سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو :1

سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

ڪنڪيڊ

ڇپائيندڙ پاران

ڪنهن به سماج جو اصلوڪو چهرو سندس لوڪ داستانن ۽ عوامي ڪٿائن منجهان ئي درست ۽ تـُز نموني پـَسي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو اُنهن قصن ۽ ڪهاڻين ۾ رڳو واقعا ۽ حقيقتون ئي بيان ٿيل نه هونديون آهن، پر گڏوگڏ عام ماڻهن جا خواب، جذبا، احساس، آسون، جـُڙيل/ٽاڪيل هونديون آهن. شايد انهيءَ ڪري ئي لوڪ آکاڻيون عام ماڻهن جي خوابن ۽ حقيقتن جو هڪ وڻندڙ سنجوڳ بڻجي، کين اُتساهڻ سان گڏ تفريح جو موقعو پڻ فراهم ڪنديون آهن،.

سنڌ ۾ لوڪ آکاڻين بابت پسنديدگي ۽ موهه اڄ نه، پر هزارين سالن جو پسمنظر رکي ٿو. سنڌ جي آڳاٽي دور جا چارڻ، ڀـَٽ ۽ ڀان قديم عرصي کان سڀني سنڌ واسين جي دل ۾ ديرو انهيءَ ڪري ڄمايو ويٺا آهن، جو انهن امر داستانن کي سيني ۾ سانڍي لوڪ تائين پهچايو ....... ۽ اهڙيءَ طرح تاريخي امانتون عام تائين پهچائيندي، خود به تاريخ بڻجي ويا. سندن انهيءَ پورهيي کي عظمتن جو ويس پهرائيندي ڀٽائي سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ لوڪ داستانن کي جيڪا امرتا بخشي تنهن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي. موجوده دور جي سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لوڪ ورثي ۽ ثقافت سان قربت جي ڪري سنڌ جي ڪـُنڊ ڪڙڇ ۾ ڏند ڪٿائي ڪردار بڻجي چڪو آهي. لوڪ آکاڻين جي حوالي سان سندس ڪيل عرق ريزيءَ جي بدلي ۾ سنڌ واسين ڊاڪٽر صاحب کي جيئري ئي احترام ۽ عزت جا بيشمار گل آڇيا آهن.

هيءُ جناب سي . اَي  ڪنڪيڊ جو اوهان آڏو خانم خديجه دائودپوٽو جي معرفت پهچندڙ پورهيو پڻ انهيءَ ساڳئي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي، جيڪا سالن کان سنڌ ۾ مقبوليت ۽ مڃتا ماڻيندي رهي آهي. ڪتاب جي ليکڪ انگريزيءَ ۾ سنڌ جون لوڪ آکاڻيون لکي نه رڳو سنڌ سان پنهنجي وابستگيءَ جو حق ادا ڪيو آهي، پر گڏوگڏ منفرد انداز ۾ سنڌ جي ورثي کي سنڌ واسين سان آشنا پڻ ڪرايو آهي. سندس محنت کي صاف، سادي ۽ سلوڻي سنڌيءَ جو روپ ڏيندي لائق مترجم درحقيقت ڌرتيءَ جو قرض چڪائڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.

هن ڪتاب ۾ ڇپيل اڪثر داستان نيم تاريخي هجڻ ڪري عام ۽ خاص جي زبان تي آهن، پر ”سيف الملوڪ“ جهڙي هڪ اڌ غير مقامي آکاڻي به ڪا گهڻي اوپري ڪانهي. اهي مڙئي آکاڻيون سنڌ جا ڪئين نسل پڙهي جوان ٿيا آهن. انهيءَ ڪري مان سمجهان ٿو ته هن ڪتاب جي سِٽ سِٽ آئنده جي نسلن لاءِ به ڪشش جو ڪارڻ بڻي رهندي.

”سنڌ جون لوڪ آکاڻيون“ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هڪ مقبول ۽ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو اڳ به هزارن جي تعداد ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو پڙهندڙن جي چاهه کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ ۾ آندو پيو وڃي. اُميد ته انهيءَ جو ساڳي سرگرميءَ سان آڌر ڀاءُ ٿيندو.

