سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شھزادي محبوب جي آکاڻي

ڪهاڻي: 1

صفحو :1

شھزادي محبوب جي آکاڻي

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

شھزادي محبوب جي آکاڻي

 

اڳوڻي زماني  ۾، ھڪڙو تمام زبردست ايران جو بادشاھھ ھوندو ھو،  جنھن جو نالو منصور عالم ھو. ھن کي خدا جو ڏنو سڀڪجھھ ھو ۽ گھڻا خزانا ۽ وڏا وڏا لشڪر ھوندا ھئس. ھن جي رعيت خوش گذاريندي ھئي، ۽ سندس انصاف ۽ عدالت جي ڪري، بلڪل راضي ھوندي ھئي. ماڻھو ھن جي ڏاھپ ۽ نيڪيءَ جي تعريف کان ڍاوائي نٿي. پر ھيتريءَ وڏيءَ دولت ۽ ھيڏي ڪشادي ملڪ جي وارث ٿيڻ لاءِ ڪوبھ پٽ ڪونھ ھئس. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ پنھنجي ملڪ جا سڀ نجومي آڻي گڏ ڪيا، ۽ پڇيائين تھ ”ڪھڙي ڏينھن ڪائين بجي ۽ ڪيتري منٽين، ڪو ٻار ڄمي جو وڏو مشھور بادشاھھ ٿي سگھي؟“ نجومين حساب ڪري، ورندي ڏني تھ ”قبلھ عالم، گذريل آچر جي ڏينھن، اڌ رات جو، اھڙو ئي سڀاڳو وقت ھو ۽ انھيءَ ۾ جيڪو پٽ ڄائو ھوندو، تنھن ۾ اھي سڀئي شاھي گڻ موجود ھوندا. سو جي حضور کي پنھنجي لاءِ ڪو وارث ھٿ ڪرڻو آھي تھ انھيءَ ٻار کي گود جو پٽ ڪري، جو انھيءَ سدوري ڏينھن ۽ وقت پيدا ٿيو ھجي.“

ھي ٻڌي بادشاھھ پنھنجي وزير کي حڪم ڏنو تھ ”جاچ ڪر تھ انھيءَ خاص ڏينھن ۽ وقت، ڪنھن جي گھر ۾ پٽ ڄائو آھي.“

ساري بادشاھت ۾ ماڻھو موڪليا ويا، انھن سڀني اھا خبر آندي تھ ٻئي ڪنھن ھنڌ انھيءَ خاص وقت تي ڪو پٽ نھ ڄائو آھي، سواءِ ھڪڙي ڪاسائيءَ جي گھر جي، جنھن ۾ انھيءَ وقت ھڪڙو پٽ ڄائو ھو. بادشاھھ انھيءَ ڪاسائيءَ کي سڏي پڇيو تھ ”تون مون کي پنھنجو پٽ ڏيندين؟“ ڪاسائي غريب ھو، تنھن خوشيءَ سان اھو ٻار ڏيڻو ڪيو ۽ چيائين تھ ”حضور جن اسان جي جسم توڙي جان جا مالڪ آھن. جيڪو حڪم ڪندا، اھو مڃڻ اسان تي فرض آھي.“ بادشاھھ چيو تھ ”دوست، آئون بادشاھھ ٿي توکان پٽ نٿو گھران، پر خانگي ماڻھو ٿي ٿو گھران. پنھنجي رضا رغبت سان، پنھنجو پٽ ڏيڻ گھرين ٿو يا نھ؟ ڇا لاءِ جو ٻيءَ طرح آئون اھو قبول نھ ڪندس.“ ڪاسائيءَ چيو تھ ”حضور، آئون پنھنجي رضا رغبت سان ۽ سواءِ زور ظلم جي، پنھنجو پٽ ڏيڻ ٿو گھران. آئون نصيب وارو آھيان، جو منھنجو پٽ ھڪڙي شاھي خاندان ۾ داخل ٿئي ٿو!“ پوءِ انھيءَ ٻار کي کڻي آيا، ۽ دستوري رسمون راھون بجا آڻي، انھيءَ کي بادشاھھ پنھنجو گود جو يا دين جو پٽ بنايو، ۽ انھيءَ جو نالو شھزادو قصاب رکيائون.

