سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :24

اسان مقالو لکي رهيا آهيون نه ڪي ڪتاب، ان ڪري ڪٿ ڪٿ ممڪن آهي ته ربط نه به رهيوهجي، ڇو ته سمنڊ کي ڪُوزي ۾ بند ڪرڻو آهي. پر جناب محمد موسيٰ صاحب جيڪي حوالا ۽ مثال ڏنا آهن، سي سمير نسل سان واسطو نه ٿا رکن. اهي اڪثر اڪادي، ڪلداني ۽ اسوريه جا آهن، جن جونسل سميرين مان نه آهي، پر عرب سامي آهن، جن کان صاحب موصوف دور ٿو ڀڄي. جيتري قدر اسان کي معلوم آهي؛ هن وقت دنيا جي تختي تي ڪوبه اهڙو نسل نه آهي جو سوميرين جي باقيات صالحات جي دعويٰ ڪري. ڪنهن شخص جي اڻپوري تحقيق سان قومن جا نسل ڪونه مقرر ٿي سگهندا آهن. رڳو اهي صاحب عراق جي نسلن ۽ تهذيب کي درجه وار بيهارين ۽ تحقيق ڪن ته انهن کي پنهنجي تحقيق جو احساس ٿي ويندو. هاڻي جيڪڏهن اهو مفروضه مڃون ته هو سنڌ مان اتي ويا ته ڪڏهن ويا ۽ سنڌ ۾ مڪاني قبيله هو يا ٻاهر کان آيل هو؟ هتان تهذيب کڻي عراق ويا يا هتان وحشي هئا؟ يا اُت وڃي سڌريا؟ سنڌ ۾ به هو سوميري سڏيا ويندا هئا يا انهن جو ٻيو ڪو نالو هو؟ سندن نسل مان به ڪي هت رهيا يا سڀئي ٽپڙ ٽاڙي کڻي اوڏانهن ويا؟ اگر ڪي رهيا ته انهن پاڻ کي ڇا سڏايو ۽ انهن جي باقيات ۾ هينئر ڪير آهن؟ جيڪڏهن ڪو صاحب اسان کي انهن سوالن جا جواب ڏئي ته سوميرين جي نسل کي وضاحت جي حالت ۾ اسان تسليم ڪنداسين. جيتوڻيڪ هنن سوالن جا سنوان سڌا جواب ملڻ مشڪل آهن، تاهم دنيا جي تهذيب، جا هيلتائين دريافت ٿي چڪي آهي، اگر انهيءَ جو تقابلي جائزو وٺبوته ڪجهه نه ڪجهه تعين ٿي سگهندو. H.T. Lambrick مشهور مورخ ۽ محقق، جيڪو سنڌي ۽ بلوچي زبانن جو به ماهر هو ۽ سنڌ ۾ ڪافي عرصو نوڪري ڪئي اٿس، جنهن کان سنڌي ادبي بورڊ وارن هڪ ڪتاب نالي "Sind-before Muslim Conquest" لکائي انگريزي زبان ۾ ڇپايوآهي؛ حالانڪ ڪتاب ننڍو آهي، مگر منجهس ڪافي معلومات ڏنل آهي، تنهن سمير مُلڪ جي تهذيب، واپار ۽ سنڌ وارن سان ثقافتي تعلقات بابت ڪافي لکيو آهي. ان وقت سنڌ ۾ ڪول يا دراوڙ يا سنٿال يا سومير نسل جا هئا، ان بابت هن عام گهٽ لکيو آهي. البت سومير تهذيب ۽ سنڌ جي لاڳاپن بابت ڪافي مواد آهي، مگر اهو اڪثر سرغون اول اڪادي جيڪو سومير ۽ اڪاد جو بادشاهه هو، ان کان بعد جو آهي. ان مان ثابت آهي ته سومير نسل جو سنڌ سان ڪو به واسطو نه آهي.

لئمبرڪ صاحب سوميرين جو سنڌ مان سومير ۾ وڃڻ ۽ ات بئنڪ وجهڻ جو قائل نه آهي البت هو ان ڳالهه جو شبہ ڏيکاري ٿو ته ممڪن آهي ته سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ هو ڪنهن هنڌ گڏيا هجن.

سنڌ جا اصلي رهاڪو

سنڌ متعلق به چڱو موچارو مواد آهي،مگر اصليت بابت ايترو زياده ۽ واضح نه مليو آهي، تاهم ان تي مختصر تبصرو ڪبو. محمد ادريس صديقي صاحب، جيڪو محڪمه آثار قديمه ۾ ئي عهديدار آهي، جنهن وٽ سنڌ بابت بهتر مواد موجود هو، تنهن سنڌ متعلق ”وادي سنڌ جي تهذيب“ نالي ڪتاب بزبان اردو 1959۾ ڇپيو. هو لکي ٿو ته ”وادي سنڌ جي تهذيب جو اهو دور، جنهن کي هڙاپا ڪلچر چيو وڃي ٿو، عراق ۾ سرغن يا سارگن جي اڪادي عهد جو همعصر هو. سارگن جو عهد تقريباً 2350 ق.م. بيان ڪيو ٿو وڃي (صفحه 14). انهن ثابتين مان بهرحال هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته وادي سنڌ ۽ مغربي ممالڪ 2300 سال 1700 ق.م جي درميان گَهَرو رابطو هو، يعني ڪم و بيش اهي ٻئي تاريخون وادي سنڌ جي تهذيب جون هيون (236). صديقي صاحب موئن جي دڙي جي رهاڪن جي نسل جو به جائزو ورتو آهي. اهي لڌل مورتون جيڪي (ڪانسي) يا پٿر جون آهن، انساني مجسمن تي مشتمل آهن. انهن ۾ موئن جي دڙي، هڙاپه ۽ چنهون جي دڙي مان لڌل انساني هڏن ۽ کوپڙين جو به معائنو ڪيو ويو آهي. هيءَ تحقيقات سر جان مارشل E J H مئڪي، ڪرنل سيئول ۽ مسٽر گوها شايع ڪرائي آهي. ان مان پتو لڳي ٿو ته موئن جي دڙي ۾ چئن مختلف نسل جون کوپڙيون مليون آهن. اهي اڌ کان وڌيڪ هڪ نسل جون آهن، جيڪي بحر رومي نسل سان تعلق رکن ٿيون. جنهن نسل بابت پروفيسر اسٽيورٽ پگٽ لکي ٿو ته موجوده وقت هي ماڻهو آيبيريا کان هند تائين ڦهليل آهن. هن جنس جا خصوصي نمونا فلسطين اندر نطوني دور ۾ به ملن ٿا. قبيله فراعنه دور جا ماڻهو هن نسل سان تعلق رکندا هئا. هن گروهه جا خالص ترين نمائنده عرب جي جزيري ۾ ملن ٿا. هندستان جي شمال ۽ اعليٰ ذاتين ۾ به ملن ٿا. هي ميانه قد جا ۽ ڪي ڊگها به ٿين ٿا. رنگ سانورو ۽ زيتوني قسم جو بادامي به. کوپري ۽ چهرو بمبوتره، نڪ مٿي ڊگهو، وار ڪارا، اکيون وڏيون، ڪشاده ڪاريون ۽ بادامي به. لمبوتري مٿي وارا بحر رومي ماڻهو، ممالڪ سيالڪ انائوالعبيه علي شهر وغيره ۽ مغربي ايشيا  جي قديم ترين ڪاشتڪار آبادين ۾ هر جڳهه موجود هئا. العبيه جون کوپريون موئن جي دڙي جي کوپرين سان نمايان قرابت رکن ٿيون.

