سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :53

 

 

انڊين نيشنل ڪانگريس

1884ع ۾ سول سروس جي هڪ ميمبر مسٽر هيوم سوچيو ته اهڙو ڪو پليٽ فارم جوڙجي، جتي هر سال هندستان جا اهم ماڻهو اچي گڏجن ۽ ملڪ جي تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪن. انگريزن جو انهيءَ مان مقصد هندستان جو معاشرتي ميلاپ ۽ سڀني جماعتن کي سياست کان پري رکڻ هو.

لارڊ ڊفرن انهيءَ جو نالو ”نيشنل ڪانگريس“چونڊيو ۽ چيائين ته جيستائين مان هت آهيان، منهنجو نالو ظاهر نه ڪيو وڃي.

هيوم، لارڊ ڊفرن سان اهڙي واعدي کان پوءِ 1885ع ۾ ان جو بنياد رکيو ۽ هندستان جا روشن خيال ۽ وطن دوست ماڻهو ان ۾ اچي گڏ ٿيڻ لڳا. انگريزن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ ڪانگريس هندستان جي انتظامي مشينري تي تنقيد ڪندي رهي ۽ سڌارن جون صلاحون ڏيندي رهي.

برطانيا حڪومت سڌارن جي ٻي قسط 1892ع واري قانون جي صورت ۾ عطا ڪئي، جنهن جي ذريعي بلديات، تجارتي ادارن ۽ صوبي جي ڪائونسلن ۾ هندستانين کي به حصو ملڻ لڳو.

مسلمان سچي دل سان ڪانگريس ۾ شريڪ هئا، پر انگريز ۽ هندو انهن کي ڌوکو ۽ دولاب ڏيئي رهيا هئا. انگريز مسلمانن کي پنهنجي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهن پيا ته هندو وري اتحاد جو فريب ڏئي هندو راڄ جا خواب ڏسي رهيا هئا.

سڀ کان اڳ جنهن ان فريب کي سڃاتو اهو سر سيد احمد خان هو. هو پهريان ته هندو مسلم اتحاد جو قائل هو پر جڏهن هندن جي مڪارين جو ڀانڊو ڦاٽو ته مسلمانن اڳيان ٻه قومي نظرئي جو نذرانو پيش ڪري کين هندن کان الڳ ٿيڻ جي صلاح ڏني.

1886ع ۾ سر سيد احمد، علي ڳڙهه ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو بنياد وڌو.

1889ع ۾ ڪانگريس جو صدر لوڪمانيا گنگا دهرتلڪ ٿيو، جيڪو ظاهري طرح ته پاڻ کي قومپرست سڏرائيندو هو پر سندس اندر ۾ فرقا پرستي ۽ هندو پرستي جو ابليس ويٺو هيس. لوڪمانيا جي ڏينهن ۾ هندو ڌرم ۽ هندو راڄ جون  تحريڪون اٿڻ لڳيون. سندس تعصبي تقريرن  ٻنهي قومن ۾ دشمني جي باهه کي ڀڙڪايو ۽ اتحاد جو سحر ٽٽڻ لڳو.

اردو هندي واري معاملي ۾ هندن جو ساڙ سامهون اچي ويو ۽ سر سيد مسلمانن کي هاڻي ٻه قومي نظرئي جو احساس ڏياريو ۽ چيائين ته اتحاد جو نعرو هڻڻ اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي قومن جون ريتون رسمون، طور طريقا ۽ تهذيب ۽ تمدن الڳ الڳ آهي.

ڪانگريس جي ساڙ ۽ انگريزن سان ڳٽ جوڙ ٿي ڪري مختلف موقعن تي مسلمانن کي ڌڪ رسائڻ، مسلمان ليڊرن جون اکيون کولي وڌيون. سر سيد ٻه قومي نظريو ڏئي اسان کي نئون دڳ ڏسيو، جنهن سان هندستان جي مسلمانن پنهنجو مقصد ماڻيو.

سنڌ۾ ڪانگريس تحريڪ

سنڌ ۾ ڪانگريس تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ وارن ۾ گهڻا هندو آهن، جن ۾ آچاريه ڪرپلاڻي، جيرام داس، دولت رام، ڊاڪٽر چوئترام گڏواڻي ۽ سيٺ هرچند راءِ جو ڳاڻيٽو چوٽيءَ جي هندو اڳواڻن ۾ ٿيندو هو.

