سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 11

صفحو :16

 

باب يارهون

راند روند

        رانديون ماڻهوءَ کي صحتمند، چست ۽ چؤبند رکن ٿيون. هن اسان جي ڏيهه يعني سنڌ جي ساڻيهه ۾ تمام گهڻن نمونن جون رانديون کيڏيون وينديون آهن. انهن مان ڪي راتوڻيون يعني چاندوڪين ۾ ۽ ٻيون ڏهاڙڪيون آهن، ڪي سڪيءَ يعني ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ته ڪي پاڻيءَ ۾ پلٽي ڪيون ٿيون وڃن، ڪي آسمان جي پولار ۾ رانديڪن جي اُڏائڻ سان ته، ڪي کڏون کوٽي کيڏيون وينديون آهن. رانديون، هڪڙيون نينگرن جون ته ٻيون نينگرين جي لاءِ، ڪي مڙساڻيون ته ڪي زالاڻيون ڌار ڌار ڍنگن جون ٿين.

        مرداڻين راندين ۾ هڪڙيون ٻل، ٻوڌ ۽ سگهه واريون، جن ۾ حرفت ۽ حرڪت به اچي وڃي ٿي. تنهن کان سواءِ سير شڪار، نچڻ ڪڏڻ، شرطون پڄائڻ به راندين ۾ شامل ڪيل هوندو آهي. ورزشون، ڪـَـسرتون، جانبازيون به راندين جائي قسم ڪري ڳڻيا ويا آهن. وري انهن ۾ ڪي ليڪن جي ڦانڌن يا ڪوڏر قطعن يا کپن کنيل رانديون ٿين.ڪي گڏ يا بد، گل ۽ گلٽيءَ واريون پڻ هونديون آهن. ان کان سواءِ ڏَڙهي يا کينهوڙي واريون ۽ ڊڪ ڊوڙ واريون گهڻي ۾ گهڻيون رانديون هلندڙ آهن.

        رانديون ڪي ٽولين يا ٽولن ۽ ميڙن سان ٿيون کيڏن، ته ڪي اڳواڻن يعني هارين جي هدايت ۽ حڪم هيٺ هونديون آهن، پر ڪي پنهنجي سر ڇڙيون ڇـُـڙ ٻانڊ رانديون به ٿين. ڦرڻ، ڦيرائڻ، ڦيراٽين ۽ ڦرموٽين واريون رانديون ۽ رانديڪا الڳ هوندا آهن. مينهن جي مانڊاڻن، برسات جي بوهرن، بارش جي بد بدن، پلرُ جي پالوٽن، اوهيرن جي اوڪن ۾ ڇاڇر جي ڇيرن جون، موج مستي واريون رانديون ٿينديون آهن. ٻيو آهن واقعاتي ۽ اسڪولي رانديون، جي ٻارن کي پڙهڻ سان گڏ سيکاريون ۽ کيڏايون وينديون آهن.

1- راند ڪرڻ جي شروعات: ٻارڙا سريلي ۽ جهيلدار آواز ۾ چوندا:

اڪ جي ڪاٺي، نم جو پايو، راند جو سعيو،

جيڪو نه ايندو تنهن جي ناني گڪي،

چلهه جي پوئتان ڄڪي.

        ايئن چوندا سڄي پاڙي يا ڳوٺ، واهڻ ۽ وسيءَ جو چڪر هڻندا وتندا، جن به ٻارن کي خبر پئي پوندي سي ڊوڙندا ڊوڙندا اچي ماڳ تي مڙندا. پهرين ڪندا نبيرو ته ڪهڙي راند ڪجي ۽ آگ ڪير ٿو ڏي.

آگ ڏيندڙ: کيڏڻ وارن مان هڪڙو چوندو:

        هيڏي هيڏي  پاڳ، ڪنهن جي پيءُ تي؟ [هٿ کولي اشارو ڪندو] جي ڪنهن پاڻهي ڄاڻهي چيو ته: منهنجي پيءُ تي! ته اهو آگ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيهندو، پر جي ڪو پيءُ جي پاڳ رکائڻ لاءِ راضي نه رهيو، ته پوءِ پکيڙيندا جدولون ۽ کنڌيون (جنهن تي فال پوي) ٻار سڀ قطار يا صف ۾ ٿي ويهندا هڪ هڪ تي هڪڙو لفظ هڪ ٻار سڃيندو ويندو، جنهن تي پويون لفظ پهتو اهو ڇٽو. وري ان جي پر ڀر واري کان جدول جاري ٿيندي. تان جو باقي هڪ وڃي بچندو، جيڪو اٿي آگ ڏيندو.

