سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محمود فقير

صفحو :8

 

متفرقه ڪلام

 

گهوڙي جو قصو

 

فقير صاحب جي فرزند محمد خان ۽ ٻين همعصرن کان روايت آهي ته فقير صاحب جو گهوڙن سان تمام گهڻو پيار هوندو هو ۽ هميشه هڪڙو نه ٻيو گهوڙو وٽس بيٺو هوندو هو. هڪ دفعي رئيس تاج محمد خان کٽياڻ، فقير کي هڪ ڀلو گهوڙو ڏنو. فقير سگهوئي گهوڙي تي چڙهي وڃي نبيسر جي پاسي نڪتو. اُتي مٺي فقير ڍير واري جو به هڪ ڀلو گهوڙو هوندو هو، جو رنگ جو مڪڙو هو. مٺي فقير، فقير صاحب کي چيو ته ”منهنجي گهوڙي سان هڪليندين؟“ جنهن تي فقير صاحب هائوڪار ڪئي. ٻئي گهوڙا هڪليائون، محمود فقير جو گهوڙو مٺي فقير واري گهوڙي کان هلڻ ۾ هارائي ويو. فقير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ماڻهن کي گهوڙي بابت هيٺيون شعر ٻڌائي خوش ڪيائين:

 

حسن حسينَ امام زماني، شاعف رب ستارا!
خواب ڏٺي ڪوثاب پيوسين، صاف سنجاف ڀٽارا!

 

رنگ تفنگ نسنگ نهايت، پاڏا پنج هٿيار،
ٽور هلي هڪ او عجائب، آوندا مور متارا؛
رخت رلي تي جهڙپ ڏيندا، ول آوندا هڙپ هزارا،
سؤ ڪوهه اُتي پر جوهه رکي مين لوهه لکي پرتارا؛
ڌوم هلڻ تي زوم رکيندا، روپ وڇون رؤڌارا،
”ڌان ڌان“ ڪر دڙٻاٽ ڪريندا، سنبين دا سٽڪارا؛
سرڙ سامونڊي ارڙ ڀٽارا، ناميل نرڙ نغارا،
دم دنيا دا غم بندي ڪون، هئي سڀ کوٽ خسارا؛
جم جمان سلطان سڪندر ڪرڳئي وقت گذارا،
منگتا هئي ”محمود“ سوالي، رک تون ڀرم ڀٽارا.

 

*

مخدوم جهانيان ڏس ڏاتارا،
ڪر ڳئي وير وقت گذارا!
دنيا هئي سڀ کوٽ خسارا،
عاشق اَلٽ ترن اوڀارا؛
سيد دي رک سڪ سنڀارا،
روهڙي والا پير پاڳارا؛
جنهن دا ڏسيين وچ ڏهاڪارا،
هادي حضرت دا هوڪارا؛
بلي ڀٽائي پري پسارا،
الله نبي دا اِجها اوتارا؛
هئي مدامي سانوڻ سيارا،
قادر قدرت ڪنڌي ڪنارا؛
برک بديني هئي ڀلارا،
چڱا چونڊ لڳا چويارا؛
وارث وير ولايا وارا،
پنجتن پاڪ پوش پيارا؛
امت دا او ڇاون آرا،
مرد اٺاون بيشڪ بارا؛
حضرت محمد(ﷺ) نور نظارا،
عليھ الصلواة والسلام سونهارا؛
ٻارنهن ٻول ڪرن ٻهڪارا،
چوڏنهن چونڊ ڪرن چهڪارا؛
مدد علي مهندار منارا،
خيبر ماريا ڪافر ڪارا؛
جنگ فتح دا لڳا نغارا،
سخي دين پناهه دا نعرا؛
چوڏهن طبق ٿيا هٻڪارا،
شهباز قلندر هئي قرارا،
عرش ڪرش وچ نوبت نارا،

 

سنڌ سڄي وچ هئي سوڀارا؛
غوث بهاول باغ بهارا،
جڳت جنهن دا ترت نظارا،
سرور وارث هئي واڌارا،
نرمل نوح ڀريا نر وارا؛
ابلق لک گهوڙا ڏتس هزارا،
سوڌا سچر ميا متارا؛
نا ڪجهه گهوٽ گهتيندا گهارا،
ڏاڍا پنڌ هلي هوشيارا؛
جيوين درياهه دا ڌڌڪارا،
تيوين ٻول ڪري ٻٽڪارا؛
نا ڪجهه چهبڪ دا چٽڪارا،
نا ڪجهه ڳالهه سهي ڳٽڪارا؛
جنهن ڪو آگ اندر اسرارا،
واهه ڪبوتر سرسا سارا،
نا ڪجهه ڏيکي کڙٻڙ چارا،
توڻي ڌُٻڻ گپان گارا؛

 

تکا تيز اَڏاڻا تارا،
جيوين وڏ ڦڙا وسڪارا؛
دشمن ديک اُتهين دهڪارا،
واهه ڪبوتر سرسا سارا؛
جنهن داغ ٿيا دوبارا،
شومي سڙڳئي هين سارا؛
کوٽا خلل ڪري خسارا،
نانگا نرڳ ڳيا ناسارا،
گانڊو لڙهه ٿيا لهوارا،
سورهه سرڪس هئي سرڪارا؛
”محمود“ مدعي تي هئي مارا،
نا ڪجهه ٽل ڪريندا ٽارا؛
مرشد موج درياهه مهندارا،
سيد سگهه ڀريا سردارا؛
عاشق اڙيان دا آڌارا،
حسن حسين تي ڍريا ڍارا،
پڙهه ڪلمان ٿئي اندر اُجارا،
واهه ڪبوتر سرسا سارا!
 


 

فقير صاحب ۽ گنگو مينگهواڙ

 

ڳوٺ موسى خان کٽياڻ ۾ گنگوءَ نالي هڪ مينگهواڙ رهندو هو، جنهن کي محمود فقير جُتي جوڙي ڏيڻ لاءِ ٻه روپيا اڳواٽ ڏنا هئا؛ ڳچ ڏينهن گذري ويا، پر مينگهواڙ رڳو پيو ڏٽا ڏيندو هو ۽ اڄ سڀان ڪندو هو. هڪ ڏينهن ته پاڻ ۾ تکا مٺا به ٿيا، تڏهين به گنگوءَ جو ”اهوئي ڳن ڪهاڙي!“ فقير اهو سمورو سوالن جوابن ۾ ٺاهيو آهي.