 

6_مارچ 2004ع                                              انعام شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

ڄامشورو

مصنف جي باري ۾ احوال

 

سندس ڪتاب “Forty Four Years-A Public Servant” تان ورتل.

سِي . اَي. ڪنڪيڊ،  بنيادي طرح آئرلينڊ جي مشهور ڪنڪيڊ گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، پر انڊيا سان به سندس رشتو نئون نه آهي. سندس پڙ ڏاڏو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ آرمي آفيسر هو. جڏهن ته سندس پيءُ به مدراس آرميءَ ۾ آفيسر ٿي ڀرتي ٿيو ۽ 1849ع ۾ انگلنڊ کان انڊيا آيو.

ڪجهه وقت لاءِ آئرش ماٿريءَ ۾ ڪئپٽن جي عهدي تي فائز رهيو ۽ وري ٻيهر انڊيا ۾، بائونڊري آفيسر جي حيثيت سان آيو ۽ 1887ع ۾ انڊيا ۾ ئي هڪ اعليٰ اعهدي تان رٽائر ٿيو ۽ پنهنجي رٽائرمينٽ وقت ڀوپال ۾ ئي مقيم هو.

اهڙيءَ طرح سندس ماءُ جو ڪٽنب به هندستان سان وابسته هو. سندس ماءُ جي چاچي جنرل اليگزنڊر ۽ سندس ٽن ڌين کي بلوي دوران اتي قتل ڪيو ويو، سندس ڌين جا لاش نانا صاحب جي فسادين ڪانپور جي هڪ کوهه ۾ اڇلايا هئا.

سِي . اَي. ڪنڪيڊ پاڻ به هندستان ۾ ڄائو ۽ پهريان ٽي سال اتي ئي نپنو، ان کان پوءِ ڇهه سال ڏاڏيءَ سان Dublin ۾ رهيو، ڇهه مهينا پنهنجن مائٽن سان اٽليءَ ۾ هو. ٻن سالن لاءِ پئرس جي هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو، پنج سال انگلنڊ ۾ رهيو، ٻه سال Crammer ۾، ۽ ٻه سال آڪسفورڊ ۾.

آڪسفورڊ ۾ پڙهائيءَ دوران هن مرهٽي پڻ سکي. 1889ع ۾، انڊين سول سروس ۾ پروبيشنر جي حيثيت سان داخل ٿيو، 1891ع ۾ هندستان آيو. بمبئيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ کيس سنڌ ڪمشنر ڪيمپ لاءِ ڪراچي موڪليو ويو.

هت کيس لوئر ڊپارٽمينٽل اسٽينڊرڊ جو امتحان پڻ پاس ڪرڻو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پڻ شامل هو. ٻه ڀيرا هِي سنڌيءَ جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو، پر ٽيون ڀيرو مانَ شانَ سان ڪامياب ٿيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ ئي کيس، ان وقت جي سکر ڪليڪٽوريٽ ۾ ميهڙ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي خودمختيار پوسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس سب ڊويزن مئجسٽريٽ جا اختيارات مليا. 1918ع ۾ سنڌ ۾ ائڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر پڻ مقرر ٿيو ۽ ٻن ٽن سالن  کان پوءِ جوڊيشل ڪمشنر سنڌ جي چارج اچي سنڀاليائين.

گورنمينٽ آف بمبئي ۾ سيڪريٽري جي حيثيت سان پڻ رهيو، ان کان سواءِ پونا، ساترا، ڪاٺياواڙ، ناسڪ، بمبئي، چربرگ ۽ برن ۾ مختلف وڏن سرڪاري عهدن تي فائز رهيو. ۽ آخر ۾ برن Berne مان ڪائونسليٽ جي عهدي تان 1933ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ جا چوئيتاليهه سال پورا ڪري رٽائر ڪيو.

سرڪاري نوڪريءَ دوران مختلف جاين تي رهڻ دوران هن انهن ماڳن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو پڻ ڪيو، ۽ انهن کي ساڳئي وقت قلمبند پڻ ڪيو. سندس ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:

ٽن جلدن ۾ مرهٽن جي تاريخ.

