سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شخصيتون

 

صفحو :1

شخصيتون

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

 

ڇپائيندڙ پاران

 

        دنيا ۾ ٿيل هر چڱائيءَ ۽ ترقيءَ جي پويان ڪنهن نه ڪنهن عظيم انسان جي علم، هنر ۽ عمل جو هٿ شامل رهيو آهي، انهن انسانن ۾ سائنسدان، فيلسوف، سياح، سياستدان، حڪيم ليکڪ، شاعر ۽ فنڪار پڻ شامل آهن. ڪڏهن به سماج جي انهن امُلهه ماڻڪن پنهنجي پورهئي ۽ رت ست سان جيڪي نقش، تحريرون ۽ تجربا ڪيا آهن. سي اڳتي هلي قوم جي تقدير تبديل ڪرڻ جو سبب بڻيا آهن.

        اهوئي سبب آهي جو هر مُلڪ جا باشعور ادارا ۽ فرد پنهنجي ٻاراڻي ادب ۾ اهڙين شخصيتن جو تذڪرو ضرور شامل ڪندا آهن، ته جيئن سندن قوم جي مستقبل جا معمار انهن عظيم انسانن جي علم، هنر ۽ ڄاڻ کان واقف ٿين ۽ پاڻ کي انهن جهڙو همت ڀريو بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪن. جيئن ته هر ٻار جو پهريون آدرش سندس ماءُ، پيءُ ۽ استاد کان پوءِ دنيا جون عظيم شخصيتون ئي هونديون آهن، تنهنڪري سڀ ٻار ڪتابن وسيلي انهن عظيم انسانن جي نالن ۽ ڪارنامن کان واقف ٿيڻ سان گڏ سندن علم، ادب، هنر ، فڪر ۽ فلسفي کي به سمجهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

        ننڍن ٻارن کي اهڙي ابتدائي ڄاڻ ڏيڻ ئي سنڌي ادبي بورڊ جي اهم مقصدن مان هڪ آهي، جنهن جي تڪميل هن ڪتاب ذريعي ڪئي پئي وڃي. محترم ولي محمد طار زادي بورڊ جي ڪارڪن هجڻ دوران دنيا جي عظيم شخصيتن بابت جيڪي مضمون سهيڙيا هئا، تن کي موضوعن جي حساب سان جدا جدا ڪري، انهن جي مناسب تصحيح ڪري ڇپرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ به مضمون محترم حفيظ قريشيءَ جا شامل ڪيا ويا آهن. اميد آهي ته سنڌ جي ٻارڙن کي ان سلسلي جو هيءُ ڪتاب ”شخصيتون“ پسند ايندو ۽ اهو يقين به آهي ته هيءُ ڪتاب سندن علم ۽ ڄاڻ ۾ مناسب واڌارو پڻ آڻيندو.

 

                                         (انعام الله شيخ)

ڇنڇر 4- ذوالقعد  1426 هه            سيڪريٽري

بمطابق 7 – ڊسمبر 2005ع         سنڌي ادبي بورڊ

 

ٻه اکر ڪتاب جي باري ۾

 

 

        ”ٻاراڻو“ ادب سلسلي جي  هن ڪتاب ”شخصيتون“ منجهه، هر شخصيت جو احوال پڙهندي نصيحت پرائڻ لاءِ ٻارن کي سوين سهڻيون ڳالهيون ۽ مثال ملندا. جهڙوڪ: بتيءَ واري بيگم، جيڪا اٽليءَ جي شهر فلورينس ۾ ڄائي هئي ۽ هن جو اصل نالو به فلورينس نائيٽ اينگل هو. هن ڇوڪريءَ کي ٻالڪپڻ کان نرس بڻجڻ جو شوق هو. انهيءَ زماني ۾ نرس جو پيشو ڪو سٺو ڪم نه ليکيو ويندو هو. بتيءَ واري بيگم ڏينهن رات محنت ڪري نرسنگ واري پيشي کي پنهنجي ڀرپور توجهه ۽ محنت سان مقصد پيشو بڻائي ڇڏيو. ان ريت يورپ جي عورتن ۾ نرس بڻجڻ ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ جو چاهه وڌيو.

