته – تبصرهء محبوب

جناب مولانا در محمد صاحب خاڪ ڪانڌڙي جو نام نامي سنڌ جي ادبي حلقن کان محتاج تعارف نه آهي. حالانڪ پاڻ هڪ گوشه نشين اديب؛ قادر الڪلام شاعر لطيفي لات جا شاهاڻا شارح – باعمل عالم ۽ متبحر فاضل آهن. ڌڻي تعالى جي فضل و ڪرم سان شعر جي شعوري ميدان ۾ شهسوار آهن ۽ کين عربي- فارسي- اردو- سنڌي- سرائڪي ۾ مساوي طور يدطوليٰ آهي.

مگر افسوس ته سندن شہ پارا بازار ادب ۾ جلوه افروز نه ٿيا آهن. ان ڪري اسان جو عوام جناب مولانا صاحب جي ملڪوتي مڻيا کان متعارف نه آهي. سندن خداداد قابليت جو ادنى ڪرشمو موجوده ناياب رسالي، بنام، (خزانتہ العارفين) جي سهڻي صورت ۾ هويدا ٿي رهيو آهي.ان مان ديس واسي پوري طرح پرجهندا ته مولوي صاحب جن کي لطيفي معرف، جي مام جو پورو پورو درڪ آهي. مرحوم محمد بخش واصف به شرح لطيفي لکي ديس واسين تي احسان ڪيو ۽ اها شرح گربخشاڻي ڊاڪٽر جي رسالي جي شايع ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلمانن طرفان پهريون رد عمل هو. ان بعد مولوي صاحب جي هڪ سٻر ساٿي اخويم عبدالله خان صاحب چنا، اديب سنڌ جي خاص شماره ذريعه، ڊاڪٽر گربخشاڻي جون غلطيون شايع ڪري سنڌ جي مسلمانن طرفان ٻيو قدم کنيو ۽ هي موجوده ٽيون قدم جناب مولوي صاحب طرفان کنيو ويو آهي جو مذڪور ٻنهي قدمن جو مرڪب آهي ۽ شاه صاحب جي رساله کي سمجهڻ لاءِ اضافي قدم جي حيثيت رکي ٿو. ڌڻي ڪري ته مولوي صاحب لطيفي رسالي جي هن پاڪ پيغام کي توڙ تي پهچائي. آمين.

ازانسواءِ مولانا صاحب شاه صاحب جي شاهاڻي حياتي جي ڪن خار نڪتن تي به روشني وجهڻ فرمائي آهي، جن مان لطيفي تعليم، قابل توجهه آهي. سندن نظريو تحفته الڪرام مقالات الشعرا جي صاحب مرحوم مير علي شير قانع جي تصديق ڪري ٿو. بندو پڻ ان نظرئي جو قائل آهي ۽ 1948ع ۾ هن جو پرچار ڪري چڪو آهي. جي صاحب روحانيت ۽ وهبيت ۾ عينين رکن ٿا. انهن کي قانع صاحب وارو نظريو قوي نظر اچي ٿو مگر جي دنوي ۽ اڪتسابي علم جا دلداده آهن تن کي اهڙي روحاني ۽ رباني رازن جي ڪهڙي قوت. کجدانند حال ما سبکار ان ساحلها توقع تام آهي ته جناب مولانا صاحب جي هي محبت واري مشقت باثمر ٿيندي ۽ ميڙ لطيفي پانڌيڙن لاءِ هڪ مڪمل سونهي ۽ رهبر جو ڪم ڏيندي.              

