۽ ’ڪريم‘ جي ڪلام ۾:
ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇا ڪپڙا!
اها اسان جي طلب ۽ تمنا هجڻ گهرجي، بلڪ اسان جي
حال ۽ قال جي علامت:
ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون سين،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانَ ڪُريتِ،
پکن جي پريت، ماڙين سان نه مٽيان.-
(لطيف)
الله ڪندو هت منڊل ٿيندا، علمي مرڪز کلندا، ست ۽
سيل جو چشمو، ساري ملڪ کي سيراب ڪندو شال!
مقالا
”خراج عقيدت“: حاجي محمود هالائي، ايڊيٽر ”همدرد“،
ميرپورخاص
تاريخي خيال سان، تقريباً ساڍن ست سؤ سالن
کانپوءِ، سنڌ جي سورهيه ستيوان، سيل ۽ سَت جي
رکپال مائي مارئي عليه الرحمة جي ياد زنده ۽ تازي
ڪرڻ لاءِ هي ميلو ۽ هيءَ مجلس منعقد ٿي آهي، جنهن
۾ اسين ۽ اوهين قرب جي ڪڙي ۾ ڪڙجي ڪشان ڪشان هتي
اچي وارد ٿيا آهيون!
ڪن محب وطن بزرگن تحريڪ شروع ڪئي ته جنهن
مجاهد مارئيءَ، عمر جهڙي بادشاهه جي مقابلي ۾ ست ۽
صداقت، همت ۽ استقلال، پاڪدامنيءَ ۽ بلند اخلاق جو
ڪردار پيش ڪيو ۽ پنهنجي مظلوميت جا گرم آنسون
وهائي، پنهنجي عزيز مادر وطن جي حب ۽ ماروئڙن جي
اُڪير ۾ سڏڪا ڀري ۽ اکين مان لڙڪ ڳاڙي، پنهنجي
سِيل ۽ ست جي حفاظت ڪئي ۽ عمر بادشاهه جي ڏنل
لالچن، ميڙين منٿن ۽ آخر ۾ ڌمڪين جي به پرواهه نه
ڪري جيڪو بلند اخلاقيءَ ۽ شرافت جو ڪردار ادا ڪيو،
اُن تي سنڌ جي هر ڪا عورت ناز ڪري سگهي ٿي! واقعي
مائي مارئي پنهنجي ناقابل فراموش ڪردار سان سنڌ جي
عورت ذات جي عصمت ۽ عفت جي پَت رکي، جنهن کي سنڌ
جي تاريخ لکندڙن سونهري اکرن ۾ لکيو آهي، ۽ سنڌ جي
مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رسالي ۾
مارئيءَ جو خاص داستان ڳايو آهي، جنهن ۾ اهلِ ادب
۽ اهلِ بصيرت لاءِ عبرت انگيز درس ۽ محب وطن
مجاهدن لاءِ ولوله انگيز اشارا موجود آهن!
روايت آهي ته جڏهن عمر، مارئيءَ کي جهٽ
ڏيئي، هن کي گرفت ۾ آڻي، کڻي اُٺ تي وهاريو ۽
زوريءَ هن کي پنهنجي ماروئڙن ۽ ملڪ کان جدا ڪري
کڻي آڻي، عمرڪوٽ ۾ قيد رکيو، جتي هوءَ پنهنجن
سرتين ساهيڙين، پنهنجي وڳر وطن، پنهنجن پڪن ۽
پيرُن، للرن ۽ لاڻن، پنهنجي ڳم ۽ ڳنڍير، پنهنجن
ڇيلن ڇيلين، پنهنجي وطن جي وڻن ۽ غريباڻن ڪکن کي
ساري غم ۽ اندوهه ۾ هنجون هاريندي رهي ۽ عمر کي
ستائيندي رهي ۽ الله در ٻاڏائيندي رهي ته:
الله ائين م هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتيان ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پڄنم ڏينهڙا!
عمر جڏهن کيس ملڪہ بنجڻ، سونن زيورن ۽ ڳهن سان
سينگارجڻ، پَٽ پٽيهر پهرڻ، کٽومبا ۽ کيڻ کائڻ ۽
پنهنجا ماروئڙا ۽ ملڪ ملير وسارڻ لاءِ مٿون ڪري
ٿو، تڏهن مارئي روئندي کيس چوي ٿي:
”ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون سين،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.“
مارئيءَ جي مظلوميت ، قيد و بند ۽ عمر
بادشاهه جي ڪردار مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي
ته جڏهن هڪ عورت پنهنجي عصمت ۽ عفت بحال ۽ برقرار
رکڻ لاءِ مستقل مزاج بڻجي پوي ٿي ته پوءِ هن کي
ڪهڙي به قيد ۽ بند جي سختي ۽ ڪهڙيون به لالچون يا
ڌمڪيون، پنهنجي عزم ۽ ارادري تان هٽائي نٿيون
سگهن، ۽ جيئن ته مائي مارئي انهي عزم ۽ استقلال جي
امتحان ۾ ڪامياب ٿي نڪتي، تنهن ڪري سندس نالو
گذريل ست سؤ سالن کان امر ۽ زندهه آهي ۽ تاقيامت
درخشان ۽ تابان رهندو.
وطن جي محبت، سڪ ۽ اُڪير جي راهه ۾
مارئيءَ جيڪا محبت ۽ اُلفت ڏيکاري آهي، سا هر محب
وطن لاءِ مشعل راهه آهي ۽ اُن ۾ ڪيتريون ئي نشان
دهيون ۽ اهڃاڻ آهن ته وطن جي محبت ’حب الوطن من
الايمان‘ جي بمصداق ايمان جي نشاني آهي ۽ بقول
لطيف:
حيف تني جي حال، وطن جن وساريو.
مارئي حب الوطني جي زعم ۾ اسان سڀني جي
رهنمائي ڪئي آهي ۽ سبق ڏنو آهي ته پنهنجي وطن جي
عزت خاطر هر قسم جي لالچ ۽ انعام يا دڙڪي ۽ ڌمڪيءَ
جي ڪابه پرواهه نه ڪجي بلڪ وطن جي عزت ۽ حرمت،
آسودگيءَ ۽ آزادگيءَ خاطر هر ممڪن قرباني کان به
دريغ نه ڪجي!
”مارئي ۽ مارو – ڀٽائي بادشاهه جي نظر ۾“ – مولوي
عبدالحميد مڱريو
عصمت ۽ عفت جي علمبردار، حب الوطنيءَ جو
سهڻو شاهڪار، مهر ۽ وفا جو لاثاني ڪردار، ريگستان
جو ننگ ۽ ناموس، ملير ڄائي ’مارئي‘، ڪير هئي ۽ ڪٿي
جي هئي، ۽ مٿس ڇا وهيو واپريو، ان متعلق ٻيا محقق
۽ مؤرخ مون کان اڳي ڪافي روشني وجهي چڪا آهن. تنهن
ڪري آءٌ هن بحث ۾ نه پوندس. آءٌ صرف مارئيءَ جي
مثالي ڪردار مان، ٿر وارن جي اخلاق، سڀاءَ ۽ سيرت
جون چند جهونيون، پر جاندار جهلڪون پيش ڪندس؛ جنهن
۾ هتي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ته مارئيءَ جي مثالي
داستان مطابق، ان وقت جي ماڻهن جون اخلاقي ۽ سماجي
بلند ۽ بالا حقيقتون، اڄڪلهه جي مصنوعي ۽ ملمعه
ساز اخلاقي حالتن کان ڪيتريقدر نه مختلف هيون، ۽
منجهن ڪيڏي نه صداقت ۽ سچائي هئي!
هاڻي آءٌ، توهان جي ذوقِ سليم جي تسڪين ۽
تفريح لاءِ، مارئيءَ جو اجمالي تعارف فقط هن هڪڙي
بيت سان ڪرايان ٿو ته:
پکي منجهه پدمڻي، ڪر ڏئي وراڪا وڄ،
جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي!
مارئيءَ جي دردناڪ داستان ۾، بظاهر جيترو
دک ۽ درد موجود آهي، اوترو منجهس ڪيف ۽ سرور به
سمايل آهي. اها فقط ڀلاري ڀٽائيءَ جي شاعرانه خوبي
آهي، جو سهڻو شاهه، جتي به ڪو ڏکن ۽ سورن جو
داستان بيان ڪري ٿو، ۽ جتي به دل ۽ روح جي اصلي
آستان جي تات ۽ طلب جي تند تنواري ٿو، اُتي ان ۾
اهڙي ته پرڪيف ۽ پرسوز انداز ۾، روحاني رس به
ملائيندو وڃي ٿو، جنهن جي پڙهڻ سان، هڪ خاص قسم جي
موج ۽ مستي، لطف ۽ لذت، سوز ۽ سرور پيو محسوس ٿئي.
سهڻي شاهه، هر درد ۽ غم جي تخيل ۾، حلاوت ۽
شيرينيءَ جي اهڙي ته عارفانه انداز ۾ آميزش فرمائي
آهي، جو هر باشعور ۽ حساس انسان تي ڪا گهڙي ته اصل
ڪيف ۽ سرور جي هڪ اهڙي ته عجيب حالت طاري ٿيو وڃي
ٿي، جنهن جي بيان ڪرڻ کان قلم قاصر آهي!
مارئيءَ جي مثالي زندگيءَ جي مطالع
کانپوءِ، هر سمجهدار جو شعور ۽ تصور، اڄ کان ڪافي
صديون پوئتي موٽي وڃي ٿو، ۽ ان وقت جي ماڻهن جي
سادگي، شرافت ۽ سچائيءَ جو مشاهدو ماڻي، محو حيرت
بڻجي وڃي ٿو. تنهن ڪري مارئيءَ جي هيءَ مثالي ۽
مختصر ڪهاڻي، اسان ٿر وارن جي پراڻي سڀيتا ۽ سيرت،
خيالن ۽ امنگن، ۽ ٻين انيڪ انسانن جي فطري ۽
بنيادي جذبن جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ سنگ ميل آهي، ڇو
ته اها مارئي ئي هئي، جنهن جي طفيل تاريخي ۽
جاگرافيائي اعتبار سان، ٿر وارن جي اخلاقي هستي ۽
حيثيت عام منظر تي آئي، ۽ سندن لڪل ۽ گمنام اخلاقي
پهلوءَ تي روشني پئي. مطلب ته، مارئيءَ جي مثالي
ڪردار، ٿر وارن جي سهڻي سُڀاءَ ۽ سيرت کي بام عروج
تي پهچائي ڇڏيو، ۽ تاريخي ميدان ۾ ٿر وارن جي
سٻاجهي ۽ سادي سماجي حال کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
اهڙيءَ طرح ٿر وارن جو اخلاقي پهلو، گمناميءَ جي
گوشي مان نڪري، دنيا کان خراج تحسين حاصل ڪري
ورتو. مطلب ته مارئيءَ جي هستي ٿر ۽ ٿر وارن جي
شهرت ۽ معرفت جو هڪ عظيم سبب بڻجي ويئي. ان ڪري
آءُ هيئن چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ ۽ مبالغو نٿو
سمجهان ته، جنهن ماڻهو سهڻي شاهه جي رسالي جو
اونهو ۽ عميق مطالع ڪيو آهي، سو ٿر وارن جي عادتن
۽ امنگن، سچائيءَ ۽ صداقت، اخلاق ۽ ايثار جو بخوبي
اندازو لڳائي سگهي ٿو. ڇو ته، خود لطيف سائينءَ
به، ٿر وارن جي حب الوطنيءَ ۽ ننگ پروريءَ وارين
وصفن کان ڪافي متاثر نظر اچي ٿو. تنهن ڪري ڀٽائي
بادشاهه، مارئيءَ جي هن مثالي ڪردار جي روشنيءَ ۾،
ٿر وارن جي چڱين وصفن ۽ سندن سهڻين خصلتن جو هڪ
اهڙو ته جامع اخلاقي خاڪو مرتب فرمايو آهي، جنهن ۾
اخلاق جا سڀ جوهر موجود آهن.!
سهڻي شاهه پنهنجن مٺڙن ۽ شيرين بيتن ۾،
مارئيءَ جو قصو بيان ڪري، مارئيءَ جي هن مثالي
داستان ۽ سندس قربائتي تمثيلي ڪردار کي رتبو ۽
رهاڻ جو جامو پهرائي، ٿر وارن جي اخلاقي ۽ سماجي
حيثيت کي امر ۽ جاودان بنائي ڇڏيو آهي. ڀٽ ڌڻي،
استعارن ۽ ڪناين کان پاسو ڪندي، ٿر وارن جي
سچائيءَ ۽ خلوص واري خاصيت کي ڪهڙي نه صفائيءَ ۽
خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪيو آهي. فرمائي ٿو:
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت؛
پکن جي پريت، ماڙين سان نه مٽيان.
ان سان گڏ محبت ۽ الفت، سڪ ۽ سوز، قرب ۽ پيار، غم
۽ الم جو هڪ اهڙو ته پُرڪيف ۽ پر تاثير سبق پڙهايو
آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي:
ڪيم مهاڙ ملير ڏي، مٿي ڪوٽ چڙهي،
نت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳڙي؛
نڱي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي،
ويڙيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.
انساني عزت، نفس جي وقار ۽ خودداريءَ جهڙن
عظيم انساني قدرن جي پرچار ڪرڻ، غيرت ۽ حميت جهڙن
اعليٰ وصفن سان روشناس ڪرڻ، ۽ غيرن جي غلاظت ڏانهن
اک کڻي به نه نهارڻ لاءِ، سهڻو شاهه، رمز ۽ راز
داريءَ جي پهلوءَ کي اڳيان رکندي، صاف سلوڻي ۽
سهڻي انداز ۾، سَت ۽ سيل جو ڪهڙو نه سهڻو سبق ٿو
پيش ڪري:
عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
جنين جا ٿرن ۾، ورٿا ويڻ سهن،
هوءَ جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سڏجن سومرا!
حب الوطني، صداقت شعاري، ايثار ۽ اخلاص
جهڙيون عمديون وصفون پڻ مارئيءَ جي هن تمثيلي قصي
جو هڪ عظيم ۽ اعليٰ حصو آهن. حب الوطنيءَ جو تصور
۽ تاثر جهڙو هن مارئيءَ جي مثالي داستان مان ملي
ٿو، اهڙو شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي علمي ۽ ادبي
معيار ۾ ملي. مارئي نه رڳو جيئري پنهنجي وطن کي
اکين سان ڏسڻ ٿي چاهي، بلڪ مري وڃڻ واري حالت ۾ به
پنهنجي مڙهه ۽ لاش کي سندس وطن وٺي وڃڻ جي وصيت ٿي
ڪري، ۽ عمر کي چئي ٿي ته، اي سومرا سردار! جيڪڏهن
آءٌ پنهنجي مٺڙي وطن کي، جيئري اکين سان نه ڏسي
سگهان، ۽ اُن کان اڳي وطن کي ياد ڪندي هتي ئي مري
وڃان، ته پوءِ منهنجو لاش منهنجن مٺن مارُن ڏانهن
موڪلي ڏجان، ۽ منهنجي وطن جي گاهن ۽ ولڙين کي
پَٽي، منهنجي قبر جي مٿان آڻي رکجان، جيئن آءٌ
منهنجي محبوب وطن جي ٿڌي ۽ نرم واريءَ ۾ دفن ٿيان،
۽ منهنجو هي سڪايل روح وطن جي ولڙين ۽ گاهن جو واس
وٺي، ۽ انهن جي خوشبوءَ ۽ سرهاڻ سُنگهي، من ڪا
گهڙ: فرحت ۽ راحت محسوس ڪري! شاهه چيو آهي:
واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!