جڏھن اھو ڪاسائيءَ جو پٽ وڏو ٿيو، تڏھن بادشاھھ ھن جي تعليم لاءِ ھوشيار ۽ قابل عالم ۽ استاد مقرر ڪيا، جي پڙھائڻ ۽ فن سيکارڻ لڳس. جڏھن ھو بالغ ٿيو، تڏھن ھن کي پنھنجي بادشاھت جي ھڪڙي وڏي پرڳڻي جو نواب يا نائب مقرر ڪيو ويو. اتي حڪومت جي ڪم ۾ انھيءَ شاھزادي ڏاڍي خراب ھلت ورتي. ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ سڀاڳي وقت ۾ پيدا ٿيو ھو، ۽ ڏاھن استادن وٽ تعليم ورتي ھئائين تھ بھ ڪاسائن جا موروثي گڻ، جي ھن جي طبيعت ۾ ڄميل ھئا، سي ظاھر ٿيڻ ۽ زور وٺڻ لڳا. ھو رعيت تي ڏاڍا ظلم ڪرڻ لڳو. ھن جي ظلم، زبردستي ۽ زناڪاريءَ جون دانھون ۽ شڪايتون ھر روز بادشاھھ کي پيون پھچنديون ھيون، پر بادشاھھ چڱيءَ ۽ نرم طبيعت وارو ھو، تنھن انھن تي گھڻو ڌيان نٿي ڏنو.

انھيءَ وچ ۾ راڻي، جا اڳي سنڍ سمجھيل ھئي، تنھن ۾ پيٽ سان ٿيڻ جون نشانيون ڏسڻ ۾ آيون. انھيءَ ڳالھھ معلوم ڪرڻ تي بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن اڳي جو اولاد جي اميد لاھي ڇڏي ھئي، سو ھاڻ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ خوشيءَ کان شاھزادي قصاب ڏي چوائي موڪليائين تھ ”پٽ، تون ھيءَ خبر ٻڌي خوش ٿيندين تھ منھنجي گھر ۾ پٽ ڄمڻ جي اميدواري آھي. منھنجي راڻي پيٽ سان آھي، ۽ نجومين خبر ڏني آھي تھ پٽ ڄمندو. توکي ڀاءُ ملندو، تنھن جي لاءِ توکي خوش ٿيڻ گھرجي.“ جڏھن  شھزادي قصاب کي اھا خبر پھتي، تڏھن ھن پنھنجي دل ۾ چيو تھ ”منھنجي ڪمبختي ھاڻ شروع ٿي. جنھن وقت ڪو شاھي نسل جو پٽ پيدا ٿيو، انھيءَ وقت، ڪاسائيءَ جي پٽ جي ڪنھن کي پرواھھ نھ رھندي، ڀلي اھو ڪھڙي بھ وڏي درجي تي ھجي، جھڙي تي ھاڻي آئون آھيان. جي آئون ڪاسائيءَ جو پٽ ٿي پلجان ھا تھ پوءِ حرڪت ڪانھ ھئي، پنھنجي حال تي خوش ۽ راضي رھندو اچان ھا، پر ھينئر جڏھن حڪم ۽ اختيار جو سواد چکي ڏٺو اٿم، تڏھن اھي ڇڏڻ ڏکي ڳالھھ آھي.

