سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1988ع

باب: --

صفحو :5

مزاحيه خبرون

هي ريڊيو جبرستان آهي. جبرستان جو ٽائيم گم ٿي ويو آهي. ڪنهن کي به ملي ته ٿاڻي ۾ ڇڏي وڃي، هينئر اوهان حيران ولد پريشان کان خبرون ٻڌي رهيا آهيو. حڪومت مُردن جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مردن جي مطالبو هو ته، سندن قبرن م پکا هڻايا وڃن، ڇو ته قبرن ۾ سخت گرمي آهي. حڪومت ان مطالعي جي جواب ۾ چيو ته: سياسي جلسن ۽ جلوسن جي ڪري مردن جو تعداد وڌي رهيو آهي. حڪومت وٽ ايترا پکا ڪونهن جو سندن قبرن ۾ لڳائجن. ان مطالبي جي رد ٿيڻ کان پوءِ مردن هڪ وڏو شاهي جلوس ڪڍيو، جنهن کي هٽائڻ لاءِ سخت ڪوششون جاري آهن. اسان جي نمائندي مطابق هڪ مردي کي لٺ جو ڌڪ هنيو ويو، جنهن سبب هو سخت زخمي حالت ۾ آهي. کيس قبر ۾ پهچايو ويو آهي. اڄ هڪ مال سان ڀريل ٽرڪ هڪ ماڪوڙي جي مٿان چڙهي ويئي، جنهن سبب ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، وقت تي بيٺل شاهدن ٻڌايو ته ماڪوڙي ٽرڪ کي ڌڪو ڏنو، جنهن سبب ٽرڪ الٽي ٿي پئي، ٽرڪ ۾ پيل مال جي نقصان جو اندازو لڳايو وڃي، پوليس فرار ٿيل ماڪوڙي جي ڳولا ۾ آهي.

اڄ هڪ ٻئي ماڪوڙي هڪ چانور جو داڻو هڪ ماڻهوءَ جي مٿي ۾ هنيو جنهن ڪري هو موقعي تي ئي مري ويو ماڪوڙو فرار ٿي نه سگهيو، ماڪوڙي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي کيس ٻارنهن سال بامشقت قيد ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي ويئي، ماڻهو کي ماڪوڙي، چانور پراڻي دشمني جي ڪري هنيو هو.

هاڻي رانديون:

اڄ هڪ ڏيڏر ۽ ڪوئي جي وچ ۾ ڊوڙڻ جو مقابلو ٿيو، ڏيڏر جي حامين ڪوئي جو پڇ، هڪ گاڏيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو، جڏهن ته ڪوئي جي حامين، ڏيڏر جي رستي تي پاڻي هاري ڇڏيو. ڏيڏر پاڻي تان ترڪي پيو ۽ منڊو ٿي پيو، ڪئي پنهنجي پڇ جي پرواهه نه ڪئي ۽ پڇ سندس ٽٽي پيو پر ڪوئو اها ڊوڙ کٽي ويو، ان ڪري انعام ۾ کيس پادرن جي مار ملندي. جبرستان جي ٽيم پنهنجو پهريون ٽيسٽ کٽي ورتو آهي. مخالف ملڪ هاڪبستان امپائرن کي رشوت ڏني پر امپائرن رشوت وٺڻ کان انڪار ڪيو، هنن چيو ته: رشوت جو مال کائي کائي ٿلها ٿي پيا آهيون ۽ جي وڌيڪ کائينداسون ته اڳتي اسان کي ٽريڪٽَر تي کڻي اچڻو پوندو، ياد رهي ته امپائرن کي هن دفعي ڏهن ماڻهن جي مدد سان ميدان ۾ پهچايو ويو هو. انهي سان گڏ حيران کي اجازت ڏيندا خدا حافظ. غلام مرتضيٰ پتافي:

ڀلو ڪم

اسڪول جي گهنٽي وڳي، سڀئي يار تيزي سان اسڪول مان نڪرڻ لڳا بشارت به آهستي آهستي، سڀني کان آخر ۾ اچي رهيو هو.