 

ڇڪي حرف حساب جا کٽياڻ ڪيا کڙا،
”جُتي ڏنم جوڙڻي رپيا ڪري ڪڙا،
تَرُ ڪجيئنس ڏاڍو، کُپاجئينس کڙُيا،
تون مينگهواڙ آهين مواڙيو، جواب ڏين ڇڙها،
هاڻي گنگو ڪيم رڙاءِ، جتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: ”جُتي تنان جوڙي ڏيسان، ڪيم چمڙو سايو،
اڌوڙ اٿم ٽنگي، ڪالهه کوڙي ڪايو،
سرءُ آهي ملڪ ۾، ٻيو تپ رو واريو،
تون اوٺار ٿي اوچتو، اسان نا آيو،

 

منان ڇو اٿئي تپايو، لاهه گوڙ غريب تان.“
فقير: ”لاهيان گوڙ غريب تان، ورتا اٿئي پيسا،
دلبا ڏيو ڌتاريو، ڀرين ٿو کيسا،
ڪاوڙ ڪرين ڪشت مان، تڪڙ ۽ تيسا،
هاڻي گنگو گهڙ مَ گيسا، جتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: ”جتي تنان جوڙي ڏيسان، پر اڌوٿڪا لاهان،
دڪان ۾ ڌُمَ ٻڌيو، ڪرين ٿو ڪاهان،
لچائي رولُڙ ٻڌيو ڏين در در تي دانهان،
ڪڍئين نه ڪاوڙ قصور ڪي باڙ داران باهان،
منگلي هڻ سي مٿي تي، تارو ميڄالو ڊاهان،
پاڇي سونٽا سنبها هان، ڏنڊا ساري ڏيهه جا.“
فقير: ”ڏنڊا هڻندي ڏيهه جا، آءٌ چرخ پڃئين ٿو چوڙ،
رنبي آر کوٽي کسيئين، رليا ڪندو سئين روڙ،
پڳ مروڙي پٽ تي، ڌوتيو هڻئين ڌوڙ،
ويڙهه ڪرين ٿو سيڙهه وانگون، سانڊا ٻڌا سور،
هاڻي ڪچا ڪرمَ ڪوڙ، جتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: ”جتي تنان جوڙي ڏيسان، محنت ڪرسي من،
هيڻان مون وٽ حاضر ناهي، ڪسر هٿيڪو ڪم،
ٻارهين ٻڙ دڙو وڪامي، چوڏهئين روپئين چم،
تون لاڏ ڪرين پيو ڦند فقيرڪاڻي اٺ روم دم،
ٻانهن لوڏين ٿو ٺونٺ جيئن رنبيرو آهه ڳن،
کوءِ پيو کٽيو، جتي تنهنجي ٻئي رپيا ٻن،
روز منا رزاق ڏيسي، ڌڻي جَجهيرون ڌن،
آهت راهيڻ داڻا آندا، اڌ خرار اَن،
شرم آپي شاهه رک سي پير پٿورو پن،
منان انهين ڳالهمرو غم، جو ڪرين جنگ جتيءَ تان.“
فقير: ”ڪران ٿو جنگ جتيءَ تان، تون حرفين حساب ڏوهي،
پئسا کائي پيٽ چٽا، توکي عقل ناهي ڪوئي،
سارو ڏينهن سودا ۾ ڀنڊ ٻڌين ڀوئي،
ڪارب، آر کوٽي کسئين، رنبيءَ واري روهي،
پير پيادو پنڌ ڪران، منزل پنج ڪوهي،
هاڻي گنگو ڪرمَ گوهي، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: ”جتي تنان جوڙي ڏيسان ڳلو ڇڪي ڳنڍ،“
کڙيا ٻڙيا کپائي رک سان ترڪو سي جنڊ،
سُٽ پَٽ تون مناڏي مين نيا سب سين ٽنڊ،
چوڏهان مهنا چوٽان کاسي، شرط رکين ڪو ڏنڊ
تان رو زائد آيي چنڊ، جتي تنان جوڙي ڏيسان.“


 

فقير: ”جتي اسان کي جوڙي ڏي تون ڪر ڀلايون ڀال،
ڪندو خير کٽياڻ چئي قادر ساڻ ڪمال،
پيشاني تنهن پرور جي حسن جُنگ جمال،
صدقي وڃان سهڻي تان ”محمود“ مڏي مال،
کيڏي خنڪي خوب خوشي وچ سهڻو رنگ رومال،
ڪوڙ ڪرين ٿو ڪوچڙا، اها ناهي چڱي چال،
تون زائد ٻڌو جنڊهڙا، کڻي ڏينهن سنڀال،
هاڻي تالر ڪر نه تال، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: جتي تنان جوڙي ڏيسان، ساران تار وحق،
جنگ ڪري ٿو جکي مارين، منان ڪيڏو ڪيو ٿئي ڪڪ،
چاچو تنهنجو چرٻٽ آهي بچل بلاشڪ،
چبان ڪرسي ناحق نسورا چريا هڻي چهڪ،
آپ مرادو اڪان مين سي بدو ڪري بَڪَ
بچل چريو بانٺا کڻ سي ڏنڊا، اُلاري ڏڪ،
مين بي مينگهواڙن ۾ مُلهه ڳرو ٻُٽي هڻ سي ٻک،
ڪڍ ٽٻي تان سڙڪ ساندارو گوڏا ڀڄ سي نڪ،
پاڇي ڪش ڪڍسي ڌڪ، کچ کٽياڻ رو.“
فقير ”ڪڍندين کچ کٽياڻ جو، اٿئي بچل بازيگر،

 