ھاڻي گھرجي تھ وڃي پنھنجي پيءُ، بادشاھھ کي ڏسان، ۽ معلوم ڪريان تھ اھو حڪم ۽ اختيار منھنجي ھٿ ۾ قائم رھندو يا نھ!“ اھو خيال ڪري شھزادو ھڪڙي تکي گھوڙي تي چڙھي، ھڪدم روانو ٿيو، اڌ رات ڌاري بادشاھھ جي محلات وٽ آيو، ۽ دربانن سڃاڻي اندر وڃڻ ڏنس، جو ڪنھن کي بھ خبر نھ ھئي تھ ڪنھن بريءَ نيت سان آيو آھي. بادشاھھ کي ستل ڏسي، ھن ترار جي ھڪڙي ئي ڌڪ سان ھن جي سسي لاھي رکي پوءِ اھائي رت وھائيندڙ ترار کڻي، راڻيءَ جي ڳولا ۾ ويو، پر ھوءَ شھزادي جي اھڙي حالت ۾ اچڻ جو ٻڌي، ڪن ايماندار ماڻھن سان گڏجي، پٺئين در کان محلات مان نڪري ويئي. اھي، ھن کي تکن گھوڙن تي چاڙھي رات اندر شھر کان پري ڪڍي ويا، ۽ وڃي ھڪڙي ٻيلي ۾ پھتا. اتي راڻيءَ پنھنجن ماڻھن کي موڪل ڏني ۽ چيائين تھ ”اي منھنجا وفادار خدمتگارؤ! ھاڻي اوھين وڃو. آئون ھن سڃي ھنڌ پيئي گذارينديس. جي بک ۾ مري ويس يا ڪنھن جھنگلي مرونءَ مون کي ماري وڌو، تھ بھ آئون انھيءَ ڪري خوش ٿينديس تھ ڪاسائيءَ جي پٽ تھ مون کي نھ ماريو. ھاڻي مون کي پنھنجي قسمت جي حوالي ڇڏي ھليا وڃو.“ ويچارا نوڪر روئندا گھر موٽي ويا.

راڻي اتي پنھنجي بدنصيبيءَ جي لاءِ افسوس ۽ ارمان ڪندي ويھي رھي تھ اوچتو ھڪڙو زميندار اتان اچي لنگھيو، ۽ ھن جي سونھن ۽ حشمت ڏسي حيران ٿيو. اچي چيائين تھ ”بيبي، تون ملائڪ آھين! پري آھين يا ڪنھن روحاني عالم جي مخلوق مان آھين! تون ڪير آھين؟“ راڻيءَ ورندي ڏني تھ ”آئون نڪي ملائڪ آھيان، نڪي پري يا روحاني عالم مان آھيان پر ھڪ انسان جي ڌيءَ آھيان ۽ مصيبت زدي آھيان. آئون ھن ملڪ جي راڻي ھيس، پر ھاڻي تھ نڌڻڪي پرديسڻ آھيان!“ ھن ڀلي مانس جڏھن اھا خبر ٻڌي، تڏھن ھن جي اڳيان ڪنڌ جھڪائي چوڻ لڳو تھ ”امان، آئون تنھنجي مڙس بادشاھھ جي ملڪ جو ھڪڙو جاگيردار آھيان، ھي چوڌاري زمينون ڏسين ٿي، سي سڀ تنھنجون آھن. ھلي اسان وٽ رھھ. اسين غريب ايماندار ماڻھو آھيون، ۽ پنھنجي وسعت آھر توکي ھر طرح سک ۽ آسائش ۾ رکنداسين. مون کي ٻار ڪونھي، جيڪو ٻار تون ڄڻيندينءَ، سو آئون پنھنجو پٽ ڪندس. ۽ ڏاڍي سنڀال ۽ خبرداريءَ سان انھيءَ کي پالي وڏو ڪندس.“ راڻي اھا ڳالھھ قبول ڪئي، ۽ زميندار ھن کي پنھنجي گھر وٺي آيو، جتي ھوءَ انھيءَ زميندار جي سؤٽ چورائي، بدليل ويس ۾ رھڻ لڳي.