هو پنهنجو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي رهيو هو ته هن جي ڪنن تي اچانڪ آواز آيو ”الله جي نالي تي مون کي روڊ پار ڪرائي“ بشارت جو سامهون ڏٺو ته هڪ ٻڍڙو ماڻهو روڊ جي ڪناري تي بيٺو هو، شايد اهو انڌو هو بشارت جلدي جلدي انهي ماڻهو وٽ ويو ۽ چوڻ لڳو: اچ ڏاڏا مان توکي روڊ پار ڪرايان ٿو ۽ جي توهان چئو ته گهر تائين به ڇڏي اچانو نه ابا تون رڳو مون کي روڊ پار ڪرائي ڇڏ مان پاڻهي هليو ويندس. بشارت ان ٻڍڙي کي روڊ پار ڪرايو. ڏاڏا روڊ پار ٿي ويو، جي چئو ته گهر تائين ڇڏي اچانو، بشارت چيو.

نه ابا تنهنجي مهرباني وڏي: الله خوش رکندئي ۽ پوڙهي هن کي دعائون ڪندو اڳتي هليو ويو بشارت کي اڄ تمام دير ٿي وئي هئي، پر تڏهن به هو تمام خوش هو. جو هن نيڪي جو ڪم ڪيو هو. هو سوچي رهيو هو امان مٺڙي نه ڏئي. سندس ماءُ گهڻن مهينن کان بيمار هئي، تنهن ڪري هو کٽ تان لهي نه سگهندي هئي، اڄ جيئن ئي بشارت گهر ۾ داخل ٿيو ته سامهون سندس ماءُ بيٺي هئي ۽ هو بلڪل ٺيڪٺاڪ نظر اچي رهي هئي ابا اڄ اسڪول کان دير ڪري ڇڏي اٿئي ماءُ پڇيس.

بشارت سڄي ڳالهه ڪري ماءُ کي ٻڌائي ۽ هو سمجهي ويو هو ته اهو سڀڪجهه پوڙهي ماڻهو جي دعائن جو نتيجو آهي شايد خدا تعاليٰ سندس انهي ڪم تي خوش ٿيو هو ۽ سندس ماءُ چاق چڱي ڀلي ٿي وئي.

سندس ماءُ اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته کيس صالح ۽ نيڪ پٽ عطا ڪيو آهي.

فياض حسين

سلام سنيها

·     راجيش روشن ڏيپلو: ادل مان شعر موڪلي رهيو آهيان، مهرباني ڪري شايع ڪندا (ڀاءُ شعر ٻيو موڪليو)

·  غلام اصغر منگي حيدرآباد: ڀاءُ مون ڪيتريون ڪهاڻيون موڪليون آهن، اوهان شايع ئي نه ٿا ڪريو. (ادل اميد ته اها شڪايت دور ٿي ويندي)

·  غلام علي گبول جاني گبول: ادل هڪ نظم منهنجا بابا موڪلي رهيو آهيان شايع ڪندا (ڀاءُ نظم ڏاڍو تيز آهي ٻيو موڪليو)

·  ساجن سنڌو خيرپور: ادا مون پهريون ڀيرو ڪهاڻي لکيو آهي مهرباني ڪري شايع ڪندا (ادي هي ڪهاڻي ته علي احمد بروهي جي ڪهاڻي عثمان حجم جو روزو رکڻ تان کنيل آهي ڪيئن شايع ٿيندي.)

·  عبدالحليم پرديسي: ادا مون 15 شعبان جي فضيلت موڪلي هئي اها اوهان شايع ڪانه ڪئي (ڀاءُ دير سان مواد مليو هو.)

·  دليپ ڪمار دوشي مٺي: مون ڪيترو ئي مواد موڪليو آهي پر اوهان شايع نه ٿا ڪريو ڇا توهان هندو مسلم جو تعصب رکو ٿا (ادل اهڙي ڳالهه ڪانهي.)

·  سيد حشمت علي شاهه: ادل مون کي هڪ پرچو مليو آهي جنهن جو عنوان آهي پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهي ٻڌايو؟ (ادل اهو ته ننڍي هوندي کان پڙهندا پيا اچون توهان اهڙين ڳالهين تي اعتبار نه ڪريو)

·     ايم يامين تبسم بهلاني: ادل هڪ چارٽ موڪليان ٿو شايع ڪندا (ڀاءُ چارٽ نه هلي سگهندو)

·  منير احمد عباسي ڪمال ديرو: ادل اسان توهان ڏي لکيو هو ته ڏهه رسالا کپن توهان لکيو هو ته ٽيهه روپيه موڪليو اسان ٽيهه رپيه موڪليا ته وري توهان هڪ رسالو موڪليو آهي اهو دوکو آهي. (ڀاءُ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر تو ٽيهه رپيه موڪليا آهن هاڻ تون سال جو خريدار آهين هر پرچو توڏانهن ايندو، هونئن رسالي جي قيمت سال جي 36 رپيه ٿيندي پر سالياني خريدار سان ڇهن رپين جي رعايت آهي باقي توهان کي ڏهه رسالا کپن مئنيجر صاحب کي لکي موڪليو هو هر مهيني ڪميشن ڪٽي ڏهه رسالا وي پي ڪري موڪليندو جيڪي اوهان پوسٽ مان ڇڏائجو اميد ته غلط فهمي دور ٿي وئي هوندي).