1.    History of Marhatha People.

2.   Our Parsi Friends.

3.   The Hindu gods, how to recognize them.

4.   Shri Krishna of Dwarka.

5.    Teachers of India.

6.   The Anchorite.

7.   The Indian Heroes.

8.   Tales from Indian Epics.

9.   Deccan Nursery Tales.

10.             The Tales of Tulsi Plant.

11.Tales of Old Sind.

12.             Folk Tales of Sind and Gujarat.

13.             Forty Four Years A Public Servant. Etc.

 

هن پنهنجي نوڪريءَ دوران گذاريل زندگيءَ جي باري ۾ سمورو احوال، فارٽي فور ايئرس اَي پبلڪ سرونٽ ۾ درج ڪيو آهي.

سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران هن، هتان جو قديم ورثو ”سنڌ جون لوڪ آکاڻيون“ پڻ سانڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو اوهان جي هٿن ۾ آهي.

1. سسئي ۽ پنهون

جنهن زماني ۾ راجا دلوراءِ سنڌ تي راڄ ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ نائونءَ نالي هڪ برهمڻ سندس وزير هوندو هو. هن برهمڻ وٽ وڏو خزانو هو ۽ هيرن جواهرن جو مالڪ هو، پر هو اولاد جهڙي نعمت کان بلڪل محروم هو. هن جيتوڻيڪ هزارين رپيا جوڳين ۽ سنياسين تي خرچ ڪيا، مگر تنهن هوندي به پاڻ ۽ سندس زال بي اولادي ۽ دُکي رهيا. هڪڙي ڏينهن، وزير جي زال کي ڪنهن نجوميءَ جي خبرپئي جو نه فقط هنڊي علم جو ڄاڻو هو، مگر يوناني حڪمت ۽ ٻين علمن کان به چڱيءَ ريت واقف هو. هن کي اولاد جي هيڪر وري اچي آس ٿي، سو مڙس کي چوڻ لڳي ته ”اولاد کان سواءِ زندگي اهڙي آهي، جهڙي تارن کان سواءِ رات. بهتر آهي ته سفر ڪري هلي انهيءَ نجوميءَ کان ڏس پتو پڇون،  ڇو ته هن جي ڏاهپ جي واکاڻ هر ڪنهن جي وات آهي“. برهمڻ ٿوري دل هڻڻ کان پوءِ ڳالهه مڃي ۽ دولت جا انبار ساڻ ڪري زال سميت نجوميءَ جي آسٿان ڏانهن روانو ٿيو.

جوتشي جڏهن برهمڻ ۽ سندس زال کي ايندو ڏٺو، تڏهن اُٿي هنن کي کيڪاري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ کانئن حال احوال ورتائين. برهمڻ هٿ ٻڌي هن جي پيرن تي ڪري چوڻ لڳو ته: ”اي ڀڳوان جا پيارا! ڌڻيءَ کان اسان لاءِ دعا گهـُر ته اسان کي ڪو اولاد ٿئي، ڇاڪاڻ ته اولاد کان سواءِ اسان جي حياتي ويڳاڻي ۽ ڪڙي ٿي پيئي آهي“. جوتشيءَ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ ڍاري جي دٻلي کنئي ۽ ڍارو وڌائين. انگ وجهڻ کان پوءِ جادوءَ جي هڪ آرسي ڪڍي آيو ۽ ان ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته: ”مون کي مشتري مريخ جي ويجهو ٿو ڏسجي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڌڻي توهان کي نياڻي عطا ڪندو، مگر هن جو لکيو مسلمان سان ٿيندو“. اهو حال ٻڌي، ٻـُڍي برهمڻ جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ ليلائي نجوميءَ کي چوڻ لڳو ته منهنجي ڌيءَ جو لکيو ڪيئن به ڪري بدلائي ڏيو. نجوميءَ کي نائونءَ جي ليلائڻ تي قياس ته گهڻو ئي آيو، پر هن جي وس ۾ ڪجهه به نه هو، سو وراڻيائين ته: ”جيڪي ڌڻيءَ لکيو، سو لکجي ويو“. اهي لفظ چئي، هنن کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين.

