سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻه جاڙا ڀائر

باب: 1

صفحو :1

ٻه جاڙا ڀائر

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

باب پھريون

ٻھ جاڙا ڀائر

سونو پکي

 

ڪنھن ملڪ ۾ ٻھ ڀائر رھندا ھئا. منجھانئن ھڪڙو سونارو ھو، اھو تمام دولتمند ھو، مگر پئسو چڱي ڪم ۾ نھ آڻيندو ھو، جو خراب طبيعت جو ماڻھو ھو، ٻيو ڀاءُ تمام غريب ھو، ليڪن چڱي طبيعت جو ۽ نيڪ نيت ھو. اھو کجيءَ ۽ ٻين وڻن جي سنھڙين ٽارين مان، ٻھاريون جوڙي وڪڻندو ھو، ۽ پنھنجو گذران ڪندو ھو.

انھيءَ کي ٻھ پٽ ھئا، جي ٻيئي جاڙا ھئا. اھڙا ھڪجھڙا ھئا، جو ھنن کي سڃاڻڻ مشڪل ھو. اھي ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي دولتمند چاچي جي گھر ٽڪر ڀور ڇڏائڻ لاءِ ويندا ھئا، جو ھو بکيا ھوندا ھئا.

ھڪڙي ڏينھن اھو غريب جھنگ ۾ ٻھارين جي لاءِ ٽاريون ۽ گاھھ گڏ ڪرڻ لاءِ ويو، تھ ھڪڙو سونو پکي پنھنجي ويجھو ڏٺائين. اھڙو سھڻو پکي ھن عمر ۾ ڪونھ ڏٺو ھو. انھيءَ کي ڳچ تائين ڏسي ڏسي پوءِ ھڪڙو ننڍو پھڻ کڻي اڇلائي انھيءَ کي ھنيائين تھ وڃي ھن کي لڳو، پر ان کي ايذاءُ ڪونھ ڏنائين. اڏامندي اھو پکي ھڪڙو سونو کنڀ ڪيرائي ويو، جو ھن کڻي ورتو.

اھو سونو کنڀ، ھو پنھنجي ڀاءُ سوناري وٽ کڻي ويو، ۽ چيائينس تھ ”ادا، سونو کنڀ وٺ، ۽ انھيءَ جا مون کي پئسا ڏي.“ ھن اھو چتائي ڏٺو تھ برابر اھو نج سونو ھو، ۽ انھيءَ جو جيڪو واجبي ملھھ ھو، سو ڀاءُ کي ڏنائين.

ٻئي ڏينھن انھيءَ ساڳي غريب ڀاءُ جھنگ ۾ ٽاريون پئي وڍيون تھ ھڪڙي وڻ تان اھو ساڳيو سونو پکي اڏامي نڪتو. چتائي ڏسڻ سان ھن انھيءَ وڻ ۾ ھڪڙو آکيرو ڏٺو، جنھن ۾ ھڪڙو سونو آنو پيو ھو. ھو اھو آنو کڻي گھر آيو ۽ شام جو اھو بھ کڻي پنھنجي ڀاءُ کي ڏيکاريائين، جنھن مٺ مھرن جي ڏنيس، ۽ ايترو بھ چيائينس تھ ”خود اھو پکي ھٿ اچيئي تھ اھو بھ مون کي آڻي ڏي.“

ڪن ڏينھن کان پوءِ، انھيءَ غريب ماڻھوءَ جھنگ ۾ اھو سونو پکي ھڪڙي ٽاريءَ تي ويٺل ڏٺو. ھن ھڪڙو وڏو پھڻ ھنيس تھ ھو ڪري پيو ھو اھو کڻي ڀاءُ وٽ آيو، جنھن ٿيلھي مھرن جي ڏنيس. ڏاڍي خوشيءَ مان ھو پنھنجي گھر ويو، جو ڄاتائين تھ ھاڻ آئون گھڻو ئي ڪي خريد ڪري سگھندس ۽ سکيو پيو گذاريندس.

سونارو ڏاڍو پڪو ماڻھو ھو، تنھن سھي ڪيو تھ ھي ڪو رواجي پکي نھ آھي، پر گھڻي قيمت وارو آھي! ھن کي خبر ھئي تھ جيڪو ماڻھو انھيءَ پکيءَ جي دل ۽ جيرو کائيندو، سو ڏھاڙي صبح اٿڻ سان، پنھنجي وھاڻي جي ھيٺان ٻھ سونيون مھرون لھندو.

تنھنڪري ھن پنھنجي زال کي سڏي چيو تھ ”ھي پکي وڃي پچائي اچ، پر سنڀال ڪجئين تھ ھن مان ڪو ذرو بھ نڪري نھ وڃي، جڏھن پچي تيار ٿئي، تڏھن مون کي آڻي ڏج تھ آئون اڪيلو اھو کاوان، ۽ انھيءَ مھل ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ کي اچڻ متان ڏين“. زالس اھو پکي کڻي باھھ تي پچائڻ ويئي.