والسلام

محبوب علي چنا

حيدرآباد  25-2-62  

از قلم فيض رقم جناب حضرت سيد محمد علي

اڪبر شاه صدر جامع عربيه حيدرآباد سنڌ

شاه جو رسالو پيغام آهي جو سنڌي زبان ۾ آهي پر سنڌي ماڻهو به شاهه جي انهي پيغام کي نه ٿا سمجهي سگهن، ڇاڪاڻ ته شاه جو پيغام روحاني پيغام آهي. روح کي جاڳائيندڙ پيغام آهي يعني تصوف سلوڪ طريقت ۽ حقيقت ۽ معرفت حاصل ڪرڻ جي تعليم آهي. حضرت شاه حق آگاه جي پيغام جي سمجهاڻي ۽ شرح تشريح جي ڏاڍي ضرورت آهي، آنجهاني گربخشاڻي البته همت ڪري هڪڙو شرح لکي شايع ڪيو جي ٽي جلد ملي سگهن ٿا، چوٿون جلد ناپيد آهي. مون کي ياد آهي ته انهي زماني ۾ قاضي سيد اسد الله شاه صاحب ٻارهن قسطن ۾ اخبار الوحيد ۾ گربخشاڻي جي شرح تي هڪ علمي تنقيد ناقدانه انداز ۾ لکي هئي. جنهن سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي ۽ پروفيسر گربخشاڻي کي اعتراف ڪرڻو پيو ته مان عالم نه آهيان صوفي به ناهيان پر پنهنجي علم آهر جيڪي مون کان ٿي سگهيو آهي، سو مون لکيو آهي. مان چوان ٿو ته کيس شاباش  آهي پر افسوس آهي ته گربخشاڻي کان پوءِ ڪو به مستند شرح شاه جو شايع ڪونه ٿيو آهي- مون کي جناب حضرت مولانا مولوي درمحمد صاحب خاڪ ڪاندهلوي جي لکيل شرح ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته منهنجي دل باغ و بهار ٿي ويئي جو اهڙي عالم دين ۽ عارف حقيقت صوفي باصفا جي قلم کڻن جي ضرورت هئي. شاه ڀٽائي ڀلاري جي هر شعر تي قرآن شريف حديث شريف ۽ تصوف  جي تسليم ٿيل ڄاڻن- ڄاڻو بزرگن رومي، حافظ، جامي، سعدي، عطار، سنائي ۽ جنيد بغدادي ۽ بايزيد بسطامي، امام قصيري، امام غزالي ۽ امام رباني، ۽ غوث اعظم جيلاني، غوث ذڪريا ملتاني ۽ مخدوم جهانيان ۽ خواجه معين الدين چشتي اجميري، نظام الدين اولياء دهلوي، قلندر شهباز ۽ بوعلي قلندر ۽ عرب عجم سنڌ ۽ هند جي صوفين اوليائن ڪرامن جي ڪلام کي گڏ ڪري شاهه ڀٽائي جي شرح ۾ دليل ورتو آهي. شاه جي پنجاه بيتن جو شرح ڪري پنجاه خزانن جا دروازا هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ کولي ڇڏيا آهن جئن شاه صاحب ڀٽائي سنڌي جي مجلس ۾ انهن سڀني بزرگن جي زيارت روحاني طور ۽ بشارت سندن گفتگو ۽ ڪلام جي صورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي مان دعا ٿو ڪريان ته الله تعالى مولانا مولوي صاحب درمحمد المتخلص خاڪ جنهن سنڌ جي خاڪ کي افلاڪ تي پهچائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي سو پايئه تڪميل تي پهچائي جو مولانا صاحب پاڻ صوفي شاعر صاحب ڪليات آهي ۽ اهڙي بزرگ جي قلم فيض رقم سان سنڌي ادب ۾ قابل قدر اضافو ٿيندو ۽ سنڌي ادب ۽ شاه ڀٽائي جي شائقين جي تسلي ۽ تسڪين جو باعث ٿيندو. جيڪڏهن هن ڪتاب کي خريد ڪري حرز جان بنائيندا ۽ املهه خزانو هٿ ڪندا ته مصنف شارح جي همت افزائي ٿيندي، جنهن پنهنجي قلم سان گڏ پنهنجي حبيب کي به هن وڏي ڪم جي حوالي ڪيو آهي.

فقط 23 مارچ 1962ع

سيد محمد علي اڪبر شاه ميهڙائي

چند اشعار از طبع ع – ق شائق ڪنڊوي

بي – اي (ايم – اي) سنڌ اي ايف پنجاب

لطيفي لات جو رهبر مبارڪ هي ڪتاب آهي

ڪيو تصنيف حضرت خاڪ صاحب لاجواب آهي

غواص بحر وحدة عرق ريزي سان ڪڍيا موتي

وينجهارن وٽ قدر قيمت انهن جو بي حساب آهي

بلاشڪ آهه شيرين چشمه ميخانه محبت جو

پياسي قلب جي اڃ ڪاڻ پاڪيزه سحاب آهي

موالي معرفت ميخانه جا مشتاق ٿي پيندا

پيالا پر ڪري ساقي هٿان سهڻو ثواب آهي

تصوف جي سمندر جو هي آهي نا خدا ڪامل

شب ديجور ۾ جيئين منور ماهتاب آهي

نظر اڪسير عارف سان وڃن رهگير لک رڱجي

نهاني نيهن پنهنجي مهن مٿان کوليو نقاب آهي

لطيفي لار گهرجي تشنگي ۾ تشنئه لب کي

سدا ميخانه ساقي جو صفا گلگون شراب آهي

لکين نسخا لکيا شائق اديبن شاه تي ليڪن

ادب جي آسمان جو هي مڪمل آفتاب آهي

 