وقت گذرندو رهيو، برهمڻ جي زال کي پوري ميعاد تي ٻار ڄائو. ڄمڻ سان دائيءَ کان پڇيائين ته ”ڇا ڄائو آهي؟“ ڇو ته هن کي هر وقت اها ئي اميد هوندي هئي ته من ڀڳوان جي ديا سان پٽ ڄمي پوي! دائيءَ وراڻي ڏني ته ”نياڻي ڄائي آهي“. اها خبر ٻڌي برهمڻ جي دل ٻڏڻ لڳي، کيس پڪ ٿي ته نجوميءَ جي اڳڪٿي ضرور پوري ٿيندي، سو وڏي ارمان ۽ ڪاوڙ مان چيائين ته: ”مان انهيءَ نڀاڳي ڇوريءَ کي گهر ۾ نه رکندس، پٿر آڻي ڏيوم ته هڻي هن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيان يا ڇڏيوم ته هن کي باهه ۾ اڇلي وجهان“. مڙس جا اهي لفظ ٻڌي، جوڻس به ساڻس شامل راءِ ٿي ته ڇوڪريءَ مان جند ڪنهن طرح ضرور آزاد ٿئي، مگر هوءَ نياڻيءَ جي مارڻ ۾ رضامند ڪانه هئي. هن جي مرضي هئي ته ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري، سنڌو درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجي ته جيئن لڙهندي لڙهندي ڪنهن جي نظر چڙهي ۽ حياتي بچي پويس، ماءُ جي دل ائين ئي چاهيندي! برهمڻ کي به اها صلاح آئڙي، سو پيتي وٺي آيو ۽ معصوم ٻارڙي انهيءَ ۾ وجهي، پاسي کان سون ۽ جواهرن جي ٿيلهي به رکي ڇڏيائين. پيتيءَ کي قلف لڳائي بند ڪيائون. ان کان پوءِ پيتي کڻي نديءَ جي ڪناري تي ويو ۽ وڃي درياءَ ۾ اڇلايائين. اها پيتي وهڪرن جي ور چڙهي، جن کيس لوڙهيندي لوڏيندي آڻي ڀنڀور جي شهر ۾ ڪڍيو. ڪناري تي محمد نالي هڪ ڌوٻيءَ درياءَ ۾ پيتي ترندي ۽ ڪناري ڏانهن ايندي ڏٺي. نظر پوندي ئي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي، پيتيءَ کي ڇڪي ڪناري ڏانهن گهلي کڻي آيو. قلف ڀڃي پيتيءَ کي کوليائين، ڇا ڏسي ته هڪڙي ننڍڙي سهڻي ڇوڪري اندر ستي پيئي آهي. جان کڻي ان کي کنيائين ته هن جي ڀر مان هڪ ڳوٿري سون ۽ جواهرن جي مليس، جنهن کي ڏسي خوشيءَ جي حد ئي نه رهيس ۽ پنهنجو ٻٽو خزانو کڻي گهر ڏانهن راهي ٿيو. ڌوٻيءَ جي زال، جا اڳيئي اولاد جي سڪايل هئي، سا بيحد خوش ٿي ۽ ٻنهي زال مڙس هن لڌل ٻار کي کڻي گود ورتو. سڀني پاڙيسرين، دوستن ۽ برادريءَ وارن کي دعوت ڏنائون، جن ٻارڙيءَ کي ڏٺو ۽ هن تي ”سسئي“ نالو رکيو ويو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هيءَ سهڻي نينگري ڏينهون ڏينهن سونهن ۾ سرس ٿيندي ٿي ويئي، ايتريقدر جو هن حسين ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي سيڙائي ڌوٻيءَ جي گهر جي گهٽين وٽ منتظر بيٺا هوندا هئا ته من هن جي سهڻي صورت جو ديدار نصيب ٿئين. سون ۽ جواهرن جي ڳوٿري، جا پيتيءَ مان لڌي هئائون، انهيءَ مان ڇوڪريءَ لاءِ زيور ۽ سينگار جو سامان ۽ رهڻ لاءِ ٻه طبقو گهر ٺهرايائين، جنهن جي چوگرد گلاب جو باغيچو رکايو ويو. انهيءَ گهر ۾ سسئي پنهنجون ساهيڙيون ۽ سرتيون سڏي انهن سان گڏجي ويهي ڪتيندي هئي يا وري باغيچي ۾ سارو ڏينهن پسار پيئي ڪندي هئي.