ان کان وڌيڪ مارئيءَ جي هن مثالي معاملي، سندس
ساڻيهه وارين جي شان ۽ آن کي آسمان تائين پهچائي
ڇڏيو آهي؛ جنهن ڪري سندن نسواني خوبين ۽ خاصيتن جا
جوهر ۽ جلوا، قيامت تائين پيا ڳائبا. ان طرح
مارئيءَ جو هي مثالي ڪارنامو ۽ قرباني، سندس عزت ۽
عظمت، تقدس ۽ پارسائيءَ جو هڪ درخشان دليل آهي، جو
اوستائين جگمگائيندو رهندو، جيستائين هيءَ ڪائنات
قائم آهي. مارئي پنهنجي وطن وارين کي عصمت ۽ عفت،
پاڪيزگيءَ ۽ پاڪدامنيءَ، سَت ۽ سيل جو جيڪو بيمثال
سبق ڏنو آهي، تنهن جو مثال روءِ زمين جي تاريخ ۾
ملڻ مشڪل ۽ محال آهي. شاهه فرمايو آهي:
جي لوڻ لڱين لايئين، چيري چيري چم،
مون ڪو اڳي نه ڪيو، ڪوجهو اهڙو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوارسين!
پنهنجي اصليت ۽ حقيقي حيثيت کي سڃاڻڻ، ۽
اُن تي پختگيءَ سان ثابت قدم رهڻ، ٻين جي عارضي ٺٺ
۽ ٺانگر، چمڪ ۽ رونق کان مرعوب نه ٿيڻ، پنهنجي
بنيادي ۽ موروثي حيثيت کي برقرار رکڻ، ۽ پنهنجي
اصلي وصفن ۽ روايتن تي فخر ڪرڻ به مارئيءَ جي هن
تمثيلي حڪايت جو حسين حصو آهن؛ جنهن کي سهڻو شاهه،
ڪهڙي نه دلڪش ۽ دلفريب انداز ۾ بيان ٿو ڪري:
پَٽَ نه پهريان سومرا، جاڪيتان جيان،
آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان،
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو!
ان کان سواءِ پنهنجي سَت ۽ سيل تي قائم
رهڻ، پنهنجي حق ۽ وَر جي عظيم امانت کي ساهه سان
سانڍي رکڻ، مرڻ گهڙيءَ تائين اُن جي حفاظت ڪرڻ،
ٻين جي جاه ۽ جلال، حسن ۽ جمال کان فقط هن خيال
سان متاثر نه ٿيڻ ته آءٌ ڪنهن ٻئي جي امانت آهيان،
اهڙي قسم جون سڀ جون سڀ وصفون، ۽ صفتون، انساني
اخلاق جا عظيم جلالي ۽ جمالي پهلو آهن. مثلاً:
ڪانڌ نه ڪنديُس ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب،
ميروئي محبوب، اسان مارُو من ۾!
اهڙيءَ طرح پنهنجي ننگ ۽ ناموس کي داغن ۽ ڌٻن کان
بچائڻ، ۽ دنيا وارن جي انگشت نمائيءَ کان پنهنجي
پاڻ کي مخفي ۽ محفوظ رکڻ، ۽ اخلاقي طور تي هر قسم
جي گندگيءَ ۽ غلاظت کان دامن بچائي هلڻ، اُن کي
اڇو ۽ اُجرو، پاڪ ۽ صاف رکڻ جهڙيون خوبيون پڻ
انساني اوصاف عاليه جا بيبدل ۽ بيمثل ڀاڱا آهن.
مثلاً:
مُنهن منهنجو سومرا، مَر ميروئي هوءِ،
متان مارؤ چوءِ، تو ڌوتو ڇو ڌارين ۾!
هاڻي هتي هي سوال اٿي ٿو ته، ڇا مارئيءَ
جي وطن وارا مارو ۽ ماروئيون اڄ به پنهنجي قديم
اخلاقي زيور سان آراسته ۽ پيرائسته آهن؟ ۽ ڇا اڄ
به منجهن پنهنجي پراڻي سڀاءَ ۽ سيرت جون اهي بصيرت
افروز جهلڪون موجود آهن يا نه؟ ان جواب ۾ آءٌ فقط
هي هڪ بيت پيش ڪري، پنهنجي مقالي کي ختم ڪريان ٿو
ته:
مارئي ناهه ملير ۾، نڪا وٽ همير،
پنهون ڪونهي ڪيچ ۾، نڪي سُڌ امير،
مومل ڪانهي ماڙيين، گنجي ناهه فقير،
ور ڇڏيو واهڙ تري، ساهڙ منجهه سرير،
قبن ڪونهي پير، مرشد مساڻن ۾!
”ماضي ۽ حال جي مارئين جا مذڪور“: لغاري
محمد هوت ”مجرم“.
اڄ اسين پري کان ڪشالا قبول ڪري، ”ڀليري
ڀالوا“ تي انهيءَ لاءِ ڀيڙا ٿيا آهيون ته سنڌ جي
سينگار، سدا حيات نامور نماڻي نار، ٿر جي ٿاريلي،
ملير جي مارئي جي ورسي ملهايون. زنده قومن جي زنده
دليءَ جي نشانين مان هي به هڪ نشاني آهي ته پنهنجن
بزرگن ۽ نيڪن جون ورسيون نهايت شايانِ شان نموني
ملهائين!
بقول حضرت سعدي رحه:
نام نيڪو رفته گان ضايع مَڪُن،
تا بماند، نام نيڪت يادگار.
”پنهنجن وڏڙن جو نالو ضايع نه ڪر ته تنهنجو نالو
به يادگار رهي“، سو سنڌي قوم به آخر ڇهه سؤ سالن
جي غفلت بعد سجاڳ ٿي پنهنجي زندهه هئڻ جو ثبوت پيش
ڪيو. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته ”انسانيت جي تاريخ“
۾ مارئيءَ جي نالي سان گڏ، هن ورسي جي بنياد
وجهندڙ جو نالو به سدائين لاءِ زنده رهندو:
مرد مرن ڪين ڪي، مرن مرد ودا.
اڳين جا قصا پوين لاءِ نصيحتون آهن، ۽
انهيءَ ڳالهه کي ٻين اکرن ۾ هيئن به کڻي چئجي ته
گذريل قومن جا قصا ۽ ڪهاڻيون، زندهه قومن لاءِ
معلوماتي مضمون ۽ عبرت خيز داستان آهن، بشرطيڪ
ظاهري اکين ۽ ڪنن تي گهٽ ڀروسو ڪري، اندر جي اکين
سان پڙهيا ۽ قلب جي ڪنن سان ٻُڌا وڃن.
هي ڪن گڏهڻا وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
تنين ساڻ سڻيج، سندي پريان جي ڳالهڙي.
تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾ ”ڦِڪن ڦوڳن ۽
آزاريندڙ عُمرن“ گڏ جنم ورتو آهي. ”ڦلهيار ۾ ڦوڪن
ڏيندڙ ڦوڳن“، پنهنجي ناجائز ۽ ناڪام اميدن جي وير
وٺڻ لاءِ يا احساس ڪمتري جي جذبي جي عذاب کان آجي
ٿيڻ لاءِ ابن الوقت بنجي، وقت جي عمرن کي انهن
ڳالهين تي آماده ڪيو ته ”ماروئڙن“ ۾ مانڌاڻ مچائي،
”کٿيرين“ تان کِل ڪري، ”کيتن“ جا حق کسي، سَتين
سنگهارين، پلر پياڪ پنوهارين، ملوڪ مُهانڊن ماروين
کي، سندن حيران ڪندڙ ۽ هِر کائيندڙ حسن جي بدلي هڪ
ئي جهڙپ سان جهٽي، کوهن تان کڻي، کين چؤ کنڀو ٻڌي،
چانگن تي چاڙهي، ڪرهن کي ڪُڏائي، اٺن کي اڏائي،
ليڙن کي لڪڻ هڻي، مَين جون مهارون موڙي، ملير ڄاين
کي ماروئڙن کان جدا ڪري؛ هٿن ۾ هٿڪڙيون، پيرن ۾
پيڪڙا ڳچين ۾ لوهه جا ڳٽ وجهي قهري ڪوٽن ۾ قابو
ڪن. بعد ۾ انهن ڄارين هيٺ ڄايل، ڏٿ چونڊيندڙ
ڏوٿياڻين کي، رُپي، سونَ، هيرن، جواهرن، ۽ موتين
مٺ جي هڪ جهلڪ ڏيکاري موهت ڪري، سنگهارن جي سڳڙن
کان نفرت ڏيارين؛ ارغچ ۽ عبير، اِطلس، ارم،
ڪيمخواب، بخمل، ٻانڌوڻا ۽ پٽولا پيش ڪري، کاهڙ جي
کٿين تان خيال کڻائين؛ عطر، عنبير ۽ خوشبودار تيل
آڇي، چوٽين مان چيڙه ڪڍائي، چوٽي ڦل، چندن هار،
دهريون، بُولا، بئنسر، پنڙا، پازيب پارائي، مشڪ جي
خوشبوءِ تي مست ڪري، حويلين جي حوالي ڪن. وقت جي
عمرن ائين ڪيو به سهي، ليڪن وقت اهو ثابت ڪري
ڏيکاريو ته انهن جهنگ جي جهانگياڻين، مِهرين
هميراڻا هٿڙا هرگز ڪين مڃيا؛ مري به ماروئڙن جي
مِٽي ڪانه ڇڏي؛ هنن جي همت، شرافت، صبر، سيل، ست ۽
سچ تي ثابت قدمي، عمرن کي اهڙو ته عاجز ڪيو جو
هيڻين اڳيان هار مڃي، پوئتي پير هٽائي، ملير
موٽائڻ تي مجبور ٿيا. ماروين مُهت لڌي ۽ ڦوڳن کي
فقط ڦٽڪار ئي ڦٻي! ڦوڳن کي ڦٽڪار کان سواءِ ٻيو
ڦٻي به ڇا ٿي سگهيو، ڇو ته عمرن کي اهو ته علم هو،
جيڪي پنهنجن کي پريشان ڪرائيندا، سي غيرن سان ڪهڙا
گڻ ڪندا:
نڀايو جن نه پنهنجن سان ڪندا غيرن سان ڪهڙا گڻ،
انهن ڦوڳن ڦِڪن کي بس رڳو ڦٽڪار ئي ڦٻندي!
اڄ به ماضيءَ کان منهن مٽائي، حال جي
بدحال تي نهارڻ جي ڪوشش ڪبي ته معاملو ماضيءَ کان
به مَٽيل ۽ مومل جي مانڊاڻ کان به وڌيڪ منجهيل
معلوم ٿيندو. هڪ نه، ٻه نه، سوين، هزارين، بلڪ
لکين لائق مانديون مارويون، هميرن جي حويلين ۾
هاءِ هاءِ ڪندي نظر اينديون! کين پکا ۽ پنهوار ڏٺي
ڏينهن ٿي چڪا آهن ۽ هٿڙا کڻي هيئن چئي رهيون آهن:
ڏيهيا ڪجا ڏيٺ، مدد مون سين ماڙيين!
عمر جي ڪوٽ ۾
قابو لکين ئي مارويون آهن،
سندن
لئه سوز ۽ سڪ اڄ سنگهارن مان به نڪري وئي.
انهن ماروين کي ڪوٽن ۾ قرار به ڪيئن اچي،
ويهن به ڪيئن؟ هنن ٻاٻاڻن سان ٻول، ڪوٽن ۾ويهڻ جا
ڪيا ئي ڪين. اهي ته جهروڪن مان جهاتيون پائي، وطن
لاءِ واجهائي، ٻاٻاڻن لاءِ ٻاڪاري رهيون آهن؛
اباڻن لاءِ اڪنڊيون، پهنوارن لاءِ پياسيون،
پهنوارن کي واڪن تي واڪا ڪري، سڏڙن تي سڏڙا ڪري
رهيون آهن؛ مگر افسوس اڄ جا سنگهار سندن سڏڙا به
ڪونه ٿا سڻن، شايد ماندين ماروين کي من تان مٽائي
ڇڏيو:
جي ڪر لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو،
ماروئڙن آئون، جيڪس وييس وسري!
انهن بي قصور باندين جو قصور اهو ئي آهي ته، هنن
لوئيءَ ۾ لائون ڇو لڌيون آهن؛ سانگين جي سڪ سندن
سينن ۾ ڇو سمايل آهي؛ محلن جي مشڪ جي خوشبوءِ،
پائر، ڍَٽ، کائڙ ۽ ملير جي مٽيءَ جي خوشبوءِ برابر
به ڇو ڪونه ٿيون سمجهن؛ اباڻن جي اڪير سندن اندر
کي ايترو اڇو اجرو ڇو ڪيو آهي، جو اهي عمرن جي آڇ
کي اختيار ۾ ئي ڪين ٿيون آڻين؛ اميراڻا ناروا امر
اک ۾ ئي ڪين اٿن؛ سيڻ سون تي ۽ پکن جي پريت ماڙين
تي ڪين ٿيون مٽين؛ ڪوٽن ۾ قابو هوندي به ڪريت ڪين
ٿيون ڪن؛ جهيا تيها مارو ڇو مڃيا اٿن؟ اڄ سندن
منهن ميرا ٿي چڪا آهن، سکر جهڙي سونهن ساڳي نه رهي
اٿن، ڍاٽيڙن جون ڍڪيل لاک رتل لويون ليڙون ٿي
چُڪيون آهن، چوٽيءَ ۾ چيڙه پوڻ سبب ڄُيون سندن رت
چوسي رهيون آهن، پر اُن هوندي به کُٿيلن کَٿين کي
سِبي، سيبا ڏيئي، اڃا به اباڻن جي آسري اوڍيو اچن
۽ لوئيءَ جي لڄ رکيو اچن. ”جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا
ويٺي گهار“ جي مصداق، ڏکيا سکيا ڏينهڙا ڪوٽن ۾
ڪَٽي رهيون آهن، ته به اباڻي اِبر، سانگين جي
سُئيءَ کان سواءِ ڪَن ڪونه ٿيون ٽوپيائين. سندن
اندر مان ويڙ جو واڪو وڃي ئي ڪونه ٿو. تور تلن ۾
چيها چاري رهيو آهي ۽ هنن جي اندر مان هن طرح آواز
نڪري رهيا آهن:
جيها جي تيها، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون چونڊن موڪ ميها،
مُنهن جي آهه اها، ڪڏهن، ڪيرائيندي ڪوٽ کي!