افلاطون عقل جو اڙٻنگ ظاهر، تنهن وٽ زر،
محل ماڙيون بنگلا اسان جا، دروازن سان در،
بگدي بونب بچل جا اٺ، ناميل نيشانبر،
ڏنگڙو ڀلو ڏيهه سڄي ۾“ ڪيچي ڪبوتر،
ٻيلو اٺ آهه سائو سهڻو؛ ويهو لڏجي ور،
احمد انڙ کان مون هو آندو نام ڪٺيو سو نر،
گونگي گوڙ ڪري ٿو گهيڪن تارو گهاٽو تر،
صاف نچايو سوڌان کي ٿا، جيڪا پارس پَر،
لعل هندورا، کٽون ڳاڙهيون، گنگو اسان جي گهر،
تون چئين پئسن جو چم هلائين، کٽل آهين خر،
هاڻي سانڊا پوَئي ڪو سَرُ، جتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: ”جتي تنان جوڙي ڏيسان، بچل ٿي نه ڀوت،
کارو کائين مانيان رو، ڏکيو ڊاپي نه ڏوُت،
ٽين پئسان ري ٽوپي گهتي، چريا بني چوُت،
بچل ري منان ڀيڏي ڀن سان، سٽ ڪڍ سي سوت،
اهو کٽياڻ رو ڀوت، مون سهي سڃاتو سانڊي کي.“
بچل خان: ”صاف سڃاتئي ڪين اسان کي، سانڊا چئومَ سور،
اڻ ڏڌيون ٿيون پهرن اسان جون، مينهون ڍڳيون ڍور،
بگا بگدي اٺ اسان جا، دنيا مون وٽ دور،
هئيبتياڻين منجهه هزارو، بچل بلي رو،
تيز تراريون روپي ڳن سان، جن سان ماريون چور،
طاهر، طيب، پيراڻي جا پٽ، ماڻهو مون وٽ مور،
تون بر ميچي ٿو ڀائٽيي سان، آهين ڪو لچ لغور،
هو شاعر فقير شاهه جو، جنهن کي عشق لڳو آهي اور،
هاڻي نانگا ٿي نه نور، جتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو : ”جتي تنان جوڙي ڏيسان، ڪِلڪل ڪوهه پيو ڪَرسي،
اڇي ڏاڙهي رو ادب رکسي، تين مٿي تي چڙهسي،
کنيو اٿئي کُٽيءَ، وڃ انگاسين ۾ اڙسي،
تان جي مان جِي هوڏ هئي، اڄ لڙائي لڙسي،
پير پٿورو ڀاڱي آسي، بچل بدو مڙسي
 کل لاهيان انهين کاڻي ري، ڌم نغارو مڙهه سي،
پاڇي پيچ عشق رو پڙسي، پاڙي پرميسر جي.“
بچل خان: پاڙي پرميسر جي تون پير لنگهائي پاءِ،
کاري ڪانبو اهت اڳاڙين، صحبت ڏيون توکي ساءُ،
ٻيا وين ٿا پٽ تي، تون کٽ چڙهي ويهي کاءُ،
تنهنجا منهنجا مائٽ وٺي ويا، رستو اها ئي راهه،
ادب رک تون اشرافن جو، گنگو ڏي ۾ گهاءِ،
هاڻي شرم رکندئي شاهه، جتي اسان کي جوڙي ڏي.“
گنگو: ”جتي تنان جوڙي ڏيسان، ترت نه ڪر تون توڙ،
کير ڏهي اڪان رو رنڱيان ٿو اڌوڙ،
بچل خان رئيس وڏيرو، جامڙد آهي جوڙ،
ثاب نچائي سُوڌان کي ٿو، ماڻهو آبي ڊوڙ،
ٻوڙ پلاءَ تي هونگ لڳي پئي آه، کارڪان راکوڙ،
پڻ ڀائٽيو تنهنجو بي عقل آهي، ٽڪران ران رو ٽوڙ
ٻانهي سونهي لنگهان رو به ڪان پائي ڊوڙ،
لٺيان هڻ سا لوڙهه، ڳالهه ڦر سي ڳوٺ ۾.
بچل خان: ”ڳالهر ناهي، ڳوٺ جو هو اٿئي ديوانو درويش،
چڱو ڀلو مست متارو، تپ نه ٻرو ٿئيس،
ڪنهن مهل لڙڪن ليڙون، ڪنهن مهل پهري ويس،
لٽ پٽ هن کي لهر لڳي وئي، وطن ڇڏي ويو ڏيس
هاڻي ڪلمون نيبهه ٿئيس، کلندي شال کٽياڻ چئي.“
-

 

 

 

 

 

 

ڌمالي ۽ جوڻس جو جهڳڙو

 

فقير صاحب جا همعصر هن ڳالهه جي تصديق ٿا ڪن ته فقير جي ڳوٺ ۾ تاجوءَ نالو هڪ ماڻهو رهندوهو ۽ ساڳئي ڳوٺ ۾ ڌماليءَ نالي سروري فقير به رهندو هو، جنهن جي زال ڏڌ وغيره وٺڻ يا ٻئي ڪنهن ڪم جي لاءِ هميشھ تاجو کٽياڻ جي گهر پيئي ايندي ويندي هئي. جيئن ته ڌمالي فقير کي زال جي چال چلت ۾ شڪ رهندو هو ۽ زال کي چوندو هو ته: ”تاجي کٽياڻ جي گهر نه ويندي ڪر.“ ڪڏهن ڪڏهن ته جوڻس اٺ اٺ، ڏهه ڏهه ڏينهن به اوڏانهن ڪانه ويندي هئي، پر آخر وري به گاهه گاهه وڃيو نڪرندي هئي، ته پوءِ ته مڙس مان ڦاٿي، جنهن تان مڙس ماريندو به ڏاڍو هوس.

هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو تاجي خان محمود فقير کي دعوت ڏني ۽ چيائينس ته: ”سانجهيءَ اچي مون وٽ ٽڪج ۽ رهاڻ به ڪج.“ محمود فقير جو ته دستور هوندو هو ته ڪٿي به ويهندو هو ته ڪچهري لايو ويٺو هوندو هو، ۽ راڳ پيو ڳائيندو هو. دستور موافق ماني ٽڪر کائي، فقير ڳائڻ شروع ڪيو. ٻڌڻ لاءِ پاڙي جا ڪيترا مرد ۽ زالون به اچي ڪٺا ٿيا. ڌماليءَ جي زال کي به کنيو کٽيءَ، سا به آئي مڙس کان چوريءَ راڳ ٻڌڻ، ڌماليءَ کي به کڙڪ پيئي، سو نه ٿئي بڇڙو، ڏنڊو کنيو اچيو ٿو زال کي وٺي! ”گهوڙا گهوڙا“ پئجي ويئي. مٿان آڌي رات، سڀڪنهن جي ننڊ ڦٽي ويئي. ماڻهن وڃي ڌماليءَ کي جهليو ۽ سمجهايو. نيٺ، ڌمالي دانهن کڻي ڳوٺ جي قاضيءَ وٽ ويو، جنهن جو نالو هو مٺو. مٺي قاضيءَ کي ٻه زالون هونديون هيون: هڪ جو نالو راڄي ۽ ٻيءَ جو سلامان. ٻئي هيون هڪ ٻئي کان وڌيڪ، مجال جو قاضي ساڻن ڪجهه ڪڇي سگهي! پوءِ ته ٻئي اچي کيس وٺنديون هيون، ۽ هڻي مٿو ئي ڦيهي وجهنديون هيس! بهرحال، ڌمالي ويو قاضيءَ کي دانهن ڏيڻ. اها ڳالهه محمود فقير به ٻڌي، تنهن کان رهيو نه ٿيو، ۽ هڪ وڏو داستان انهيءَ جهيڙي بابت ٺاهيائين، جنهن جا چند بند اسان کي هٿ اچي سگهيا آهن، جي پڙهندڙن لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:

 

ڌمالي: زال اها تيڏي چال ميڪون بي تال نظر چا کپ کڙي،
تون ڪن ڪافيان تي رَٽ ڏيوين، تيڪون ڀن ڏيوان
پٺي لٺ لڙهي،
گهيڙ گهاٽ ڪنون شل ڳاٽ ڀڄئي، انهين واٽ اُتي
تون ته ٿوڙ تڙي،
تاجا چور چريا هڪ ڍور جيها، جنهن نور گهرين ويندي
سور سڙي.
جوڻس: مين ته ڀرم منگان، هان شرم گهوري ميڏي ڪرم اُتي
تو جنگ جڙي.
ڌام ڌمالي ڪا ڪام لڳئي، شل هام وڃئي پيا لنب لڙي.
شهر بوداڻيان دا بحر جيها، شل قهر پوئي، نيتئي ننگ نڙي،
اڄ ڀنگ پيتئي، ماريا ڏنگ لڳئي، ليڪا لنگهه کڙوُ.
وڃ توڙ تڙي.

 

ڌمالي: رَن ترت تيڪون ڪائي سرت نهين اڄ ڏرت نغارا
ڌوم وڄي،
”محمود“ ڏٺي گهڻا خون ٿيسي، مضمون سڻيئي جيوين،
شينهن گجي،
هن ڦند فقيران دي ڇند ڏاڍي، اهو گند ماريندا سنڌ سڄي،
وڏي پاڳ پائي کڙا راڳ ڳاوي، تون بي جهاڳ.
وڃي تيڏا روح رڄي.
جوڻس: مئا سر گهول گهتئين ميڏي ٻول اها، مين ته نول مُنهان
ڪرئين خاڪ مٽي،
مين ته ننگ  تيڏا ماريا ڪانگ جيها، شال ونگ پوئي
ڳچي وچ ڳٽي،
تاجا خان هويا اخوان جيها، جنهن دي گهر ڳئي هان
مين گهِن گهٽي،
قهري ڪات لڳئي، ڪيا وات ڪيتئي، آڌي رات ويلي
ساڏي ننڊ ڦٽي.
ڌمالي: ڪافي ڪوڪ سڻي ول ڌوُڪ ڳئي، ڀڄ ڀوڪ کٽيا تو

 

ڪوٽ ڪني،
مين پيا سَڏ ڪران ڏاڍي تڏڪون، شالا کڏ پوين، نه
ڪنهن ڊاءِ ڊني،
مين ته ڪَپُ گهتئين شل تپ آوئي، سر مان لَپ پاءِ
گهمين ڀيڄ ڀني،
تاجا چر چريا هڪ خرجيها، جنهن دي گهر ڳئين تون
ته سِر مُني.
جوڻس: مين ته هڪجيڏئين وچ لڪ وڃان، هئي سڪ ميڪون
تون پيا ڌار ڪرين،
ڳِيسُ پلڪ پاڙي لنگهه خلق ڪيتي ڏي ملڪ مهڻي
مردار ڪرين،

 

کاڌا طعام ميڪون حرام، ڪالي قيام سڄي گام
اُتي نروار ڪيتئي،
ڪا لهر لـڳئي مـُئا قــهر پوَئـي، ميون شهر بوداڻيان وچ
خوار ڪيتئي.
ڌمالي: شهر بوداڻيان وچ قاضي ٻيٺا، تنهنڪون آزي ڪرمين
تو ڏانهن ڏيوان،
ملان هوش والا، گهڻا گوش ڏيسي، بيهوش
تيڏي وٺ ٻانهن ڏيوان،

مقدار تيڏا جيوين پاڻي ڦوٽا، مين ته مار سونٽا تيڏا
ساهه نيوان،
سڻ مٺا قاضي شل هووين راضي رَٽ بازي گهتي تيڪون
باهه ڏيوان.

 

قاضي: قاضي کول ڪتابان تي جهول بيٺا، تنهن ٻول قصا سڀ سٽ سانگا،

 

ملا ويک شرع، ڏاڍي شوق وچون، تنهن ذوق چايا
اُٿي بانٺ ڏاگها،

 

ڪسي ڪور نه ڪارن مُور جهلي لنگهه پورپئي توڙي تار تانگها،
”محمود“ کٽياڻين وچ کرڙ چريا، تئين ڇرڙ ڏٺا نروار نانگا.
ڌماليءَ جي زال: ملان اصل دوزخ دا اُلان، ڏونهين اکيان چُلهان
ڪرين چٿر مان،

تيڏيان زالان ڏونهين بي تاليان اصل، تيڪون
ٺوڙهه مان ٻئي ٺڪريان،
هڪ رڄي سلامان منڊي ٿيئي، جيڪي ويڙهه

ڪرن کڙ وکريان،
سون ڪلي ڪڏهان ڪونَ ڏٺو سي تيئن ته
رول ٻلي تيڏيان ٻڪريان.