انهن ڏينهن ڪيچ_ مڪران ۾، ڄام آريءَ نالي هڪ بلوچ رهندو هو، جنهن جي بهادريءَ جي ايڏي ته هاڪ هئي، جو اتان جي بلوچن هن کي پنهنجو سردار مقرر ڪري سڄي ڪيچ ۽ مڪران جي پڳ ٻڌائي. ڄام آريءَ کي پنج پٽ هئا__ چنو، پنهون، هوتو، نڪرو ۽ نوتو. هونئن ته سڀئي حسين جوڌا جوان هئا، پر سڀني کان بهادري ۽ سونهن ۾ سرس ٻيو نمبر پٽ، ”پنهون“ هوس. بلوچن جي سردار کي پنهنجي پـَٽَ مان ايندڙ ويندڙ قافلن تان محصول ملندا هئا ۽ جيڪي ڏيڻ کان انڪار ڪندا هئا، تن تي هن جا پٽ حملا ڪندا هئا. بدقسمتيءَ سان ”سسئيءَ“ جي حسن جي هاڪ هن ڏورانهين ملڪ ۾ ”پنهون“ جي دماغ تي وڃي واسو ڪيو. هڪ ڏينهن، ٻاٻيو نالي هڪ سوداگر، ڪيچ ۾ آيو، ڄام آريءَ هن جي گهڻي آجيان ڪئي ۽ هن جي گفتگوءَ ۽ هلت چلت کان ايترو متاثر ٿيو جو کيس محصول معاف ڪري ڇڏيائين. ٿورن ڏينهن ۾ ٻاٻئي پنهنجو سڀ سامان وڪڻي ٻيو خريد ڪري وري ٻئي پاسي واپار لاءِ اُسهيو. وڃڻ وقت ڄام کان موڪل ورتائين، جا هن خوشيءَ سان ڪانه ڏنيس، ارهو ٿي ڏنس. پر جڏهن پنهونءَ کان ٿي موڪلايائين، تڏهن هن ڪن ۾ چيس ته ”ڀنڀور ۾ ”سسئيءَ“ جي ڳولا ڪج ۽ مون کي مخفي نياپي ذريعي ٻڌائج ته سسئي واقعي اهڙي سهڻي آهي، جهڙي ماڻهو چون ٿا.“