·  اظهر مصطفيٰ سومرو مٺياڻي: ادل معلومات موڪلي رهيو آهيان شايع ڪندا (ادل اها معلومات ته مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي.)

·  محبوب علي بروهي شهدادڪوٽ: ادا مان خرچي گڏ ڪري رسالو وٺندو آهيان پر هن ڀيري واري رسالي ۾ مزو ڪونه هو (ڀاءُ اوهان جي جذبي کي جس آهي اوهان اهو ته لکيو ئي ڪونهي ڪهڙي شيءِ اوهان کي ڪانه وڻي وضاحت لکو ها ته سٺو)

·  عثمان شيخ آريجا: ادل مهرباني ڪري منهنجو به نالو شايع ڪندا ۽ مضمون موڪليان ته اهو به شايع ڪجو (ڀاءُ مضمون معياري هوندو ته شايع ڪنداسين.)

اچو ته مضمون لکون- 40

مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ- 30 جون 1988ع آهي

اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن لاءِ انهي ڪري شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن کي مضمون لکڻ جو ڏانءُ اچي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون نگارن کي انعام ۾ ڪتاب موڪلبا.

شرط:

1.      هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد حصو وٺي سگهن ٿا.

2.     هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون- 40 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

3.     مضمون ٻن وڏن پنن تي هڪ پاسي لکيل هجي ٻنهي پاسي لکيل مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪبو.

4.  مضمون سان گڏ اسڪول جي ائڊريس لکڻ گهرجي ڇو ته گهڻا وڏا (نوجوان) به حصو وٺن ٿا ان لاءِ ٻي ڪنهن ائڊريس تي ڪتاب نه موڪلبا. انعامي ڪتاب رجسٽرڊ بڪ پوسٽ ڪري ٿا موڪلجن نه ملڻ جي صورت ۾ ادارو ٻڌل نه رهندو.

عنوان

(ٽوڻن ڦيڻن مان نقصان آهي يا فائدو)

مضمون موڪلڻ جو پتو

ايڊيٽر گل ڦل

سنڌي ادبي بورڊ پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070، ڄام شورو سنڌ