سرتاج سنڌ جو روحاني

عبرت خيز معجزو ۽ ڪرامت

اڄ رات آچر جي مورخہ 27 ربيع الثاني سن 1381 هه ۾ ٿورو تهجد جي وقت کان اڳي سهڻي ۾ سهڻو سفيد لباس نوراني سان پهريل ڏسي رهيو آهيان جو فقير جي مسجد شريف ۾ شريفانہ انداز ۽ روحاني راز سان تشريف فرماء ٿيو ڏسڻ سان سڃاڻي چيم ته جناب ڀٽائي گهوٽ آهي پاڻ سڳورا مون سان شفقت ڀريو ڀاڪر پائي ملڻ کان پوءِ مسجد مبارڪ جي مصلي تي اوڀر طرف ڏي مهن مبارڪ ڪري ويٺا فدوي سندس خدمت اقدس ۾ بيٺو رهيو تانجو پاڻ فرمايائون ته توهان منهنجي سڄي پاسي کان ويهي رهو، فدوي حڪم موجب اڃان ويهڻ جو خيال ڪري هيٺ نهاريو ته ناگاه نکه تي حيرت ڀريو عمدو هنڌ وڇايل نظر آيو، جنهن تي ويهڻ سان دل جو دل ۾ خيال دامن گير ٿيو ته هي حيرتي هنڌ حضرت سرتاج سنڌ جي ڪرامت جو ڪارڻ آهي جو هنڌ فدوي جي اعزاز ۽ احترام جو باعث ٿي ٻاهر ٿيو آهي وگرنہ نک تي اڳ ۾ ڪجهه به ڪونه هو، آخرڪار ويهڻ کان پوءِ واجهائي ڏٺم ته مسجد مبارڪ ۾ فقط ٽي فرد هواسون هڪ لطيف لاثاني ٻيو فدوي فرحاني ٽيون نالي علي محمد نگراني جو پڻ فدوي جو ڀاڻيجو ۽ مسجد جو بانگو آهي. سو سرتاج سنڌ جي اوڀر طرف کان سامهون ويٺل نظر آيو ٿي. اهو وقت سعيد مون کي نماز جو نظر آيو تنهن ڪري مون کين مؤدبانه نمونہ ۾ گذارش ڪئي ته قبله عالم بانگ ڏيارجي پاڻ فرمايائون ته اڃان وقت ڪافي پيو آهي ڪجهه دير ڪريو ٿوري دير گذرڻ کان پوءِ ڏٺو ويو ته ساري مسجد ماڻهن سان ڀرجي ڀرپور ٿي وئي جن مان ڪي سينگار واسطي گل ڦل کڻي آيل هوا ته ڪي وري ڳاڙهي رنگ عمدي تي هڪ تنبو کڻي آيا جو ساري مسجد کي محيط ٿي ويڙهي ويو اسان سڀني پاڻ کي تنبو رنگين جي زير سايہ ويٺل ڏٺو مطلب ته ساري مسجد مبارڪ سينگار جي سبب ڪري ڄڻ بهشتي باغ بڻجي چڪي هئي. اتي سڀ ڪنهن جي حيرت جي حد نه رهي مڙئي ماٺ جي حالت ۾ محو هجڻ ڪري لب ڪشائي جي جرئت وڃائي ويٺا هوا ته اوچتو هڪ نوجوان نروار ٿيو جنهن جي هٿ حڪمتي تي ٽي لٽا سفيد جديد رکيل هوا جي لٽا هن نوجوان جناب سرتاج سنڌ جي آڏو ادب سان رکيا پوءِ اهي ٽئي ڪپڙا پاڻ سڳورن پنهنجي هٿ مبارڪ سان فدوي کي پارايائين اها پڳ مبارڪ پاڻ پنهنجي هٿ سان ٻڌائي فرمايائون ته اڄ کان وٺي تون اسان جو اُويسي خليفو آهين ۽ هي مسجد مبارڪ اڄ کان وٺي مسجد ”لطيفي“ سڏجڻ ۾ ايندي، ڇو ته تو مون کي رسالي ”خزانته العارفين“ جي ٺاهڻ سان نهايت روحاني راحت رسائي آهي تنهن ڪري مان بذات خود توکان گهڻو خوش ۽ رازي بازي آهيان، انهي چوڻ کان پوءِ پاڻ سڳورا غائب ٿي ويا ۽ مان بيدار ٿي جاڳي پيس، هن عبرتي خواب مان ٻه ڳالهيون ڌيان طلب آهن هڪ سرتاج سنڌ جي روحاني ڪرامت وارو الهام ٻيو رسالي جي شارح جي عزت ۽ احترام،  انتباه زائل اشتباه.