نيٺ ڏينھن پئي، ھن کي پٽ ڄائو، جنھن جي سونھن ساري گھر کي روشن ڪري ڇڏيو، ۽ چوڌاري اِھي افواھھ اٿيا تھ زميندار جي سؤٽ کي ھڪڙو ملائڪ جھڙو سھڻو ٻار ڄائو آھي. راڻيءَ انھيءَ جو نالو محبوب عالم رکيو.

جڏھن شھزادو محبوب وڏو ٿيو، تڏھن ھن کي انھيءَ ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڙھڻ لاءِ موڪليائون جتي ھو ٻين ڪڙمين جي ٻارن سان گڏ پڙھندو ھو. جھڙو ھو پڙھڻ ۾، تھڙو راند ڪرڻ ۾ ھوشيار ھو، ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن کان گوءِ کڻي ويندو ھو. جڏھن ٻيا ڇوڪرا کينھوءَ ۽ اِٽي ڏڪر سان راند ڪندا ھئا، تڏھن ھي تير ڪمان سان استعمالي ڪندو ھو. ھن پنھنجي ھڪڙي ڄٽڪي ڪمان ۽ گز کڻي جوڙيا، ۽ چوڌاري اھي ھڻندو وتندو ھو. جيتوڻيڪ ھن کي اھو ھنر سيکارڻ وارو بھ ڪو ڪونھ ھو، تھ بھ ھو سگھو ئي ڏاڍو ھوشيار تير انداز ٿي پيو، ۽ تمام پري ھنڌ کان چڱا نشان چِٽيندو ھو.

ھڪڙي ڀيري شھزادي محبوب جو ڀاءُ، جنھن زبردستيءَ بادشاھي پنھنجي ھٿ ۾ ڪئي ھئي، تنھن ھڪڙو  وڏو جنگي تماشو برپا ڪيو، جنھن ۾ ملڪ جا سڀ تير انداز  گھرايا ويا ھئا. تمام ھوشيار نشان چِٽڻ وارن کي چار انعام ملڻا ھئا: پھريون پنجن سون مھرن جي ٿيلھي، ٻيو شاھي وڳو، جو شرط کٽڻ تي توشاخاني مان چونڊي ڪڍندو، ٽيون ھڪڙو گھوڙو شاھي ڪڙھھ مان، ۽ چوٿون زرھھ ۽ ھٿيار شاھي ھٿيارخاني مان. انھيءَ تماشي جي خبر پرانھن پرانھن شھرن ۽ ڳوٺن تائين وڃي نڪتي، جا ٻڌي شھزادو محبوب، ماءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ سنڀري اٿي ھليو ويچاري راڻي ڀانيو تھ سندس پٽ مڪتب ڏي ويو آھي، پر شھزادو مڪتب بدران شھر ڏي ھليو ويو ھو. رات ٿي تھ شھزادو گھر نھ موٽيو. ھيڏي ھوڏي ماڻھو ڊوڙايا ويا، پر ھن جو ڪوبھ پتو ڪونھ پيو. راڻي ڏاڍي فڪر ۽ ڳڻتي ۾ ويھي روئڻ لڳي، ۽ شھزادي جي اچڻ کان اڳي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين.

ھوڏي شھزادو ٻين تير اندازن سان گڏجي وڃي شھر ۾ نڪتو، ۽ انھن سان گڏ مھمان سراءِ ۾ وڃي ٽِڪيو. سگھو ئي انھن ٻين ماڻھن سان ٺھي ويو، ۽ انھن کي چيائين تھ ”اوھان تماشي ۾ مون کي بھ نشان چِٽڻ جي اجازت ڏجو.“