ڪرنل سيوَ جي اندازي مطابق وادي سنڌ ۾ ان نسل جي مردن جو قد 5 فوٽ سوا چار انچ ۽ عورتن جي لمبائي چار فوٽ نوَ انچ ۽ سوا چار انچ پڻ ٿئي. 3 کوپريون پروٽولائڊ يا آسٽريلوي نسل جون مليون آهن. هي ماڻهو هت جا قديم يا اصلي باشندا هوندا. هي ننڍي قد جا هئا ۽ ڪرنل سيئول جي اندازي موجب انهن جي لمبائي 5 فوٽ 1انچ هوندي هئي. انهن جو رنگ گهاٽو ڪارو، وار ڪارا لهردار ۽ گهنڊيارو مٿو، ڊگهو نڪ، چيلهه ۽ چپ ٿلها ۽ گوشت. هن نسل جا ماڻهو اڄ به وسطي ۽ اولهه هند ۾ ملن ٿا ۽ برهمڻ انهن سان اڇوتن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا. منگول نسل جو صرف هڪ سِرُ مليو آهي ۽ ٻين لڌل کوپرين مان هڪ کي يقين سان ۽ ٽن کي شڪ سان الپائيني قرار ڏنو ويو آهي (صفحو 206 کان 208)

وادي سنڌ جي نسل جي باري ۾ محققن ڪجهه ٻيا به نظريه قائم ڪيا آهن ۽ انهن موجب کين دراوڙ، بروهي، سميري، پاني (پٽي) اشور، رواتي، واهيڪي، داس ناگي ۽ آريا وغيره به چيو ويو آهي. (وادي سنڌ جي تهذيب بحواله (Vedic age 193 اڪثريت انهن محقنن جي آهي جي ان نسل کي دراوڙ ٿا سمجهن ليڪن دراوڙ جو لفظ برصغير هند و پاڪ ۾ غير ريائي زبان ڳالهائڻ وارن جمله قومن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، چنانچه ان مان اها ڳالهه بخوبي سمجهه ۾ اچي ٿي ته دراوڙ نسلي گروه کان وڌ لساني گروهن جو نالو آهي. چنانچه هتي جا اهي باشندا به دراوڙ سڏائين ٿا، جنهن کي بحر رومي نسل سان متعلق سمجهيو وڃي ٿو، جن جي باري ۾ خيال آهي ته هو هندستان ۾ آرين جي آمد کان ڪئين هزار سال اڳ داخل ٿي چڪا هئا. بروهي دراوڙ زبان ڳالهائين ٿا، مگر هو ترڪي ۽ ايراني نسل مان آهن ۽ نسلي لحاظ کان وسطي ۽ جنوبي (ڏکڻ) هندستان جي دراوڙن کان نسلي طرح بلڪل مختلف آهن. ان ڪري خيال ڪري ٿو سگهجي ته وادي سنڌ جا بروهي نه هئا.

سميري ماڻهن جي نسلي ڪفيت جي باري ۾ اڃا ڪابه قطعي ڳالهه معلوم نه آهي، البته موئن جي دڙي جي ماڻهن سان انهن جو ويجهو تعلق هو ۽ هي ڳالهه تسليم ڪري سگهجي ٿي ته وادي سنڌ ۾ ڪافي سميري آباد هئا. پٽي ۽ ٻين قومن جي باري ۾ اڄ تائين ڪوبه مضبوط دليل پيش نه ڪيو ويو آهي ته اسان مان انهن کي ڪنهن معلوم ڪيو. ان ڳالهه تي به تقريباً سڀ محقق متفق آهن ته وادي سنڌ جي تهذيب آرين جي برصغير هند و پاڪستان ۾ اچڻ کان اڳ جي آهي. انهيءَ ڪري موئن جي دڙي وارن جو آريه هئڻ يڪسر غلط ۽ نسلي عصيبت جو هڪ بڇڙو مثال آهي (صفحه 203 کان 211)

هڪ سميرين مان سمير ملڪ جا ماڻهو آهن جي اڪادي سامي نسل جا آهن نه ڪي سميري قديم. اهي به واپار سانگي هت اچ وڃ رکندا هئا. اهي سرغون اول اڪادي جي وقت ۽ ان کان پوءِ. مگر هن تهذيب جو مهاشيه آريه صاحبن سان ڪوبه ذڪر يا واسطو نه آهي.

اسان جي هڪ پاڪستاني مورخ  ۽ محقق جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي جو ناول نگار مان مورخ بنجي ويو آهي. اهو آهي رشيد اختر ندوي صاحب جنهن ”مغربي پاڪستان جي تاريخ“ جلد اول لکيو آهي ۽ مرڪزي اردو بورڊ 36 بي گلبرگ لاهور وارن 1965ع ۾ ڇاپيو، ۽ ان وقت جي صدر پاڪستان محمد ايوب جي نالي منسوب ڪيل آهي. هن صاحب ڪافي محنت ڪئي آهي. فقط حوالي ۽ رايي پنهنجي راءِ ۽ خيال جا ورتا آهن، تاهم ڪتاب قابل مطالع آهي. مگر افسوس جو هينئر دستياب نه آهي.

هن ڌرتي تي چار برفاني عهد گذريا آهن. رشيد صاحب پري هسٽارڪ انڊيا مصنف رنگ آچاريه صفحي 37 جي حوالي سان 64 صفحي تي لکي ٿو ته:

”بهرحال عهد حجر اول يا پهرين برفاني عهد جي ماڻهن کي گذرئي ڪيترا ورهيه ٿيا آهن. اهو جواب يقيني ته ڪونه آهي مگر علماءِ تاريخ جديد جو تخمينه 5 لک 50 هزار سال کان وٺي 10 لکن تائين هئي. ٻئي دور جا 4 لک ٽئين دور جي ڏيڍ لک ۽ چوٿين دور جي 50 هزار سال هو. انهن دورن مان گذري آخري دور ۾ گذريا. ان متعلق بروس فورٽ جو خيال آهي ته گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ درياءَ سابرمتي کان جيڪي آثار قديمه مليا آهن، ان مان معلوم ٿو ٿئي ته هجر اول حجر نو ۾ خاص مفهوم هو (ونڊرڊيٿ وار انڊيا صفحو 10). فورٽ بروس ته انهن جو زمانو تعين نه ڪري سگهيو، البته رنگ آچاريه ان کي 10 کان ساڍا ست سال قبل مسيح ۽ مسٽر باشم ان جي عمر 6 سال ٻڌائي ٿو. انهي دور ۾ انسانن فصل پوکڻ ۽ اَنُ اُپائڻ سکيو. جانور پالڻ ۽ انهن کي هيرائڻ جو فن سکيو. اهي مٽيءَ مان برتن ٺاهڻ، پنهنجو لباس اُڻڻ لڳا ۽ ڌاتن ڄاڻڻ کان اڳ هنن پٿرن مان اڳ کان بهتر اوزار ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ اهڙا اوزار هر هنڌ مان ٿا. انهن کي 40000 سال قبل مسيح متعين ڪري ٿو سگهجي. فاضل باشم صاحب جي خيال موجب هند ۾ پهرين منظم ڪاشت بلوچستان ۽هيٺين سنڌ ۾ ٿي، اتيئي مهران ڳوٺ به ٺهيا. (رشيد صفحو 65 بحواله ويدڪ هند صفحو 288 ۽ 287). ان وقت زيرين سنڌ اِها نه آهي جو هينئر لاڙ آهي ڇو ته ات ته ان وقت سمنڊ هو (مير).