فدوي هڪ ڏينهن مورخه 26 ربيع الثاني تي رسالي خزانته العارفين جي فهرست مضامين کان فراغت حاصل ڪئي ته ورندڙ رات 27 ساڳي مهيني جي جناب سرتاج سنڌ پاڻ تشريف فرماءِ ٿي. فدوي کي فوز عظيم جي فيض سان فرحان ڪرڻ فرمايو، ڄڻ ته فدوي کي پنهنجي قدوم ميمنت لزوم سان رسالي جي تاليف جو حق هڪدم عطا ڪرڻ آيو هو.

لقاء لطيفي لهندڙ درمحمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي.

تعارف ذي المعارف جو بيان

سنڌ جي سرزمين سر سبز تي جناب سرتاج سنڌ جون سوين ورسيون ملهايون وڃن ٿيون ۽ سندس رسالي جي دشوار ۽ اوکن لفظن جي معنائن تي ڪن بزرگن اديبن گهڻي محنت ۽ کوجنا ڪرڻ فرمائي آهي جن صاحبن جي محنت مزيد ۽ ڪوشش ازيد جو شڪريو بجا آڻڻ اسان تي اخلاقي طرح لازم آهي پر ڪيئي ورهن جا ورهه ۽ صدين تي صديون گذر ٿينديون ويون مگر ڪنهن صاحب گام زن ٿي رسالي جي شرح شافي ۽ حجت وافي جي طرف وکه وڌائڻ جي ڪوشش ڪامل ڪانه ڪئي، هائو مسٽر گربخشاڻي جو شرح تيار ڪيل نڪري نروار ٿيو جو تحقيق جي نکته نگاه کان بلڪل اڻ پورو هو تنهن ڪري اهو به حضرات ناقدن جي نظر فيض اثر جو نيشان بڻجي اهڙو ته دٻجي ويو جو اديبن جي دنيا تي سندس مقبوليت ته محو ٿي پر رهندو سندس پڙهڻ جي پچرئي عدم پديد ٿي وئي، تنهن ڪري ٻيا صاحب فهم به شايد زير اثر رهي سرد ٿي ويهي رهيا و گرنه دنيا داناعن ۽ صوفين صديقن کان خالي نه آهي يا ڪو ٻيو سبب روڪ رڪاوٽ جو هجي، والله اعلم بالصواب مطلب ته گهڻو وقت اکيون انتظار جا تارا تڪينديون رهيون پر هيٺين پهاڪي وانگي (پينچن کي مهت نيسارو اتي جو اتي) وارو معاملو درپيش ٿيندو رهيو، آخرڪار ڏٺو ويو ته ڪو به مرد مٿين ميدان تي نڪري نروار نه ٿيو ايتري انتظار واري عرصه گذرڻ بعد، ڪن بزرگن احبابن ادب جي گهڻ گهرن جو فقير حقير پيرسن زهير هن خاڪ نمناڪ تي زور بار پيو ته تون هن ڪٺن ڪم ڏي ٿورو توجہ ڏي. مون کين انڪاري جواب ڏيڻ موزون نه ڄاتو بلڪ بيمارن وانگي هوريان هائو ڪري ويٺس جيئن جو هوريان واري هائو تي هي هيٺيون مصرعه صادق اچي ٿو (مصرعه)

(هائو ڪري ٿو هوريان بيمار جي طرح) تنهن هوندي به زماني جي لاهن چاڙهن ۽ بيمارين جي هولناڪ حملن هجڻ ڪري سنبرندي سنبرندي سال ڏيڍ گذري ويو پر ڪم اهم مطلوب ۾ هٿ وڌو نه پنو، جنهن ڪاهلي ۽ سيڙپ واري سنبت تي هي هيٺيون بيت لطيفي صادق اچي ٿو. (بيت)