نتيجو اچو ته مضمون لکون- 38

ماهه اپريل جي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

1-  ماجد رفع ميمڻ 2- بشارت الياس جوکيو جنگشاهي 3- ايم عمران سيلرو ڳوٺ الهڏنو 4- سعيد خان چانڊيو نئون ڪوٽ 5- ذوالفقار قاضي خانواهڻ 6- گيان چند پرديسي نئون ڪوٽ 7- ارشاد علي سومرو سڪرنڊ 8- عبدالصمد سومرو ڪنڊيارو 9- ايس خادم حسين ڀنڀرو بڇيري 10- چوئٿ مل ستيجاڻي راڻي پور 11- محمد اسلم سومرو ٽنڊو ڄام 12- الهه بچايو سهتو مشاخ هوٿي 13- غلام اصغر منگي حسين آباد 14- اداسي عبدالرسول شر ٽنڊو مير علي 15- رجب شعبان ڪلهوڙو ڪشمور 16- ڪيڊٽ عبدالاحد سرهيو پيٽارو 17- الهڏنو عباسي پريو تنيا 18- ظفر علي چنا ڪوٽڙي محمد ڪبير 19- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو 20- سنڌي شاهه محمد ٻوسڻ جيڪب آباد 21- اعجاز کوسو پنگريو 22- غلام مصطفيٰ ميمڻ بلڙي شاهه ڪريم 23- پرديسي امير بخش ڪليري ٻڍو خان ڪليري 24- ذوالفقار سهتو پريو تنيا 25- حنيف ڪي، اين شاهه 26- بشير احمد سنڌي ميهڙ 27- سيد فريد شاهه لطيف آباد 28- قطب الدين خانواهڻ 29- ماجد علي چنا ڪي اين شاهه 30- شڪيل احمد کتري 31- سيد ديدار علي شاهه ڏوڪري 32- ممتاز ايم عباسي لاڙڪاڻو 33- سريش ڪمار شهديو ميرپورخاص 34- فياض حسين ميمڻ راڻي پور 35- محمد عثمان سومرو ليلا آباد 36- توقير حسين حيدرآباد 37- محمد امين مهڙ نواب شاهه 38- نواب علي ڀٽي لوهي 39- فيصل ٻگهيو نواب شاهه 40- عزيز الرحمان جوڻيجو ڏوڪري 41- وجئه ڪمار پنو عاقل 42- ايم يامين تبسم بهلاڻي ٽنڊوباگو 43- منير احمد عباسي ڪمال ديرو 44- سيد مسلم شاهه لاڙڪاڻو 45- اعجاز علي خاصخيلي لوهي موري 46- سليم الله سوهو هيتم سوهو 47- موهن لعل جسوجا 48- محمد اسلم جلباڻي رتوديرو 49- خادم حسين لوهي شريف 50- احمد علي هالا نوان 51- عنايت الله زاهد ڪوٽڙي 52- عبدالخالق اويسي ڊرپ مهر شاهه 53- مڪيش ڪمار جيسواڻي راڻي پور 54- وفا محمد ياسين ڪليري ٻڍو خان ڪليري 55- نصيراحمد شر ٽنڊو مير علي 56- حفيظ الله جوکيو رتو ديرو 57- جاويد ميمڻ کهڙا 58- غلام حيدر مڱريو شهداد مڱريو 59- آفتاب احمد سنڌي ڪنڌڪوٽ 60- احمد علي ڪلهوڙو نئون ديرو 61- راجيش روشن موراڻي ڏيپلو 62- امتياز علي خواجه ٽنڊومحمد خان عزيز الرحمان جوڻيجو ڏوڪري 64- نويد احمد قاضي نواب شاهه 65- بخشل خان سومرو ميهڙ 66- فاروق احمد پٺاڻ ڪنڌڪوٽ 67- سيد حمايت علي شاهه راشدي شهدادپور 68- وفا غلام اڪبر گل ڪوٽڙي محمد ڪبير 69- ممتاز چند شهداد ڪوٽ 70- مسرور سنڌي جوڻيجو ڏوڪري 71- محمد انور سچو ساند 72- علي مراد لاشاري ٽنڊوباگو 73- ذيشان علي منگسي نواب شاهه 74- ناز ايس نظير رسول آباد 75- محمد ياسين ڪليري 76- عاجز اندر مهتم لوهي شريف 77- معشوق علي ابڙو شهبيگ مري 78- عابد حسين زرداري قاضي احمد 79- عبدالمالڪ پلي عمرڪوٽ 80- واحد بخش ٻرڙو نئون واهه 81- عبدالرشيد جلباڻي ميرپور ماٿيلو 82- عبدالوهاب ساريو سکر 83- مجاهد فاروق اعظم ميمڻ عمرڪوٽ 84- راجيش روي هراڻي 85- سعيد احمد سومرو مٺياڻي 86- نويد احمد ڀٽو لاڙڪاڻو 87- ايس اعجاز علي کٽي تلهار 88- ذيشان ابراهيم ميمڻ ڏيپلو 89- ديدار علي جلباڻي دوڙ 90- ساقي انور علي بڙدي ميرواهه 91- علي رضا لغاري ميرپورخاص 92- ظفر علي ڪولاچي ڏوڪري 93- ايم ابراهيم مزناڻي ڪاٺيا خانپور 94- اشفاق احمد ميمن ٽنڊوباگو 95- اي اي لاشاري سيهڙ وليج 96- انجنيئر ڪمار ڪشمور 97- شفيع ايم سيلرو الهڏنو سيلرو 98- اعجاز علي ميمڻ عمرڪوٽ 99- جاويد احمد سومرو جيڪب آباد 100- ٿانور داس ٽنڊو آدم 101- اختر حسين گدائي ميرپور ماٿيلو 102- پرشوتم لعل حيات پتافي 104- عزيزالله دايو ڪنڌڪوٽ 105- انجم الدين ٻانڀڻ ٺري ميرواهه 106- بيوس مڪيش ڪمار ڪشمور 107- سوڀارو رند شاهه علي رند 108- سجاد درس قيصر سينهڙو 109- شوڪت علي وسطڙو سڪرنڊ 110- محمد سليم ڊهيو نئي پڊ 111- طارق احمد سومرو شڪارپور 112- افضل خان ٻرڙو لعل بخش ٻرڙو لاڙڪاڻو 113- سيف الرحمان سيف سومرو سکر 114- محمد دائود ڪيريو شهدادپور 115- نجيب الرحمان شاهه بدين 116- ڪلثوم سومرو ميرپور ٻرڙو 17- محفوظ علي ميرجت بهار مير جت 118- محمد سليمان ميمڻ ڪوٽڙي محمد ڪبير 119- خالد ابراهيم ٽالهي 120- طارق حسين سولنگي شير محمد سولنگي 121- مير محمد ڪنڀر ٽنڊو محمد خان 122- داد محمد رند نواب شاهه 123- فيض محمد تنيو اڳڙا 124- صاحب خان ميراڻي نئون ديرو 125- حيدري سيد قاسم علي شاهه لڪياري خانواهڻ 126- قمرالدين ڀٽي ڀريا وليج 127- قدرت الله ڪمبوهه نوشهرو ابڙو 128- ارشاد علي ميمڻ نئون ديرو 129- محمد مٺل ڀٽو غلام ڀٽو 130- مسرور سنڌي جوڻيجو ڏوڪري 131- شبير احمد چنا ڪارياڻي 132- امان الله دانڌو عادل پور 133- زاهد حسين ملاح هنڱورجا 134- داد الله رند بلوچ ڀٽ ڀائٽي 135- شاهه نواز ابڙو چنيهاڻي- محمد علي شيخ گمبٽ 137- لياقت علي ميتلو نئون ديرو 138- هوشو دولهه منگي جکرا 139- اخلاق احمد عباسي پيٽارو 140- رسول بخش قاضي ماڪن ڪوري 141- آفتاب احمد ملڪ ڪنڌڪوٽ 142- نور محمد بلوچ ڳوٺ الهه بخش جت 143- منير احمد مير جت نئون ڳوٺ 144- مظهر علي ٻيڙو چانڊيو 145- عبدالجبار ميراڻي نئون ديرو 146- ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو 147- محمد رفيق لغاري جاني 148- اشرف جعفراڻي سجاول 149- وزير احمد جتوئي جان محمد جتوئي 150- ظفر اقبال سنيهڙو الهه بخش ارباب 151- عنايت الله جمالي هالا 152- خدا بخش چنا لواري شريف 153- جان محمد جوڻيجو لواري شريف 154- نجب الدين وينجهر مورو 155- ممتاز علي بوزدار کپرو 156- محمد علي خاصخيلي نواب شاهه 157- ذوالفقار علي مانوس محرابپور 158- آفتاب علي ڀٽي ڳوٺ بچل ڀٽي

ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن، اهي پنهنجي پوري ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

1-     ماجد رفيع ميمڻ پڙهندڙ ڪلاس ستون اي هاءِ اسڪول ڏيپلو.

2-    بشارت الياس جوکيو جنگشاهي ٺٽو.

ٻه سئو رپين جي شاندار ورڇ

گل ڦل خال ڀريو 4 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو

 

هيٺين ٻارن جي جواب صحيح آيا آهن پهرين نمبر کان ويهين نمبر تائين ٻارن کي حصي آهر انعام ڏبو باقي نالا شايع ڪجن ٿا، ويهه نالا ڪڻڻ وسيلي ڪڍيا ويا آهن.

جواب:

1.      ڪنعان، 2- بابر، 3- استنبول 19604، 5-26.

2.     شمس الدين ڦلپوٽو ڪلاس نائون اي هاءِ اسڪول نئون ديرو.

3.     غلام سرور لغاري برانچ هاءِ اسڪول هيرو خان تعلقو جوهي.

4.     ماجد رفيع ميمڻ ڪلاس ستون اي هاءِ اسڪول ڏيپلو

5.     الله بچايو سهتو ڪلاس ڏهون سي شاهه لطيف هاءِ اسڪول ٽنڊو آدم.

6.     شبير احمد سنڌي ڪلاس اٺون مڊل اسڪول سيهڙ ڏوڪري.

7.     عبدالاحد سومرو ڪلاس ستون سي هاءِ اسڪول ڪنڊيارو.

8.     محمد بخش جوڻيجو ڪلاس نائون اي هاءِ اسڪول نئون ديرو.

9.     عبدالڪريم ميمڻ ڪلاس نائون بي هاءِ اسڪول داد لغاري سکر.

10. محمد صديق لاشاري ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول تلهار.

11.  ارشاد علي ميمڻ ڪلاس ڏهون سي هاءِ اسڪول نئون ديرو.

12. عبدالصمد سومرو ڪلاس ڏهون سي هاءِ اسڪول ڪنڊيارو.