يقين اٿم ته انهن مظلوم ماروين جون آهون ۽
دانهون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون. مليران مارو
ايندا، واهرو ورندا، ۽ هاڻُو سڀ هيڻا ٿيندا ۽ قهري
ڪوٽن جي ڪُنگرن جون سِرون سِرن کان جدا ٿينديون.
مانديون مارويون مُرڪي ۽ مَرڪي، پنهنجن ماروئڙن
سان ملنديون، پکن ۾ پهچي محلن جي مَر ڌوئينديون!
مليران مارو، پکي پيهي آئيا،
وريا واهارو، هاڻُو سڀ هيڻا ٿيا!
... ۽ پوءِ سنگهارن لاءِ سگها ڏکن پٺيان
سُکڙا ٿيندا... خزائون ختم ٿينديون، واهندن جا
واءُ ورندا؛ وُٺي جون واڌايون ملنديون، مينهن موڪ
وسندا؛ ليار، لُلر، لنب، لوڻڪ لس ٿيندا؛ چڀڙ،
گدرا، ونگا، ڇانهان ڇوٽ ٿيندا؛ مريڙو، مانڌاڻي،
مکڻي، موڪ ملير ۾ ٿيندا؛ ڦوڳ ڦلاربا، گولاڙن ۽
ڳانڱين ۾ ڳاڙهاڻ نظر ايندي؛ گسن تي گاهه گلزاري
لائيندا، کنڀيون، کانٽوبا، کيتن ۾ خوب ٿيندا؛ تل،
ترايون تار ٿينديون؛ اناج جا انڇر ٿيندا، آن ارزان
ٿيندو؛ جن ڏيهه جي ڏڪارين، مهانگي لاءِ ميڙيو
هوندو سي موذي مري مٽي ٿيندا؛ ٻولاهيون، سايون،
رايون ٿڌا ٿر چري وٿاڻن تي وري اينديون؛ چروڙيون
چڪار ڪري، چوڙيلين جا چِت چُست ٿيندا؛ ولوڙڻ جون
وري به وايون ٻڌڻ ۾ اينديون، مکڻ ماٽين منجهه به
ڪين ماپندو؛ جهانگياڻيون جهَڻ پِي جهوري
لاهينديون، ٻانهيون ۽ ٻايون پنهنجن پِريُن جي پکڙن
۾ سنهنديون، الفت ۽ آزاديءَ جا نغما ڳائينديون!
تن وَهين ويڙهيچن ۾، سدائين سُڪار،
چونڊيو آڻيو چاڙهيون، سندا ڌؤنرن ڏار،
جن جو ويڙن
سين واپار، سي ڏوٿي هُونِ نه ڏُٻرا.
”مارئي“ – عبدالستار ساند
مارئي ڪهڙي مذهب سان تعلق رکندي هئي، تنهن
بابت ڪافي مصنفن مختلف وقتن ۾ قياس آرايون ڪيون
آهن؛ مگر سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي،
پنهنجي رسالي جي سُر مارئي ۾ جيڪي ڪجهه فرمايو
آهي، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مارئي مسلمان هئي
– ڇو ته شاهه صاحب بيتن ۾ هڪ نه ته ٻئي بيت ۾ ضرور
قرآن شريف جون آيتون ڪم آنديون آهن، ورنه سُر مومل
راڻو ۾ ڪٿي به قرآن شريف جون آيتون ڪم آندل ڪونه
آهن. ازانسواءِ مارئيءَ کي سندس مائٽن سڳي سئوٽ
سان منڱڻي ڪرائي هئي، حالانڪه هندو ڌرم ۾ سئوٽ سان
شادي ڪرڻ ممنوع قرار ڏنل آهي. اگر کيت مارئي جو
سئوٽ نه به هجي، پر سندس پالڻي پيءَ جو ضرور
ڀائٽيو هو. مارئيءَ جي قوميت بابت ۽ اصل نسل بابت
ڪافي اختلاف آهن، مگر موجوده دؤر جي هڪ هندو مصنف،
سرڳواسيءَ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، پنهنجي ڪتاب
”عمر مارئي“ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته مارئيءَ جي ماءُ
ماڏوئي، پوئتي پيل هندو قوم مان هئي، مگر مسلمان
ٿي، وڳهه ڪوٽ جي مسلمان سومري بادشاهه ڄام ڦل جي
پٽ راڻي بني، جتان زماني جي گردش سببان ملير ۾
پهتي ۽ مارئي پيدا ٿي، جيڪا اڳ ۾ پيٽ ۾ هئي. ڪن
مصنفن جو رايو آهي ته عمر سومري جو پيءُ جيڪو ٺٽي
جو حاڪم هو، سو شڪار سانگي ٿر علائقي ۾ آيو ۽ عمر
ان وقت ننڍو ڇوڪرڙو هو، جو ماءُ جي ٿڃ ڌائيندو هو.
ملير جي گرم آبهوا سبب بادشاهه جي راڻي بيمار ٿي
پيئي ۽ ڇوڪري کي کير ڌارائڻ لاءِ هن ڳوٺ ۾ پالهڻي
جي عورت ميراڏي (ماڏوئي) کي گهرايو ويو، جنهن عمر
سومري کي کير پياريو هو، تنهن ڪري عمر، مارئيءَ جو
رضائي ڀاءُ به چئي سگهجي ٿو. اهي سڀ روايتون آهن،
جن جي تصديق ڪانه ٿي آهي.
ملڪ ملير جنهن جي مارئي ويٺل هئي، سو هي
مڪان آهي جنهن تي اسان حاضر آهيون، تنهن ۽ اِن جي
اِرِدِ گِرِدِ ٽُڪري ۾ اڄ کان اٽڪل ست سؤ سال اڳ
نمن، ٻيرين، ٻٻرن، ڪنڊن ڪرڙن ۽ کارن کٻڙن جا وڏا
وڏا درخت هوندا هئا، جنهن جي ڪري هر موسم ۾ چهچٽو
۽ خوشبوءِ پئي ايندي هئي. ازانسواءِ برسات جي موسم
۾ هر قسم جا ٻوٽا ۽ گاهه اڀرندا آهن، جنهن جي ڪري
ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي جڳهه به ڪانه هوندي آهي. ان
ڪري هن علائقي کي ”ملير“ سڏيو ويندو آهي!
علائقو ملير انهي ملير ڪپڙي مان تشبيہ ڏنو
ويو آهي، جيڪو اڄ تائين ٿر جا هندو خواه مسلمان،
پنهنجي نياڻي جي مڱڻي مهل پنهنجي ناٺي کي
اوڍائيندا آهن. انهيءَ ملير کي وڏي عزت ۽ آبرو سان
ڏٺو ويندو آهي ۽ ڪنوار جون ڀيڻون شوق سان مهينن جا
مهينا ڀرت سان ڀرينديون آهن، جنهن ۾ سئي رکڻ جي به
جڳهه بغير ڀرت جي ڇڏيل نه هوندي آهي. اهڙي طرح
برسات ۾ به هن علائقي جي سرزمين، گاهه ۽ ٻوٽن سان
ائين سينگاريل هوندي آهي جيئن مذڪوره ڪپڙي جو
ملير. تنهنڪري انهيءَ زمين جي خطي کي به ملير سان
تشبيہ ڏيئي ملير سڏيندا آهن!
اسان جنهن کوهه جو ديدار ڪري رهيا آهيون، سو اڄ
کان اٽڪل ڇهه سؤ پنجاهه سالن جو پراڻو آهي، جو هڪ
پالڻي نالي ماڻهو جو پٿرن سان تعمير ڪرايل آهي.
پالهڻو هڪ ڀاڳيو، مالدار ۽ عزت آبرو وارو ڳوٺ جو
معزز شخص هو. اڄوڪي موضوع واري مائي مارئي سندس
گهر جي هڪ ئي چشم و چراغ هئي. پالڻي جي سندس ڌيءَ
سان بيحد محبت هئي. انهي ڪري ڇوڪريءَ کي گهر جي
تمام ڪاروبار تي دسترس حاصل هو. مارئي نهايت سهڻي،
سلڇڻي، بااخلاق ۽ اعليٰ خيالن جي نوجوان ڇوڪري
هئي. سندس پيءَ جو مارئي جي هر ادا تي ناز هو ۽
سندس سهڻن اخلاقن جي ڪري هر نوڪر چاڪر ادب ۽
احترام ڪندو هو. پالهڻي وٽ سڀِني قسمن جا ڌڻ هئا،
مگر ٻڪرين جو مال تمام گهڻو هو، جنهن ۾ ڦوڳ نالي
ٻڪرار هو. مارئي پاڻ به ڇيلڙا چاريندي پياريندي
هئي. جنهن ٿانءَ ۾ ڇيلن کي پاڻي پياريو ويندو هو،
اها هڪ پٿر جي ڪونڊي آهي جيڪا اڄ به کوهه جي ڀر ۾
نمايان طور رکيل آهي ۽ حاضرين احباب جي مرڪوز نظر
آهي. اها ڪونڊي 1955ع کان اڳ ۾ خسته حالت ۾ هئي،
مگر الحاج مير احمد خان ٽالپر، سابق پريزيڊنٽ، ضلع
لوڪلبورڊ ٿر پارڪر نئين سر مرمت ڪرائي، مارئيءَ جي
يادگيري کي اهميت ڏئي، ماروئڙن تي پهريون احسان
ڪيو.
مارئيءَ جي مڱڻي سندس سئوٽ کيت سان ڪيل
هئي، مگر ڦوڳ بدنام جنهن سان مارئي چند ڏينهن گڏ
ڇيلڙا چاريا هئا، تنهن حسد وچان عمر سومري عمر ڪوٽ
جي بادشاهه وٽ سندس سونهن جي تعريف ڪري، بادشاهه
کي آماده ڪيو ته مارئيءَ کي زبردستي کڻي، پٽ راڻي
بنائي وڃي. اسان وٽ مشهور روايت آهي ته عمر سومرو
عمر ڪوٽ مان ڪافي لشڪر ساڻ ڪري ڳوٺ گوڙيءَ ۾ پهتو،
جتان ٻئي ڏينهن اڪيلو گيهه جو واپاري بڻجي، ڳوٺ
ڀالوا ۾ مارئي جي پيءُ پالڻي وٽ پهتو، جنهن گيهه
وڪڻڻ جي هائوڪار ڪئي ۽ پنهنجي گهر ۾ گيهه جي جنس
ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو، جتي عمر مارئي کي ڏسي ورتو.
مارئيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا ڏسڻ شرط بادشاهه حيرت ۾
پئجي ويو. مارئي انهيءَ حالت کان متاثر ٿي هيسجي
ويئي ۽ دل ئي دل ۾ شاهه جا هي الفاظ اچاريندي ويئي
ته:
عمر آئين اوچتو، ڪهڙيءَ هاج همير،
تو ڏٺي مون ڀَو ٿئي، سنڪو منجهه سرير؛
ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺم ڪڏهن!
مارئي يڪدم پنهنجين ساهيڙين وٽ پهتي، جن
کيس آٿت ڏيڻ خاطر کوهه تان پاڻي ڀرڻ جو پروگرام
تيار ڪيو ۽ کوهه طرف وييون. عمر اهو موقعو ڏسي
جاءِ واردات ڏانهن روانو ٿيو. پالهڻي سان انجام
ڪيائين ته ٻئي ڏينهن ضروري سامان آڻڻ بعد گيهه
خريد ڪيو ويندو. عمر سومرو اُٺ کي هشائي، اُن جو
گوڏو ٻڌي، ڇوڪرين وٽ آيو ۽ کين وينتي ڪري پاڻي پيڻ
لاءِ گهريائين، مگر ڇوڪرين مان ڪنهن به پاڻي نه
پياريو. مارئي پنهنجو دشمن جلد ٽارڻ خاطر جلدي
جلدي ٽامائي کوهه ۾ واري، پاڻي پيارڻ جي لاءِ جهڙو
عمر کي ويجهو ٿي، تهڙو هي جابر کيس ٻانهن کان
جهلي، اُٺ تي رکي، زبردستي کڻي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويو. مارئيءَ جون ساهيڙيون بروقت هراسيل حالت ۾
روئنديون روئنديون پالهڻي وٽ پهتيون ۽ ڳوٺ ۾
انتقام وٺڻ لاءِ ماروئڙن طرفان وڏي پيماني تي
تياريون شروع ڪيون وييون. مگر اها خبر نه پئجي
سگهي ته هيءُ جهوپڙين جي روشن ڏيِئي کي، گل ڪندڙ
ڪير هو ۽ ڪيڏانهن ويو؟بادشاهه اُٺ جو گوڏو، هڪ
نامعلوم شخص کان گوڙي ڳوٺ جي ارد گرد، سوني ڳن
واري خنجر سان وڍرايو هو ۽ تڙ تڪڙ ۾ خنجر انهيءَ
ماڻهو وٽ رهيو، جنهن ماروئڙن کي ڏيکاريو. مهر پڙهڻ
مان معلوم ٿيو ته ظالم برابر عمر ڪوٽ جو عمر
بادشاهه آهي. ماروئڙن جو هڪ وفد وڏي ڪاوڙ ۽ جوش
مان، عمر سومري جي مقرر ڪيل ننگر پارڪر واري حاڪم
وٽ پهتو، جنهن جو نالو عبدالرزاق هو ۽ بادشاهه جو
قريبي عزيز به هو، تنهن حالت کان واقف ٿي ماروئڙن
کي يقين ڏياريو ته بادشاهه ڄمار جو ننڍو آهي، تنهن
ڪري غلطي معاف ڪئي وڃي. ٻانهن واپس ڪرائڻ لاءِ هو
عمر ڪوٽ روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ عمر سومري مارئي
کي وڏيون آزيون نيزاريون منٿون ميڙيون ڪيون ته
هوءَ بادشاهه کي پنهنجو ور چونڊي، مگر مارئيءَ
ڪابه نه ٻڌي. هوءَ پنهنجي سيل ۽ ستر تي قائم رهي ۽
عمر جي هر لالچ جو جواب صرف هيئن ڏنائين ته:
کٿيءَ وٽيون کُٿيون، سَتي سيڻ ئي سي،
مڇڻ چونم ڪي، ته لڄائي ٿر ڄائيون!
آخر عمر، مارئيءَ جو سيل ۽ ستر ڏسي نااميد
ٿيو، ڇو ته هن پنهنجو فيصلو هن ريت ڪيو ته:
واجهائي وطن کي، جي آءٌ هِت مياس،
ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنوهارن پاس؛
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!