سوداگر مـُشڪندي واعدو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي اُٺ ڏانهن وڌيو. لانگ ورائي، مهار کي ڇٻي ڏني ۽ قافلو روانو ٿيو. سڀني جي اڳ ۾ مشڪي مهري ڏاڍي شان سان تيز قدم کڻندو ٿي هليو. اهڙيءَ ريت اهو قافلو ڏينهن جا ڏينهن هلندو اچي ڀنڀور پهتو. ٻئي ڏينهن ٻاٻئي پنهنجو مال اسباب ڪڍي ٻاهر ڪيو، جنهن تي سڄي ڀنڀور شهر ۾ سندس سودي ۽ سامان جي هاڪ پکڙجي ويئي. جوان توڙي ٻڍو، زالون ۽ مرد، سڀ اُتي اچي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا. ڏينهن ٻن کان پوءِ، ٻاٻيو سسئيءَ جي گهر وٽان اچي لانگهائو ٿيو. اتفاق سان اوڏيءَ مهل سسئي پنهنجي ساهيڙين سان راند پئي ڪئي ته اوچتو ماڙيءَ جي دريءَ مان سندس نظر وڃي ٻاٻئي تي پيئي جو هيٺ گهٽيءَ مان پئي ويو. سسئيءَ کي هن جي سونهن ۽ صورت موهي وڌو ۽ پنهنجي ساهيڙي، ساقيءَ کي منت ڪيائين ته وڃي انهيءَ سوداگر کي مٿي وٺي اچ. ساقي ڊوڙندي گهٽيءَ ۾ ويئي ۽ ٻاٻئي کي سسئيءَ جو نياپو وڃي ڏنائين. ٿورو مشڪو ۽ پاڻ سان وڪري جو ڪجهه قيمتي سامان کڻي ساقيءَ سان گڏجي سسئيءَ جي گهر ويو. جيئن پنهنجو سودو سسئيءَ کي ڏيکاريائين پئي، تيئن سسئي سندس ڪن ۾ ڀڻڪو ڪري چيو ته ”سوداگر! تو ته منهنجي دل ڄڻ ڪنڍيءَ ۾ ڦاسائي آهي ۽ هاڻي مان توکان سواءِ رهي نٿي سگهان.“ ٻاٻئي اهي اکر ٻڌي پهريائين ته ڪو جواب ڪونه ڏنو، هو سسئيءَ جي منهن ۾ نهارڻ لڳو، جنهن جي حـُسن خود ٻاٻئي کي به موهي وڌو هو. هو دل ۾ سوچڻ لڳو ته ”هيءَ ڇوڪري ڀلي کڻي کٽيءَ جو ٻار هجي، تڏهن به پنهونءَ جي لائق آهي. چنڊ جهڙو چهرو اٿس ۽ هن جي قد قامت ۾ مون کي ڪو به نقص نظر نٿو اچي. ههڙو حـُسن ته ڪنهن شهزادي جي ڪنوار کي سونهين.“ ان کان پوءِ ٻاٻئي، سسئيءَ ڏانهن ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”؟اي حسين نينگرِ، منهنجي ڳالهه ٻڌ! تون مون تان پنهنجو خيال لاهي ڇڏ. هڪ جوان سڃاڻان، جنهن جو نالو ”پنهون“ آهي، جو مون کان وڌيڪ تنهنجي لائق آهي. مان ته عام رواجي ماڻهو آهيان، پر سڄو ڪيچ ۽ مڪران پنهونءَ جي تابع آهي. مان ته فقط هڪ سوداگر آهيان، پر پنهون هڪ شهزادو ۽ وڏيءَ دل وارو سخي آهي. جيڪو هن وٽ آيو سو پنهنجي غرض پوري ڪرڻ کان سواءِ نه موٽيو. هن وٽ اُٺ، گهوڙا، اَنبار سون ۽ چانديءَ جا، سپاهي، دربان ۽ منشي هن جي حاضريءَ ۾ رهن ٿا. مان حقيقت ڪري هن جي خذمتگارن مان آهيان. مون هن جي حـُسن جي تعريف نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو حـُسن اهڙو آهي، جنهن جي تعريف لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. فقط ڏسڻ سان ئي ان حـُسن جو اندازو لڳائي سگهندينءَ. خدا شال اهو ڏينهن آڻي، جڏهن تون هن سان ملي سگهين!“

سسئيءَ جا خيال هاڻي ٻاٻئي تان لهي وڃي شهزادي تي کـُتا، جنهن جي ديدار ڪرڻ لاءِ اندر ۾ آس جاڳيس. دل ۾ دعا گهرڻ لڳي ته شل خدا منهنجي اها تمنا جلد پوري ڪري ته مان شهزادي پنهونءَ کي اکين سان ڏسان. ان بعد ٻاٻئي کي مخاطب ٿي چيائين، ”سوداگر! تون انهيءَ حسين جوان کي وڃي وٺي اچ، جو منهنجي دل هاڻي هن جي ڏسڻ لاءِ بيقرار آهي.“ ٻاٻيو هن موچاريءَ ڇوڪريءَ کان موڪلائي اچي گهر پهتو. گهر پهچڻ شرط خط نويس ڏانهن ماڻهو موڪليائين. خط نويس کي ٻن خطن لکڻ جو حڪم ڏنائين، هڪڙي جو مضمون هن ريت هو: ”مون سسئي ڏٺي آهي، جا هڪ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ آهي، مگر هن کي خدا ڪمال جو حـُسن ڏنو آهي. هن جو حسين چهرو چنڊ جي سونهن ۽ سج جي روشنيءَ کي مات ڪيو ڇڏي. اوهان سوداگر جي ويس ۾ جلد هليا اچو ۽ پاڻ سان عطر ۽ عنبر جو ذخيرو آڻجو.“ ٻئي خط جو مضمون وري هن ريت هو: ”جلد منهنجي مدد لاءِ اچو، جو ڀنڀور جي ماڻهن زبردستي مون کي پڪڙي نظر بند ڪري رکيو آهي ۽ محصول جي تقاضا ٿا ڪن، سو ڀلائي ڪري شهزادا پنهون! تون اچ، ڇاڪاڻ ته توکان سواءِ مان ڇـُٽي نه سگهندس.“ اهي ٻئي خط لکرائي، قاصد کي ڏنائين جو هڪ ڀلي اُٺ تي روانو ٿي جلد پنهونءَ جي ڳوٺ پهتو. اتي پهريون خط پنهونءَ کي ڏيئي چيائينس ته ٻيو خط تنهنجي پيءَ لاءِ آهي. پنهون، سسئيءَ جي سونهن جي ساراهه پنهنجي خط ۾ پڙهي ته اکيون تجلا ڏيڻ لڳس ۽ پوءِ ٻيو خط ڄام آريءَ وٽ کڻي ويو، جنهن خط پڙهايو. جڏهن معلوم ٿيس ته سندس سوداگر ٻاٻئي سان بدسلوڪي ٿي آهي، تڏهن کيس سخت غصو آيو ۽ پنهونءَ کي گهرائي چيائين ته ”تون ڀنڀور وڃ ۽ ٻاٻئي کي آزاد ڪرائي پاڻ سان وٺي اچ.“