قاضي: اي مائي، تون ته زال ڌمالي دي حال ڀائي، ول تال

 

ڪرين پئي ويڙهه ونگي،

رَث وانئر جيهي تون هئين ڪانئر ڪتي، ايهين شاعر آندئي

ني جوڙ جنگي،
ڀراءَ ڀنڊ تيڏي ڏاڍي ٽنڊ والي، تيڪون ننڊ ڏيون سي
هِن زور زنگي،

هئي ڌم ڌمالي ڪون غم تيڏا، شالا چم چيرئي، تون ته
هئيي زور ڏنگي.

ڌماليءَ جي زال: ڪلهه ملان تيڪون ملهه گڏيئي، انهان ولهه
لايئي ني زور زالين،

سور سلامان دي چور ڪيتي، تيڪون مور
منڊي ڪيتي بي حالي،

رول رَڄي ڪڍ بول گهتيئي، ماريا نول مُنهان
ٿيئي ڦٽ ڦالي،

رت غور شرع سانڏا اور ڪري، تُسان چور ملان
دي هِن قلب ڪالي.

قاضي: اڙي مائي، درس ڌمالي تو مڙس ڇوڙيا. ڏاڍي عشق وچون
اُمراه ٿيئين،

سڻ پار تيڏي ماڻهو ڌار آئي، اڄ مار نعري نروار ٿيئين،
تيڪون دڳ گهتان انهين وڳ اُتي، تون ته لڳ لئچين
تي خوار ٿيئين،

ترڪ تاجا هڪ برک چريا، تنهن غرق ڪنون گمراهه ٿيئين.
ڌماليءَ جي زال: ڏرت ملان، تون نه پرت پڙهيئين، ڪيون
برد وڃائيندي پيا بيل بندا،

اڳ پول والا ڪوئي ٽول قصا، تون ٻول چڱا
ڪر صاف سڌا،

مين ته وڍ گهتئين ڪنهن سنڌ ڪنون، ماريا
بد ڪتا ڪاتي نال ڪٺا،

مڙس ڏون زالين والا جهوٽ ٻهندائين شب خور انڌا.
قاضي: هڻ شرع ڪنون اسان بس ڪيتي، ڪڏهان آپ خبر پؤسئي،
تُسان زال مڙس دا قصا اجايا، ڪڏهن آپ سجايا  نيٺ ٿيسي،
تُسان ٻنهان ڪنهن دي چئي نه لڳو، اسان بنهه ڪيتي چاهڻ گيسي.

 

محمود فقير ۽ بيگم جي ملاقات

محمود فقير ۽ بيگم جي ملاقات جو احوال ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل آهي. فقير انهيءَ بيگم جي حسن و جمال ۽ ٺاٺ باٺ بابت هيٺين ريت چيو آهي:

 

ٽنڊي محمد خان ۾، مون جوپ ڏٺيون جايون،
ڪونج ڪبوتر ڪامڻي، جنهن ۾ حسن جون هايون،
پورهيت تنهن وٽ پنج ڄڻيون، ٻانهپ ۾ ٻايون،
سي پچن ٿيون پريت ۾، محبت ۾ مايون،
کلن ٿيون کٽياڻ چئي، ڏاڍو دم رکي دايون،
مڙئي پيون ”محمود“ کي، وسري ويئيون وايون،
هاڻي بيگم ۽ آءٌ، کيڏون شال کٽياڻين ۾.

کيلون شال کٽياڻين ۾، جت چوپڻ راند ڍري،
ختم خاتو بند هئا، تنهن ساري، دُرس ڌري،
پَثون کنئي پڌري ٿي، ظاهر سڀ ذري،
ٽنڊي محمد خان جي، هڪ لٿي ڪونج پِري،
نرگس نيڻ، نڪ، ڀرون، چپن، ڪيس چِري،
بينسر، بازو بند، برهه جا، جهومڪ، سون ذري،
چشم مبارڪ چنڊ کليو، ڏسي دل ٺري!
ڀڙڪي باهه برهه جي، پيئي لاٽ ٻري،
پتنگ آيا پڙ تي، سي وڃن ڪيئن وري؛
ڏکي سير سمونڊ جي، هو طالب ويا ته تِري،
جن کي سڪ سيد جي، سي ويا محبت منجهه مري،
ميارون ”محمود“ چئي، مون لئي ڏاڍي ڳالهه ڳري،
مهابي محي الدين جي، منهنجي اچي پت پري،
ڪري دستگير دري، ته مِلان محبوبن کي.

ملان محبوبن کي، قادر لاهي ڪس،
پچن ٿيون پريت ۾، حورن ٻڌا هس،
پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾، ٿيون، رهاڻيون رس،
باع ڏٺوسين بيگم جو، جت ليما ڳاڙها لس،
ڦارواها فقير چئي، کڻي توت ڀرايان تس،
انب، انجير، ڪيوڙا، ڪي ڄمون، چهرا چس،
نِمون، عجيب آمڙيون، ڪي ڊاکون، ڏاڙهون ڏس،
خوشيءَ مان کٽياڻ چئي، دهل هڻايان دس،
جانب آيم جوءِ ۾، تنهن غازيءَ لايا گس،
ڪاوڙ وئي قلب مان، ٿي بخيلي وئي بس،
ماريندس ”محمود“ چئي، اهو نادان نفس،
حرمين جي هلڻ جا، مون وڏا ڪيا وس،
هاڻي ڪري بيگم کان بس، جيئان ڪيئن جهان ۾.