ھن جي شڪل ۽ چڱي طبيعت ڏسي، انھن سڀني ھن کي پسند ڪيو، ۽ خوشيءَ سان پنھنجي جماعت ۾ ھن کي داخل ڪيائون. ٻئي ڏينھن اھو تماشو ٿيڻو ھو، اھي سڀ تيرانداز، شھزادي محبوب سميت صبح جو سوير انھيءَ مقرر ٿيل ھنڌ ويا. بيشمار تماشبين اچي گڏ ٿيا ھئا، ۽ ھڪڙي وڏي شاھي شامياني ۾ سڀ ماڻھو اچي سوڙھا ٿيا. ھڪڙي وڏي شاھي تخت تي اھو غاصبي بادشاھھ بھ اچي تماشو ڏسڻ لاءِ ويھي رھيو. حڪم ملڻ تي سڀ تير ڪماندار تيار ٿي بيٺا، ۽ ھڪٻئي پٺيان نشان چِٽيندا ويا. ڪن جو ڌڪ نشان کي تمام ويجھو آيو، ڪن جو انھيءَ کان بھ ويجھو، پر پورو نشان ڪنھن ڪين چٽيو. شھزادو محبوب، جو سڀني ۾ ننڍو ھو، تنھن پڇاڙيءَ ۾ پنھنجو تير ھنيو ۽ اھو نشان جي وچ ۾ وڃي لڳو. ھڪدم تاڙين جو ڦھڪو ٿي ويو. واه! واه جو ھل مچي ويو، ساري خلق انھيءَ ننڍي ڇوڪر جي تعريف ڪرڻ لڳي.

بادشاھھ، ھن کي پنجن سون مھرن جي ٿيلھي ڏني، ۽ پنھنجي وزير کي حڪم ڏنائين تھ ”ھن کي سندس توشا خاني ۾ وٺي وڃي تھ شاھي وڳو چونڊي کڻي، ۽ ھٿيار خاني مان ھٿيار کڻي، ۽ ڪڙھھ مان گھوڙو چونڊي ڪڍي.“ وزير ھن کي توشاخاني ۾ وٺي ويو. شھزادي  ھڪدم اھا پوشاڪ چونڊي ڪڍي، جا سندس پيءُ يعني اڳوڻو بادشاھھ ڍڪيندو ھو. پاڻھي ھن جي دل ۾ ائين اچي پيو تھ اھا کڻي. اھا پيءُ واري پوشاڪ ڍڪي، ھو ھٿيارخاني ۾ ويو، ۽ اتي بھ اھي ھٿيار چونڊي ڪڍيائين، جي سندس پيءُ ان وقت پھريندو ھو، جڏھن شڪار يا جنگ تي ويندو ھو، پوءِ وري ڪڙھھ ۾ ويو، ۽ انھيءَ گھوڙي تي وڃي چڙھيو، جو پڻس کي گھڻو پسند ھوندو ھو. انھيءَ صورت ۾، ھو گڏ ٿيلن ماڻھن جي وچ ۾ اچي بيٺو، ۽ سڀني ماڻھن يڪ زبان ٿي چيو تھ ”ڏسو ڏسو، اسان جو پيارو ۽ عادل بادشاھھ وري جيئرو ٿيو آھي!“ ھن شھزادي ۽ سندس پيءُ جا مھانڊا ھڪجھڙا ھئا، جو ماڻھو ڀلجي ويا، ۽ ڄاتائون تھ اھوئي بادشاھھ آھي. ماڻھن جي اھڙي ڳالھھ ڪرڻ ڪري، غاصبي بادشاھھ ڏاڍو بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ ڪاوڙجي حڪم ڏنائين تھ ”ھن بيوقوف ڇوڪر کي پڪڙي وڃي ڦاسيءَ تي چاڙھيو.“ نوڪر ھيڏي ھوڏي ڊوڙڻ لڳا. ڇا لاءِ جو ھنن جي دل نٿي چيو تھ انھيءَ حڪم جي تعميل ڪن، ۽ شھزادي محبوب کي چڱو وجھھ ڏنائون تھ ڀلي ڀڄي نڪري وڃي.