ڪراچي ۾ ڪانگريس جو پهريون اجلاس:

ڪانگريس جو 1913ع ۾ ڪراچي ۾ پهريون اجلاس رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيٺ هر چند راءِ جي دعوت تي ٿيو ۽ ان پليٽ فارم تان پهريون ڀيرو سيٺ صاحب سنڌ کان بمبئي جي جدا ٿيڻ واري تحريڪ پيش ڪئي.

ڊاڪٽر چوئترام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ڪانگريس جو پيغام پهچايو ۽ نوجوانن کي تيار ڪيو. 1913ع ۾ لالا لاجپت آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي اجلاس لاءِ ڪراچي آيو ته ڊاڪٽر چوئترام کيس حيدرآباد دعوت ڏئي تقرير ڪرائي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنڊت مدن موهن مالويا ڪراچي آيو ته ان کي به ڊاڪٽر حيدرآباد آڻي کانئس تقرير ڪرائي.

لکنؤ ڪانگريس کان پوءِ ڊاڪٽر چوئترام 1916ع ۾ سنڌ ۽ هندستان جو دورو ڪري هر هنڌ ڪانگريس ڪاميٽيون ٺاهيون. 1918ع ۾ هو پاڻ حيدرآباد ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو صدر ٿيو. 1920ع ۾ کيس صوبي جي صدارت ملي ۽ پوءِ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي مجلس عامله جو ميمبر چونڊيو ويو.

سڀ مسلمان ان ڳالهه سان سهمت هئا ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي پر ڊاڪٽر چوئترام، سري جيرام داس ۽ پروفيسر گهنشام ان جي مخالفت ڪندا رهيا. جڏهن ته هر چند راءِ، وشن داس، مسٽر رستم جيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي سنڌ کي جدا صوبو بڻائڻ جي حمايت ڪئي. باقي پروفيسر ڇبلاڻي چوندو رهيو ته سنڌ الڳ صوبو ٿيڻ جو خرچ برداشت نه ڪري سگهندي.

ڊاڪٽر چوئترام جي اهڙين ڪاررواين کي ڏسي محترم جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ”ڊاڪٽر چئترام جو لاڙو هندو تهذيب جي حفاظت، ان جي ترقي لاءِ ڪوشش، هندن جي ڳئون ماتا مسلڪ جو پرچار ۽ هندن جي ڀلائي طرف وڌيڪ آهي، تنهن ڪري انهن سڀني ڳالهين جو اثر سندس خدمتن ۾ گهڻو نظر اچي ٿو پر ان جي عظمت کي سندس جذبات کان نٿو پرکي سگهجي، بلڪه اسان کي ان آرسيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي ته هن جو وطن جي آزاديءَ وارين ڪوششن، خدمت خلق ۽ ديس جي حفاظت ۾ ڪيترو حصو آهي“ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جن ڳالهين جو ذڪر جي ايم سيد صاحب ڪيو آهي، اهو تعصب ۽ فرقي پرستي ناهي ته ان کي ٻيو ڇا چئجي!؟

سنڌ جا شروعاتي مسلمان ڪانگريسي اڳواڻ:

سنڌ جي مسلمان ڪانگريسي ليڊرن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر عبدالله هارون، پير الاهي بخش ۽ مير علي احمد ٽالپور جو نالو نمايان آهي، جيڪي ڪانگريس جا شروعاتي ميمبر رهيا پر  ڪانگريس جا پول کلڻ تي ان کي ڇڏي مسلم ليگ سان نينهن جا ناتو ڳنڍيائون.

ويهين صدي ۾ سنڌ جي سياسي سيج تي حاجي عبدالله هارون جهڙو هيرو چمڪيو جنهن سنڌ جي آزادي واري تحريڪ تي پنهنجو جان مال سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. سادگي ۽ ڪفايت شعاريءَ سان سينگاريل عبدالله هارون آزاديءَ جي  هر تحريڪ ۾ توڙي اها خلافت تحريڪ هجي يا ريشمي رومال، مسلم ليگ جي هجي يا سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ واري تحريڪ، مطلب ته هر ڪنهن ۾ هٿ کولي ڪري خرچ ڪيائين ۽ جان جوکي ۾ وجهي جدوجهد ڪيائين. 1919ع ۾ هو ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ 1917ع ۾ وري سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو.