اتر ڏني اوت نه مون سوڙ نه گبرو

چارئي چني پوت مون ويڙهندي رات وئي

آخرڪار ڳالهه هن ڪڙي تي پهتي جو دوباري تاڪيد اڪيد ۽ محبت مزيد سان مون کي پنهنجن پيارن دوستن بزم لطيف نصيرآباد وارن ۽ سڄڻن جي سنگت وارن ۽ جناب شير شاه صاحب چيئرمن يونين ڪائونسل لاکا جي اهڙو ته مجبور ڪرڻ فرمايو جن صاحبن کي ٻيهر انڪاري جواب ڏيڻ ڏاڍو دشوار ۽ ڏکيو نظر آيو. نيٺ مون هائو ڪري الله تبارڪ جي توفيق ۽ رحمت رفيق تي اعتماد ۽ ڀروسو ڌري، ايڏي ڪٺن ڪم جو بار سر تي کنيو، موجب پهاڪي معروف.

(همت مردان مدد خدا) ۽ جي گهريا سي چڙهيا تي پورو پورو تڪيو ۽ ڀروسو رکي ڪنسر جهڙي سخت خطرناڪ بيماري کي به نظر انداز ڪري دل جو دل ۾ چيم ته حق وارن جي حمايت هر دم حق جي طرفان ٿيندي رهندي آهي، هٿ وجهڻ ۾ هاڻي دم دير ڪرڻ نه گهرجي، انهي پڪي عزم ايرادي جي پٺ ڀرائي زيرين ڪلام خاڪ جي مان صريح ثابت آهي (ڪلام) حق وارن جي حمايت هت هتي ٿيندي رهي، ذات حقي ساٿ سڀ کي پاڻ ٿي ڏيندي رهي. 1- ڀروسو جن جو فقط آ ذات باري تي ڀلو رات ڏيهان ذات تن سان پاڻ گڏ رهندي رهي. 2- نيهن جي نصرت عَلَيناَ ڪانَ حقّا ڪارگر عاشقن تي روز شب ۾ عرشن کان ايندي رهي 3 – ڌار ڪنهن کان يار ناهي ڌار ڄاڻو ڪينڪي، وصل جي وائي ڪڏهن نا وات مون ويندي رهي 4 – خاڪ تي گل ڦل ڄمي پو باغ بڻجي ٿو پوي حسن گل تي بلبلن جي هونگ ڏس هوندي رهي) تنهن ڪري جيڪڏهن حق جي حمايت مون جهڙي مريض پيرسن کي نه هجي ها ته ايڏي ڪٺن ڪم ۾ ڪامياب ٿيڻ محال هو پر هزارين حمد ۽ لک لک ڀيرا شڪرانا انهي سائين سڄڻ سروري ۽ سرڪار صمدي جا جنهن پنهنجي فضل ڪرم سان منهنجي هٿان چند بيتن ڀٽ ڌڻي جو شرح شافي آيتن ۽ حديثن ۽ سلف صالحن جي سونن قولن سان سينگاريل پورو ڪرايو آهي آمين ثم آمين.