ايڇ.جي.ويلز جي نزديڪ پٿر جي دور کان بعد ٽامي جي دور کي 8000 سال ق.م رار ڏنو آهي. هي نوعمر دور 8000 ق.م کان 6500 ق.م تائين هليو. ان ۾ ماڻهن ٽامون ۽ پتل لڌو ۽ پڪين سِرن جون جايون ٺاهي رهڻ لڳا (رشيد ص 69).

رشيد اختر صاحب ايترا حوالا ته ڏنا آهن جو اهي سڀ ڏيون ته ڪتاب ٺهي پوي. هُو خود ان خيال جو آهي ته دراوڙ ئي سميري آهن يا سميري دراوڙ آهن. پر سنڌ ۾ ٻاهر کان آيا آهن پر پاڻ ئي پنهنجي ترديد ڪري ٿو ۽ لاعلميءَ جو اظهار ڪري ٿو ته سميرين دراوڙ ڇو سڏايو. مگر جيڪي به حوالا ڏنا اٿس انهن جي اڪثريت سندس ترديد ڪري ٿي. آخر مطلب اهو بيٺو ته دراوڙ ۽ هتي جا اصلي ملي هڪ ٿيا ۽ دراوڙ سڏايائون. اهو زمانو سمير اول کان اڳ جو آهي. مگر هن ڳالهه کي ڪوبه محقق تسليم نٿو ڪري ته سميرا سنڌ مان عراق ۾ ويا. ڪنهن هڪ اڌ لکيو به آهي ته به اهو ته سميري ٻاهر کان هت آيا نه ڪي هتان سمير ملڪ (عراق) ڏانهن ويا. مگر سوميرن جو نسل اسان جي خيال ۾ ته دراوڙن سان آهي نه وري هو سنڌ مان اوڏانهن ويا ڇو ته موئن جي دڙي مان لڌل مهرون ۽ اکر ڪنهن به صورت ۾ سميري رسم الخط جهڙا نه آهن ورنه اهي پڙهڻ ۾ اچن.

سردار خان گشڪوري

ٻيا ڪتاب عراقي تهذيب تي جديد محققن پڙهيا هجن يا نه، مگر سردار خان گشڪوري صاحب ايم.اي جو ڪتاب (Baloch Race) سندن نظرن مان گذريو هوندو. اعتراف ڪن يا نه ڪن، پر سندن دعويٰ سومرن کي سمرين مان هجڻ جي دعويٰ بعد جي آهي. سردار خان بلوچن جي نسل کي به وڃي نمرود حاڪم عراق سان ملايو آهي ۽ جديد سومري محقق صاحب به سومرن کي سميرين مان سڏي، انهن جو نسل سامي نسل جي حاڪمن جا نالا ڏنا آهن، حالانڪ سميري سامي نه هئا. ان حساب سان ته گويا سومرا ۽ بلوچ اصل ۾ هڪ نسل جا ٿي پيا. مگر سردار خان جيڪي تحقيق ۾ غلطيون ڪيون آهن، اها جديد سومري محقق به ڪئي آهي. سردار خان وري به ڪوڙا سچا حَوالا ڏنا آهن. سومري صاحب ته اها تڪليف به گوارا نه ڪئي آهي. سردار خان به پنهنجي لکڻي کي ڄاڻي واڻي پراسرار رکيو آهي ته جيئن ڪو مٿس تنقيد نه ڪري. ان ڪري ئي کيس سندس تمنا موجب ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نه ملي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتابن جي Bibliography يعني ڪتابن جي ياداشت نه ڏني. اگر ڏئي به ها ته به جيئن ته پاڻ ڪتابن لاءِ اشارا ڪم آندا اٿس ان ڪري هن کي لازمي Abreviations ۽ اشاريه ڪتاب جو نالو فل ڏيڻو هو. اهي ٻئي ڪم سردار خان نه ڪري، ڪتاب کي پراسرار ته بنايو، مگر سندس صحت کي ڪيرائي وڌو. اسان جي نظر ۾ ته هن حوالن تان حوالا ورتا آهن، ڪجهه پنهنجي ڪماليت ڏيکاري آهي، جيئن اڪثر جديد محقق ڪندا آهن. ڪتاب ناقابل اعتبار بنجيو وڃي، چاهي حواله درست ئي ڇو نه هجن. جڏهن ته اسان کي خبر ئي نه پوي ته حواله ڪهڙي ڪتاب تان ورتو ويو آهي ته پوءِ ڪتاب جي ڇنڊڇاڻ ڇا تان ڪبي.ان ڪري سومرن کي سميرين سان ملايو يا بلوچن کي اولاد نمرود. اها فقط سندن ذاتي راءِ آهي نه ڪه تحقيقي مقاله يا مضمون. سردار خان به سومري محقق واريون غلطيون ڪري ويو آهي. شعوري يا لاشعوري هن پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو اعتراف به ڪيو آهي. مثلا صفحه 5 کان 16 ڪڏهن بلوچن کي بيل. اوس سڏي خدا يا ديوتا پيو چوي، ڪڏهن هام بن نوح جي اولاڪش مان شجرو ٺاهيو نمرود يا بلوچ ٿو چوي. ان طرح سان بلوچ هيمائيٽڪ نسل جا آهن؛ شيدين يا حبشين کي ڀاءُ ته صفحه 18 تي بلوچن کي سام بن نوح جي اولاد مان شمار ٿو ڪري ۽ کين ڪلدانين مان به سمجهي ٿو ته ڪش يا ڪشائن نسل جنهن مان هو بلوچن کي ظاهر ٿو ڪري. صفحه 18 تي هنن کي حام جو نسل ته صفحه 21 تي سام جي نسل مان لکي ٿو. صفحه 17-18 تي مري بلوچن کي عرب لکي ٿو. صفحه 19 تي مري حڪومت موجوده شام جي اتر ۾ ڏسي ٿو ته اها 2000 ق.م ۾ هئي، جيڪا 1550 ق.م ۾ مشهور جمورابي مري حڪومت ختم ڪئي. اهڙيون سوين خرافات گشڪوري صاحب بيان ڪيون آهن. هت اسان کي بلوچن جي تاريخ يا گشڪوري صاحب تي تنقيد مقصود نه آهي. مقصد فقط اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن صاحب سومرن کي سميرين مان شمار ڪيو ته ان جي حالت به گشڪوري صاحب جهڙي ٿيندي. ڇو ته عراق جي تهذيبن لاءِ تاريخ اڃا ڏند ڪٿا جي حيثيت کان وڌي نه آهي. اڃا ان تي گهڻو ڪم ٿيڻو آهي. ڪم از ڪم جديد محقق صاحب پهرين ته عراقي تهذيب ۽ حڪومتن جي ايراضيءَ تي ڪم ڪن. سندن وقت حڪومت ۽ نسل جو تعين ڪن ته پوءِ خود ڏسندا ته سندن دعويٰ هڪ هنڌ نه بيهندي. زرو پرزو کين جيڪو ملي ٿو سو به هر تهذيب ۽ هر نسل جي دور مان ورتل هوندا. چون چون جو مربو. يقيناً هو پنهنجي دعويٰ کي هڪ هنڌ قرار ڏئي نه سگهندا.