27 اپريل 1942ع سر حاجي عبدالله هارون لاڏاڻو ڪري ويو.

شروعات ۾ مسلمان به ان ۾ شامل هئا پر پوءِ ڪانگريسي اڳواڻن جو مسلم دشمني وارو ورتاءُ ڏسي پري ٿي ويا. شروعات ۾ سنڌ جي مسلمانن جي ڪانگريس سان وفاداريءَ جو اندازو حاجي عبدالله هارون جي ان تقرير مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪا هن 5 ــ 6 اپريل 1920ع تي سکر ۾ سنڌ پراونشل ڪانگريس جي صدارتي خطبي ۾ ڪئي. چيائين ته ”هن ڌرتي ماءُ جي گذريل عزت ۽ آبرو کي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي مستقبل کي روشن بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هر هندستانيءَ جو فرض آهي. ڪانگريس ملڪ جي آزادي لاءِ جيڪي ڪوشسون ڪري رهي آهي، اهي ساراهه جوڳيون آهن، اسان کي گڏجي ڪري جدوجهد ڪرڻ گهرجي. منهنجي مذهب مون کي جمهوريت جو سبق ڏنو آهي، آخر ۾ سڀني مسلمانن کي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪيائين.

ان تقرير مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مسلمان ليڊر ڪانگريس سان ڪيترا سچا ۽ وفادار هئا پر هندن جي حرڪتن انهيءَ اعتماد کي ٽوڙي وڌو ۽ مسلمان مسلم ليگ ٺاهڻ تي مجبور ٿي پيا.

سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد پوڻ

جناب جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جي جلد 2 صفحي 48 ـــ 49 تي لکي ٿو ”سنڌ ۾ 1918ع تي مسلم ليگ جو سڀ کان اڳ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي بنياد وڌو. ان وقت  تائين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس گڏ هلندا هئا. . . . . . . جڏهن سيٺ عبدالله هارون صوبائي مسلم ليگ جو صدر ٿيو. ان وقت رئيس ڀرڳڙي ولايت ۾ خلافت ۽ مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو، انهن 1920ع ۾ خلافت ڪاميٽي طرفان ”الوحيد“ اخبار ڪڍي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان مقرر ٿيو.“

اسان جي خيال ۾ 1918ع ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي طرفان مسلم ليگ جو بنياد وجهڻ شروعاتي ڪوششون ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته باقاعده سنڌ ۾ مسلم ليگ 8 آڪٽوبر 1938ع ۾ قائداعظم جي صدارت ۾ قائم ٿي هئي.

قائداعظم محمد علي جناح:

قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم گوڪل  داس تيج پرائمري اسڪول بمبئي مان حاصل ڪيائين ۽ ڪجهه ڏينهن سنڌ مدرسة الاسلام مان به تعليم پرايائين، جنهن جي دروازي تي لکيل آهي.

”علم حاصل ڪرڻ لاءِ اچو ۽ خدمت لاءِ وڃو“

مشن هاءِ اسڪول مان قائداعظم ميٽرڪ پاس ڪئي. سندس والد جناح پونجا پنهنجي هڪ دوست مسٽر جريڊرڪ جي مشوري تي کيس بئريسٽري لاءِ انگلستان موڪليو.

قائداعظم جو تعلق خوجا خاندان سان هو، جيڪي ست صدين کان سنڌ ۾ آباد آهن. انهن جو هڪ اڳواڻ سيد صدرالدين سنڌي، سنڌي ۾ شعر چوندو هو.

قائداعظم لنڊن پهچي ”لنڪن ان“ ۾ داخلا ورتي ۽ 1896ع ۾ بئريسٽري جي ڊگري وٺي هندستان موٽيو.

1897ع ۾ قائداعظم بمبئي وڃي  وڪالت شروع ڪئي ۽ پنهنجي محنت، همت ۽ سچائي جي ڪري جلد ئي وڪالت ۾ وڏو مقام ماڻي ورتو.