هي رسالو پرت جو پيالو نالي خزانة العارفين حصه اول جو ڇاپجڻ کان پوءِ قريب قريب اڍائي ٽي سون صفحن تي تيار ٿي بيهندو سو صوفياني رنگ جو رسالو طريقت وارن لاءِ تحفو نرالو، مون جهڙي مريض ۽ پيرسن زهير جي طرفان پيش ٿي رهيو آهي. اميد ته سڀني ڀائرن اديبن ۽ ڀينرن خوش نصيبن وٽ مقبوليت جو شرف عظيم حاصل ڪندو، موجب زيرين فارسي جي، برگ سبزست تحفئه درويش گر قبول افتدزهي عزو شرف) تنهن ڪري لطيفي لات سان ڀرپور رسالو ڄڻ ته قرآني آيتن ۽ آفاقي آيتن جو پورو پورو مجموعو ۽ عبرتي ڪتاب مستطاب آهي جنهن رسالي جي روحاني رمزن ۽ رنگين غمزن کي فقط روحاني رهبر ۽ معرفت جا مهار ئي پروڙي سگهن ٿا ڇو ته هيٺين پهاڪي مان اها حقيقت پڌري آهي (پهاڪو) (گونگا مامون گونگن جون سمجهندا آهن) پر هي هيٺيون غزل غمزن ڀريل دنيا جي عبرتي ڪتاب ڏي عمدو اشارو ڪري رهيو آهي (غزل) دنيا سموري عبرت جو ڄڻ ڪتاب آهي سٽ سٽ ۾ سير سڙي جو خوش خطاب آهي (1) زير زبر ۾ ذاتي پس پيش ۾ جزم سان جي جو جيارجاني جڳ، جو جناب آهي 2- نقطي ۾ نينهن وارو نڪتو نهان ڄاڻو نظري نماءُ نالي نادر نصاب آهي، 3- هر ورق ۽ پني تي عبرت جي عين آڏو ديوان معرفت جو ۽ بره باب آهي 4- دنيا ٿي ديدور کي دلدار سان ملائي صورت ڏسڻ سڄڻ جي سهڻو ثواب آهي. 5- ڪثرت مان ورهه وارن وحدت جو واس ورتو ڪثرت ۾ ڪين اٽڪو اٽڪڻ عذاب آهي. 6- دنيا جي دال اندر ديدار جو اشارو ڏس ڏس نظارو نازڪ کليو نقاب آهي. 7- دنيا جي معنى اقرب ويجهو وصال سان ديدار کان پري جو حيوان دواب آهي. 8- نوني اشارو آهي نروار نيهن ڏي دهه نيهن جو دنيا ۾ ڪو ڪو نواب آهي. 9- يي مان يقين يارو ملندو پرين  پيارو ٿي ڪينڪي وسارو اڳيان عتاب آهي. 10- الف ۾ اشارو الفت عجيب وارو سيني ۾ سير سارو تجلي جو تاب آهي. 11. دنيا جي رنگ ظاهر تي ڀل ڪڏهن نه ڀورا ڀلجي وڃڻ دنيا تي اڪبر حجاب آهي. 12، خوش خواب پڻ عبادت دنيا ۾ خاڪ تن جو وحدت جي راڳ سان جن رڳ رڳ رباب آهي.