1. موڪ: اِرچڪ، مرچڪ، ڌاما، ڌرچڪ، آگ پٽولڻ، نانگڻ، جوڳڻ،

کارا، کٽا، ٻٽا، ڇٽا. ڇٽا وارو نڪري ٻاهر ٿيندو.

2. موڪ: اُرم، ترم، تال، متال، مڪا، چڪا، فال، فرنگ،

لاٽونگي، ٽيٽونگي، چل. چل وارو نڪري ٻاهر ٿيندو.

3. موڪ(1)  وَڪٽ (يڪٽ)، لئين، مون، نار، آر، وئي، يڪو.

يڪوءَ وارو نڪري ويندو.

        سنڌ ۾ انيڪ ٻاراڻيون ۽ وڏن جون رانديون آهن.

        ٻاراڻين راندين ۾ هيٺيون رانديون شامل آهن.

        1. ٻليءَ پيرڙو

        2. گل گلولي

        3. سرڻ ۽ باز

        4. لال ڦيري گل ڦيري

        5. ڇرڪ ڀرائڻ

        6. انب ڦسائڻ

        7. آڱرين جو اُٺ هلائڻ

        8. ڳاڙهو ٿيڻ

        9. پلر گهوڙا راند

        10. جهوجهو ماٽي راند

        11. آگ گاڏي راند

        12. چيچ مڪڙو راند

        13. ڦرڦرسؤنٽو راند

        14. پٻي ٻڌڻ

        15. ڏيڏر ڪڍڻ

        16. سوني ماڪوڙي ڪڍڻ

        ڇوڪرين جون رانديون هن ريت آهن:

ٽپا ڏيڻ ۽ ڪـُـڏڻ

نوڙيءَ تي ٽپڻ

چيڪلي راند

ماڻهو کاپائڻ راند

گڏين جي شادي ڪرڻ

اُس ڇانوءَ ڪـُـڏڻ

ٿلهه پٽ راند

ناني گڪي راند وغيره

        ۽ ان ريت ٻيون ميڙاڪي واريون طاقت آزمائڻ واريون، شرط لڳائڻ واريون رانديون هن ريت آهن:

تيف تيف راند

ليٽ ڪبوتر راند

آپڻا گلولا راند

ڪوڏي ڪوڏي راند

چهي چهي مروٽو راند

مالهيءَ جا مڱ ڀيلڻ راند

گدرو ڪچو يا پڪو راند

ڏاڪ چمي راند

ڪوڏي لڪائڻ راند

 اٽي ڏڪر راند

 بلور چـِـٽڻ راند

گلٽي راند

ڪڪڙي چـِـٽڻ راند

ڏوري واري نڙانڊي راند

گل واري نڙانڊي راند

گليل راند

اکر ڀوري راند

 اِڪي ٻڌي راند

 ڏونگهي ڀڃڻ راند

 تاس کيڏڻ

 ڇڪي واري راند

 سٽ ڪـُـٽ راند

 چنهر کيڏڻ راند

 چهالي راند

 بگهڙ ٻڪريون راند

 نوٽڻي راند

 تزي ٽاپونءَ راند

 لوڻ کاڻ راند

 وانجهي راند

 چيڪلو راند

 لاٽون راند

 وانگي لاٽون راند

 ڦرموٽي راند

 چرخي ڦيرائڻ راند

 ڪاڳر جي ڦرڻي راند

 ڦيروٽي راند

 دورڳو راند

 لوڏ راند

 ڪندروءَ راند

 مڇي ڦاسائڻ راند

 برهڙا ڪرائڻ راند

 ٺڪ ٺڪالي راند

 ڪچا ڪوڏ ويڙهائڻ راند

 لغڙ اُڏائڻ راند

 گـُـڏي اُڏائڻ راند

 ڊوڙ پـُـڄائڻ

 جليبي جهٽڻ راند

 چنبو ڇڏائڻ راند

 ٻيلهاڙو راند

 ملهه راند

        ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٻارن ۽ وڏن جون انيڪ رانديون آهن(1) .

 

------


(1)  هي کنڌي خاص طور اِٽي ڏڪر راند ۾ گهڻو ڪتب ايندي آهي.

(1)  سنڌ ديس جون رانديون (از: ولي محمد طاهرزادو) نالي ڪتاب I ۽ II سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻن ڀاڱن ۾ ٻاراڻو ادب سيريز ۾ ڇپائي سال 2006ع ۾ پڌرا ڪيا ويا آهن. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org