 

جيئان ڪيئن جهان ۾، برهه کوڙيا بان،
مير محمد مصطفى (ص)، آهي زور ضمان،
ميدان محي الدين جا، جتي عليءَ جا چوگان،
اڪاريندو اڙين کي، سونهن ڀريو سلطان،
پانڌي وڃن پنڌ ڪريو، محبت سان ملتان،
عاشق سڀ عليل ٿيا، محبت ڪيا مستان،
شهه پريءَ جي سونهه تي، ڪوڙين ٿيا قربان،
منگان ٿو ”محمود“ چئي، دين دهرا دان،
پازي آءٌ پينار پنان، صحبت جا سامان،
هاڻي لٿا غير گمان، برهه جي بازار ۾.

برهه جي بازار ۾ ٿي، حسن جي هولي،
گهوري گهوٽ پنهونءَ جي، ٿيس ڳوٺن ۾ ڳولي،
ٻانڀڻ ٻيئي ٻاڪاري، ڪنهن رمز آهي رولي،
مهڻا محبوبن جا، مون جهليا آهن جهولي،
پاريندو پريت سان، ٻاروچل ٻولي،
ڏاڍا جوش جبل جا، ٻي ڇپر جا ڇولي،
مٽي دل ”محمود“ چئي برهه ڪئي ڀولي،
ٽڪر مٿي ٽولي، وس ويچاريءَ ناهه ڪو.

 

 


 

ٽيهه ڏينهن

پهلي ڏينهن جو پور پيو ئي، دور گهتيوئيني ديري
جگر اسانڏي جوش ڪنون پئي، گهر گهر کاندي گهيري،
باهيان آهن تو ڀورل ديان سي، ٻڙڪن اندر ٻيري،
دم دم اندر درد اسان ڪون، ڇيڏڪ آون ڇيري،
اکڙيان آهن اداسي ساڏيان، ڦر ڦر کاون ڦيري،
مار گهتيئي ”محمود“ آکي، تيڏي پل پل چاوان پيري.

ڏوجهي ڏينهن، ڏولاوا ڏي ڳيون، ڪيها ڪم ڪيتوئي،
مار زنبور جگر وچ زوري، سيني نال سٽيوئي،
هلدي چلدي کل خوشيءَ وچ، جهاٽا مار جهٽيوئي،
ڌوُتيئين مار ديوانا ڪيتئي، هر دم حال هٽيوئي،
”محمود“ ڪيتئي درويش ڪيون، چادر قلب ڪڪٽيوئي.

ٽيجهي ڏينهن ڪوٽاهه پيوئي، لنگهه واهه ماريندين وکان،
پار گهڙيون وڃي تار تڪڙ ڪنون، رب ديان هووئي رکان،
ڳوڙهي ڳاڙيان ڳالهيان تيڏيان، لوح اندر وچ لکان،
جانب ماريا جُذبي جادو، طرحين آون تکان،
محب ملي ”محمود“ آکي، تيڏي صحبت دي وچ سڪان.

چوٿين  ڏينهن چوراهه کڙس، تيڏي طعام نه کاڌم سيري،
ڳلي ڳلي وچ ڳولا تيڏي، پنڌ پڇا ٿيس پيري،
ديد اڙانگي دردن ماري، ڦيهه گهتيس تيڏي ڦيري،
واهه ونگِي هن زلف زوراور، وال تيڏي هُڻ ويري،
نيٺ مَر وڃڻا ”محمود“ آکي، هي جڳٽ فنا سڀ ڪيري.

پنجين ڏينهن پرين لنگهه پار، جانب يار جڳايا،
هار سينگار سهڻي ڪر صورت، ڏاڍي لئون لڳايا،
گهت اوڙاهه برهه ديان باهيان، دلبر ڌڳ ڌڳايا،
اِنهين ڌڳ ڪنون لنگهه آڳ آوين، تون ڀورل آپ ملهايا،
ڪل مريد ”محمود“ آکي، هئي مرشد محب ملايا،
جڏهان ماهي يار وڄائي مرلي، وٺ ٻانهن ڪنون ڳل لايا.

ڇوهين ڏينهن جو ڇرڪ پيم، تيڏي برهه ڪيتي آن باندي،
محبت مار مجاز تيڏي، وڪوڙ ڪيتي آن واندي،
کيڏ سخن ڪيس خوب خوشي وچ، نال اَسانڏي راندي،
قول ڪريندا ٻول ٻهڻ دي، سخن سچيرا چاندي،
ورتين مار وڪوڙ ولهي ڪون، عشق اُلانبي آندي،
ڇتڙيان دي وچ ڇن نهين، ”محمود“ آکي دل ماندي.

سوتين ڏينهن سڄڻ ساريم، ظلم ڪتوئي زور،
ڇن اسان ڪون ڇيهون ڪر، ول ڀن ڪتوني ڀور،
واهه ڀرون هِن بشيهر ڪالي، اکيان تيڏيان اور،
ڪڏ دا آوندئين قهر ڪريندا، درد واليان تي دور،
منهن موڙڳيون ”محمود“ آکي، تون عشق دليان دي چور.

اٺوين ڏينهن ٿئي آس اسان ڪون، باس آئي هئي ڀل،
بهشتي باغ بهاري دا نازبوءِ هئي گل،
شمع وانگون شمعدان ٻَلي، جيوين گل پيا هي کُل،
جانب تئين نال جان اسان ڏي، روح ڳيا هئي، رَل،
”محمود“ آکي معشوقان دا، ناڻا ڪيا هئي مُلهه.

ناوين ڏينهن نماڻا ڪون ڏي ڪا تون دلداري،
عشق بنا دل فشق هئي سارا، گوندر گهر هئي گهاري،
ڦلڪ ڪيٽي ڪر ڏي جهٽ جُلبا، محبت وچ ڳيون ماري،
درد ٿيوَن ”محمود“ آکي، هي سخن سچيدا ساري.

ڏهوين ڏينهن تون آ چڪ ڏوري نال اسانڏي نشتي،
ڀيڙ لغام لچائي  والا، درس گهتيو ني دستي،
تيڏي ڪيتي ويس فقير قنديل ڪلهي وچ  ڪستي،
شڪم پليوسي سوئر دا، حڪم مليوسي هستي،
دل کس ڳيون بي وس ٿئيان ”محمود“ آکي هئي مستي.