قائداعظم جو سنڌ  جي سياست کي نئون دڳ ڏيڻ:

قائداعظم هونئن ته پوري هندستان کي نئون دڳ ڏيکاريو پر سنڌ ۾ ڄمڻ ڪري ان جو مٿس وڌيڪ حق هو. 20 مارچ 1927ع ۾ دستوري سڌارن تي غور ڪرڻ واسطي قائداعظم جي درخواست تي هڪ ڪانفرنس گهرائي وئي ۽ ان ۾ سياسي تنظيمنن سان سمجهوتو ڪرڻ لاءِ جيڪي شرط رکيا ويا انهن ۾ سڀ کان پهريون شرط اهو هو سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪري الڳ صوبو بڻايو وڃي. 1929ع ۾ قائداعظم پنهنجي چوڏهن نڪتن ۾ انهيءَ مطالبي کي به شامل ڪيو، 22 نومبر 1938ع تي ڪلڪتي ۾ ٿيل آل پارٽيز نيشنل ڪنوينشن ۾ قائداعظم هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪري الڳ صوبي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

سنڌ ۾ قائداعظم جو ٻيهر اچڻ:

سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ واري تحريڪ جاري هئي، جو 1929ع ۾ قائداعظم کي پير پاڳاري (سيد صبغة الله ثاني)  جي ڪيس لاءِ ٻيهر سنڌ اچڻو پيو. هو پير پاڳاري طرفان وڪيل طور سکر جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ان وچ ۾ قائداعظم ڇنڇر ۽ آچر ڪراچي ۾ گذاريندو هو.

سنڌ جي بمبئي کان آزادي:

قائداعظم جي لاڳيتي ڪوششن  ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي جدوجهد ڪري 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪري الڳ صوبي جو درجو ڏنو ويو. آرڊر 3 مارچ 1936ع تي بڪنگهم پئلس کان جاري ڪيو ويو ۽ هڪ اپريل 1936ع کان سنڌ کي صوبي جو درجو ملي ويو.

”الوحيد“ جو سنڌ آزاد نمبر:

انهيءَ خوشيءَ ۾ روزاني اخبار ”الوحيد“ پنهنجي 15 جون 1936ع واري اشاعت ۾ خاص سنڌ آزاد نمبر ڪڍيو، جيڪو ڪنهن قيمتي دستاويز کان گهٽ ناهي.

نوي سالن کان پوءِ سنڌ کي آزادي ملي، آزادي کانپوءِ پهريون گورنر سر لانسي لاٽ گراهم ٿي آيو.

سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ وارا سنڌي اڳواڻ:

سنڌ کي بمبئي کان آزادي ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ جن سنڌي اڳواڻ حصو ورتو، انهن ۾ هز هائي نس سر آغا خان ٽيون، سر غلام حسين هدايت الله، خان بهادر ايوب کهڙو، سيٺ حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، ۽ نور محمد وڪيل جو وڏو هٿ هو.

ان تحريڪ ۾ حصو وٺڻ وارا ننڍي کنڊ جا ٻيا اڳواڻ:

سنڌ کي بمبئي کان آزادي ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ ننڍي کنڊ جي هيٺين اڳواڻن حصو ورتو.

سر آغا خان ٽيون، سر محمد شفيع مرحوم، سر فضل حسين مرحوم ۽ ڊاڪٽر شفاعت احمد خان شامل آهن.

 

سنڌ  صوبائي اسيمبليءَ جي 1937ع واري اليڪشن

سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت:

سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي پهرين اليڪشن 1937ع ۾ ٿي ۽ پهريون ڀيرو مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي ليڊر سر غلام حسين هدايت الله کي وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن جي پارٽي صرف ٽي سيٽون کٽي سگهي هئي، سر غلام حسين هندن کي اسپيڪر ۽ هڪ اڌ وزارت جي لالچ ڏئي ڪري پنهنجو ڪري ورتو هو، تنهن ڪري 27 اپريل 1937ع واري پهرين اجلاس ۾ اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جا ميمبر خان بهادر الله بخش جي قيادت ۾ مخالف بينچن تي ويٺا. ان عرصي ۾  سر غلام حسين جي آزادي هندو گروپ جي وزير لکي گوبند رام استعفا ڏئي ڇڏي ۽  ان جي جاءِ تي سر غلام حسين هندو گروپ جي مرضيءَ خلاف ڊاڪٽر هيمنداس آڏواڻي کي وزير ڪري رکيو. ان ڏينهن ۾ اسپيڪر ڀوڄ سنگهه لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ان جي جاءِ تي سيد ميران محمد شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر منتخب ڪيو ويو، جنهن تي هندو ميمبر وڌيڪ ڏمرجي پيا. سر غلام  حسين پنهنجي وزارت بچائڻ لاءِ وڌيڪ وزير کڻڻ چاهيا پر گورنر راضي نه ٿيو ۽ وزارت ٽٽي وئي، جنهن ۾ وڏو هٿ سنڌ اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس جو هو.

خان بهادر الله بخش سومرو جي وزارت:

سر غلام حسين هدايت الله کان پوءِ سنڌ جي گورنر اتحاد پارٽيءَ جي خان بهادر الله بخش سومرو کي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. ڪانگريس جيتوڻيڪ وزارت کان پري رهي پر تائيد ڪرڻ جو واعدو ضرور ڪيائين.

23 مارچ 1938ع ۾ الله بخش سومري قسم کنيو ۽ پنهنجي پاليسي جوڙيندي ڪانگريس جي تعميري پروگرام تي عمل ڪرڻ جو به واعدو ڪيائين.

ان وزارت کي مضبوط ڪرڻ واسطي سردار پٽيل ۽ مولانا آزاد سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن سان ڪانگريس جو اثر وزارت ۾ وڌي ويو

خان بهادر پنهنجي جياپي لاءِ سنڌ اتحاد پارٽيءَ کي ختم ڪري ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروپ جي حمايت حاصل ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي.

سيٺ عبدالله هارون جون  مسلم ليگ لاءِ ڪوششون:

سڀ کان پهريان سيٺ عبدالله هارون سنڌ ۾ مسلم ليگ ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، سيٺ عبدالله مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ ۾ نيپئر روڊ ڪراچي ۾ مسلم ليگ جو دفتر قائم ڪري ورتو.

پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس:

8 آڪٽوبر کان 12 آڪٽوبر 1938ع ۾ قائداعظم جي صدارت هيٺ سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي چوٽيءَ جي مسلم ليگي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

مطلوب الحسن سيد رسالي ”برگ گل“ جي قائداعظم نمبر جي صفحي 51ــــ 250 ۾ لکي ٿو ته ان موقعي تي قائداعظم کي وڏي شاندار طريقي سان ڀليڪار ڪيو ويو. سيٺ عبدالله هارون اردو ۾ مرحبائي خطبو پڙهيو، جنهن ۾ قائداعظم جي هندو مسلم اتحاد لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ جدوجهد جو ذڪر ڪيو. انهن سنڌ جي سياست ۾ ڪانگريس جي ڪردار تي تنقيد سان گڏ اقليتن کي سندن حقن جي حفاظت جو يقين ڏياريو.

قائداعظم پنهنجي تقرير ۾ ڪانگريس جي رام راڄ منصوبي جا پول پڌرا ڪيا.

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي 1938ع وارو ٺهراءُ:

جي ايم سيد لکيو آهي ته ان اجلاس ۾ پنجون نمبر ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌي پيش ڪيو ۽ سر عبدالله هارون ان جي تائيد ڪئي. اهو الڳ وطن لاءِ ٺهراءُ هيٺين ريت هو.