13. حافظ علي اصغر سيٺار ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول رستم تعلقو لکي.

14. افشان پروين عباسي ڪلاس ستون گرلز هاءِ اسڪول ٺٽو.

15. نسيم الغني قريشي مڊل اسڪول اولڊ وحدت ڪالوني حيدرآباد.

16. جواد احمد گاد عطيه هاءِ اسڪول خيرپورميرس.

17. حبيب الله هنڱورو شاهه لطيف هاءِ اسڪول ٽنڊوآدم.

18. وفا غلام اڪبر ”گل“ ڪلاس ڏهون بي هاءِ اسڪول ڪوٽڙي محمد ڪبير.

19. نور محمد بلوچ ڪلاس ڏهون سي شاهه لطيف هاءِ اسڪول ٽنڊوآدم.

20.                        امان الله شر هاءِ اسڪول جهول سانگهڙ.

21. آصف علي ميمڻ ڪٽ نمبر 8742 قاسم هائوس ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.

22.        محمد يعقوب ڊهيو ڀيلار 22- محمد انور راهو ٽنڊو آدم 23- رسول بخش ڪنڀر بچل پور 24- محمد بخش ڪنڀر قاضي احمد 25- غلام حسين ڪنڀر نواب پيراڻو 26- سجاد درس ٽنڊو آدم 27- محمد آچرلاکو قاضي احمد 28- مير محمد لاکو قاصي احمد 29- اعجاز علي ميمڻ عمرڪوٽ 30- عبدالمجيد شر هيڪل شريف 31- وفا شبير احمد لغاري داد لغاري 32- اياز حسين امان الله سومرو لاڙڪاڻو 33- ڪنولرام قياسي 34- اعجاز احمد لاشاري سيهڙ 35- محراب علي مزاري گڊو 36- الله ڏتو سونارو تلهار 37- رفيق احمد سومرو سيدو باغ 38- شجاع محمد درس ٽنڊو آدم 39- عبدالرزاق ڏيرو 40- عبدالمجيد شيخ لاڙڪاڻه 41- احمد علي شيخ لاڙڪاڻه 42- منير احمد چنا ڀان سعيدآباد 43- نامديو ڪمار بيکاڻي داد لغاري 44- رحيم علي خواجه تلهار 45- خدا بخش جروار خير محمد جروار 46- سيد احمد بيدار داد لغاري 47- غلام حيدر مڱريو ٽنڊو آدم 48- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو 49- اخلاق احمد عباسي پيٽارو 50- نور محمد مراداڻي بدين 51- جمال الدين هنڱورو طاهر هنڱورو 52- محمد ابراهيم مزناڻي خانپور 53- سردار علي ڪنڀر داد لغاري 54- شهزادو عبدالحڪيم درس خيبر 55- محمد الياس سومرو ميرپور 56- عمران جميل ميمڻ ميرپورخاص 57- مسعود قريشي دادو 58- راجا رياض احمد سومرو داد لغاري 59- اعجاز علي سومرو جوهي 60- فاروق احمد سومرو چنيهاڻي 61- عبداللطيف سنڌي ڪي اين شاهه.

گل ڦل خال ڀريو- 6

ٻه سئو رپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 30 جون 1988ع آهي گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.

1.      رسالي ۾ شامل گل ڦل خال ڀريو حصو ڪٽي موڪلڻ گهرجي.

2.     ويهن کان مٿي جواب صحيح اچڻ تي صرف ويهن ٻارن کي انعام ڏبو باقي نالا شايع ڪبا.

3.  گهڻا ”نوجوان“ ٻارن جي سلسلي ۾ حصو وٺن ٿا ان لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪي ٻار اسڪول جي ائڊريس موڪليندا انهن کي انعام موڪلبو.

4.     ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو ان کي ڪير به چيلنج ڪري نٿو سگهي.

گل ڦل خال ڀريو-6

1.      مسلمان سائنسدان ابن الهيشم جو اصل نالو............. آهي.

2.     آواز جي رفتار، هوا ۾ تقريباً......... فٽ في سيڪنڊ آهي.

3.     بجلي بدران اليڪٽرا لفظ استعمال ڪندڙ سائنسدان جو نالو............. آهي.

4.     سڀ کان پهرين شمسي سال کي 365 ڏينهن ۾ شامل ڪندڙ سائنسدان جو نالو.............. آهي.

5.     مشهور سائنسدان عورت ڪيوري ماريا.............. ملڪ ۾ پيدا ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com