هم نامي جي دعويٰ ۽ دليل ان مان پنهنجا رايه ٺاهڻ ۾ شروعات ته مغربي مورخن جو ڪمال آهي. هڪ مورخ بليچ نالي راجپوت چوهاڻ قبيله ۾ ڏسي جهٽ چئي ڏنو ته بلوچ اصل ۾ راجپوت چوهاڻ آهن يا ٿر ۾ سرائي بلوچن لاءِ چيائين ته يا ته هي صحرائي عرب آهن يا وري راءِ مهارس جو اولاد پر اسان جي سنڌي مورخن به گهٽايو ڪونه. ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ان ۾ پيش پيش آهي. هو پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکي ٿو ته ”آئرلئنڊ دراصل آريه لئنڊ آهي يعني آرين جو ملڪ. ايران جو حاڪم ڪسخرو چوي ٿو ته هن جو نالو ڪوي هرو آهي ۽ ڪيڪباد ڪوي ڪوات آهي. ڪيڪائوس اصل ۾ ڪوي آتش، گشتاشب اصل ۾ ڪوي وشتاشپ آهي (صفحه 137) ڪاڪو ته مغل، پٺاڻ يا افغان ۽ بلوچن کي به آريه قديم مان لکي ٿو. سو جناب هي تحقيق نه آهي بلڪ ڌڪو آهي جو ڪڏهن لڳي ته ڪڏهن نه لڳي. هاڻي ڪو ههڙن ڪتابن تان ڪو حوالو وٺي پنهنجي تاريخ يا ڪتاب لکي ته هو تاريخ جي ٽنگ ڀڃيو وجهي. اهو صاحب ته محقق سڏائڻ جي شوق ۾ لکي ويو پوءِ ڀلي ڪوڙئي ڇو نه هجي ۽ ڀلي پويان پيا ڪنڊا ڪڍن ۽ ڦٽ چيٺين.

سر جان مارشل جنهن موئن جي دڙي جي باقاعده کوٽائي 1922 کان 1927 ۾ ڪئي سو پاڻ به ماهر هو ۽ ان وقت سڄي هندوستان جي آثارِ قديم جو ڊئريڪٽر هو.

هن سڄي کوٽائيءَ جي ڪم جو مڪمل احوال ٽن جلدن ۾ هو. هڪ جلد تصويرن ۾ آهي باقي ٻن جلدن ۾ هن کوٽائي، قدامت ۽ لڌل شين جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ساڳئي وقت هن عراقي ۽ مصر جي تهذيب مان لڌل شين جو موازنه به ڪيو آهي. هو هرگز اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪو موئن جي دڙي جي تهذيب يا نسل سميرين جو ساڳيو آهي. البت هنن سان واپاري ناتو ضرور هو ۽ سميرين کي دراوڙ ٿو مڃي. هاڻي جي فرض به ڪيو ته دراوڙ سميري آهن ۽ عراق کان آيا آهن ته هنن جو نالو ڇو بدلايو. اگر نالو به بدلايائون ته پوءِ هنن جي زبان ۽ مهرون ڇو نه سميرين جهڙون آهن ۽ ڇو پڙهڻ ۾ نه ٿيون اچن.

سمير يهودي

اهو نظريه ته سمير يهودين مان نڪتل آهن، اهو مولانا عبدالحليم شر صاحب پيش ڪيو آهي. سردست اهو ڪتاب اسان نه ڏٺو آهي تنهنڪري اسان ان ڪتاب تي تبصرو ڪري نه ٿا سگهون، تاهم جو ڪجهه اسان کي معلوم ٿيو آهي، هن ريت آهي: جيڪو احوال اسان مقدس بائيبل يعني پراڻو نئون عهد بزبان سنڌي، بائيبل سوسائٽي آف انڊيا، پاڪستان ۽ سيلان، انارڪلي لاهور سنڌي زبان ۾ 1954ع ۾ ڇاپيو. ان موجب حضرت سليمان جي وفات بعد قوم مان فقط هڪ فرقه يهودار صبعام سليمان جي بادشاهي قبول ڪئي باقي بني اسرائيل الڳ ٿي ويا. هنن بيت ايليا ۾ پنهنجو عبادتخانو قائم ڪيو ۽ يربعام بن نياط کي بادشاهه چونڊيو (بادشاهت باب 12 سڄو صفحو 691 ۽ 692.) يهودا جي بادشاهه آسا جي ستاويهين وره ۾ زمري. ترخه ۾ ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. هاڻي ماڻهو جبتون جي سامهون منزل ڪري لٿا پيا هئا جو فلسطين جو شهر هو ۽ جيڪي لٿل هئا تن چوندو ٻڌو ته زمري منصوبو ڪيو آهي ۽ سندس بادشاهه کي به ماريو اٿس. تنهنڪري سڀني اسرائيلين انهيءَ ڏينهن لشڪر گاهه ۾ سپهه سالار عمري کي اسرائيل جو بادشاهه ڪيو. حاصل ڪلام ته زمري سڙي ويو، تنهن کان پوءِ اسرائيل جي قوم ٻن فرقن ۾ ورهائجي وئي. پر سڀني تي عمري غالب پئجي ويو. عمري 12 سال اسرائيل مٿان حڪومت ڪئي. هن سمر (ماڻهوءَ جي نالي) کان چانديءَ جا ٻه قنطا ڏئي سمريه جو ٽڪروخريد ڪيو ۽ انهيءَ ٽڪر تي هڪڙو شهر اڏيو. جيڪو شهر اڏيائين انهيءَ ٽڪر تي مالڪ سمر جي نالي پٺيان سمريه نالو رکيائين (بادشاهت باب 16، آيت 7 کان 26 صفحو 702 ۽ 703). هن پراڻي عهدنامي ۾ سامريه جو ذڪر بارها آيو آهي. ان سبب جي ڪري هنن يهودين کي سامريه چيو ويو آهي. فلپ هٽي ٻڌائي ٿو ته سرغون هڪ طرف ته اهي سڀ ماڻهو جلاوطن ڪري ڇڏيا جيڪي کيس کٽڪندا هئا ته ٻئي طرف جن اسرائيلين کي قيد ڪري وٺي ويو هو انهن جي جڳهين تي بابل، علام، شام ۽ عرب جي ماڻهن کي سامريه ۾ آباد ڪيو. نوان ماڻهو اسرائيلن سان خلط ملط ٿي ويا ۽ سڀني سامري سڏايو ۽ انهن جا مذهبي عقيده به يهودين سان مشترڪ ٿي ويا. 432ق.م عزرا ۽ نحمياه جلاوطنيءَ کان واپس آيا ۽ انهن نسلي پاڪيزگيءَ تي زور ڏنو. ٻنهي طبقن ۾ آخري مرتبہ نفاق پئجي ويو ۽ عزرا ۽ نحميا وارن سردار ڪاهن جي هڪ ٻوٽي کي ان ڪري يروشلم مان ڀڄائي ڪڍيو، جو هِن هڪ سامري گورنر جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي. اهو ڀڄايل نوجوان سامرين جو ڪاهن بنجي ويو ۽ ڪوه جو يزيم ۾ انهن لاءِ هڪ هيڪل تعمير ڪرايو جو يروشلم جي هيڪل جو حريف آهي. ان زماني ۾ يهودين جي ڪتاب مقدس تورات جي ابتدائي 5 ڪتابن تي مشتمل آهي. هي قديم عبراني لفظن ۾ لکيل آهي. سامرين وٽ صيهون نه بلڪ جرنيرم مقام مقدس آهي. هنن مان ڪي 200 ڄڻا نابلس ۾ مقيم آهن، باقي غزه-قاهره ۽ دمشق ۾ رهن ٿا (تاريخ شام اردو از فلپ ڪي هٽي صفحو 158).