جڏھن شھزادو شھر مان نڪري ويو، تڏھن سڀ تيرانداز گڏ ڪري، مھرن جي ٿيلھي انھن کي اڇلائي ڏني تھ ورھائي کڻن. پاڻ تڪڙو گھوڙو ڊوڙائي، پنھنجي ڳوٺ ھليو ويو. پورن اٺيتاليھن ڪلاڪن کان پوءِ ھو موٽي گھر آيو، ۽ ڏسي تھ ماڻس در وٽ ويٺي روئي، ۽ ”محبوب محبوب“، جون دانھون پيئي ڪري. ھن کي ڏسي، ھوءَ ڏاڍو خوش ٿي، ۽ کلڻ لڳي، پر پوءِ وري بھ زار زار روئڻ لڳي. تڏھن شھزادو ٽپ ڏئي، گھوڙي تان لھي پيو، ۽ چوڻ لڳو تھ ”اما، انھيءَ جو مطلب ڇا آھي؟ تون ساڳئي وقت کلين بھ ٿي ۽ روئين بھ ٿي؟“ راڻيءَ ڏک مان ورندي ڏني تھ ”ابا، آئون انھيءَ ڪري کليس، جو توکي پنھنجي پيءُ جي پوشاڪ ۾ ڏٺم ۽ انھيءَ ڪري رنيس جو اسان جي ڪم نصيبيءَ اسان کي ھھڙي حال ۾ آندو آھي! ھاڻي توکي پنھنجي اصل نسل جي خبر پئي، ۽ منھنجي کلڻ ۽ روئڻ جو بھ اھو سبب آھي.“

شھزادي ھيءُ ٻڌي چيو تھ ”امان، تماشي مان نڪرڻ مھل مون کي اھڙو گمان اڳيئي گذريو ٿي، ڇالاءِ جو ماڻھن رڙيون ڪري، منھنجي نالي پئي چيو تھ ھيءُ بلڪل اڳوڻي بادشاھھ جھڙو آھي، اسان کي ھڪڙو لحظو بھ وڌيڪ ھن ملڪ ۾ رھڻ نھ گھرجي. نھ انھيءَ ڪري تھ آئون پنھنجي پيءُ جي خونيءَ جي ظلم ۽ غاصب کان ڊڄان ٿو، پر آئون قسم ٿو کڻان تھ جيسين انھيءَ ظالم ۽ غاصب کان وير نھ وٺندس، تيسين ھن ملڪ جو کاڌو پيتو مون کي حرام آھي. رڳو ھن ملڪ جي ھوا بھ منھنجي لاءِ زھرناڪ آھي. جڏھن آئون پنھنجي پيءُ جي دشمن کان وير وٺندس، تڏھن ھن ھوا ۾ ساھھ کڻندس نھ اڳي، تنھن ڪري اما، سنڀر ۽ اٿ تھ ھلون.“

جڏھن انھيءَ زميندار کي شھزادي جي ارادي جي خبر پيئي تڏھن ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ۽ روئي ھن کي انھيءَ خيال جي ڦيرائڻ لاءِ منٿون ڪيائين، پر محبوبن ڦرڻ جو نھ ھو، جيتوڻيڪ اھڙي ايماندار زميندار ۽ ان جي گھر جي ڀاتين کان ڌار ٿيڻ ڪري، ارمان گھڻو ٿئي ٿيس. آخر ھنن کان موڪلائي، شھزادو ۽ راڻي ٻيئي خدا تي ڀروسو رکي اٿي ھليا.