يارهوين ڏينهن آ رک ياري، تيڏي عشق پاتيم جهولي،
رمز چون روح رل ڳيا، تيڪون مٺي ڏيوان مين لولي،
سارا سر منان جيڪي گلا ڪرينديان گولي،
صدقي ڪران مين هي سر سارا هٻڪار لڳي هولي،
محبت وچ ”محمود“ آکي، تيڏي ٻاڦ سڻان هڪ ٻولي.

ٻارهين ڏينهن ڪوئي ٻاڦ سڻيم، ڏليا ڏرت ڏُهاري دا،
عشق بنا دل دانهن ڪري، جينن مست هئي يار ڪنواري دا،
شهر ڏٺو سي بحر جيها، اکئين لعل لنواري دا،
قسم کنيوسي اسم الله دا، سيد دي به سونهاري دا،
گل برگ مليا ”محمود“ ڪون، بهشتي باغ بهاري دا.

تيرهين ڏينهن تڪڙ ڪر تابش، آيا شينهن شڪستا،
ڪنڌ ڪپايس ڌڙ ڌڌڪايس، ڌڱ الاريس دستا،
يار ميڏي سينگار ڪيتا، دلدار ڪيترا من مستا،
واهه پيغمبر پير سڳورا، سير لنگهائين سربستا،
نيٺ به مر وڃڻا ”محمود“ آکي، وٺ راهه رباني رستا.

چوڏس ڏينهن کليا چنڊ چوڏس ڪر جنسار جوانا،
آدم هڪ انسان ڏٺو سي، هردم حال حيرانا،
ڏنگ عشق دا ونگ وڪوڙيس، ڪيتس بند بيگانا،
نين ڀرون تيڏي بشيهر ڀالي، مارن زور زيانا،
دل ڦري هڪ دلبر سهڻي، چا ٿيا روج روانا،
موهه ڳيون ”محمود“ اسان ڪون دلبر ڪر ديوانا!

پندرهين ڏينهن مليا هئي پارس آرس عشق دا،
گهن کڙا هئي خنڪ اڳون، ول آوندا الٽ اڀرندا،
ڀرپور آوي لنگهه سير وچون، ول ڏورئون ڏيک ڏمر دا،
ڏي جهلڪاري جوان اڳون، ڀڙڪان سوڌ سنبر دا،
”محمود“ آکي هِن چور دليان دي، بازي خور بندر دا.

سورهين ڏينهن ڏٺو سي سهڻا سڙڪ لڳا وڃ سيلها،
جت ڪنهين بي مت ميڪون ٺوڪ ڏتوني ٺيلها،
اُٺ آيا ڪر جُٺ ڳيا گل چائي ڳيا هئي گيلا،
بهشتي باغ بلوچان دي هوت بلوچ دا ٻيلا،
هڪ آواز سڻيم پرواز پنهون دي روح ڏتا چا ريلا،
ٿيوسي خوش کٽياڻ آکي، ”محمود“ ٿيا وڃي ميلا.

سترهين ڏينهن دا سور اهو هم، ڏاڍا ڏک ڏيرين دا،
سيج ستي ڪون ڏيج ڏتوني، وڃي سر ويرين دا،
ڀڄ پنڌ ڪران ڊُڪ رند چائي، جم حال احوال پيرين دا،
ديس ڇوڙڪي ول پريد ڳيا، هئي ڏونگر ڏک ڏورين داد،
ماندي يار ”محمود“ ٿيئي آن، جانب جيءَ جُهرين دا.

ارڙهين ڏينهن ڳيا هئي آري ثابت نه ٿيئم سار،
ننڊ نڀاڳي نرڳ نهوڙيا دوست ڳيا دلدار،
ڇرڪ اٿي هان ڇوهه ڪنون ميڪون محب ڳيا هئي مار،
سر دا سانگا سٽ چا سسئي تانگها نا پڇ تار،
هرگز هلڻا هوت پنهل ڏهين پنڌ ايڏانهين پار،
مار فراق ڪيتي هان ماندي نيڻ وهن پئي زارو زار،
ڏير پئي هن وير ولهي سي زير ٿئي في النار،
ننگ ڀرئي دڪ جنگ چائي سي باري اٺاون بار،
موتئين داد ”محمود“ ڪون مليا، حيرت دا هڪ هار.

اوڻويهين ڏينهن ڪو انگ لکيم، ڏنگ مارڳيم سي ڏور،
نا ڪجهه ڄاتم ري موڪلايا، دلبر ويم دور،
جهول جهلي ڳيا ٻول ٻڌي، ميڏي چيلهه ڪيتي ڳيا چور،
ور ڪنون پيڇي گهر ڪيهي هن، پل پل پوندا پور،
ڪر ڪر ڳالهيان يار پنهل ديان، ول ول وڃان وهلور،
ڏک اسان ڪون بک برهه دي، سک اهي هن سور،
جامي والا ڏي جهلاري، گُهنڊ گهتيندي گهُور،
دلبا ڏي ڳيا دلبر سهڻا، محب نه مليا مور،
مفت مليا ”محمود“ اون ڪون ناز ڀريا هڪ نور.

ويهين ڏينهن ڳيا هئي وانگي تيڏا البيلا هڪ انب،
هُل اِنهين هراس ڪنون ميڏا قلب ڳيا هئي ڪنب،
جت اصل بي مت ميڏي جوان چائي ڳيا جنب،
دڌڪا ڪر دالان اڳون وڃ ٿڙڪ ڪريا هئي ٿنڀ،
درويشڻ، پئي دانهن ڪريندي، روز اُٿاهين رنڀ،
سرڻ سٽي ”محمود“ ڳئي هن کوهه ويچاري ري کنڀ.

