سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ تارا

 

صفحو :1

ڌرتيءَ تارا

غلام محمد غازي

ڇپائيندڙ پاران

 

ٻاراڻو ادب ۽ شاعري مائرن پاران پُٽن ۽ ڌيئرن کي ڏنل ڪوڏاڻن کان شروع ٿئي ٿي.

ابل منهنجو وڏڙو ٿيندو، وکڙون کڻندو،

پٽي پڙهندو، اسڪول ويندو.

*****

گُڏي منهنجي، وڏي ٿيندي،

الف – انب جي پٽي پڙهندي.

ان ريت اهي امڙين جا ڪوڏاڻا وڌي ٻاراڻي شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، وسهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته جن شاعرن جي مائرن، نانين ۽ ڏاڏين کي جيترا گهڻا ڪوڏاڻا چوڻ ايندا هئا، انهن ٻاراڻي شاعريءَ به اوتري گهڻي ۽ سُٺي ڪئي، سنڌ جي ڳوٺاڻي توڙي شهري ماءُ جون انيڪ تمنائون  ۽ دعائون ڪوڏاڻن جي روپ ۾ آهن،انهن جو اولڙو سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ چِٽو پِٽو نظر اچي ٿو.

سنڌ ۾ ٻارن لاءِ تمام گهڻن شاعرن لکيو آهي، محترم نثار بزمي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ليکڪ جي حيثيت ۾ هڪ وڏو نالو آهي، سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 13 آهي،  جڏهن ته ڏهاڪو کن ڪتاب اڻڇپيل هوندا جن مان هڪ ڪتاب هي به آهي، کيس ٻاراڻي ادب جو اُستاد شاعر چئجي، ته وڌاءُ نه ٿيندو. ٻارن لاءِ لکيل سندس هن مجموعي ”ڌرتيءَ تارا“ کي محترم غلام محمد غازي سهيڙي بورڊ کي گهڻو وقت اڳ پيش ڪيو هو، جنهن جي ڇپجڻ جو سامان هاڻ جُڙيو آهي. بورڊ کي ايڏي وڏي شاعر جي شاعريءَ جي هن مجموعي کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ تي خوشي آهي.

اميد آهي ته ٻاراڻي ادب سان چاهه رکندڙ ٻارن ۾ شاعريءَ جو هيءُ مجموعو ”ڌرتي تارا“ شوق سان پڙهيو ويندو.

 

ڄام شورو                              پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي

19 ذوالقعد 1429هه                           سيڪريٽري

18- نومبر 2008ع                            سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

تعارف

 

اڄ ڪيڏي نه خوشي ٿي رهي آهي جو آءُ پنهنجي ادبي استاد محترم سائين نثار بزميءَ جي ڪيل ٻارن لاءِ ادبي پورهئي کي سهيڙي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. بزمي صاحب جو اصل نالو قلندر بخش خان المعروف نثار بزمي ولد محمد حسن خان جوڻيجوآهي. بزمي صاحب جو جنم 13-جون 1924ع تي مرزاپورڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿيو هو. هي ڳوٺ الهداداڻي ريلوي اسٽيشن جي اتر طرف هڪ ميل جي فاصلي تي آهي، بزمي صاحب سنه 1938ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ سنه 1942ع ۾  پرائمري ماستر ٿيو. سنه 1947ع کان 1954ع تائين روينيو کاتي ۾ تپيدار ٿي رهيو. سنه 1959ع ۾ شڪارپور جي سومرا خاندان مان شادي ڪئي، جنهن مان 6 پٽ آفتاب احمد، الطاف احمد، ارشاد احمد، اسرار احمد، احسان احمد، انتخاب احمد ۽ هڪ نياڻي به ٿي. پاڻ علم عروض جو وڏو ڄاڻو استاد الشعرا ۽ هڪ محبتي ماڻهو هو. بزمي صاحب مضمون، مقالا، ناٽڪ به لکيا. فلمن لاءِ گيت لکيا. سندن ڪيترائي گيت ۽ غزل ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڳايا وڃن ٿا ۽ ڪجھ نظم درسي ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. بزمي صاحب زندگيءَ جا ڪيترائي انمول ۽ قيمتي سال ادب کي ڏنا، سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌ واسين کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو. کيس مڃتا طور ايوارڊ، ميڊل ۽ انعام پڻ مليا. ادب ۽ ثقافت سان لڳاءُ ۽ عشق سبب لوڪل براڊڪاسٽنگ سکر جا پروڊيوسر ڊائريڪٽر۽ ڪمپيئر به رهيا، آفتاب پبليڪيشن، محمد بيوس يادگار ڪميٽي، نثاربزمي ادبي سنگت ۽  نثار بزمي لٽرري اڪيڊمي جو قيام به سندس ادبي ۽ سماجي حيثيت طور مڃتا جو ثبوت آهي. بزمي صاحب جا هن وقت تائين 13 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ’جذبات نثار‘، ’رت جا ڳوڙها‘، ’جلترنگ‘، ’نازو نياز‘، ’روهڙي تعلقي جي جاگرافي‘، ’هڪ سسئي سو سور‘ ’اوکو پنڌ پهاڙ جو‘ ’سنڌڙي ائٽم بم‘ ’عشق نه پڇي ذات‘، ’وڄن جا وراڪا‘، ’ڏکن آءُ ڏڌي‘، ’ٻول نثار نزميءَ جا‘، ۽ سندن هيءُ ڪتاب ”ڌرتيءَ جا تارا“ جو ٻارڙن لاءِ نظم ۽ گيتن تي مشتمل آهي. انهن کان علاوه اڻ ڇپيل مواد ۾ ’زندگيءَ جو سفر‘، ’مسافر بزمي‘، ’اهي ڏينهن‘، ’ڪهاڻيون‘، ’ڊراما‘ ۽ ’خط‘ شامل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جو هيءُ ستارو زندگيءَ جا 76 سال گهاري، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندن آخري آرامگاهه مرزاپور شهر ۾ آهي.

7 جولاءِ 2006ع                                              غلام محمد غازي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com