ڪيترا ڏينھن کاڌي پيتي کان سواءِ، ھو پئي ويا، آخر ان غاصب بادشاھھ جي ملڪ مان نڪري ويا. پوءِ گھڻي بُک، اڃ ۽ ٿڪ ڪري، ساھي کڻڻ ۽ پناھھ وٺڻ جي جاءِ ڳولڻ لڳا. پر جتي ھو ھاڻ آيا ھئا، اھو جابلو ملڪ ھو، ۽ ڪابھ وسنءَ ويجھي يا پري ڏسڻ ۾ نٿي آئي. انھيءَ ھوندي بھ ھڪ ٽڪريءَ جي پاڙ ۾، ھنن ھڪڙي ننڍي مسجد ڏٺي، مري جھري اوستائين پھتا، ۽ اتي ھڪڙي پراڻيءَ ڦاٽل رليءَ تي ھڪڙو ڪراڙو فقير ستل ڏٺائون. انھيءَ فقير کي شھزادي چيو تھ ”اسين بک ۽ اڃ ٿا مرون، اسان کي ٿورو کاڌو ۽ پاڻي ڏي.“ فقير چيو تھ ”ابا، ھن ڪنڊ ۾ ٽڪر ڀورو رکيو اٿو، اھو ڪڍي ٻيئي ڄڻا کائو.“ شھزادو اٿي اتي ويو، ۽ انھيءَ ڪنڊ مان مانيءَ جو ھڪڙو ٽڪر کنيائين، جو ھڪڙو گرھھ جيترو مس ھو، سو کڻي آڻي ماءُ کي ڏنائين، ۽ چيائين تھ ”امان، ھي مانيءَ ٽڪر تون کائي ساھھ پٽ، اھو اسان ٻنھي لاءِ پورو ڪين آھي، تون وڏي آھين، آئون وري بھ ننڍو ۽ ھمٿ ڀريو آھيان، تنھنجي گھرج مون کان زياده آھي، اما، اھو تون کاءُ“ پر راڻيءَ اھو ٽڪر نھ ورتو ۽ پٽ کي چيائين تھ ”پٽ، آئون وڏي عمر جي آھيان، مون ھن بي بقا دنيا ۾ گھڻائي سک ۽ ڏک ڏٺا آھن، آئون مرڻ جي لاءِ تيار آھيان، منھنجو مرڻ جيئڻ ھڪجھڙو آھي. پر ابا، تون شل جيئرو رھين ۽ پنھنجو وڏو سٽيل ڪم پورو ڪرين!“ شھزادي اھا ڳالھھ نھ مڃي، ماءُ کي انھيءَ ٽڪر کائڻ لاءِ پئي زور ڪيائين. ڳچ تائين ھنن جو اھو تڪرار ھليو. اھو حال ڏسي فقير چيو تھ مسافرؤ، ڇو ٿا اجايو تڪرار ڪريو؟ اوھين ٻيئي ٽڪر کائو، اھو اوھين کائي کٽائي نھ سگھندؤ. تڏھن ماءُ ۽ پٽ اھو ٽڪر کاڌو تھ بھ ٽڪر نھ کٽو، نھ ذرو گھٽ ٿيو! ٻنھي ڍؤ ڪيو تھ بھ اوتري جو اوترو ھو. اھو مانيءَ جو ٽڪر ھنن کي اھڙو لذيذ لڳو، جو اڳي ڪڏھن بھ اھڙي ماني نھ کاڌي ھئائون. تنھن کان پوءِ فقير ٻي ڪنڊ ڏيکارين ۽ چيائين تھ ”ھتي پاڻي اٿو.“ شھزادي اتي وڃي ڏٺو تھ ھڪڙو ننڍو پاڻيءَ جو دلو پيو آھي، پر انھيءَ ۾ پاڻي ھڪڙي ماڻھوءَ جي پيئڻ جيترو مس آھي. انھيءَ تي وري بھ ماءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ريڙھھ پيڙھھ ھلي، ۽ وري بھ فقير چين تھ ”مسافرؤ، بسم الله ڪري اھو پاڻي پيئو، اوھان ٻنھي جي پيئڻ کان گھڻو ٿيندو.“ تڏھن ھنن ٻنھي اھو پاڻي پيتو ۽ پِي ڍؤ ڪيو، پوءِ بھ پاڻي ٿانو ۾ اوتري جو اوترو پيو ھو، ذرو بھ نھ گھٽيو ھو! تنھن کان پوءِ فقير پڇين تھ ”ابا، اوھين ڪٿان ٿا اچو ۽ ڪاڏي ٿا وڃو؟ اوھين ھن جبل کان ٻاھر وڃي ڪين سگھندؤ. ڇا لاءِ جو جبل جي ھن پاسي، ھڪڙو وڏو خوفناڪ اونھو سمنڊ آھي. انھيءَ سمنڊ ۾ اھڙو شور آھي، جو ڪو بھ جھاز اتي اچي نٿو سگھي. بھتر آھي، تھ موٽي گھر وڃو.“ شھزادي چيو تھ .فقير صاحب، اسان قسم کنيو آھي تھ پنھنجي وطن ۾ موٽي نھ وينداسين. پڪ آھي تھ اوھان جي آرسيءَ جھڙي صاف دل ۾، اسان جي ڏک ڀرئي احوال جو عڪس اڳي ئي پيو ھجي. اوھان کي اڳي ئي خبر آھي تھ اسين ڪير آھيون. اسان کي پنھنجي دعا جي مدد ڪريو، جو انھيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونھي!“ فقير ورندي ڏيئي چيو تھ ”ابا مسافرؤ، اوھان جي دعا خدا وٽ قبول پيئي آھي، جو سچيءَ دل جي دعا ھميشه قبول پوندي آھي. گنھگار انسان ڀلا ٻيو ڇا ڪري ٿو سگھي؟ انھيءَ ھوندي بھ سفر ڪندي، مون جھاز جي شين جون ڪي ذاتي خاصيتون معلوم ڪيون آھن. آئون ڏسندس تھ ڪيتري قدر اوھان جي مدد ڪري ٿو سگھان.“