عمر سومري، مارئيءَ جي ملڪ لاءِ محبت ۽
پيار، ساهيڙين ۽ سنگهارن جي سڪ کان متاثر ٿي
مارئيءَ کي باعزت رضا ۽ خوشيءَ سان رخصت ڪري، شاهه
جي هيٺين جملن ۾ تمنا پوري ڪئي:
ستي لڌم سهڻو، لوئيءَ ۾ ليٽي،
ته منڌي پايو مٽ ۾، ولوڙيان ويٺي؛
پکي آئون پيٺي، کيرون ڏينم جيڏيون!
”مارئيءَ جو ميلو“- غلام محمد لغاري، ميرپورخاص.
اڄ اسان انهيءَ وطن جي نياڻي مارئيءَ جي
ياد ملهائڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، جنهن وطن جي
ماروئڙن سانگيئڙن کي پنهنجن سان پيار ۽ پنهنجي
ڪَکن جي جهوپڙن کي ماڙين جو مَٽ نه ڄاتو. سون
طعامن ۽ ست رڇين کي پنهنجي وطن جي ڏٿ، پڪن ۽ پيرُن
جو مٽ نه سمجهيو. عمر جي پٽ پٽيهرن ۽ شربتن کي پلر
جي پاڻيءَ برابر نه ڄاتو!
مارئيءَ جي ياد ملهائڻ جي هن وقت اسان کي
سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به آزاديءَ ۽
عصمت واري مارئي عمر جي قهري ڪوٽ اندر بند آهي!
عمر ڪن ڦوڳن جي چُرچ تي صداقت شعار
مارئيءَ کي ناحق بند ڪيو آهي. عمر جا طرفدار
مارئيءَ کي بند ڪري خوش آهن!
مگر مارئيءَ جي وطن جي حب ۽ پنهنجن سانگين
سان سچي سڪ اڃان تائين قائم آهي. اها تڙپ جيڪا
مارئيءَ کي پنهنجن ملڪين سان هئي، سان اسان جي
سپوتن لاءِ روشنيءَ جي ڏيئي مثل آهي. هو سون تي
سيڻ مٽائڻ لاءِ تيار نه ٿيندا:
ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سان نه مٽيان. – (شاهه)
اهڙيءَ ريت، ريت نه مٽبي، ڪُريت نه ڪبي
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين!
مارئيءَ جي وطن سان حُب کي ڪهڙي سنڌجي شاعر نه
ڳايو آهي. سنڌ جي بيت، ڏوهيڙي، ڪافي، وائي، نظم،
۾ مارئيءَ کي هر هڪ سنڌ جي شاعر اوليت ڏني آهي. اڄ
به سنڌ جي ٻهراڙين جي اڌ کان گهڻي آباديءَ وارا،
مارئيءَ جي لاءِ چيل ڪافين ۽ واين کي جهونگاريندا
رهن ٿا. مارئي ڪٿي ڄائي، ڪٿي نپني، ڪهڙا سندس هنڌ
۽ ماڳ هئا، انهي لفظي بحث کي ڇڏيندي، هر هڪ سنڌو
واسي کي خبر آهي ته مارئي ٿر جي هئي. ٿر سنڌ جو هڪ
حصو آهي. ٿر سنڌ آهي ته سنڌ ٿر آهي. مارئي سنڌ جي
هڪ ننگ پرور نماڻي نياڻي هئي، جنهن سنڌ جي
پنهوارن، ڌنارن، سانگين، جهانگين کي غيرت جو سبق
ڏنو. وطن سان پيار جو رستو ڏيکاريو. لالچ ۽ ڊپ کان
پري رهي زبان حال سان، ائين چيو ته ”لاَ’خَوفُ
عَلَيهُم وَلاَ هُم يَحُزَنَونَ.“ مارئيءَ کي جيڪا
سڪ پنهنجن پنهوارن ۽ سانگين سان هئي، اها سڪ هر هڪ
مارئيءَ جي ملڪيءَ کي پنهنجن سان هجڻ گهرجي.
پنهنجي لاک رتي لوئيءَ جي لڄ پوڻ گهرجي. هي
ڪهاڻيون، هي قصا رڳن قصن تائين محدود نه هجڻ
گهرجن.
اسان کي ڏسڻ گهرجي ته عمر جو قهري ڪوٽ اڄ
به موجود آهي. اڄ مارئيءَ جي ملڪ جا ماڻهو، عمر جي
ڏاڍائي ۽ قهري ڪاررواين کان دانهون ڪري رهيا آهن.
مارئي عمر جي ڪوٽ مان آزاد ٿيڻ گهرجي. مارئيءَ کي
عمر جي قهري ڪوٽ مان ڪڍڻ لاءِ آهون ۽ دانهون نه
ڪرڻ گهرجن، مگر اهي تدبيرون ڪرڻ گهرجن، جيئن
مارئي، عمر جي قهري ڪوٽ مان نه رڳو نڪري، مگر اڳتي
ڪنهن عمر کي جرئت نه ٿئي جو ڪنهن مارئيءَ کي قهري
ڪوٽ ۾ بند ڪري سگهي!
جيها سي تيها، مون مارو مڃئا،
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ ميها،
منهنجي آهَه
اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ ئي!
مارئيءَ جي ياد ملهائڻ سان اهو سبق حاصل
ڪرڻ گهرجي. مارئيءَ کي جيئن پنهنجي وطن سان پيار
هو، اهڙي ريت پاڻ کي پنهنجن سان محبت ۽ سڪ وڌائڻ
گهرجي. پلر جي پاڻيءَ کي سِڪ جي سُرڪيءَ سان پيئڻ
گهرجي!
ڏٿ جي ڏوئيءَ کي هڪ ٻئي سان ونڊي ورڇي
کائڻ گهرجي. عمر جي ڏاڍ کان ڊڄڻ نه گهرجي، نه لالچ
۾ اچي عمر جي پَٽ پٽيهرن تي هر کي لوئي ئي لڄائڻ
گهرجي!
ڦوڳن کي سڃاڻڻ گهرجي، جيئن اڳتي ڪوبه ڦوڳ
پيدا نه ٿئي. ڪوبه ڦوڳ عمر کي چوري، ماروئڙن کي
مامري ۾ وجهائڻ جي همت نه ڪري. ملير سدائين سائو
رهي!
”ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي سڀ مرن“
سنگهاريون سکيون هجن. ٻانهيون ۽ ٻايون، سايون ۽
رايون، کير مکڻ جون ماٽيون ولوڙينديون رهن. مارئي
جا ملڪي سُکيا ستابا هجن ۽ هميشه سکيا رهن!
اڄ مارئيءَ جا ملڪي ڏولائي هيٺ آهن. اسان
مسڪين ماروئڙن جي ڪا خاص مدد نه ڪري سگهيا آهيون:
پاند نه پَکي لڏجو، سدا جو پرياڻ،
ويا ڳڻن ساڻ“ ماروئڙا ٿر اُڪري. (شاهه)
مارو ماڳ نه هيڪڙي، اوڏانهين ڳوٺان،
جيڏانهن وسن مينهڙا، تيڏانهن سانگ سندان،
جي ميڙي رب ملان، نه ته وچان وڏو وچ پيو.
(شاهه)
نيٺ ته ٿر وسندو، پلر جي پالوٽ سان گسن تي گاهه
ٿيندا، بادل بس ئي نه ڪندو، مارئيءَ جو ملڪ سائو
ٿيندو، مارئي ۽ مارو ملڪ ورندا!
شاهه سائين فرمائي ٿو:
ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
ڪامڻ آنهنجي ڪُر جي، ايءَ آڏوڏائي آهه،
هِت م پاڙج هيڪڙي، پائر جي پساهه،
سَتي سيل نباهه، ملير ويندينءَ مارئي.
(شاهه)
سهسين سيبا ڪنجري، ليڙن سين لوئي،
مر نه لاهيان منهن جي، ٻيءَ ٻڙن تان ڌوئي،
جا مٿي ڏنم ماروئين، سا لاهيان ڪيئن لوئي،
عمر اگهوئي، مون من ماروئڙن ريءَ!
”ستيءَ جو سيل“ – بني سنگهه سوڍو، ننگر پارڪر
مارئي ملير ۾ ڄائي هئي. سونهن ڪنهن کي
ورثي ۾ ڪونه ملي آهي. چنڊ جهڙي سهڻي هئي، جيڪا هن
جي غلطي سمجهو يا خاصيت. سندس سنڱ کيت سان ڪيو ويو
هو. ڦوڳ جي ڦوڪن تي لڳي، عمر اُٺ تي چڙهي، عمر ڪوٽ
مان آيو ۽ ملير مان مارئيءَ کي کوهه تان پاڻي
ڀريندي زوري کڻي، اچي عمر ڪوٽ پهتو. هڪ شاعر چيو
آهي ته:
عمر آيو اوچتو، اوٺي ٿي ائين،
باز اچي ٿو
برمان، جهرڪي جهٽي جيئن،
مون کي وٺي تيئن،
عمر اُٺائي اُٺ تي!
ڪوٽن ۾ قيد ڪرڻ بعد مارئيءَ جي جيڪا حالت هئي سا
رب نه ڪنهن کي ڏيکاري! ويچاري بلبل وانگر بند ۾
قابو هئي. هن کان ڇنا ڇنائي، لوئي لهرائي، قيمتي
ڪپڙن پارائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي ويئي، پر ڪامياب
ڪانه ٿي. ويچاريءَ جا وار وٽجي، ڪپڙا ڦاٽي، فقيرن
وارو حال ٿي ويو هو. منهن ۾ اُداسي، دل ۾ درد،
سيني ۾ سور ۽ اکيون ڏرا ڏيئي وييون هيون. عمر جي
اُره زوراين، آزين نيزارين هوندي به پنهنجي
پنوهارن لاءِ پريت رکي سا تاريخ ۾ ڳولئي ملندي.
بيشڪ ستي، تو ست کي ست ڪري سمجهيو! عمر جا عطر
عنبير، پلنگ، پوش، پٿراڻيون، زر زيور، محل ماڙيون؛
کٿين، پکن ۽ پنوهارن جي مٽ مور نه سمجهائين ۽ هر
هر هيئن پي چيو ته لاک جي لوئي جيڪا اباڻن اوڍائي
۽ ملير مان مٿي تي ڪري آئي آهيان، سا عمر ڪوٽ ۾
اچي لاهيندي لڄ ٿي مران. ٻاٻاڻن جا ٻڪر چارينديس،
کٿيون پائينديس، سڱر سيڪي، مرٽ مهٽي، ڀرٽ ڀڃي،
کائينديس، پر تنهنجي بنگلن ۾ راڻي ٿي نه رهنديس!
هن سڀ لالچون، هڪ ست سلامت رکڻ لاءِ قربان ڪيون ۽
کٿي پائيندڙ کيت سان منهن نه موڙيائين. پنو هارن
کي منهن مٿي ڪري ڳالهائڻ جهڙو ڪيائين!
دنيا ۾ ستيون ۽ سورميون ته گهڻيون، پر
جيڪا ستي سر زمين ٿر ۾ ڀالوا جي ڀٽن ۽ اونهن کارن
پاڻين ۾ پيدا ٿي، اهڙي شايد ٻي ڪنهن هنڌ پيدا نه
ٿي هجي. سڄي شاهه جي رسالي جي سونهن اهو سرمارئي
بڻجي ٿو.
مارئيءَ کي عمر کان ايتري نفرت هوندي هئي،
جو هو سامهين منهن نهاريندي به ڪونه هئي. کاڌو
پيتو، زيور، عيش آرام جيڪي عمر ٿي آڇيا، سي سڀ
حرام ۽ سنگهارن تان قربان ڪري ڇڏيائين. اها ڳالهه
جهڙي تهڙي يا رواجي نه آهي، نڪو ڪو ظاهري ڏيک
ڏيکاءُ يا ڪوڙو قصو آهي. ويچاري مارئي ديش کان
دور، سنگهارن جا سور ۽ پنوهارن سان پريت، سيني ۾
سانڍي، اکين ۾ آب آڻي، ڌڻي در ٻانهون کڻي
ٻاڪاريندي هئي ته ”منهنجي آهه اِها، ڪڏهن
ڪيرائيندي ڪوٽ کي.“ نيٺ هڪ ڏينهن عمر کي ڪوٺائي
ائين چيائين:
واجهائي وطن کي، آءُ جي هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنوهارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏي.
هن بيت مان جيڪا محبت مارئيءَ کي ملير سان
هئي، سان به پڌري ٿئي ٿي ۽ ست ثابت رکڻ جي به پروڙ
پوي ٿي. مارئي مرڻ بعد به مڙه ملير ڏي موڪلڻ لاءِ
منتون ڪيون ۽ سيل جي ثابتي ڌڻيءَ جي درٻار، ڏينهن
قيامت ٿيندي ۽ سنگهارن جو شڪ پاڻهي دور ٿيندو پر
عمر کي پڪ ٿي ته مارئي مرندي ضرور پر لوئي لاهي،
پٽ پهري، پاڻ تي راڻي نالو نه رکائيندي ۽ آزاد ڪري
ڀيڻ سڏيائين!
مارئيءَ جي سچي قصي کي ثابت ڪرڻ ۾ ڪئين
دشواريون درپيش اچن ٿيون، مگر ايترو چوان ٿو ته
مارئي، ٿر ۾ پيدا ٿي هئي ۽ مال چاريندڙ قوم مان
هئي ۽ ست سلامت رکيو هئائين. ستي هئي، ان ڪري هر
ڪو چوي ته اسان وٽ پيدا ٿي هئي ۽ اسان منجهان ئي
هئي، ڪميڻي ٿئي ها ته ڪوبه ويجهو نه وڃي ها. آءُ
اها دعا ٿو ڪريان ته شل خدا ڪري، اسان جي ملڪ ۾
اهڙيون ستيون پيدا ٿينديون رهن! دنيا جو تختو
ڪڏهين به ستين کان خالي نه رهيو آهي. پر مارئي ئي
خدا موڪلي هئي ته معاشري لاءِ هڪ مثال قائم ڪري
ڏيکاري. انهي مثال کي شاعرن اديبن نوان رنگ ۽ روپ
ڏيئي جيئرو رکيو آهي، خاص ڪري شاعرن جي سرتاج شاهه
لطيف ته مارئيءَ جي ساراهه ڪندي ٿڪجي ئي نه ٿو:
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، ٻارڻ جن جو ٻوهه،
وٺا مينهن ملير ۾، ٽهڪي نڪتا ٽوهه
رات به منهنجي روح، سڄڻ پنهنجا ساريا.