عهد نامه قديم سنڌي ترجمو مقدس بائيبل يعني پراڻو نئون عهدنامه ۾ آهي ته اخا اب جي مرڻ کان پوءِ مواب اسرائيل کان باغي ٿيا. اخيزياه سامريه ۾ پنهنجي ماڙي جي جعفري مان هيٺ ڪري پيو ۽ بيمار ٿي پيو. هن قاصد سڏائي ان کي چيو ته وڃو ۽ عقرون جي معبود بعل زيوب کان پڇا ڪريو ته آءٌ هن بيماريءَ کان ڇٽندس يا نه پر خاوند جي ملائڪ ايلياه تشبي کي چيو ته اُٿ وڃي سامريه جي بادشاهه جي قاصدن کي گڏج ۽ چوين ته اسرائيل ۾ خدا ڪونهي جو اوهين عقرون جي معبود بعل زيوب کان ٿا پڇو (صفحو 722). هن مان سامريه ملڪ آهي جو فلسطين ۾ آهي. ٻئي هنڌ آهي ته انهيءَ وقت بادشاهه يهورام سامريه مان نڪري سڀ اسرائيل گڏ ڪيا (صفحو 726) ۽ ايشع چيو ته اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو. خداوند هينئن ٿو فرمائي ته سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريه جي درتي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو ۽ جَون جا به ماڻ هڪڙي شيڪل تي (صفحو 737). هاڻي اخا اب کي سامريه ۾ ستر پٽ هئا (صفحو 745). يهودا جي بادشاهه يو آس جي ستٽيهن ورهيه ۾ يهوداس بن يهو آخز سامريه ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ سورهن ورهيه بادشاهي ڪيائين (صفحو 753) يهودا جو بادشاهه عزرياه پنجاهين ورهيه ۾ فقحياه بن مناهم سامريه ۾ اسرائيل مٿان حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ هن ٻه ورهيه بادشاهي ڪئي (صفحو 758). هو سبع جي نائين ورهيه ۾ اسور جي بادشاهه سامريه ورتو ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو. انهن کي جوزان نديءَ تي خلج ۽ خابور شهرن ۾ ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين (صفحو 761). يعني اهي سامريه جا يهود هئا جن کي آشوري حڪمران ميسوپوٽيميا ۾ وٺي ويا هئا ۽ صدين بعد اهي سامريه يا سميري سڏائڻ لڳا،مگر هنن جو سميرين سان ڪو واسطو نه هو. اگر ڪو مصنف هروڀرو سنڌ جي سومرن جو هنن سان لاڳاپو پيدا ڪري ته اها سندس مرضي.

اسان جي نظر ۾ سنڌ جا سومرا نه سمرنسل مان آهن نه وري سميريا سامري يهودين مان. ڇو ته سومرا اگر سنڌ مان سمير ويا ته باقي سميرين ڇو نه سمير سڏايو. آخر هو جي نالو قائم نه رکي سگهيا ڇو؟ اوچتو سومرن جي نالي ۾ سنڌ ۾ گهڻو پوءِ ظاهر ٿيا. باقي نالا ۽ ڪي مشابهتون غير سميرين يعني سامي يعني اڪادين، فونيشن، ڪلدانين، آمورين ۽ اشورين جا وٺي ائين چوڻ ته سومرا ۽ سميرين هڪ ڳالهه آهن، سو ته تاريخ کان لاعلمي بلڪ مذاق ڪرڻ آهي.

قديم تهذيب جي لاءِ ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته انهن جو منبع هڪ آهي. جڏهن کان وٺي مختلف ملڪن جي آثار قديمه وارن کوٽايون ڪيون آهن ڪجهه نه ڪجهه مشابهت قديم تهذيبن ۾ ضرور ملي ٿي. ته ڇا ان مان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته اصل انسانذات هڪ شيءِ آهي ڊارون جي ٿيوري ۽ باندر جو اولاد واري نظريه جي هاڻي سائينٽيفڪ طريقي سان به نفي ٿي آهي. هڪ هنڌ پاڻ ڊاڪٽر سورلي جو نظريه قوميت سنڌ ۾ ٻڌائين ٿا ته دراوڙن کان اڳ ٻيا موندا ٽيا دراوڙي چوٿان اپائني لوڪ پر اهو ٻڌائين ڪونه ٿا ته ڊاڪٽر سورلي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيو آهي. اگر صفحو نه ڄاڻائين ته گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب جو نالو ته لکڻ کپي. ان کانسواءِ ان مفروضه تي ڇا ٻڌائي سگهبو. البت هن جو ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ اسان جي سامهون آهي، ان جي Index ۾ لفظ دراوڙ يا اپائني ڪونه لکيل آهي. لفظ سوميرن به فقط هڪ دفعو ڪم آندو ويو آهي.

اسان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته نوان لکندڙ تاريخ تي نه لکن، ڀلي لکن ۽ خوب لکن، ڇو ته اگر غلط لکيل هوندو ته ان تي تنقيد ۽ مزيد تحقيق ٿيندي.جواب در جواب سان معاملو نيٺ ڇنڊجي ڇڙجي، هڪ رخ  وٺندو. مگر ائين لکڻ ته عقل ڪل آهيان، آئون ئي صحيح آهيان، منهنجي ڏنل رخ تي تحقيق ڪريو، ان کان نه هٽو ورنه اوهين ڪوڙا آهيو؛ اهو لکڻ صحيح نه آهي ڇو ته علم جي ڪا انتها نه آهي. هر عالم پاڻ کي شاگرد ئي سمجهندو آهي.

مشهور محقق ميجر هينري جارج راورٽي، جيڪو ڪيترن ڪتابن جو مورخ، مصنف ۽ ترجمان آهي تنهن پنهنجي مقالي جيڪو 355 صفحن تي مشتمل آهي. Mehran of Sindh and its tributarries (درحقيقت هن جو مقالو صفحه 155 کان شروع ٿئي ٿو۽ صفحه 361 تي لکي ٿو ته "A little history like a little learning is a dangerous thing" اسان به اها دعويَ ڪونه ٿا ڪيون ته اسان جو ڪجهه لکيو آهي اهو منڊيءَ تي ٽِڪَ آهي، ليڪن ايترو ضرور چونداسين ته عراق جي قديم تهذيب ڪا هڪ نه پر گهڻيون هيون ۽ ڪيترن ئي مختلف نسلن هڪ ٻئي پويان بعض گڏوگڏ، جدا جدا حڪومتون ڪيون، بعض مذهب به مختلف هو، انهن کي الڳ الڳ ڪري لکجي. ڪو احوال ڪٿان ته ڪا مورتي يا تختي جدا جدا نسلن جي وٺي سڀني مان چونڊ ڪري هڪ ڪري لکي ناروا آهي.