پنهونءَ قاصد کي حڪم ڪيو ته موٽي ڀنڀور وڃي ۽ ٻاٻئي کي ٻڌائي ته پنهون جلد اچڻ وارو آهي. پوءِ پنهون عطر ۽ عنبر جو وڏو انبار دٻن ۾ بند ڪرائي، مخفي طور پنهنجي اُٺ سان ٻڌائي ڇڏيو. هن جي اُٺ جا سنج ۽ سنجن جا پوش سون ۽ چانديءَ سان چمڪي رهيا هئا ۽ موتين جا هار ۽ سهڻن مڻين سان ڳانيون اٺ جي ڳچيءَ ۾ پئي لڙڪيون. پنهونءَ ۽ سندس همراهن پنهنجا مـُقيشي ڪوٽ پهريا ۽ شاهي پڳون مٿن سان ٻڌي ۽ سايون سٿڻيون پائي ۽ ڪلهن تي سون ۽ چانديءَ جي جهالرن وارا بوڇڻ رکي اٿي هليا. جڏهن پنهون ۽ ان جا ساٿي اسهيا ٿي، تڏهن ان وقت ڄام آريءَ، پنهوءَ جو ننڍو ڀاءُ چنون ساڻ ڪري آيو ۽ چيائين ته هن کي ساڻ وٺيو وڃ، جو ضرورت وقت هي تنهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي تنهنجي مدد لاءِ تيار ٿيندو. پڇاڙيءَ جو هن کي تاڪيد ڪيائين ته جيتريقدر ٿي سگهي ته جلد موٽڻ واري ڪج، ڇو ته تون منهنجو لاڏلو آهين. جڏهن سوڀارو ٿي موٽين ته اڳيان دهل دمام وڄائيندا اچجو. پنهون پيءُ ۽ ماءُ کان موڪلائي پنهنجي ساٿين سميت روانو ٿيو. هيڏانهن پنهونءَ جي اسهڻ کان پوءِ، ماءُ پيءُ اچي ڳاراڻي ۾ پيا. پنهون ۽ سندس ساٿي سفر جي سختين سان منهن ڏيندا هلندا ويا. سندن آوازن ۽ ان سان گڏ اُٺن جي چڙن جي چانگار سارو آسمان گونجي ٿي ڇڏيو. رات ڌاري وڃي ڪهير بيلا پهتا. رات اتي منزل ڪيائون. صبح جو سڄو ڳوٺ هنن مسافرن کي ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪڙي سوناري جي ڌيءَ، ساهجان، نالي رهندي هئي. هن جڏهن پنهونءَ کي ڏٺو، تڏهن دل ۾ چيائين ته هاڻي پنهونءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان حياتيءَ ۾ نينهن نه لڳي سگهندو.

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com