”مارئي ۽ حب وطن“ – رائچند چيلهار
سڀ کان اول اهو عرض رکڻ ضروري ٿو سمجهان
ته اڄ اسين جنهن هنڌ اچي گڏ ٿيا آهيون، سا اِها
پاڪ ۽ مُقدس جاءِ آهي، جتي اسان جي ٿر جي سدا
سهڻي، من موهڻي، نماڻي نينگر مارئي پيدا ٿي هئي؛
جنهن ساڻيهه جي سڪ ۾ ظلم، ستم، جبر، ڏاڍ ۽ مصيبتن
جو مقابلو ڪري، اسان جو نالو بلند ڪيو ۽ انهيءَ
ڪري اڄ اسان کي ان تي فخر ۽ ناز آهي ۽ اسين پنهنجو
ڳاٽ اوچو ڪري سگهون ٿا!
وطن! ڪهڙو نه روح ريجهائيندڙ ۽ دل کي
سُرور ڏيندڙ پيارو نالو آهي. ساڻيهه لاءِ سڪ،
مائٽن لاءِ محبت، عزيزن لاءِ اُڪير، هر ڪنهن انسان
کي فطرتاً هوندي آهي. حُبَ الوطن مِنَ الايمانَ.
وطن جي حب ايمان جي نشاني آهي!
جنهن هنڌ انسان جنم وٺي، پلجي وڏو ٿئي ٿو،
اهو سندس وطن آهي. جنهن جي ذري ذري سان سندس پيوند
ٿيو وڃي، جو حياتي تائين قائم رهي ٿو، جنهن کي
پوءِ وساري نٿو سگهجي!
ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:
ميهه موران بن ڪونجران، اُنٻا رس سوئان،
ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان.
وطن ڪهڙو به سڃو، رڻ پٽ، ارڇو، اڻانگو ۽ ڏکيو هجي،
ته به سڀ ڪنهن کي اهو پيارو آهي. ان کي انسان ڪيئن
چئبو، جنهن کي وطن لاءِ محبت نه هجي. شاهه صاحب به
چيو آهي ته:
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!
انسان ته ڇڏيو، پر جانورن، اُٺن، ڍڳين، ٻڪرين، بلڪ
ڪُتن ۾ به حب الوطني جو ڳڻ آهي. ڪيترا اهڙا مثال
آهن، جو مال رُلي وڃي يا چور ڪاهي وڃن، يا ٻئي هنڌ
ڪٿي وڪڻي ڇڏجي ۽ اهو ڪيترو به پري هجي ته به ڪڏهين
ڪڏهين اهو به ساڻيهه جي سڪ جي ڪري اصلوڪن مالڪن وٽ
اچي ويندو آهي!
اسان جي ٿر ڄائي ستياوان، سپاتر، سچار ۽
سلڇڻي، ملير جي مسڪين ماروئڙن جي مارئي؛ انساني
عظمت، ايثار ۽ غيرت جو غير فاني شاهڪار هئي. هو
جيتوڻيڪ هُئي ڌنار جي ڌيءَ، ڍٽ جي ڍاٽياڻي، ۽ ٿر
جي ٿاريلي، پر سندس حسن جي هاڪ چَوڏس چوڌار پکڙجي
ويئي هئي.
پکي ۾ پدمڻي، ڪر ڏئي وراڪا وڄ،
جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي!
ڦوڳ جي واتان، عمر ڪوٽ جو حاڪم عمر سومرو
سندس سونهن جي ساراهه ٻڌي، مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي،
ويس بدلائي، چانگي تي چڙهي روانو ٿيو، ۽ اچي ملير
پهتو. ٿر ۾ رواج آهي ته زالون پوئين رات جو ساجهر
اٿي، کوهه تان پاڻي ڀرينديون آهن. هيءَ به ويچاري
سهيلين ۽ سرتين سان گڏ کوهه تي پاڻي ڀرڻ آئي ته
ڦوڳ جي اشاري تي عمر پاڻي پيارڻ جو بهانو ڪري،
ويجهو اچڻ تي کيس کنڀي، کڻي اُٺ تي اُٺائي ۽ آڙي
هڻي اٿاري، مَيَي جون مُهارون وطن ڏي واريون.
ويچاري ابهم ۽ اٻلا، ڪيهون ۽ ڪيڪاٽ، ٻاڏائڻ ۽
ٻاڪارڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي. عمر آڻي کيس
ڪوٽ ۾ قابو ڪيو، ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ته ههڙي امل
ماڻڪ ۽ حسين حور کي پٽ راڻي بنائيندس. زالون اڪثر
محلات ماڙين، ڪپڙن لٽن، ڳهه ڳٽن، هارسينگار، کاڌ
خوراڪ ۽ عمدن طعامن تي هر کجي وينديون آهن؛ هي ته
ٻهراڙي جي ٻڪرارِ غريب ڳوٺاڻي نينگر آهي، تنهن کي
اجهو ٿو پنهنجو ڪري وٺان، سو کيس خوشامدون ڪري،
لالچائڻ لڳو ته مارئي، هاڻي جهنگ ۾ رهندڙ جهانگين
جا خيال کڻي ڇڏ. هتي محلات ۾ مهاراڻي ٿي موجون
ماڻ!
در دروازا دريون، هاڻي هتي هوءِ،
ڪوڙين اڏايان
ڪيترا، تنبوُ مٿان توءِ،
جي مل نه آيا مارئي، تنين رَڙ مَ روءِ،
ڪوڪٽ آهي هوءِ، پسي پنهوارن ۾!
مگر مارئي، جنهن کي نه رڳو ماروئڙن ۽
ملير، پر ملڪ جي ذري ذري يعني ڀٽن ۽ ڀاڻن، واڙن ۽
وٿاڻن، پنهوارن ۽ ڳنوارن، ڌڻ ۽ ڌنارن، جهڻ ۽
جهانگيئڙن، سرتين ۽ سهيلين، لاکيڻي لوئي، ننگ ۽
ناموس سان، جا بي پناهه محبت هئي؛ سا سونن مينن،
هيرن جواهرن، ماڻڪ موتين، کاڌ خوراڪن، پٽ پٽيهرن،
محل ماڙين، جهومڪ ۽ جهوڙن تي ڪٿي ٿي روح ريجهائي ۽
کيس ڪوٽن ۾ ڪٿان ٿو قرار اچي.
عمر پنهنجن محلاتن کي خوب سينگاريو. رهڻ
لاءِ عاليشان ڪمرو ڏنائين. بخمل، ڪيمخاب، زري
زربفت، پٽ پٽيهر ۽ ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا قيمتي
ڪپڙا کڻي آيو ۽ چيائين ته تون هاڻي محلاتن جي
مهمان آهن. پکن ۽ جهوپڙين جو خيال دل تان لاهي
مسڪين ماروئڙن کي وساري ڇڏ. تون حسن جي حور، تو
لاءِ هي عمدا ويس آندا اٿم، جي پاءِ ۽ اها کُٿل
کٿي لاهي ڇڏ. اها توکي ٺهي نٿي. تڏهين مارئي جواب
ٿي ڏئي ته:
پٽ پٽولا پنو هاريون، مور نه مٿي ڪن،
جه لاک رتائون لوئيون، ته سالنئان سونهن،
ان ايلاچئون اڳري، بخمل بافتن،
سکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کهنبن،
جا ڏنم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.
عمر کيس منت ٿو ڪري ته مارئي! توکي ڌڻي
محلاتن جي سينگار لاءِ پيدا ڪيو آهي. آءٌ توکي پٽ
راڻي بنائيندس ۽ ساري عمر تنهنجو غلام ٿي رهندس.
اجائي هوڏ تان هٿ کڻ. مارئي کيس جواب ٿي ڏئي ته:
پٽ نه پهريان سومرا، جانڪي ٿي جيئان،
آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان؛
جانسين ٿي
جيئان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو!
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت؛
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان!
مارئيءَ جي استقامت ۽ وطن جي حب لاءِ لطيف فرمائي
ٿو:
جي لوڻ لڱين لائيين، چيري چيري چم،
مون ڪُر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم؛
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين!
عمر جي ڪوٽ ۾ مارئيءَ کي ڪافي وقت گذري
ويو. مٿان واهوندا وريا، مينهن جي موسم آئي، آسمان
۾ ڪڪرن ڪارونڀار ڪئي، وڄڙيون وسڻ جا ويس ڪري چوڌر
چمڪڻ لڳيون، گوڙن گوندر لايا، ۽ رهي رهي تاڙي جي
تنوار ٻڌڻ ۾ پئي آئي. اهڙي سهامڻي سي ۾ هن
باندياڻيءَ کي پنهنجو ملڪ ياد آيو ۽ اڳيون سمو ياد
ڪري، سندس دل ڀرجي آئي ۽ چوي ٿي ته:
ٿر وٺو ٿاڌل ٿي، وٺا مينهن چڙا،
پوڃاڙي جو پٽن تي، چينگهارين ڇڙا؛
قادر کول ڪڙا، ته ملان مارو ڄام سين!
مارئي کي ڪافي وقت ٿي ويو، ويچاري جهوراڻي
۾ جهجي، ڳري ڪنڊا ٿي ويئي پنهوارن جي پچار، هر هر
هينئين ۾ هري رهي هئي!
لطيف فرمائي ٿو:
واجهائي وطن کي، جي آءُ هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس؛
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!
ڪيڏي نه سانگين لاءِ سڪ، اباڻن لاءِ
اُڪير، مارن لاءِ محبت ۽ پنهوارن لاءِ پريت اٿس،
جو پڇاڙيءَ جو پنهنجي پنڊي لاءِ پارت ٿي ڪري ته
منهنجي مئي پڄاڻا منهنجو مڙهه به ملير موڪلجو!
مارئيءَ جو ڪردار امر آهي. سندس ان ڪردار
کي شاعرن مثالي سمجهي پيش ڪيو آهي ۽ هن طرح تحسين
ڪئي آهي:
جنهن ستي ست نه ڇڏيو، سا مارئي مرڄائي،
انهي عمر ڪوٽ ۾، لڄ نه لڄائي؛
جا سانگين سڏائي، سا مور نه مرڪي ماڙئين!
”مارئي ۽
ملير“ – موهن لال سروپچند ”ناز“، ننگر پارڪر
ٿر جي ٿوهرائين ڌرتي ۽ ڀٽن جي ڀرن ۾ لڪل
لوڪ ادب جي ڪمي، جستجو ڪندڙ جوانن لاءِ اڄ به ڪانه
آهي. اهو به برابر آهي ته ڪنهن به خطي يا قوم جي
زندگي، ساهتيه ۽ ادب جي جُز کان سواءِ بلڪل بيڪار
۽ لا حاصل آهي.
لاکيڻي لعل لطيف رحه جي ساراهيل سورمين
مان، سَتِي مارئيءَ جو مقام بيشڪ برتر ثابت، آهي.
سوُنهن ۾ مثل ششي ڳڻن جي گهواري مارن مان ڄاول
مارئي، جنهن جي سَهَنَ شڪتي ست ۽ سيل جي هٻڪار ۽
واس، ٿر جي ٿاڻن، ڪنڊن ڪرڙن ۽ ڦُلاريل ڦوڳن مان اڄ
به اچي رهي آهي.
هن کان اڳ ڪيترن محقق اديبن، سوچ ۽ ويچار
کان پوءِ ڪي نتيجا اخذ ڪندي، مارئيءَ جي ملڪ ۽ جنم
ڀومي بنسبت رايا قائم ڪري، ٿر ۽ ٿر واسين تي ٿورا
۽ وڙ ڪيا آهن. انهن آکاڻين ۽ خوش فهم خيالي
وارتائن تي سنڌ جا سوين سپوت ماڳهين متفق نه آهن.
عصمت ۽ عفت جي ديوي ۽ پتورتا پتني مارئيءَ
جو ملير، ملير جا مارو ۽ ڪوڏيلي ڪامڻيءَ جو ڪانڌ
ڪير هئا، انهي بنسبت آءٌ مقامي مادري زبان جا ڪجهه
ڪَوَت ۽ دُوهرا دهرائيندس ۽ انهن جو سرڳواسي ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي سنواريل شاهه جي رسالي جي ڪن بيتن
سان موازنو ڪندس.
اهو ظاهر آهي ته ڀٽائي گهوٽ جي پڌري ثابتي
۽ شاهديءَ کان سواءِ، ٻي ڪابه ٻولي هن منجهيل
مسئلي تي شايد سولي نموني سنوار ۽ سهڪار نه به ڪري
سگهي.
سنڌي شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف رحمته الله
عليه پنهنجي ڪلاونت ڪلام ۾ سرمارئي جي فصل ۾
ڪيترائي ٿري لفظ ’لووڙياري‘ ’گاڏيليون‘، ’مينڍا‘،
’ڌٻر‘، ’ڏيهاءِ‘، ’سَسا‘، ’ڦوڳ‘ ۽ ’تُن‘ وغيره
گهڻو ڪم آندا آهن ۽ اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ذرا به ضرورت
ڪانه ٿيندي ته اهي لفظ ڪي مارئي جي مارن ۽ ڪڙم ۾
ڪم ايندڙ ڪو نه هوندا. سموري ’کائڙ‘ ۽ ’پائر‘،
’ٿر‘، ۽ ’پارڪر‘، ’ڍٽ‘، ۽ ’وٽ‘ جو سانتيڪو سير ڪيو
وڃي ۽ انهيءَ ايراضي ۾ قيام پذير هر هڪ قوم ۽ ذات
جي ٻولين ۽ محاورن جو باريڪ بينيءَ سان مطالع ڪيو
وڃي، ۽ انفرادي نقطه نگاهه کان چڪاس ڪئي وڃي ته
منهنجي خيال ۾ هڪ انوکي ۽ عجيب قبيلي کان سواءِ،
سڳوري شاهه صاحب جا ڪم آندل محاورا ۽ الفاظ، ٻيءَ
ڪنهن به قوم يا ذات سان نٿا ٺهڪن ۽ مزي جي ڳالهه
اها آهي جو اڄ تائين انهيءَ قبيلي جو خاص ۽ واحد
وسيلو يا پڪو پيشو ’گاڏيليون ۽ پُهون وارڻ‘، ’چارڻ
۽ پيارڻ‘ آهي، ۽ اهي ئي انهيءَ مِٺڙي مال جي سانگ
سان جهر جهنگ، ويڙهه ۽ پوٺا، پائرُ ۽ کائڙ ڍاٻا
ڍاريندا رمندا رهندا آهن.
افسوس جو اظهار آهي جو الائجي ڇو اديبن ۽
عالمن مان، ڪنهن به اڳتي قدم ڪونه وڌايو آهي ۽ جي
ڪن سالڪن سَليو ته اهو به اڌورو ۽ لاحاصل!