سموري مقاله ۾ فاضل مصنف اهوواضح ڪونه ڪيو ته سومرا آخر ڪهڙي دور يا سنه ۾سميرين مان بدلجي سومرا ٿيا. هو ته صاحب موصوف ٻڌائي ويو آهي ته ساڳئي قوم سنڌ مان ويا ته هت جو سومرا باقي رهيل سميرين مان آهن يا عراق مان هت جا سومرا باقي رهيل سميرين مان آهن يا عراق مان هت آيا آهن. اگر هن جا رهجي ويل آهن ته جو انهن جي تاريخ يا ڪتاب يا ڏند ڪٿا نه ٿي ملي. ڪا آکاڻي يا قصه به نه آهي ته هو اسلام کان اڳ هت هئا. هڪ محققانه ڪتاب مولانا قاضي مبارڪ اطهر پوري سنڌي عهد رسالت ۾ لکيو آهي ته ان وقت سَتَ سنڌي قومون سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به رهندڙ هيون پر انهن ۾ ڪٿ به سومرا قوم جو نالو ڪونه ٿو ملي. تاريخ بلاذري به ڪن سنڌي قومن جو فتح وقت ذڪر ڪيو آهي. ان ۾ به سومرا يا سميري لفظ ڪونه ٿو ملي. بنو سومرا لفظ آهي مگر اهي به بعد ۾ سي به عراق ۾ هئا ۽ قريش هئا، نه ڪي سميري. چچ نامه ۾ اٽڪل 12-14 ذاتين ۽ پاڙن جو ذڪر آهي. پر سومرا يا سميريءَ جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي. ڪم از ڪم ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ويندي ملتان تائين هو اُت ڪونه هئا. اگر ٻئي ڪنهن هنڌ هئا ته ڪم از ڪم اتي جي ڪتابن ۾ انهن جو احوال هجي ته فاضل مصنف اسان جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.

دراوڙ جيڪي موئن جي دڙي جي تهذيب جا مالڪ آهن، آريه قوم ئي هنن کي برباد ڪيو. سنڌ ۾ ڪن قومن ۽ ذاتين کي شمار ڪيو وڃي ٿو، جن مان ڪن جي نشاندهي ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتابن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ قديم سنڌ ۾ ذڪر ڪيو آهي پر نه انهن ۾ نه وري آرين جي قديم ڪتابن ۾ سومرا يا سميرين جو ذڪر ملي ٿو. اڄ ڪلهه ڏکڻ هندستان ۾ دراوڙ ڪروڙن ۾ آهن انهن ۾ به سومرا يا سميري لفظ ڪونه ٿو ملي. ڇا ان مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته سومرا يا سميري اهو لفظ هت انڊو پاڪ ۾ قائم رکي نه سگهيا. ممڪن آهي ته عراق ۾ هجن، ات اشوري ته ملن ٿا جن مان سخريب بادشاهه ٿي گذريو آهي، پر سمير ته ات به ڪونه آهي. پوءِ اچانڪ سومرا پيدا ته سنڌ ۾ ٿيا پر سميرين تائين سنڌ ۾ Link ڪانه ٿي ملي. ڇا ان کي اوهان تحقيق ٿا چئو؟ پر اوهان کي هروڀرو ڳنڍ ٻڌڻي آهي ته سنڌ ۾ هڪ بيت ملي ٿو ان کي ٻک وجهو ورنه اسان جي نظر ۾ سومرن جو اصلي ماخذ ديارِ عرب کان سواءِ نه ملندو.

نه ڪي سمير ۾ ساريون نڪي ڪليريءَ ۾ ڪماند،

هاري ۽ ڏاند ڪهه ڄاڻان ڪيهي ويا.

 

قديم نسلن جي بقايات

ڪتاب نالي ڪرد، ترڪ ۽ عرب مصنف سي.جي. ائنڊ سنس آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس نيويارڪ ٽورينٽو 1957ع لکي ٿوته عراق جي ڪرڪڪ پرڳڻي، جوڪردن جي علائقي ۾ آهي، اُت هڪ قوم يا قبيله نسطوري عيسائي مذهب وارن ڪالدين جو به آهي جيڪي اٽڪل روءِ 150 لهر آهن (صفحو 266).

ساڳيو مصنف موصل جي ڪردستان متعلق لکي ٿو ”موصل جو آدم ڪرد آهي. قدرتي حدون هن ولايت جو ظاهر آهن ته ٻاهرين ڌارين کي ڪهڙو حق آهي ته هن جي دعويٰ ڪن. ترڪ، عرب، اسرين يا آشوري دعويٰ ڪن ٿا ته هنن جي آدم جا ننڍا حصا هن ۾ رهن ٿا (صفحه 302).

پهرين جنگ عظيم بعد، ترڪن جي حملي سبب 8000 اسورين عراق ۾ اچي پناهه ورتي آهي (صفحو 387).

مسلم ان عربي ائڊن آفريڪا مصنف پروفيسر محمود بريلوي فيروز ائنڊ سنس لاهور 1951ع لکي ٿوته عراق ۾ ڪالدين جي آدمشماري 98 هزار آهي (صفحو 38)

ڪرد ائنڊ ديئر ڪَنٽِري باءِ ڪئپٽن شيخ اي. وحيد لاهور 1955ع. هو صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:

”ڪردن بابت ته هو ڪهڙي نسل ما آهن، گهڻائي نظريه آهن، هو صاحب 600 سال قديم پارس ڪتاب شرف نامه جي حوالي سان ٻڌائي ٿوته ڪرد بخت نصر جو اولاد آهن (صفحو 12 ۽ 13) ياد رهي ته بخت نصر آشوري هو. مصنف جي نظر ۾ ڪسائي گهراڻه، جنهن 4 سئو سال بئبلان ۾ حڪومت ڪئي، اهي اصل ۾ ڪرد هئا (صفحو 48  49).

ڊسمنڊ سٽيورٽ ۽ جان هئلاڪ پنهنجي ڪتاب ”نيوبئبلان“ 1956ع اشورين ۽ ڪلدانين جو ذڪر ڪيو آهي جي هن وقت به عراق ۾ موجود آهن.

البت ڪرنل ايڇ.آر.پي. ڊڪسن پنهنجي ڪتاب ”عرب آف ڊيزرٽ“ 1949ع ۾ لکي ٿو ته سميري قوم ۾ Tattoo جو رواج هو يعني چهري تي نقش نگار ٺاهڻ، جيئن اڄ به سنڌ جي شيڊيولڊ ڪاسٽ (هريجن) قومن ۾ رواج آهي. خصوصاً ڀيل، ڪولهي ۽ مينگهواڙن وغيره ۾ آهي. اهڙيءَ طرح عراق جي ڌٻڻن واري علائقي جي رهندڙ مسلمان معاد قبيله ۾ آهي. ان ڪري هو امڪان ڏيکاري ٿوته اهي معاد سميرين جو اولاد آهن ۽ هو صاحب ٻڌائي ٿو ته هتي تحقيق ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. (صفحو 163-171 ۽ 530).

سومرن ۾ چهرو چٽڻ خصوصاً مستورات ۾ رواج نه هو، نه آهي. جيتوڻيڪ هنن هندو راجپوتن مان شاديون به ڪيون هيون. ان ڪري سميرين جي هن رسم کان به سومرا وانجها آهن. جيڪڏهن بدن تي نقش چٽڻ سان قوميت جو معيار آهي ته سنڌ جا نيچ ذات جا هندو پڪ سان سميرين نسل جا ٿيندا. سومرن جو به ظاهر ته هريجن سان ڪوبه نسلي واسطو نٿو لڳي، باقي مورخن جي مرضي.