اھڙو اتفاق ٿيو، جو جڏھن زال باھھ تي اھو پکي ويٺي پچايو تھ اوچتو ڪنھن ضروري ڪم لاءِ اٿي ويئي، تھ پٺيانس ھن ٻھاري ٺاھڻ واري جا ٻيئي جاڙا پٽ اتي آيا. پکي پچندو ڏسي شيخ کي اٿلائڻ لڳا تھ سڙي نھ وڃي. اوچتو منجھانس ٻھ ذرا ڪري ڪيريءَ تي پيا، اھو ھو کڻي کائي ويا، جو ھو بکيا ھئا.

سگھو ئي پوءِ زال بھ بورچيخاني ۾ آئي. ھن انھن ڇوڪرن کي ڪي کائيندو ڏٺو پڇيائين تھ ”ڇا ٿا کائو؟“ ھنن چيو تھ ”انھيءَ پکيءَ مان ٻھ ذرا ڪري پيا، سي اسان کڻي کاڌا.“ زال ڏاڍي ڊني، جو ڄاتائين تھ اھي دل ۽ جيرو ھوندا، جن بابت مڙسس تاڪيد ڪيو ھو، ۽ ھاڻ اھو ڏاڍو ڪاوڙبو. تنھنڪري ھن ھينئن ڪيو، جو ھڪڙو ننڍو ڪڪڙ جو چوزو ڪھي، ان جي دل ۽ جيرو ڪڍي پچائي انھيءَ پکيءَ ۾ وجھي مڙس وٽ کڻي آئي. مڙسس اھو سارو کائي ويو ۽ ذرو بھ نھ ڇڏيائين. پر ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن وھاڻي جي ھيٺان ھٿ گھمايائين تھ جن ٻن سونين مھرن ملڻ جي اميد ھيس، سي نھ ڏٺائين.

ھنن ٻن ڇوڪرن کي تھ پنھنجي ڀاڳ جي خبر ڪانھ ھئي، تنھنڪري ھنن صبح جو اٿڻ کان پوءِ وھاڻي جي چڪاس ڪانھ ورتي. پر جڏھن رلي کنيائون، تڏھن ٻھ مھرون زمين تي ڇڻڪاٽ ڪري ڪري پيون. اھي ھو کڻي پيءُ ڏي ڀڳا، جو اھي ڏسي حيران ٿيو.

ٻئي ڏينھن صبح جو بھ ٻھ مھرون لڌيون، ۽ انھيءَ کان پوءِ بھ روز بروز ھنن کي ٻھ مھرون پئي مليون. نيٺ اھو ٻھاري جوڙڻ وارو پنھنجي ڀاءُ وٽ ويو، ۽ انھيءَ کي اھا ڳالھھ ڪري ٻڌايائين، تنھن کي ھڪدم پڪ ٿي تھ ھن سوني پکيءَ جي دل ۽ جيرو انھن ٻن ڇوڪرن کاڌو آھي.

انھيءَ ڪري ھو ڏاڍو ڪاوڙيو. ھو ظالم ۽ سنگدل ماڻھو ھو، تنھن انھن کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ھنن جي پيءُ کي چيائين تھ ”تنھنجي پٽن جو ڪنھن ڏائڻ سان واسطو آھي، تنھنڪري انھن نڀاڳن کي تون گھران ڪڍي ڇڏ، ۽ انھن مھرن کي متان ھٿ لائين، نھ تھ ڪا مصيبت مٿان پوندءِ.“

پيءُ کي پٽن کان ڌار ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو، پر ڏائڻين جي حرڪت کان ڊنو، تنھن پنھنجن جاڙن پٽن کي جھنگ جي وچ ۾ ڇڏي ڏنو. ھن جي وئي کان پوءِ ڇوڪرا اڪيلائيءَ ۾ ڊنا، ۽ گھر موٽڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر مورڳو ويا پري پوندا. نيٺ ھڪڙو شڪار ڪندڙ ماڻھو ملين، تنھن پڇين تھ ”اوھين ڪير آھيو، ۽ ھھڙي گھاٽي جھنگ ۾ اڪيلا ڇا ٿا ڪريو؟“

ھنن ورندي ڏني تھ ”اسين فلاڻي غريب ٻھارين جوڙيندڙ جا پٽ آھيون، پر ھن اسان کي پاڻ وٽ نھ رکيو، جو ڏھاڙي صبح جو اسان جي وھاڻن جي ھيٺيان ٻھ مھرون لڀنديون آھن. ھن کي ڊپ ٿيو تھ اسان جي ڪن ڏائڻين يا ڀوتن سان واسطو آھي.“

شڪاريءَ چيو تھ ”انھيءَ ۾ ڇا ٿيو؟ اھي پئسا سجائي ڪم ۾ اچن تھ پوءِ ڪھڙي حرڪت آھي؟ فڪر ناھي، اوھين مون سان گھر ھلو. آئون اوھان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوھين منھنجا پٽ ٿجو.“ شڪاريءَ کي اڳيئي اولاد ڪونھ ھو، تنھن جي سگھوئي ھنن ٻارن سان محبت ٿي ويئي، ھنن کي پنھنجو اولاد سمجھڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com