حاصل مطلب ته:
جڏهن برهه جي بيمار، سومري سردار، البيلي
عمر، ملير جي مرڪ، ٿاريلين جي نڪ، ميراڏيءَ جي
ڄائي ۽ پالڻي نپائي، ملوڪ مارئيءَ کي اٺ تي اٺائي،
عمرڪوٽ جي ڪال ڪوٺڙين ۾ سوين سختيون ڏنيون ۽
پنهنجي هوس جي شڪار بنائڻ لاءِ ڀنڀلايو. ان وقت
سيل ۽ ستيا جي پوري پيڪر، ٿاريليءَ، سومري سردار
کي ٻاڏائيندي هيئن ٻڌايو ته:
چيري چولي چانٻڙي، ڏلي ڀراوي لوُڻ،
ڪايا او ڪالي ڪارمي، اونٺون ني دي جوُڻ،
کيتل سريکو ڪوڻ، ساچو وَرَ مين سومرا.
چوي ٿي ته: ”چم لهرائين يا چيري لوُڻ ڀرائين.
منهنجو بدن ڪاڙهائي اٺن کي اهو رس پيارين ته به
وسوارو آهين، پر منهنجي من ۾ هڪ مارو کيت آهي جو
ئي سچو ور سمجهان ٿي.“
شاهه صاحب جي رسالي ۾ به هڪ بيت ساڳئي
نموني جو آيل آهي:
جي لوڻ لڱين لائيين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنو هارسين!
ڪن روايتن موجب، ستي مارئي کي جڏهن عمر
انيڪ ايذاءُ ڏيندي، زنجيرن ۾ جڪڙي، سوگهو ٻڌي قابو
ڪيو هوندو، انوقت ناسگهه ناتر چلائيندي چيو:
گجويلي گيمار، نور نکاوي سومرا،
ڏومڻ ٻانڌل نيهه رو، مورک را سردار،
ڏيهاءِ ڏيکون دوار، پيلي ڪرون پڌرومڻي.
”اي مورکن جا سردار عمر! تون ڪيترائي رُڪ جا جنجير
کڻي جڪڙين ۽ ستاءِ پر منهنجي من ۾ ماروءَ جي محبت
جو آٽوٽ ٻنڌن پيل آهي. شل مان ڏيهاءِ ڏسان ۽
خوشيون ڪريان.“
شاهه صاحب به سندس بي مثال بيتن ۾ هوبهو
معنيٰ وارا بيت ونڌيا آهن. چي:
نيئر نه لهي نِينهه جو، لوهه جا لهي ويا،
مارن ڌاران ماڙِئين، ڏُهلا ڏينهن ٿيا،
ڏيهي ڏور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪِن کي.
سڪ جي سوريل، ڏکن ڏاريل، وجوگڻ مارئيءَ کي
عمر جا آڇيل کاڌا، بخمل بافتا ۽ ريشمي رَئا اصل
ڪونه ٿي وڻيا. ويڳاڻي ونيتا دام ۾ ڦاٿل بلبل وانگر
بي اختيار ٿي نياز ۽ نئڙت سان سمجهائي:
ڦاٽي لووڙ ڀات، سو سو سيوا ڪاپڙي،
جوءِ مرڪسي
ماري مات، کيتل ور کمڪارسي.
اي قهري حاڪم: ”منهنجي لوئيءَ ۾ ڪيترائي
ٽُنگ ٿي پيا آهن ۽ ڪنَجري ۾ به سؤ سؤ بکيا ۽ چتيون
لڳايون اٿم. جي واپس وطن وري ويس ته منهنجي ماءُ
خوش ٿيندي ۽ مُرڪي اوچي ڳاٽ هلندي. من جو ماڻينگر
کيت به خوشيءَ سان گلي ملي ڳراٽڙيون ڏيندو.“
ڀٽ جي گهوٽ به انهيءَ ئي لَڙيءَ ۽ طرز ۾
چنگ چوريو آهي. فرمايو اٿن:
”سهسين سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن،
ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن،
مارو مانَ چوُنَ، هُئي اسانِهين آسري!
ماڙيءَ تي ملول ويٺل مارئي، ملير جي مُهاڙ
ويندڙ پانڌيءَ کي شايد پِرين پار ويندو سمجهي، رڙ
ڪري روئي هيئن چوي ٿي:
پنٿي ويرا وينووُن، ڪر جو وات گَهري،
ميهه جَم رووي مارئي، ويلي وارَ ڪري،
مين رويا گڍَ ڀري، خبر ليجي کيتسي.
”اي واٽهڙو ويرا، جي ملير طرف ويندڙ هجين ته وڃي
ٻُڌائجانءِ. توهان جي ولر وڇڙيل ڪُونجڙي فراق ۾
روئي روئي، برساتي بوندن وانگر عمر ڪوٽ جا ڪوٽ
ڀريا آهن. مون مُٺيءَ جي مدد ۽ جلد واهر لاءِ اچي
پهچو ۽ کيتسي! تون ڪا خبر لهه.“
ڪامڻ گاري ڪويءَ لعل لطيف رحه به اهڙوئي بيت ڏنو
آهي.
پانڌي پرين پنهوار سين، روئي ڪج رهاڻ،
جيئن ٿَر وِڄُون آٺيوُن، تيئن آءٌ سورن ساڻ،
ڪِجاهه ڪاوراڻ، ڏُکن ڏيل ڏَهِيوُن ڪيو!
رات ڏينهن رڙندي ۽ پُورن ۾ پچندي مارئي عمر کي چوي
ٿي:
راتا ڍَٻَڪا ڍولتِي، ملير ڏس ني جوءِ،
سيج تَميڻي سومرا، وَهمي مُون ني ووءِ،
ور کونتيلو کينتي، دُوجو نه ڏيکُون ڪوءِ،
تَن ڪوٽڙئي توءِ، من ۾ مارو وسي رهيو.
”اي عمر! مان ملير سامهون نهاريان پيئي ۽
پيارن جي جُدائيءَ ۽ ڦوڙائي ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙي
رهي آهيان. تنهنجي ڇپر – کٽ تي سمهڻ جو خيال به
منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏوهلو آهي. تو منهنجو جُسو جڪڙي
قابو ڪيو پر منهنجي من ۾ مارو کيت هر وقت هلچل
مچائي رمي رهيو آهي. پوءِ ڇو آءُ ٻئي مرد جو تصور
ٿي ڪريان.“
ڀٽائي گهوٽ ساڳيءَ ۽ هو بهو معنيٰ وارو
بيت هيئن پُويو آهي. چي:
ڪريو مُهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي جوءِ،
سهج سُوري ڀانئيان، سومرا سنڌوء،
مِلڪ ماروءَ جي آهيان، جور نه ٿيان جوءِ
سو قلب ڪوٽ نهَ هوءِ، جو هُتيجَنِ هٿ ڪيو.
سرمارئيءَ ۾ شاهه صاحب’ڏيهاءِ‘ لفظ گهڻين جاين تي
ڪم آندو آهي، جنهن جي معنيٰ ’ڏيهي‘ يا ’ملڪي‘ ڪئي
ويندي آهي. پر ٿرپارڪر علائقي ۾ لفظ’ڏيهاءِ‘،
”رَٻارِي“ ذات لاءِ اسم خاص طور ڪم ايندڙ آهي.
گُمان غالب آهي ته لاکيڻي شاهه لطيف اهو لفظ
انهيءَ ئي مراد سان ڪم آندو هجي.
ديسي دوهرو به آهي ته:
ماري منَ مارو وهي، نهين ڪرون و پريت،
ڏوهلي ڏيهايون تڻي، نات رَٻاري ريت،
پُوري پالوَا پريت، رودنَ ڪرتي راتيئي.
اي عمر: ”منهنجي من ۾ ماروءَ ئي وَسي رهيو آهي.
مان هن جي پريت کي پاڙينديس. آءٌ اهڙو ڪميڻو
ڪرتُوت اصل ڪانه ڪنديس، جو انهن رٻارين مارُن جي
نيات جا رسم و رواج ڏاڍا ڏکيا آهن. آءٌ راتين جون
راتيون رُئندي ڪاٽيان ٿي.“
رسالي ۾ به هڪ بيت آيو آهي جيئن ته:
ڪنهن تڙ ڏيهاءِ، ڪٿي اُٺن مينهڙا،
مون وٽ مون پرين جي، ويهي ڪروائي،
آءُ اڳ ڍائي، سنيهو سُڻي جيِان.
ميين شاهه عنِات پنهنجي ڪلام ۾، رٻاري لفظ سُر
مارئيءَ جي باب ۾ ڪم آندو آهي:
رات رٻاري آئيو، اُٺي جو اوٺي،
تليون سڀ تار تيون، سڀ جوءِ سڻوٺي،
کوءِ ڪانا ۽ ڪوٺِي، لڱئون لوهه لهي پيا!
ساڳئي مطلب وارو مڪاني مادري ٻوليءَ ۾ دوهرو هن
ريت آهي:
راتي رٻاري آويا، ووٺا ڪالوڙا ميههَ،
ٽوڀَڙِ يا تٻو تار ٿيا، ڀُونءِ ڀيج ڪريههَ،
ٿر ڏاڏ وڻو ڏيهه، سمڀري مُوني سومرا.
مارئي جي ملير ۽ ماروئڙن جي ماڳ بابت به هڪ سورٺو
هٿ آيو آهي:
نجَري ٿر نر ڪي رهِي، سومون ڏيسي ڍاٽ،
پارڪر پينڏو گهڻو، وچ ۾ مارو رهواس،
پونچي ڏَن پوچي ٻَڌا، هُن پَل ۾ کيتل پاس.
مارئي عمر کي ٻُڌائي ٿي ته” آءٌ نظرن سان ٿر ۽ ڍٽ
ڏسي رهي آهيان، پارڪر جو هتان پنڌ پري ٿيو. ٿر ۽
پارڪر خِطَن جي وچ ۾ پنهنجي مارُن جي رهائش آهي.
هونئن ته هر ڪو پانڌي پنجين ڏينهن پهچندو آهي، پر
جي منهنجو بند ڪاٽي بِدا ڏيِن ته هڪ پل ۾ پياري
کيت کي وڃي پَسان!“
ميين شاهه عنات به سنڌي ڪلام سُرود مارئيءَ۾،
مارئيءَ جي وطن جو تعين هيئن ڪيو آهي.
اوريون ٿر اوري، تِنهان پريُون پارڪر،
وِهن ويڙهيچا وچ ۾، ساٺيڪا سوري،
ڪير تڙيندو تن کي، تَڙن تان توري،
بخش ٿئي برين کي، ته اچن ٽِڪاڻي ٽوري،
اُنيءَ سين اوري، گڏ گُذاريان ڏينهڙا!
شاهه لطيف، مارئيءَ جي پَت واري پوتيءَ کي ’ڌٻر‘
ڪوٺيو آهي. چوي ٿو:
بالله آهيان بند ۾، ڌُئان ٿي ڌٻر،
ويڻ وراڻي ناهه ڪا، سومرا سَٻر،
ميان مهرباني ڪَرئِين، اِلاهِي عُمر،
ويڙهه پسان سو وَر، جيڏانهن عالم آسرو!
واضح هجي ته هو بهو مقامي دوهرو موجود آهي، جنهن ۾
’ڌٻر‘، ’سٻڙا‘ ’مينڍا‘ جا امُلهه لفظ ائين آيل آهن
جو پڪ ٿي ٿئي ته سٻاجهو شاهه هن جُوءِ ۾ ڪافي وقت
رهيو هوندو ۽ هن خِطي جي ڳوڙهي آڀياس ڪندي، ٻوليءَ
۽ خاص محاورن ۾ عُبور حاصل ڪيو هوندائين.
ڌاٻر ڦاٽي ڌار، مينڍ لئي ميل گهڻو،
ماڏو ڇُوٽو والمو، ڪِيڌي ڪَوَٽ ڪار،
ماتا ميرانڏي ني، همير ڏيڌل هار،
سٻڙا سُرَت سنڀار، تَنَ سُوياڻي سنڀڙ وسي.
معنيٰ ٿيندي ته: ”منهنجي اوڍاڻي ڦاٽڻ تي
آئي آهي. مٿي ۾ چيڙه ۽ ميل به گهڻو ئي آهي. آءٌ ڇا
ڪريان؟ نٻڙي نار آهيان. تو ڏاڍو ڪوجهو ڪم ڪيو ۽
منهنجو بالم مون کان زوريءَ جدا ۽ ڌار ڪري وڌو.
تون جابر ۽ سٻڙ حاڪم آهين، سُرت ڪر ۽ وڃي پنهنجي
دائي امان کان پڇا ڪر ته ڪو همير منهنجي ماءُ
ميرانڏيءَ کي نشاني طور هار ڏنو هو؟“
هن ڏوٿيئڙن جي ڏيهه ۾ اڄوڪي مارئي جي ميلي
۾ شرڪت ڪندڙ شاعرن، سگهڙن ۽ اديبن لاءِ سوچڻ ۽
سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جو سهانو سَمو آهي. مارئيءَ
جي خاندان ۽ ونس بابت اگرچ ڌار ڌار راوين جا مختلف
رايا آهن؛ تنهن هوندي به سر ٽوڙ ڪاوش کان پوءِ،
چند حقائق هٿ ڪري سگهيو آهيان، ۽ سمورو فيصلو فاضل
۽ عالم طبقي تي ڇڏيان ٿو ته هو صاحب متفق مَنَتَوَ
ظاهر ڪن.
جَڏَ همِير هيڪل پنٿيو، روجهونَ پاڙڻ تراس،
ميرانڏي جيِواڙيو، همير مونگل هاٿ،
نونني پالڻ پاس، سومڀر جئِي ني سومرا.
مطلب آهي ته: ”جڏهن همير اڪيلي سر روجهن
جي شڪار تي پنڌ پيو هو، تڏهن کيس ميرانڏي ڪنهن
حيلي موت کان بچايو يا موزون معالجو ڪيو. پوءِ
همير ميرانڏيءَ جي ٻانهن گهُري ۽ پرڻيو. انهيءَ
حقيقت بابت ناني پالڻ کان پُڇڻو هجيئي ته وڃي
پُڇ.“ منهنجي راءِ ۽ خيال ۾ ۽ جيئن مون ٻڌو آهي،
سومرو همير اڪيلوئي روجهن جي شڪار تي چڙهيو ٿو
ڀانئجي. تهه سياري جي مُند ۾ هو ملير ۾ آيو هوندو.
روايت آهي ته: سرديءَ ۾ ٺٺرجي ڏيهاين جي
ڏيري، مارُن جي ماڳ ۾ مس پهتو ته بي وس ۽ بيهوش ٿي
ويو هو. ميرانڏي پنهنجو سِيل ۽ ست بچائيندي سندس
پرگهور ڪئي ۽ سرجيت بنايو. پوءِ همير، پالڻي کان
ميرانڏيءَ جي ٻانهن گهُري ۽ ساڻس گانڌروَ لگن ڪيو
۽ چند ڏهاڙا گڏ گذاري، پوءِ هو واپس عمر ڪوٽ ويو ۽
وري اچي مانَ تو مانَ سان ميرانڏيءَ کي وٺي وڃڻ جا
واعدا ڪيائين ۽ نشانيءَ طور شاهي هار به عطا
ڪيائين.