قدرتي ڪارخانہ قديم جو اٽل

قانون ۽ دستور آهي ۽ هميشہ هوندو ته سون سالن ۽ هزارن ورهين گذرڻ کان پوءِ دنيا اندر ڪو نه ڪو ديدور ۽ رهبر روحاني پيدا ڪري پنهنجي حڪومت عادله ۽ حڪمت ڪامله سان انهي ديدور داناءَ جي ذريعه سان دنيا کي سڌاريندو آهي تنهنڪري قانون مذڪور جي مد نظر تي ڌني تعالى  ڀٽ ڌڻي کي به اهڙو اعلى درجہ جو ديدور ۽ رهبر روحاني ڪري دنيا تي موڪليائين جنهن جي واسطي ساري سنڌ ڇا بلڪ ساري دنيا جو گهڻو ڀاڱو سڪي ٿو ۽ اڃا به سڪندو رهندو جيئن جو زيرين بيت مان پڻ اها حقيقت ظاهر آهي (بيت) هزارون سال نرگس اپني بي نوري په روتي هـﻶ بڙي مشکل سـﻶ هوتاهي چمن مين ديدور پيدا) پر هن سرتاج سنڌ دنيا جي ديدور پنهنجي سهڻي سنيهي ۽ سلام کي ساري سنڌ ۾ ڇا بلڪ پاڪستان ۽ هندستان وغيره کي به پهنچائي ڏنو هر ڪنهن قوم جي ڪن تي هي عبرت پذير پيغام پهچي چڪو آهي ۽ پهچندو رهي ٿو ويتر جو سندس سنيهي کي سهڻي پيرائتي سان سمجهائڻ لاءِ شرح شروح پرو روح شايع ٿيڻ لڳا آهن تن ته ويتر سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. اهڙي سهڻي سنيهي جي ٻڌڻ لاءِ نه فقط قوم مسلم تيار آهي پر هزارين هندو ڀائر وغيره به وڏي سڪ سبيل سان سوا ڪنهن ڌڙڪ هٻڪ جي سڻي ٻڌي سوزگداز ۽ روحاني راز پرائي رهيا آهن. جنهن جي علامت امتيازي هي آشڪار آهي ته ڪي هندو صاحب رسالي جي رغبت ۽ شوق جو شڪار ٿي رسالي جا شارح ٿي چڪا آهن ته ڪي وري ورسين ملهائڻ جا قوم مسلم وانگي مشتاق آهن ته ڪي وري جيڪي هن کان ڪجهه زمانو اڳي ٽوڪ لوڪ کان ٽهي رڳو بسم الله پڙهڻ کان پرهيز ۽ پاسو ڪندا هوا سي صاحب اڄ ڀٽ ڌڻي جي سندي لباس پهرايل قرآني پيغام کي پنهنجن اکين ۾ عزت افزا جاءِ ڏئي حبدارن وانگي هئن چوڻ کان نه ٿا هٽن ته (بيت) زمر ز خوف سومرا حمد جنين جو هنڌ اهدنا الصراط المستقيم اهو پهنوارن پنڌ باري لاهج بند ته عيبن کان آجي ٿيان[ اهڙي ديدور رهبر روحاني جو اسان سنڌ وارن ڪما حقہ قدر ڪونه آهي پر جي خدا نه خواسته اهڙو ديدور لاثاني مغربي ملڪ ۾ پيدا ٿئي هان ته اها قوم سندس رسالي جي شرحن ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ هزارين حيلا هلائي ۽ وڏا وڏا ڳاٽي ڀڳا خرچ خروج ڪري به سندس رسالي جا شرح شايع ڪرائي دنيا کي ساڻس روشناس ڪرائن هان پر افسوس صد افسوس جو اسان مشرقي اديبن کي ههڙي لاثاني هيري جو ڪو به جوڳو قدر ڪونه آهي جو سندس رسالي جا هزارين شرح شروح ته پري ٿيا پر اڃان تائين اسان سنڌي ٻٽي شرح قابل اعتماد به نروار ڪري نه سگهيا آهيون شايد – پهاڪو – (گهر جو پير چلهه جو مارنگ) وارو مثال گهڻي ڀاڱي اسان سنڌ وارن سان ئي لاڳو ٿي سگهي ٿو – اهڙي حالت بي قدري جي ڏسي وائسي اديبن جون دليون گهڻو ڪري سرد ٿي ويون آهن تنهن ڪري تصنيف جي ڪم اهم ڏي دلي توجہ نه ٿا ڏين – ڪجي اميد ته ڪي ڪي نوجوان يا ڪهنه مشق اديب سنڌ غفلت جي نوم کان بيدار ۽ سجاڳ ٿي مون ڪهنه مريض جي ڪوڪ ۽ اپيل کي لبيڪ فرمائي هٿ حقير جي سان پنهنجو هٿ حمايت ملائي ميدان تي نڪري نروار ٿين ته مون پوڙهي بيمار تان به ڪجهه بار هلڪو ٿئي پر مان هن هيٺين دعوى ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيان ته جيڪڏهن فخر هند سر اقبال تائين لطيف جي رسالي جو ترجمو اردو زبان ۾ پهچي هان ته اهو اقبال به سر زمين سنڌ تي تشريف فرماءِ ٿي ڀٽ ڌڻي جي روضه مبارڪ کي ڀاڪر پائڻ جي نه رڳو عزت حاصل ڪري هان بلڪ سندس آستاني بوسي سان پنهنجي اقبال جو به اقبال ڄاڻي هان موجب بيت زيرين جي (بيت)

قدر جو هر شاه داند يا بداند جو هري

قدر گل بلبل بداند قدر  دلدل شہ علي

شاعرن جو شاه جناب سرتاج سنڌ نه فقط معمولي مشتاق هو پر هو رهبر روحاني ترجمان الهام آسماني اهو شوق وحدت جو شهباز ۽ بره وارن وقت جو بادشاه باز هو – جنهن جي هر هڪ سور سوز تان سو سَوَ سک به صدقي هوا ۽ هوندا- تنهن ڪري طالب حق ۽ سالک سڪ برحق جي کي ۽ بره جي باني مباني عاشق اڻ ٿڪ کي گهرجي ته سرتاج سنڌ جي سچن سورن مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي سنڌ ۾ سورن جي اقليم جو سردار ۽ دردن جو دهدار ۽ دنيا جي عالم ۾ عشق ذاتي جو علمبردار ٿي ڏيکاري ته نيهن وارا نواب کيس نظر اعتبار جي سان نهارين –

جيئن جو هيٺيون غزل غمزن ڀريل انهي حقيقت تي پوري طرح روشني وجهي ٿو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com