عربي ڪتاب الفهرست مصنف ابن لانديم (متوفي 380هه) به پنهنجي وقت ۾ ڪلدانين ۽ اشورين جو ۽ سندن مذهب ۽ عقيدن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هن وقت ۾ موجود هئا مگر هن ڀلجي به سميرين جو ذڪر نه ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سميري يا انهن جو باقيات ڪو هوئي ڪونه. عراق ۾ اڄ به صابي مذهب جا ماڻهو موجود آهن. هو ڪلداني نسل جا لڳن ٿا. هنن جي دعويٰ آهي ته حضرت ابراهيم سندن هم قوم هو. (بلوء العرب جلد 3 اردو).

يهودي سامريه جو بائيبل جي هڪ نسخه ”دي نيو ٽيسٽيميٽ وٿ اوور 500 السٽريشن ۽ ميس ڇپايل آمريڪن بائيبل سوسائٽي جي صفحه 2. بي موجب سامريه جو علائقه جارڊن ندي ۽ سمنڊ جي وچ ۾ يروشلن کان اتر طرف جو علائقو آهي. ان ۾ سامرا جو شهر به هو. مگر هي سامري يهودي آهن نه ڪي سميري.

نفيس احمد شيخ

]ادبي خبرنامو[

پاڪستان اهل قالم ڪانفرنس

هڪ مختصر جائزو

تاريخ 25-26 نومبر 1980ع تي، اسلام آباد ۾، پاڪستان اڪادمي ادبيات جي ڪوششن سان ڪل پاڪستان اهل قلم ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جو افتتاح صدر مملڪت جنرل محمد ضياء الحق ڪرڻ فرمايو.

ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل تقريبن چئن سَوَن نمائندن شرڪت ڪئي، جن ۾ آزاد ڪشمير ۽ قبائلي علائقن جا اهل قلم پڻ شريڪ هئا. پاڪستان جي تاريخ ۾ غالباً اهو پهريون موقعو هو، جو ملڪ جي لکندڙن جو ايڏو وڏو اجتماع ٿيو هو.

سنڌ مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، مسٽر غلام رباني، مرزا اسد بيگ، پروفيسر محمد اسحاق ابڙو، مسٽر اسدالله ڀٽو، مسٽر بشير احمد شاد، مسٽر عبدالخالق بلوچ، مسٽر قاضي خادم ۽ بنده راقم شامل هئا.

اسلام آباد پهچڻ تي اڪيڊمي آف ليٽرس جي ڊئريڪٽر جنرل ۽ ڪانفرنس جي منتظم اعليٰ جناب مسيح الدين احمد صديقيءَ ۽ سندس رفيقن مهمانن جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو ۽ کين اسلام آباد هوٽل ۽ گورنمينٽ هاسٽل پهچايو، جتي سندن رهائش جو تمام سٺو انتظام ٿيل هو.

تاريخ 25- نومبر تي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي تاريخي هال ۾، صدر مملڪت جنرل محمد ضياء الحق،ڪانفرنس جو افتتاح ڪندي فرمايوته اديبن کي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي دفاع ۾، پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو قلم اسلام ۽ پاڪستان جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ گهرجي.

صدر محترم فرمايو ته حڪومت اديبن جي تخليقي سرگرمين تي ڪنهن به قسم جي پابندي عائد ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نٿي رکي، تاهم دنيا جي ڪنهن به حصي ۾، ڪڏهن به ڪنهن کي ڇڙواڳي حاصل نه رهي آهي. حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جي تعمير نو لاءِ اديب پنهنجو تعميراتي ڪردار پوري آزاديءَ سان ادا ڪن.

صدر محترم ياد ڏياريو ته گذريل اڍائي سالن تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پوندي ته ملڪ ۾ مارشل لا جي باوجود حڪومت ڪنهن به لکندڙ کان نه سندس قلم کسيو آهي، نه ڪنهن اديب کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ڪنهن اهل قلم تي مقدمو هلايو ويو آهي. بعض لکندڙن سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ يا ڪن ٻين مقصدن جي حاصلات لاءِ اشتعال انگيز تحريرون لکيون، پر حڪومت انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

صدر چيو ته حڪومت ڪڏهن به لکندڙن سان آمرانه روش اختيار نه ڪئي آهي، ڇو ته اهڙي رويه مان ڪڏهن به فائدونه ٿيندو آهي.

صدر محترم اديبن تي زور آندو ته وقت اچي ويو آهي ته قلمڪار جي تخليقي قوت جو سرچشمو اسلام تي مبني نظريو بنجي.

ان موقعي تي صدر مملڪت اديبن جي مسئلن کي ڄاڻڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ محترم ڊاڪٽر بلوچ جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي ۽ اديبن جي بهبود فند ۾ ڏهن لکن روپين جي اضافي جو پڻ اعلان ڪيو.

صدر محترم جي صدارتي خطبي کان اڳ وزير تعليم جناب محمد علي خان هوتي خطبه استقباليه پڙهيو۽ جناب عبدالعلي خان وفاقي سيڪريٽري تعليم صدر صاحب کي اڪيڊميءَ جا ڇپيل ڪتاب پيش ڪيا.

افتتاحي اجلاس ۾ مندوبين کان علاوه وفاقي وزيرن، مشيرن، مرڪزي حڪومت جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. افتتاحي اجلاس جي اختتام وقت اديبن طرفان جناب اشتياق حسين قريشي صدر محترم جي شڪريه ادائي ڪئي.

ان بعد صدر محترم ڪانفرنس ۾ آيل اديبن سان گڏ چاءِ پيتي، ساڻن غير رسمي گفتگو ڪئي.

شام جو ڪانفرنس جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن جو عنوان هو ”اديب ۽ مملڪت“. ان اجلاس جي صدارت وفاقي وزير تعليم جناب محمد علي خان هوتي ڪئي. ان ۾ محترم احمد نديم قاسمي، ڊاڪٽر پريشان خٽڪ، سليم احمد، ابوالخير ڪشفي، پروفيسر فتح محمد، محترم غلام رباني، امين راحت چغتائي ۽ مسٽر اسدالله ڀٽي پنهنجا مقالا پڙهيا.

ساڳئي ڏينهن رات جو ٻيو اجلاس جناب جسٽس تنزيل الرحمان صدر اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي صدارت ۾ ٿيو، ان ۾ ”اسان جي ادب ۾ اسلامي اقدار جو احياء“ جي موضوع تي ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله، ڊاڪٽر ابوالليث صديقي، نسيم حجازي، پروفيسر احمد علي، ميان سيد رسول رسا ۽ ڊاڪٽر برهان احمد فاروقي پنهنجا مقالا پڙهيا.

26- نومبر تي صبح جو ”اديب ۽ معاشرو“ جي عنوان تي ٽيون اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله ڪئي ۽ ان ۾ ڊاڪٽر عبادت بريلوي، رئيس امروهوي، وزير آغا، محمد نواز طائر، رضيه فصيح احمد ۽ مجبتيٰ حسين پنهنجا مقالا پڙهيا.

شام جو آخري اجلاس ٿيو، جنهنجي صدارت ڊاڪٽر محمد افضل، چيئرمن يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ڪئي. ان جو موضوع هو: ”تعليم ۽ تخليقي ادب“، ان اجلاس ۾ پروفيسر شريف ڪنجاهي، ڊاڪٽر شمس الدين صديقي، جمله هاشمي، انجم اعظمي ۽ ظهير فتحپوري پنهنجا پنهنجا پيپر پڙهيا.