اسان وٽ ٻي به روايت آهي ته: مارُن قبيلو
ميرانڏي سميت، مال سانگي جڏهن عمر ڪوٽ جي
پسگردائيءَ ۾ پهتو، تڏهن ڪي سرڪاري سپاهي اهڙي
ڪنهن مائيءَ جي ڳولا ۾ نڪتا، جنهن جو تندرست ٻار
هجي ۽ اُها مائي عمر کي ٿڃ ڌارائي پرورش ڪري.
سپاهين ميرانڏيءَ کي هٿ ڪري شاهي محل ۾ پهچايو ۽
هُن عمر کي مارئيءَ سان گڏ کير پياري وڏو ڪيو. عمر
جي ماءُ دائم المريض هئي ۽ همير سومرو وفات ڪري
چڪو هو. ميرانڏي به پاڻ ظاهر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو
۽ ڪجهه وقت رهي، مُسند موٽڻ تي وسڪاري وري وَٿاڻن
آئي.
هڪ دوهڙي ۾ چيل آهي ته:
هيڪي ٻاپي ٻيٽڙي، وَهاوي نياڻي نير،
کيت سنگا ٿي کيلوا، پُوجون گوڙي پير،
عوُنمر مارا وير، تني ماڙيچو مناوسي.
مارئي چيو اٿس ته” آءٌ ۽ تون هڪ ئي ٻاپ جو
اولاد آهيون اي عمر! توکي ڪا ڪهل به ڪانه ٿي اچي.
آءٌ کيت سان گڏجڻ لاءِ گوڙيءَ جي پيرن کي پوڄيان
پيئي. اي منهنجا ڀاءُ، شل تنهنجي مَت وري، تون
منهنجي حُجت قبول ڪرين. توکي ماڙيچو عرف گوڙيچو
مڃائي. مارئيءَ جي پير پوڄڻ بنسبت شاهه صاحب به
ذڪر ڪيو آهي. فرمايو اٿن:
چُرن چڻڪن چِت ۾، سدا منجهه سرير،
لڏي ڪنهن لوءِ ويا، مارو منجهان ملير،
ويٺي پوُڄيان پير، مانَ مِلنَم ڪڏهين.
اهو ڪهڙو پير، تِنهن بابت شاهه صاحب به
ظاهري ذڪر ڪونه ڪيو آهي.
پر اها حقيقت صاف ظاهر آهي ته ڀالوا کان
پنجن – ڇهن ميلن تي، مشهور ’گوڙي جو مندر‘ آهي،
جنهن ۾ ان سمي وڏا وڏا آدرشي سَنت ۽ ست پرش رهندا
هئا، جن جو وڏو پير پارسناٿ هو، جنهن کي پوڄيندا
هئا. مارئي ان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لطيف فقط پير
ڪوٺيو آهي. هڪ وڏي ڳالهه اڌوچ اٽڪيل آهي- ڪي سڄڻ
مارئيءَ جو ملير، ’کائر‘ ۾ ته ڪي داناءُ وري
’پائر‘ جي پوٺن ۾ هجڻ لاءِ هزارين حجتون رکندا اچن
ٿا، پر ڪوبه مؤرخ يا مصنف اهو ماڳ ماڳهين نٿو
ٻڌائي. ٻنهيءَ طرفن جي مشتاق ماروئڙن جي ماندگي ۽
بيچيني، شايد هنن دوهرن کي دل سان هنڊائڻ بعد دور
ٿي وڃي ته شڪ نه آهي.
ڍريءَ اوڪوڻو ڍاٽ، پارڪر پلاريو،
کاوڙ پاور کونڀيو، رتڻون واري رات؛
ويجليئي ڀلڪاٽ، ملير ماٿي مونڏيا.
پوتا پاور ڏيهه، گاڏر ٻاڪر گوٺيا،
ڍاٻا جئي ني ڍاريا، سَمڀري ساٿ سنيهه؛
لووڙيارَو ويهه، سالي موُني سومرا.
کاوڙ ۾ کميا نهين، پوتا پاور ڏيهه،
وريا ويري جهونپ ٿي، والا ام وديهه؛
جڏ جاڏا ووٺا ميهه، ڀالا واو ڀيرا ٿيا.
حاصل مطلب ته: مارئي عمر کي سندي سانگين جي
مشغولين بابت ٻڌائي، پنهنجي دل وندرائيندي ٿي رهي
ته: ”آڄ مينهن ڍٽ وسي هيٺ پارڪر وسيو ۽ اتي جا
پوٺا پسايا اٿس. ڪي کوڻيون کاوڙ ۽ پائر تي ٽِڪ
ٻڌيو بيٺيون آهن ۽ رتڻون واري ۽ ملير تي رات
کِوڻين ڏاڍي چمڪاٽ لاٿي هئي!“
ٻئي بيت جي معنيٰ هي ٿيندي ته: ”اهي مارو
گاڏرون (رڍون) ۽ ٻڪريون وٺي پائر وڃي منزل انداز
ٿيا هوندا. اي عمر، مون کي اهي کٿيئرا ۽ لويون
پائيندڙ لوڪ هاڻ ڏاڍو ياد ٿا اچن!“
ٽئين دوهري ۾، مارئي چوي ٿي ته: ”اي
سومرا، منهنجا مارو نڪي ’کاوڙ‘ ۾ ترسيا هوندا ۽
نڪي ٻئي ڪنهن هنڌ. جي ’پائر‘ ۾ هوندا ته به ويري
جهونپ کان به واپس ورندا، ڇاڪاڻ جو دل گهريا مينهن
وٺا آهن.هاڻي سڀ سانگي ’ڀالاواو‘ ۾ ڀيڙا ويٺا
هوندا.
غالباً ’رتڻون واريءَ‘ مان مراد اڄوڪي
’رتنياري‘، ’ڀالاواو‘ مان مراد اڄوڪو ’ڀالواهه‘ ۽
’ويري جهونپ‘ مان ’ويڙهي جهپ‘ (تعلقي ڏيپلي) هجي
ته شڪ نه آهي. ٻئي هڪ ديسي دوهري ۾ مارئيءَ جي ذات
جو ذڪر آيل آهي. چي:
امي رٻاري جات، ٻيٽي ٻيجو نَوَ ڪري،
ڦوڳي ڦاٽل ڍول ٿئي، ويري وڌاوي واتَ،
ايني لمڻي لاگي لات، همير پُوتر سومرا.
مارئي عمر کي ٻڌائي ٿي ته: ”اسان رٻارين
جي ذات واريون ڌيئرونَ وَر وَر، ور اصل ڪونه ڪيون.
ڦوڳ دشمني ڪئي ۽ ايتري ڳالهه وڌايائين، شل کيس
لؤنڻي لت لڳي!“
ماڙيءَ تي ويٺل مارئي، وطن ۽ ويڙهه
سنڀاري، عمر کي التجا ڪندي چوي ٿي:
ميڙي ٻاڌي مارئي، ڍلتون ڏيسي ڍاٽ،
ٿورو ٿر نجري پڙي- پرو پارڪر پرکات؛
رتڻون واري رات، من ڀلو لاڳي ڀالاواو.
ليڄڙ کيجڙ ڄار، ڦوڳڙ ڪُونمٽ موريا،
لوني لونپ پاور گهڻي، کاوڙ کڙ هنٻار؛
ملير ڌوري ٻيهڻو، ڀالا واو ڀَرواڙ،
پاڪي پاروڻي جُوار، جها جها ٽا ٽا ٽمڀري.
اي عمر سومرا!: ”مارئي ته ماڙين ۾ بند
آهي. منهنجون نظرون ڍٽ ۽ ٿر کي ڏسي رهيون آهن.
پارڪر پري ٿيو سو نظر نٿو اچي، پر روح ’رتڻون
واري‘ جي گهيڙن ۽ گهاٽن ۾ رمي رهيو آهي ۽ مون کي
’ڀالاواو‘ ڏاڍو ڀلو لڳي ٿو‘“
”ٿر جي وڻراهه ۾ بهاري آئي آهي. ڪرڙ،
ڪنڊا، گُگريون، ڦوڳن ۽ ڪونمڀٽ جي وڻن ٻور جهليو
آهي. پائر جي پٽ ۾ ڊگهي لنب گهڻي اڀرندي هوندي ۽
کاوڙ ۽ گاهه جا اڻ کٽ انبار موجود هوندا. ملير جي
ڀٽن جي ڀر ۾ اسان آدجڳاد جا رهندڙ آهيون ۽
’ڀالاواو‘ تي ڀرواڙ مالدار پنوهارن جو قيام آهي.
پارڪر واري زمين ۾ جوئر جا فصل پچي راس ٿيا هوندا
۽ اتي تمام گهڻا رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ چرڻ ۾ مشغول
هوندا.“
آخر ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ائين ڪندس ته
مارئي ”رٻارڻ“ هجڻ لاءِ ثبوت ملن ٿا ’ڏيهاءِ‘ به
’رٻارين‘ کي چوڻ ۾ ايندو آهي. هن قوم جون زالون
مٿي تي، اوڍڻ واري ’لاک‘ رنڱيل لوئي پائين ۽ ان کي
’ڌٻر‘ يا ’ڌاٻڙي‘ يا ’لووڙي‘ چون، ۽ ”ڦوڳ“ جي
معنيٰ بي سمجهه آهي، ’ڦوڳسي‘ به ’رٻارين‘ جو خاص
لفظ آهي. مارئيءَ جي ور جو نالو ’کيت‘، ’کيتل‘ يا
’کيتسي‘ يا ’کيتسين‘ آيو آهي، جو اڳ به مڃيل آهي.
سندس ماءُ جو نالو ميرانڏي پڌرو ٿيو آهي، جنهن کي
نامور مصنفن ’ميراڏي’ يا ’ماڏوئي‘ ڪري تذڪرو ڪيو
آهي. ’ووءِ‘ معنيٰ هاءِ هاءِ ته رٻارين جو تڪيه
ڪلام
Mamerism
آهي. ’پالو‘ نالو رٻارين ۾ اڄ به گهڻي پيار سان
رکيو وڃي ٿو. ’ماڙي‘ يا ’مائوڙي‘ نالا به اڄ تائين
اهي ئي رکندا اچن.
آخر ۾ هي مقالو آءُ هن دوهري سان بند ڪندس
جو پڻ قديم ڪوتا آهي.
لاکي جن ڀل ٻيٽي جڻي، مڪواڻي ساٻاس،
کيتل پايا ورتڻي، پرڀو پوري آس؛
موتيوُن مونگهي مارئي، ڦولون پوتر واس،
پالڻ پوسي پريم ٿي- ماتا ميرانڏي جڻي!
روشن ٿئي ته ’پايامارُو‘ ۽ ’مڪواڻا‘ نُکون
رٻارين جون آهن. ’رَٻاري‘ پاڻ کي راجپوتر سڏائين
ٿا ۽ ’لاکي ڦولاڻي‘ ڪڇ جي راءِ سان عزازت به ٿا
جتائين. ساهتيه ڪار ۽ اتهاسڪ اهو به ظاهر ڪن ٿا ته
لاکو ڦولاڻي راءُ به ’سونل‘ نالي رٻارڻ جي بطن مان
پيدا ٿيو هو. انهيءَ دستور ڪي راوي مارئيءَ کي
رشتي ۾، لاکي ڦولاڻي جي ڀيڻ به ڪوٺين ٿا، ڪي کڻي
سؤٽ يا ماسات چون ٿا. والله اعلم باالصواب.
”مارئيءَ جو ڪردار، روحاني روشنيءَ ۾“
– سيد جعفر شاهه مورائي
تاريخ، مشهور سورمن جي داستان سان ڀري پئي
آهي. اهڙا شخص دنيا ۾ ممڪن آهي ته گهڻا هجن، مگر
اسان جي سونهاريءَ سنڌ ۾ به بي انداز پيا آهن، جن
جو نالو تاقيامت زندهه رهندو. انهن ماڻهن مان مائي
مارئي هڪ ضعيف، عاجز، ناتوان عورت پڻ آهي، جنهن
نينهن جي اعليٰ حوصلي سان هڪ باجبروت بادشاهه کي
شڪست ڏئي، دنيا ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن ڪوبه
انسان پنهنجي شرافت ۽ نيڪيءَ کي برقرار رکڻ چاهي
ته دنيا جي ڪابه شيطاني قوت کيس مطيع ڪري نٿي
سگهي. مارئيءَ جي بلند ڪردار کي حضرت شاهه صاحب،
ڀٽائي عليه الرحة، پنهنجي مٺڙ ۽ شعر ۾ پوري طرح
جلوه گر ڪيو آهي، شاهه صاحب مائي مارئيءَ جي خيالن
کي گهڻن ئي نمونن سان دنيا وارن جي اڳيان ظاهر ڪيو
آهي، مگر مون کي فقط انهي تصور کي بيان ڪرڻو آهي،
جنهن جو واسطو روحانيت سان آهي. اسان ۾ اڪثريت
انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي دنيا کي آخرت تي ترجيح
ڏين ٿا- مائي مارئي به انسان هئي ۽ فطرتي طور هن
کي به دنيا جي اسبابن، خصوصاً زيورن، پوشاڪن،
محلاتن ۽ ماڙين سان محبت هئڻ گهرجي. مگر هن انهن
سڀني شين کي تڇ ڄاڻي، شاهه صاحب جي زبان ۾ فرمايو
ته:
ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت؛
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان!
عمر بادشاهه، مارئيءَ کي حرصائڻ لاءِ سونا زيور،
ريشمي ڪپڙا، ماڙيون محلاتون پيش ڪيون؛ مگر مارئي،
وطن ۽ ور کي سڀني چيزن کان مقدم سمجهيو. اهڙيءَ
طرح هر هڪ انسان کي پڻ سبق ڏنو ويو ته هن دنيا جون
چيزون فاني آهن، انهن تي حرصجي ويهڻ نه گهرجي، پر
سڀ وٿون ڦٽيون ڪري، پنهنجي اصلي وطن ڏانهن تياري
ڪرڻ گهرجي. شيطان اسان کي برغلائي، دنيوي چيزن
حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان هو اسان
کي پنهنجي رب سائينءَ جي حڪم کان انحرافي ڪرائي،
آخرت جي عذاب شديد ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
حيف اسان جي حال تي! جڏهن هڪ ضعيف عورت شيطان تي
قابض اچي وڃي ٿي، پر اسين مرد ٿي به شيطان جي چال
نٿا سمجهي سگهون ۽ ڦاسي وڃون ٿا! انهيءَ خيال کي
شاهه صاحب گهڻن ئي بيتن ۾ ڳايو آهي، مون فقط هڪ
مٿيون بيت مثال لاءِ پيش ڪيو آهي.