        بتيءَ واري بيگم  ڳوٺن، وستين، شهرن ويندي جنگ جي ميدان ۾ زخمي فوجين جي تيمارداري ڪري کين بچائي انساني خدمت جو هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو. هن اسپتال ۾ صفائي سٿرائي ۽ خدمت جو اهڙو ماحول جوڙيو جو يورپ جا ماڻهو کيس الله واري، پهتل انسان ۽ نيڪ روح جو درجو ڏئي سندس نالو وڏي ادب ۽ احترام سان وٺڻ لڳا.

        ان ريت چوچڪ بيگم، هڪ وفادار عورت جو روپ ۽ مثال آهي. هوءَ سنڌ جي هڪ بادشاهه جي سهڻي ڌيءَ ۽ شهزاد هئي ۽ هن جي شادي هندستان جي بابر بادشاهه جي ننڍي پٽ شهزادي ڪامران سان ٿي هئي. جيڪو پوءِ اقتداري دشمنيءَ جي ڪري انڌو ڪيو وڃي ٿو، پر ان هوندي به هوءَ پنهنجي مڙس شهزادي ڪامران جو ساٿ نٿي ڇڏي ۽ عمر جي آخر تائين پنهنجي مڙس جي خدمت ڪندي رهي ٿي.

        هن ڪتاب ۾ يوناني مُفڪر استاد ارسطوءَ جو ذڪر آهي، جيڪو هڪ بهترين اُستاد هو  ۽ هميشه ماڻهن کي عقل ۽ ڏاهپ واريون اقتداري ڳالهيون سيکاريندو هو.

        ان ريت هن ڪتاب ۾ هڪ شخصيت ”ليڊي اميليا“ جو تذڪرو آهي. جنهن، دنيا ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي ووٽ جو حق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪئي، ان حق لاءِ هن عملي جدوجهد ڪئي ۽ نيٺ ڪامياب ٿي. اڄ انگلينڊ جي پارليامينٽ جي سامهون سندس کڙو ڪيل مجسمو هن جي لازوال جدوجهد جي شاهدي ڏئي ٿو.

        هن ڪتاب ۾ حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻيءَ جو پڻ ذڪر آهي. پاڻ 110 سالن جي وڏي ڄمار ۾ ملتان کان سفر ڪري، سيوهڻ پهتا ۽ سندن روحاني فيض سان سيوهڻ ۽ سنڌ جي تقدس ۾ وڏو اضافو ٿيو. پاڻ عاشق رسول هُئا ۽ سندن فارسي شاعريءَ ۾ پنجتن پاڪ جي شان ۽ اعليٰ مرتبي جو ذڪر ٿيل آهي.

        ان ريت يورپ جي هڪ ڏاهي انسان جارج برنارڊشا جو ڪتاب ۾ تذڪرو آهي، جنهن آئرلينڊ جي هڪ غريب گهر ۾ جنم ورتو ۽ پاڻ پنهنجي محنت سان انگريزي ادب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

        هن ڪتاب ۾ شيخ سعديءَ جو احوال به آهي. جنهن فارسي شاعريءَ ۽ نثر ۾ نصيحت ڀريا قصا ڪهاڻيون لکي، شاگردن کي چڱا ڪم ڪرڻ ۽ چڱو انسان بڻجڻ جي نصيحت ڪئي. هو چوندو هو ته ”دولت خرچ ڪرڻ سان ختم ٿي سگهي ٿي، پر علم هڪ  اهڙي دولت آهي، جيڪا خرچ ڪرڻ سان تهائين وڌندي وڃي ٿي.“

        هن ڪتاب ۾ هڪ مضمون ”دنيا جا قديم سيلاني“ به آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي سيلانين/سياحن جو ذڪر ٿيل آهي. اهي سياح  آڳاٽي دور ۾ دنيا کي ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ نڪتا، جڏهن ته اُن دور جي ماڻهن کي سفر جون  ڪي به سهولتون حاصل نه هيون. پر هنن  همت وارن انسانن دنيا کي گهمي ڦري ڏٺو ۽ پنهنجا سفرناما لکي، دنيا جي مختلف کنڊن کي هڪ ٻئي کان نه رڳو واقف ڪرايو پر هڪ ٻئي جي ويجهو به ڪيو.