”سنڌ  صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ننڍي کنڊ تي قيام  امن جي مفاد ۾، سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ ثقافتي، تعميري، ترقي، معاشي ۽ سماجي بهبود ۽ ٻنهي قومن جي، جيڪو هندو ۽ مسلمان جي نالي سان آهي، سياسي خود ارادي جي مفاد جي پيش نظر اهو ضروري سمجهجي ٿو ته هندستان کي ٻن وفاقن ۾ ورهايو وڃي. يعني مسلم رياستن جو وفاق ۽ غير مسلم  رياستن جو وفاق، انهيءَ  لاءِ هي ڪانفرنس آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪري ٿي ته هو دستور ۾ اهڙي اسڪيم بڻائي، جنهن  بابت مسلم  اڪثريتي صوبا مسلم ديسي رياستن ۾ ۽ اهي علائقا، جتي مسلمانن جي گهڻائي آباد آهي، پنهنجي هڪ وفاق جي صورت ۾ مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهن، ۽ اهو به اهڙي طرح جو هندستاني سرحدن جي ٻئي پاسي ڪنهن به مسلم  رياست کي انهيءَ جي اجازت هجي ته هو انهيءَ وفاق ۾ شامل ٿي سگهن. ۽ غير مسلم اقليتن لاءِ هر قسم جي حفاظت سان گڏ اهي حق هوندا، جيڪي غير مسلم وفاق ۾ مسلم اقليتن کي سهوليتون ۽ حق ملي سگهندا.“

7 نومبر 1938ع تي عبدالله هارون پنهنجو  مرحبائي خطبو، قائداعظم جي تقرير ۽ پاس ٿيل ٺهراءُ جون ڪاپيون سر آغا خان ٽين کي اماڻيون ـــ 9 آڪٽوبر 1938ع تي پنجاب ۽ بنگال جي وڏن وزيرن ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي چئني گروپن قائداعظم سامهون معاهدو ڪيو، جنهن تي خان بهادر الله بخش، پير الاهي بخش، سر غلام حسين هديت الله، مير بندي علي، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ضحيح ڪئي. ان ٺاهه ۾ ٻين شرطن سان گڏ اهم شرط اهو هو ته مسلمان ميمبرن تي مشتمل هڪ مضبوط متحد مسلم ليگ پارٽي ٺاهي وڃي.

12 آڪٽوبر 1938ع تي خان بهادر الله بخش ان ٺاهه تان ڦري ويو ۽ چيائين ته هو ۽ سندس ساٿي تڏهن مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا، جڏهن  يقين ڏياريو وڃي ته پارٽي پوري اتفاق راءِ سان هن کي پنهنجو ليڊر مڃيندي ۽ وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيندي.

خان بهادر کي هر طرح سان راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ان کانپوءِ سر غلام حسين هدايت الله ۽ مير بندي علي ٽالپور، الله بخش سومري جي وزارت ۾ شامل ٿي ويا.

وزارتي بحران:

1939ع جي آخر ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ وري وزارتي بحران ڪر کنيو، جڏهن مسلم ليگين عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي، پر الله بخش هندن اڳيان جهڪي ڪري وزارت بچائي ورتي.

انهن ئي ڏينهن ۾ اوم منڊلي ۽ هنومان مندر آرٽلري ڪراچي واري مسئلي ڪري خان بهادر جي وزارت ٻيهر خطري ۾ پئجي ويئي، پر الله بخش سومري هندن کي خوش ڪري وزارت بچائي ورتي.

مسجد منزل گاهه سکر:

مارچ 1939ع ۾ مسجد منزل گاهه سکر جي مسئلي کي سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ اٿاريو ويو. ان کان پوءِ صوبائي مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ به کنيو ويو. انهيءَ مسئلي جي ڪري انت الله بخش جي وزارت فيبروري 1940ع ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

مير بندي علي جي وزارت:

مسجد منزل گاهه سکر واري مسئلي ڪري هندن ۽ مسلمانن ۾ ٽڪراءَ شروع ٿي ويو. ڪانگريس ۽ ڪٽر هندو ليڊر کلي عام هندن کي وڙهڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا رهيا.

خان بهادر جي وزارت کان پوءِ 18 مارچ 1940ع تي مير بندي علي وزارت جوڙي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور سياسي اڳواڻ جي ايم سيد کي تعليم، انڊسٽري ۽ ليبر جو قلمدان ڏنو ويو، جڏهن ته خان بهادر ايوب کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد به وزارت ۾ شامل هئا. 5 سيپٽمبر 1939ع تي جي ايم سيد قائداعظم سان ملي ڪري ان کي سنڌ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ قائداعظم کيس سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جو چيو. جي ايم سيد صاحب لکيو آهي ته اهو پهريون ڀيرو هو جو مون کي  پنهنجي مرضيءَ مطابق قائداعظم سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو ۽ مان سندس رعبدار شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيس.