مارئي اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته اسين،
جي جلد هتان ڪوچ ڪرڻ وارا آهيون ۽ نيٺ اسان کي
اصلي وطن ورڻو آهي، اصلي وطن لاءِ هر دم تيار
رهون، ڇاڪاڻ ته ماروئڙا اسان کي ائين ڪڏهين به
قبول ڪين ڪندا!
فرمائي ٿي:
جهڙي آيس جيئن، جي تهڙي وڃان تن ڏي،
ته لالائيءَ جو لطيف چئي، ڪر مندن اُٺا مينهن؛
ٿيس ڪانياري ڪانڌ جي، هتي اچي هيئن،
ماڙي لڳم مهڻو، سڀ ڄماندر سينءَ؛
ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، مَنهن ماروئڙن جي!
ظاهري معنيٰ ته اها اٿس ته جهڙيءَ طرح آءٌ
مارن وٽان هت پاڪ ۽ صاف پهتي آهيان، اهڙي ئي
معصوميت سان انهن وٽ موٽي وڃان ته منهنجي لاءِ ڄڻ
مندائتا مينهن وٺا. مينهن مڙين لاءِ هڪ بي بها
نعمت آهي، ۽ سي به مندائتا هجن ته. (اڻ مندائتا ۽
گهڻا مينهن به وبال ٿيو پون).
آءٌ هت ههڙي نموني، يعني زور ظالم سان آئي
آهيان، انهي ڪري وَرَ سامهون شرمسار آهيان. مون کي
هت ماڙيءَ ۾ رهڻ جو مهڻو سڄيءَ حياتيءَ تائين لڳو
رهندو، ۽ ماروئڙن سامهون حياءَ کان ڪهڙو ڪنڌ
کڻنديس!
حقيقت ڏي نهاربو ته انهيءَ هڪ بيت ۾ وڏو
راز رکيل آهي. انسان دنيا ۾ نهايت پاڪ ۽ صاف ٿي
پيدا ٿيو آهي. ان وقت کيس معصوم چيو ويو آهي. بعد
۾ گناهن جي آلودگين کان نهايت غليظ ٿي ويو آهي.
پوءِ جي عقل آيس ته ويچاريندو ته آءٌ ڪهڙو ته اطهر
ٿي پيدا ڪيو ويو هوس ۽ هاڻي آءٌ نهايت نجس آهيان.
ڪهڙيءَ طرح سائينءَ سامهون ٿيندس؟ اها ڳالهه سوچي
توبهه تائب ٿيندو ته ممڪن آهي ته رب سائين کيس
پنهنجي فضل سان بخشي!
هڪ هنڌ مارئي زباني، شاهه لطيف فرمائي ٿو:
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت حاجت ناهه حسن ريءَ!
عمر ڪوٽ ۾ اچڻ سان مارئيءَ جي ظاهري سونهن
ختم ٿي چڪي. ڀلا جنهن کي هڪ حياءَ ماريو، ٻيو نه
کاڌو نه پيتو؛ رڳي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو، رات ڏينهن اباڻا
اباڻا ڪندي رهي، تنهن جو رخ روشن ڪيئن رهي سگهندو؟
خيال ٿي ڪري ته آءٌ اصلي حسن کان سواءِ وطن ڪيئن
وينديس؟ وري ڏسو حقيقت جي طرف کي. انسان جنهن کي
اشرف المخلوقات ڪري خلقيو ويو، تنهن دنيا ۾ اچي
شيطان کي پنهنجو رهبر بنايو، باوجوديڪه بار بار
الاهي تنبيهن جي. ”ياايّهاالّذيَن آمنو لا
تَتّبِعُو خُطوات الشيطن اِنّہُ لَکُم عدُو“
مبُيّن“. (اي ايمان وارا!شيطاني رستن تي نه هلو.
هو اوهان جو کليو دشمن آهي!) اهڙا احڪام ڪيترائي
دفعا آيا، مگر انسان غفلت ڪئي ته پوءِ مارئيءَ جي
لفظن ۾ ”وڃڻ تت پيوم“ جت حاجت ناهه حسن ريءَ“ حسن
جي معنيٰ نيڪي آهي. انسان فقط نيڪين ڪرڻ سان ئي
حسين ٿي سگهي ٿو. بدڪارن لاءِ حڪم آهي ته ”يَعرَفو
المُجرِمُونَ بِسيِماهُم“. (گنهگار پيشانيءَ مان
ئي سڃاتا ويندا.) يعني انسان ظاهري ڪهڙو به سهڻو
هجي، پر جي هو گنهگار آهي ته سندس منهن ئي پيو
ٻڌائيندو. پوءِ حشر ڏينهن اهڙي ماڻهوءَ جو بارگاهه
الاهيءَ ۾ حاضر ٿيڻ ناممڪن آهي. ساڳيءَ طرح ٻئي
هنڌ فرمائي ٿي:
سونهن وڃايم سومرا، سکر جهڙي سونهن،
دل ۾ دکي دونهن، منهنجو منهن ميرو ٿيو! (شاهه)
جيتوڻيڪ مارئيءَ جو قصور نه هو، ته به کيس
سندس ’سونهن‘ يعني نيڪ هجڻ بابت ڏاڍي ڳڻتي آهي.
هوءَ انهي فڪر ۾ آهي ته
سونهن وڃايم سومرا، هتي اچي هاڻ،
ڪيئن لهنديم ڪاڻ، حسن مون هت ويو.
هت اچڻ ڪري منهنجون نيڪيون ختم ٿي ويون
آهن. اها گهٽتائي ڪيئن پوري ٿيندي. ساڳيءَ طرح
اڳتي چوي ٿي:
سونهن وڃايم سومرا، ڪيڏانهن ويم ڪمال،
وڃان ڪيئن وطن ڏي، ههڙو وٺي حال؛
جي مون ڏينَ جمال، ته پسان منهن پهنوار جو!
(شاهه
بَديَنَ سبب منهنجو ’حسن‘ يعني نيڪي وئي
هلي. هن گنهگار منهن سان وطن ڪيئن وينديس. پر جي
خداوند ڪريم مون کي پنهنجي فضل سان بخشي ته آءٌ
سنديس ديدار لاءِ بارگاهه حضوريءَ ۾ حاضر ٿيڻ جي
لائق بڻجي وڃان. مارئي ويچاريءَ جو ڪوبه قصور ڪونه
هو. هوءَ بلڪل بي وس هئي ۽ پوري همت سان طاغوت جو
مقابلو ڪري ڪامياب ٿي وئي.
ڪاش ! اسين انسان، مارئيءَ جي ڪردار لاءِ
شاهه صاحب جي ڪلام مان ڪجهه ٿوروئي حاصل ڪريون ته
اهو اسان لاءِ غنيمت آهي:
جي ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا پرٿئين!
تقريرون
”مارئيءَ جو ڪردار“ – مولانا محمد عثمان ڏيپلائي
”مارئي، هڪ عام انسانيت جي لاءِ، عصمت ۽ حب
الوطنيءَ جي علامت آهي. انهيءَ جي حيثيت، هڪ بين
الاقوامي ڪردار جي آهي. مارئيءَ متعلق اهو بحث ڪرڻ
ته هو هندو آهي يا مسلمان آهي، نهايت نامناسب آهي.
مارئيءَ متعلق هندو ۽ مسلمان جي تفريق ڪرڻ، ادب ۽
ثقافت جي تعميري نقطه نگاهه سان، سنڌي ادب ۽ تهذيب
لاءِ هاڃيڪار قدم ثابت ٿيندو. اگر ان مسئلي تي
اهڙي قسم جا بي نتيجي بحث ڪيا ويا، ته پوءِ مومل
راڻي، ليلان چنيسر، سورٺ، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ لاءِ
بحث جو دروازو کُلي پوندو - ۽ اهو سارو ’بحث برائي
بحث‘ هوندو، جنهن جي هن دور جي تحقيقي ادب ۾ ڪابه
تعميري جڳهه نه رهندي. شاهه لطيف جو انداز بيان،
آفاقي ۽ عالمگير آهي. شاهه لطيف پنهنجي فني ۽
انسانيت نواز پيغام ۾، سڀني سُرن ۾، قرآن جون
آيتون، حديثون، عربي مقولا، ۽ فارسي شعر آندا آهن،
۽ گهڻو ڪري سڀني هندو ڪردارن جي زبان سان تصوف جا
عميق ۽ دقيق مسئلا بيان ڪيا آهن. منهنجو اديبن ۽
عالمن کي عرض آهي ته هو، هن قسم جا بحث نه ڪن.“
”صوفيانه پسمنظر“ – فضل محمد ڪپري
”ليلان، جنهن وٽ ظاهريءَ طرح سان، ڌن دولت
جي ڪابه ڪمي ڪانه هئي، وٽس موتين ۽ هيرن جا ڪئين
بي بها هار هئا؛ پر نفس جي هٻڇ ۽ لالچ ۾مبتلا ٿي،
ڪونئروءَ جي هٿ- ناٽ ۽ ترڪتال تي هر کجي، هيرن جي
هار تي پنهنجو ڪانڌ چنيسر وڃائي ويٺي. ان جي
مقابلي ۾ ٿر ڄائي ٿاريلڻ مارئي، جا لاک ورني
لوئيءَ ۾ ويڙهيل هئي، تنهن عمر جي هر آڇ کي ٺڪرائي
ڇڏيو. سندس ان عظيم ڪردار جي ترجماني ڪندي، لطيف
سائين چيو:
ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سونَ تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت؛
پکن جي پريت، ماڙين سان نه مَٽيان!
ٻئي هنڌ، سندس ڪردار کي شاهه ڪريم هيئن بيان ڪيو
آهي:
ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇا ڪپڙا،
جن جا هُت ٿرن ۾، ورٿا ويڻ سهن!
مارئيءَ جي عصمت ۽ حب الوطني، هڪ عظيم ۽
عالمي پيغام بڻجي چڪو آهي- جنهن جو مثال عالمي ادب
۾ گهٽ ملي سگهي ٿو.
مارئي، روحاني نقطهء نظر سان ’روح‘ آهي.
عمر، ’نفس‘ آهي ۽ ’ڪوٽ‘ هيءَ دنيا آهي. ’ڦوڳ‘،
شيطان آهي. هن دنيا ۾ ’مارئي، ڦوڳ ۽ عمر‘، ٽيئي
ڪشمڪش ۾ آهن. عمر يعني ’نفس‘، ’روح‘ يعني مارئيءَ
کي ، عمرڪوٽ يعني ’دنيا‘ جي مهاڄار ۾ ڦاسائڻ گهري
ٿو‘ شيطان يعني ڦوڳ ، نفس يعني عمر کي، روح تي
غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ برغلائي ٿو. روح يعني مارئي
ڦوڳ ۽ عمر جي باهمي مشورن، بهانن، ريئن ۽ طريقن
کان آگاهه ٿي، پاڻ کي دنيا يعني عمرڪوٽ جي مهاڄار
مان آزادي حاصل ڪري ٿي. لطيف ، ان ڪردار کي بيان
ڪندي فرمائي ٿو:
الله ايئن م هوءَ، جيئن آءُ مران بند ۾،
جُسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءَ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پڄنم ڏينهڙا!
عمر، يعني نفس جي آڇن کي ٺڪرائيندي، لطيف،
مارئيءَ جي هن طرح ترجماني ڪئي آهي:
پٽولا، پنهواريون، مُور نه مٿي ڪنَ، ڄ
جہ لاک رتائون لوئيون، نه شالن آن سونهنَ،
ان، ايلاچئون، اگري، بخمل بافتنَ،
سَکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کُهنبنَ،
جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران!
حب الوطني متعلق مارئيءَ جي واتان، لطيف
جو اهو چوڻ ته ’وطن جي وساريو، حيف تنين کي هوءِ!‘
اهو هڪ عالمي آزاديءَ جو نعره جنگ آهي. لطيف، سُر
مارئيءَ ۾ هڪ هنڌ مارئيءَ جي واتان، ’حب الوطن من
الايمان، پري پيم پرو‘ به چيو آهي. اتي وطن مان
مُراد روحاني عالم جو اعليٰ مقام آهي، ۽ ان سان گڏ
ناسوت جو عالم يعني هن زندگيءَ وارو وطن به اچي
وڃي ٿو. هن وطن جي محبت ۾ وفادار رهڻ ۽ ان جي
آزاديءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ سوچڻ به مارئيءَ جو عظيم
ڪردار آهي. ان سلسلي ۾ به هر قدم تي ’عمر‘ ۽
’ڦوڳ‘، ‘مارئيءَ‘ سان مقابلي ڪندي نظَر اچن ٿا.
مارئي ائين ئي چوي ٿي:
وطن تان جان گهوري تهَ بِه تهَ ٿوري!
خدا ڪري ته مارئيءَ جي ساڃهه اسان ماڻهن ۾ پيدا
ٿئي!
”مارئي ۽ حب الوطن“ – ممتاز مرزا
”اڄڪلهه جو انسان، ڄڻ ته عمر ڪوٽ ۾ بند آهي، ۽ عمر
جا زنجير انسان جي آزاديءَ کي جڪڙيو بيٺا آهن؛ ۽
ويچارا انسان، مارئيءَ وانگر ڪوٽ ۾ آنهون ۽ دانهون
ڪري رهيا آهن. اگر غور سان ڏسجي ته پوري انساني
دنيا ۾ اڄ عمر موجود آهي، ۽ آزادي پسند طبقو،
مارئيءَ وانگر جدوجهد ۾ مشغول آهي. اهوڏينهن ضرور
ايندو، جڏهن ظلم ۽ استبداد جون زنجيرون ٽٽي
پونديون. ۽ آزادي جو ڪردار – مارئي – وري ملير
پهچندو! اسان تي فرض آهي ته مارئيءَ جي روح ۽
آزادي پسند ايمان کي سمجهون ۽ پاڻ ۾ ان روح پيدا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون!“
”مارئي جا اوائلي داستان“ – شيخ محمد اسماعيل
شيخ محمد اسماعيل، مختلف وقتن تي لکيل
شاعرن ۽ سگهڙن جي داستانن تي طول طويل مقالو لکيو
هو، جو وقت جي تنگيءَ سبب پيش ٿي نه سگهيو. زباني
طور شيخ محمد اسماعيل، ’تاريخ طاهري‘، تحفة
الڪرام‘، ۽ ’تاريخ معصوميءَ‘ جا مثال پيش ڪري،
مارئيءَ تي ڳايل داستان جي تاريخي پس منظر کي بيان
ڪيو، جنهن ۾ ٻڌايائين ته اول سنڌي ادب ۾ مارئيءَ
جو داستان ڪنهن لکيو، ۽ ان کان پوءِ اُن داستان تي
ڪهڙا اضافا مختلف شاعرن پيدا ڪيا. اهو مسئلو
پنهنجي جاءِ تي تاريخي ۽ تحقيقي مقام رکي ٿو، جنهن
کي ضرورت آهي ته تاريخي طرح سان تڪميل تي پهچايو
وڃي. |