        هن ڪتاب ۾ هڪ مضمون هندستان جي بادشاهه اڪبر جي درٻار جي 9 خاص ماڻهن (نورتن) منجهان هڪ اعليٰ انسان فيضي بابت آهي، جنهن جو پيءُ ”ملا مبارڪ سنڌي“، اصل سنڌ جو رهواسي هو. مُلا مُبارڪ ۽ سندس پٽن: ابو الفضل ۽ فيضي، علم ۽  ادب سان پنهنجي چاهه ۽ خداداد ڏاهپ وسيلي دهليءَ جي شاهي درٻار ۾ وڏي عزت، مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو.

        هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ وڏي اديب ۽ عالم مرزا قليچ بيگ جو به تفصيلي ذڪر آهي. پيارا ٻارو! سنڌي ادب تي ڪلاسيڪل رنگ ته قديم زماني کان موجود هو، پر مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب کي جديد رنگ ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هر صنف، ناول، ڪهاڻيون، مضمون نگاري، ناٽڪ ويندي تاريخ تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. مرزا صاحب ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن. هن 400 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ ترجمون ڪيا آهن. اهو هڪ وڏو ڪم آهي، جيڪو هڪ سرڪاري آفيسر، گهڻو مصروف رهندي به وطن، ٻولي،  علم ۽ ادب سان اٿاهه چاهه ۽ عشق سبب ڪيو، جيڪو هڪ وڏي اداري جي به ڪرڻ جي وس کان ٻاهر آهي.

        هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪڇي ميمڻ برادريءَ جي هڪ يتيم ٻار عبدالله جو به ذڪر ٿيل آهي، جيڪو ماءُ جي دُعا ۽ پنهنجي محنت سان هڪ وڏو واپاري ۽ صنعتڪار بڻجي سيٺ عبدالله هارون جي نالي سان دنيا ۾ مشهور ٿيو. سيٺ صاحب سنڌ جي ماڻهن جي تعليم لاءِ اسڪول کوليا ۽ حاجين لاءِ حج تي وڃڻ لاءِ مسافرخانا ٺهرايا. هن سماجي ۽ علمي ڪمن کان سواءِ سياست ۾ سٺو بهرو ورتو ۽ سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ آخرڪار سنڌ کي انتظامي طرح سان بمبئي کان آزاد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

        آخر ۾ هن ڪتاب ۾ هڪ مضمون ريڊ انڊين سورمي ”ڪوچس“ تي آهي، جيڪو آمريڪا کنڊ جو اصلوڪو رهواسي هو.  هن پنهنجي وطن ۽ پنهنجي مال جي حفاظت لاءِ يورپ جي آمريڪي آبادڪارن خلاف جنگ ڪئي. هو سلهه (T.B) جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي به پنهنجي عقل ۽ همت سان يورپ جي چالاڪ، عيار ۽ ويڙهاڪ ماڻهن سان وڏو مهاڏو اٽڪايو. اڄ جي آمريڪا جا ماڻهو هن جو ذڪر وڏي احترام سان ڪن ٿا. هن کي هڪ دلير ۽ بهادر انسان تسليم ڪن ٿا. سندس قبيلي ”اپاچي“ جا ماڻهو اڄ به ”وچ آمريڪا“ جي علائقي ۾ مان، شان ۽ وقار سان رهن ٿا.

        ان ريت هن ڪتاب؛ ”شخصيتون“ ۾ دنيا جي هر سماج جي مختلف سطحن: علم، ادب، بهادري ۽ قومي ۽ انساني خدمت ڪندڙن اعليٰ ماڻهن جو ذڪر آيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران هي ڪتاب پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جا ٻار دنيا ۽ دنيا جي چڱن ماڻهن بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ وڏا ٿي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي سماج جي مثالي خدمت ڪري مثالي انسان بڻجي سگهن.

(ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com