مير بندي علي جي وزارت کي مسلم ليگ جي حمايت حاصل هئي ۽ ڪانگريسي ليڊر ڏاڍا پريشان هئا. نيٺ مولانا ابوالڪلام آزاد کي اچڻ جي دعوت ڏني ويئي.

هڪ ٻيو وزارتي ڦيرو:

نومبر 1940ع تي سنڌ ۾ وري وزارتي ڏڦيڙ اٿيو. مولانا آزاد جي ڪوشش هئي ته سنڌ اسيمبليءَ جي سڀني ميمبرن کي ملائي گڏيل حڪومت جوڙي وڃي. مسلمان ميمبرن جي مرضي هئي ته سڀئي مسلم ميمبر متحد ٿي ڪري سنڌ لاءِ ڪم ڪن ۽ الله بخش جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي  ٻه سيٽون ڏنيون وڃن، پر ڪانگريس خانبهادر الله بخش تي زور رکيو ته هو وزيراعظم جي آڇ کانسواءِ گڏيل حڪومت ۾ شامل نه ٿئي، نيٺ ايوب کهڙي ۽ جي  ايم سيد کيس وزارت ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ڪري ورتو. جي ايم سيد صاحب استعفا ڏني ۽ 23 نومبر 1940ع تي الله بخش سومرو صاحب ٻيهر وزير بڻيو.

الله بخش سومرو جي وزارت مضبوطيءَ سان قائم هئي ۽ انگريز حڪومت سان تعاون به ڪري رهي هئي، پر انگريزن جو ظلم ماڻهن مٿان وڌڻ ڪري ڪيترن ئي اڳواڻن خطاب واپس ڏيڻ شروع ڪري ڏنا. جنهن تي حڪومت ڪاوڙجي پئي ۽ 12 آڪٽوبر 1942ع تي سندس وزارت کي ختم ڪيو ويو.

سر غلام هسين هدايت الله جي نئين وزارت:

خان بهادر الله بخش جي وزارت ختم ڪرڻ کان پوءِ سندس ئي ڪابينا جي هڪ وزير غلام حسين هدايت الله کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويئي. گورنر جو اهو قدم غير جمهوري هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جي اڪثريت هئي ۽ اصول مطابق دعوت مسلم ليگ جي اڳواڻ نواب ايوب کهڙي کي ملڻ گهرجي ها.

سر غلام حسين دعوت ملڻ کان پوءِ مسلم ليگي ميمبرن کي عهدن جي لالچ ڏئي مسلم ليگ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، مسلم ليگ جي صوبائي صدر يوسف عبدالله هارون قائداعظم کي انهيءَ صورتحال کان آگاهه ڪيو. 14 آڪٽوبر 1942ع تي قائداعظم جواب ڏنو ته مسلم ليگ سر غلام حسين جي وزارت ۾ شامل نه ٿيندي، ڇو ته اها ڳالهه مسلم ليگ جي بنيادي اصولن خلاف آهي.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جا ٻه ڌڙا:

نيٺ مسلم ليگ جا ميمبر ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا، هڪ غلام حسين جي وزارت ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ هو ته ٻيو ان جي خلاف.

8 نومبر 1942ع تي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو دهلي ۾ اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ مان ايوب کهڙو، هاشم گزدر ۽ جي ايم سيد شامل ٿي قائداعظم کي سڄي حقيقت کان واقف ڪيو، ورڪنگ ڪاميٽيءَ اهو معاملو نواب محمد  اسماعيل خان، حسين امام، خواجا ناظم الدين ۽ چوڌري خليق الزمان جي حوالي ڪيو. نواب محمد اسماعيل ۽ چوڌري خليق سنڌ جو دورو ڪيو ۽ غلام حسين جي وزارت جي حق ۾ فيصلو ڏنو. اهڙي سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت ٺهي ويئي.

مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 35 ميمبرن مان 29 مسلم ليگي ميمبر ويٺا. انهيءَ اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي ساٿين سميت مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org