ھنن کي مسجد ۾ ترسي ويھڻ لاءِ سمجھائي، فقير نڪري پاسي واري ٻيلي ڏي ھليو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ ھو ڪن خاص وڻن جون تازيون وڍيل ٽاريون پاڻ سان کڻي آيو. ھڪڙي ٽاريءَ مان ھڪ ھٿ جيڏو ڊگھو لڪڻ ٺاھيائين ۽ ٻيءَ مان مشعل بنايائين، اھي ھنن کي ڏيئي چيائين تھ ”ھي شيون اوھان کي خوفناڪ ٻيلن مان ۽ جبل مان سمنڊ تائين لنگھائي پار ڪنديون. جڏھن مشعل ٻاريندؤ، تڏھن جھنگ جا توڙي سمنڊ جا سڀ ھيبتناڪ جانور پري ڀڄي ويندا، ۽ ھي ھڪ ھٿ جيڏو لڪڻ، اوھان جو جھاز آھي. جي ڪٿي اوھين انھيءَ سمنڊ ۾ وجھندؤ تھ اتي پاڻي ڪيترو بھ اونھو ھوندو، تھ بھ اتان اوھين صحيح سلامت لنگھي پار ويندؤ ۽ پاڻي انھيءَ جي مٿان ڪڏھن ڪين اٿلندو. اوھان جي اڳيان يا پٺيان يا آسپاس ھزار ٻرھھ پاڻي اونھو ھوندو. پر جتي ھيءُ لڪڻ ھوندو اتان چوڏھن وال چوڌاري، پاڻي ھڪ ھٿ کان مٿي نھ چڙھندو.“ پوءِ مشعل ٻاري، فقير ھنن کي جبل جي مٿان رستو ڏيکاريو، ۽ انھيءَ تان نيئي ھنن کي سمنڊ تائين پھچايائين. اتي ھنن کان موڪلائي، موٽي پنھنجي ڀنگيءَ ڏي ايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com