سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب:لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 1

صفحو :1

لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

باب پھريون

لبا خان درزي – خليفو ڪھنگ

چريو درزي يا ڪوڙو شھزادو لبا خان پاڻ کي شھزادو ٿو سمجھي!

 

گھڻا ورھيھ ٿيا، جو ”مصر“ جي وڏي شھر ”سڪندريھ“ ۾، ھڪڙو درزي ”لبا خان“ نالي رھندو ھو. ھو ھڪڙي ٻئي درزيءَ جو ڇاڙتو ھو، ۽ جدا جدا ماڻھن وٽ وڃي، سندن ڪپڙن سبڻ جو ڪم ڪندو ھو.

جيتوڻيڪ ”لبا خان“ ڏاڍو ھوشيار ھو، تھ بھ سندن ڊؤل عجب جھڙو ھو. ھو ڪڏھن سست ڏسڻ ۾ نھ ايندو ھو، نڪي ڄٽڪي طرح ۽ بيحيائيءَ سان ڪم ڪندو ھو. ھوندو ڏاڍو محنتي ۽ قابل ھو، پر تڏھن بھ ماڻھو ڀل ڪري ھن کي سست ۽ ٽوٽي سڏيندا ھئا.

انھيءَ جو سبب اھو ھو تھ اڪثر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڪپڙا سبندو ھو، ۽ سئي اھڙي تڪڙي ھلائيندو ھو، جو ڏسڻ ۾ بھ نھ ايندي ھئي، پر ڪڏھن ڪڏھن اھڙو پور اچي پوندو ھوس، جو ڏاڍي خيال ۾ اکيون ھڪ ھنڌ ڄمائي ويٺو ھوندو ھو. انھيءَ مھل سندس استاد يا ٻيو جيڪو ماڻھو ڏسندو ھوس، سو چوندو ھو تھ ھينئر ”لبا خان“ ڏاڍن پورن ۾ آھي.

”لبا خان“ جمعي جي ڏينھن مسجد ۾ نماز پڙھڻ ويندو ھو. ٻيا ماڻھو نماز پڙھي گھر موٽندا ھئا، پر ”لبا خان“ عمدو ڪوٽ ڍڪي، ڏاڍي آڪڙ سان، آھستي شھر جون گھٽيون پيو گھمندو ھو. جي ڪو سنگتي يا واقف ملندو ھوس، ۽ حال احوال پڇندو ھوس تھ رڳو ھٿ سان سلام ڪري، مغروريءَ منجھان ھليو ويندو ھو، ۽ بيھي انھيءَ سان ٻھ – ٽي اکر بھ نھ ڳالھائيندو ھو. جي سندس استاد ملندو ھوس تھ اھو چوندو ھوس تھ ”لبا خان“ تون شھزادو ٿي پيو آھين!“ تڏھن ھو ڏاڍي خوشيءَ مان جواب ڏيندو ھو تھ ”اوھان کي بھ خبر پئجي سگھي ٿي؟ آئون پاڻ ائين سمجھندو ھوس.“

اھو درزي ڏينھن جا ڏينھن اھڙيءَ طرح پيو ھلندو ھو. جي چڱو ۽ ھوشيار ڪاريگر نھ ھجي ھا، تھ جيڪر سندس استاد، ضرور پنھنجي دڪان تان ڪڍي ڇڏيس ھا.

ھڪڙي ڏينھن ”مصر“ جي سلطان جي ڀاءُ ”سليم“، شھر ۾ اچي منزل ڪئي، ۽ ھڪڙو عمدو چوغو ”لبا خان“ جي استاد ڏي مرمت لاءِ موڪلي ڏنائين، ڏکيو ڏکيو ڪم استاد اڪثر ”لبا خان“ کي ڏيندو ھو. تنھن ھيءُ چوغو بھ انھيءَ کي مرمت لاءِ ڏنو.

انھيءَ ڏينھن شام جو، جڏھن سندس استاد ۽ ٻيا دڪان وارا گھر ھليا ويا، تڏھن ”لبا خان“ کي دل ۾ ڪو خيال آيو، سو موٽي دڪان تي آيو، ۽ اھو چوغو ڪڍي، مٿس جيڪو عمدو ڪم ٿيل ھو، ۽ رنگ رنگ جا ريشمي پٽا ۽ گل ڏسي، انھن جي تعريف ڪري بت تي ڍڪڻ لڳو. اھو چوغو اھڙو پورو ٺھڪي آيس جو ڄڻ تھ سندس لاءِ ٺاھيو ويو ھو.

اھو ڍڪي ”لبا خان“ جاءِ ۾ ھلڻ ۽ پاڻ کي ڏسڻ لڳو. چوڻ لڳو تھ ”ڇو، آئون شھزادي جھڙو ناھيان ڇا؟“ ۽ آرسيءَ ۾ پنھنجو منھن ڏسي چوڻ لڳو تھ استاد سچ ٿي چيو تھ آئون شھزادي جھڙو پيو ڏسجان. انھيءَ بابت ايترو گھڻو خيال ڪيائين، جو سچ پچ وسھڻ لڳو تھ آئون شھزادو آھيان ۽ ڪنھن بادشاھھ جو پٽ آھيان، جنھن جي مون کي خبر ڪانھ ٿي پوي.

اھو خيال ھن جي مغز ۾ اھڙو ويھي ويو، جو ٻيو سڀ ڳالھيون وسري ويس. دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين تھ ھي شھر ڇڏي نڪري ملڪ گھمڻ وڃان- چيائين تھ ھتي منھنجو قدر ڪو بھ ڪونھي. ماڻھو اھڙا بي عقل آھن، جو مون کي درزي ٿا ڄاڻن. ايترو نٿا سمجھن، تھ آئون سچ پچ شھزادو آھيان.

ھن ائين ڄاتو تھ ھي چوغو ڪنھن ملائڪ يا ڪنھن پريءَ مون کي آڻي ڏنو آھي، ۽ اھو منھنجي حفاظت، سنڀال ۽ ھدايت لاءِ خدا موڪليو آھي، تنھن ڪري مون کي انھيءَ جو پورو فائدو وٺڻ گھرجي. ھڪدم جيڪي پئسا وٽس ھئا، سي گڏ ڪري تيار ٿي، نڪري شھر جي گھٽين ۾ پيو. رات اونداھي ھئي تنھن ڪري ڪنھن ڏٺس ڪين، شھر جي ھڪڙي در مان لنگھي ٻاھر ٿيو.

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com