ٻه روزه اهل قلم ڪانفرنس ۾ متعدد ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جن ۾ افغان مسلم ڀائرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ويو، نظام اسلام جي قيام لاءِ ورتل ڪوششن لاءِ صدر محترم جي خدمات کي ساراهيو ويو ۽ ملڪ جي قومي زبان ۽ ٻين سمورين علاقائي زبانن جي ترقي ۽ ترويج لاءِ مثبت تجويزون منظور ڪيون ويون.

ڪانفرنس جي اختتام تي، 26- نومبر، رات جو صدر موصوفَ اديبن جي اعزاز ۾”ايوان صدر“ ۾ عشائيه ڏني، جنهن ۾، ڪانفرنس ۾ شريڪ اديبن سان گڏ وزيرن ۽ سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پڻ صدر صاحب اديبن سان غير رسمي طور مليو، جنهن جو اهل قلم حضرات جي دلين تي نهايت خوشگوار اثر ٿيو.

عشائيه کان پوءِ حفيظ جالنڌريءَ جي صدارت ۾ مشاعري جي هڪ پروقار محفل منعقد ٿي، جنهن جو اختتام نبي ڪريمﷺ جن جي نعت شريف تي ٿيو.

ٽئين ڏينهن تي، ڪانفرنس جا مندوبين پنهنجن پنهنجن شهرن ڏانهن روانا ٿيا.

ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ جي سلسلي ۾ مرڪزي وزير تعليم محترم محمد علي خان آف هوتي، مرڪزي سيڪريٽري تعليم جناب عبدالعلي خان ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ڊئريڪٽر جنرل جناب مسيح الدين احمد صديقي، اڻٿڪ محنت، خلوص ۽ محبت سان رات ڏينهن ڪم ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل اديبن ۽ نمائندن جون دليون کسي ورتيون ۽ سندن خدمت چاڪريءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر ڪانه ڇڏي. سمورا مندوبين مٿين صاحبن ۽ سندن عملي، خاص طرح محترم ارشاد علي شاهه صاحب، اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل ايڊوائزر جي حسن سلوڪ جي تعريف ڪري رهيا هئا.

اهل قلم ڪانفرنس جهڙا باوقار قومي اجتماع، مختلف علائقن جي اهل قلم دانشورن کي هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ تبادله خيالات جو موقعو فراهم ڪن ٿا. انهن اجتماعن وسيلي قومي وحدت کي استحڪام ملي ٿو، جيڪو هڪ نظرياتي مملڪت لاءِ نهايت ضروري آهي.

اميد ڪجي ٿي ته هي ڪانفرنس فقط ”نستند، گفتند، برخاستند“ تائين محدود نه رهندي، پر انهن دور رس نتيجن جي عملي شڪل اختيار ڪندي، جن جي حاصلات لاءِ ان جو اهتمام ڪيو ويو هو.

اها ڪانفرنس خود ملڪ جي اديبن لاءِ پڻ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ موثر ذريعو ٿيندي، خاص ڪري، ان سبب ڪري، جو صدر محترم طرفان مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ نهايت مثبت تجويزون ڏنيون آهن. ڪاميٽيءَ جي سربراهه جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سونپيل ڪم جي مفاد ۾ ۽ ادبين جي بهبوديءَ لاءِ ڪاميٽيءَ کي وسيع ڪري، ان کي هن طرح تشڪيل ڏني.

(1) پروفيسر مسيح الدين احمد صديقي. (2) احمد نديم قاسمي. (3) محمد طفيل. (4) جميله هاشمي. (5) ڊاڪٽر پريشان خٽڪ. (6) ڊاڪٽر جميل جالبي. (7) ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله. (8) شان الحق حقي. (9) محترم غلام رباني. (10) پروفيسر محمد نواز طائر. (11) ملڪ محمد رمضان. (12) صهبا لکنوي. (13) اسدالله ڀٽو. (14) امجد الاسلام امجد. (15) ڊاڪٽر معزالدين. (16) ڊاڪٽر شريف المجاهد. (17) پروفيسر خاطر غزنوي. (18) ڊاڪٽر صابر آفاقي.

مٿينءَ ڪاميٽيءَ، اديبن جي مشترڪ مسئلن تي غور ڪرڻ بعد، هيٺينءَ ريت، سفارشون مرتب ڪيون.

1. جيڪي قلمڪار پنهنجون لکڻيون خود شايع ڪرڻ چاهين،انهن کي ڪاغذ رعايتي اگهن تي فراهم ڪيو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ انهن کي تجارتي ناشرن جي استحصال کان بچائڻ خاطر سندن ڪتاب اڪيڊمي آف ليٽرس ڇاپي ۽ ان لاءِ اڪيڊميءَ کي گهربل وسيلا ميسر ڪري ڏجن.

2. مصنفن جي رائلٽيءَ جي شرح قانوني طرح مقرر ڪئي وڃي.

3. ڪاپي رائيٽ ائڪٽ ۾ ترميم ڪئي وڃي، جيئن مصنفن کي وڌيڪ تحفظ حاصل ٿي سگهي

4. ملڪي ۽ غير ملڪي اديبن جي تحريرن کي بنا اجازت شايع ڪرڻ وارن ناشرن کي عدالت ۾ سڏيو وڃي.

5. صحافين وانگر اديبن کي پڻ ريل ۽ هوائي ڀاڙن ۾ رعايت ڏني وڃي ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ وفدن ۾ کين نمائندگي ڏني وڃي.

6. اديبن کي صدر مملڪت سان ملاقات جي سهوليت، آسانيءَ سان ملڻ گهرجي.

7. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي خواهشمند اديبن لاءِ اين.او.سي. جي اجراءَ جو طريقو آسان بنايو وڃي.

8. ادبي رسالن جي ڊڪلريئشن جي حاصلات کي سولو ڪيو وڃي.

9. آزاد ڪشمير ۽ قبائلي علائقن جي اديبن کي پڻ ٻين اديبن وانگر انعامات ڏنا وڃن.

10. ادبي، علمي ۽ ثقافتي پرچن لاءِ درآمدي ڪاغذ تان پنجاهه فيصد ڪسٽم ڊيوٽي معاف ڪئي وڃي.

11. ادبي رسالن کي مناسب نرخ تي سرڪاري اشتهار ڏنا وڃن.

12. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لئبررين لاءِ ادبي رسالن جي خريداري لازمي قرار ڏني وڃي.

13. اسلام آباد ۾ اديبن کي رهائش جي سهوليت فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهاري هيٺ اديبن جي هاسٽل قائم ڪئي وڃي.

14. اڪيڊمي آف ليٽرس، تخليقي ۽ تحقيقي ادب لاءِ جيڪي انعامات ڏئي ٿي، اهي پاڪستاني زبانن جي مقتدر هستين سان منسوب ڪيا وڃن، جيئن ته؛

(1) اردوءَ لاءِ علامه اقبال ايوارڊ.

(2) سنڌيءَ لاءِ شاهه عبداللطيف ايوارڊ.

(3) پستو لاءِ خوشحال خان خٽڪ ايوارڊ.

(4) بلوچيءِ لاءِ ڄام درمڪ ايوارڊ.

(5) پنجابيءَ لاءِ وارث شاهه ايوارڊ

(6) ملتانيءَ لاءِ غلام فريد ايوارڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com