ايڪيهين ڏينهن آ مٽ پون ڦر سٽ ڏيون سر چنگي،
 تيز تکي ڪر تيغ سيني وچ مارن ٻک ٻنگي،
جاهل ماڻهو جاچ نه رکندي، دنيا ڌوڙ دو رنگي،
لڳا عشق انڌوهه جنهان نون، ڏور ڏساون ڏنگي،
نال سهڻي دي لالڙيان، ورق ڳيا هڪ ونگي،
پر عشق نه هيڻي ذات اڳون مرڪات ٽهلاون ٽنگي،
تل نه ترسن، پل هڪائي، دل چائي ڳيا دنگي،
دنيا دولت ڌوڙ پوي هڪ تَوڻ يار دي تنگي،
مولى سڻ ”محمود“ آکي، ڪوئي ننگ سڃاڻج ننگي.

ٻاويهين ڏينهن ٿيس وڃي ٻانهي، هر دم حيراني،
مار معشوق ڪيتي آن ماندي، بيحد بيراني،
قادر اپڻا ڪرم ڪرين تون، رحيم ڪرين رحماني،
مرشد ميڏا ڪعبه قبلا، نرمل نور نوراني،
موج علي شاهه دا منهن ويکيو سي، پاڪن پاڪ پيشاني،
مٽي دل ”محمود“ آکي، ٿئي دلڙي ديواني.

ٽيويهين ڏينهن ٽانڊي چاوڻ آيا ڌان ڌان ڪر دهلاري،
ڪڍ ترار تکي ڪر توبهه عاشق الٽ الاري،
مرڪڻ نال مريندا ميڪون حيرت حسن هزاري،
ڏورئون ڏيک، جو گهُور گهتيندا صورت وند سالاري،
هوند وسي پئي بوند ڀلي ”محمود“ مينگهه ملاري.

چوويهين ڏينهن ڏٺا سي چور، چنون آندا هئي چانگا،
چاڙهه پنهون ڪون ڪيچ ڪڍيوني، چائي سردا سانگا،
ڇوڙ ڀڄايئي ٻروچ بيشڪ، لوف لنگهي وڃ لانگها،
ڀڄ برهمڻ ڪيچي ڪارڻ، تار ڪيها ول تانگها،
لوڪ سارا پيا ٽوڪ ڪري، ميڪون درد ڏِتي ڳئي دانگا،
پئي پِڇون وڃ پير پنهون دي سسئي رک نه سانگا،
پتنگ وانگون آپ جلاوڻ باهه ٻلي جيئن ڀانگا،
لهه ”محمود“ هڪ لحظي دي وچ، ڪل پريان دِي ڪانگا.

پنجويهين ڏينهن ڪو پور پيم، ڪو نور ڏٺم نظارا،
ڪري باز آيا پرواز ڪرڪي هل هڻڪارا،
ييري والي ڏي ڀر ميڏي تجل ڳيا هڪ تارا،
چوڙي دا چمڪار ٿيا ڇمڪار سيني وچ سارا،
رخسار ڏٺي مختيار ٿيس اختيار عشق دا آرا،
پنجين تنين دا مدعي، منڪر ڪافر دا منهن ڪارا،
درگا دشمن دين دا هئي وو، ٽوٽ جهليندا ٽارا،
لڳس توف طرحين تن وچ مولى تنهن ڪون مارا،
محشر ڏينهن ”محمود“ آکي چائي سي نبي سڳورا بارا.

ڇويهين ڏينهن ڪر ڇيهه ڳئي، ڏک ڏنا هم ڏيري،
ڏير ڏکيءَ کي زنگ پئي، تنگ ڪرن او ٽيري،
جانب دا جولان اُهو گهنڊ ڪار ماريس تنهن گهوري،
يار ڪنون بيزار نه ٿِيسان سٽ مارن چا سيري،
يار پنهل دي ڪيهي نيشاني، پاڪ پيشاني پيري،
هس ڪڙي، ڪٺمال ڪڙولا، واهه حسن ڪجهه حوري،
هوت بلوچ ”محمود“ ملي هوند پاءِ نچان مين نوري.

ستاويهين ڏينهن ڏي ڳيا ساجن جيءَ اندر ۾ جهٽيان،
جيتر هوسَم ساهه سسي وچ، نا محب ڪنون منهن مٽيان،
جبل جهاڳ ڇِپان ته به ڇندي، سسئي ڏيندي هن سُٽيان،
حق ٿيا ميڪون لڪ نهارن، گهيڙ سڀوئي گهٽيان،
حال ڪنون بي حال ٿئي آن، وال ڀڀوتين لٽيان،
مشتاق ملي ”محمود“ مدعي دِي پاڙ ڇڪي چاپٽيان.

اٺاويهين ڏينهن ڪي اٺ آيا ڀاتي ٿيئڙا ڀيڙا،
قربان وڃان مهربان اُتون جنون لَلي جُهڪايا ليڙا،
روٽ ورهايم گهُٽ آيو اٿم دلبر لايا ديرا،
سڪسوز ڪنون ڪجهه موج ڪران، جو ور وسايم ويڙها،
ساک سچي سو پاڪ ڄاڻي سسئي رکيا هن سيڙها،
مست وڃن لنگهه بهشت اندر، لايا موج علي شاهه ميڙا،
هي مسڪين اٿيئي ”محمود“ غلام ناز ڀريا ٿي نيڙا.

اوڻٽيهين ڏينهن الله هئي آندا، والي اسانڏا ور،
صدق وڃان قربان اُنهان تون، غازي آيم گهر،
عشق اَلون هئي، چڻنگ چلهي دي پيت ڪٽايم پر،
ڏينهن اسان ڪون شينهن لڳا جنهن نينهن لڳا هي نر،
هڪ ڏينهن مر ”محمود“ وڃي خاڪ مٽي دي ڳر.

ٽيهين ڏينهن لڳا هئي ٽاهُو، اڏئي اڄ اڏيسون،
مار رنبا تنهن روڳي ڪون، ٿڙڪيل مار ٿڏيسون،
دشمن اساڏا دو رنگا ڌوتا پيرين هيٺ پڏيسون،
هار مدعي ڪون ڪافر وڃ غازئين نال گڏيسون،
ساڻي ٿيسين ڏينهن محشر اسان واهر وير وڙيسون،
مرشد ساڏا موج علي شاهه اسان سيد صاف سڏيسون،
مرڻ ويل ”محمود“ آکي، اسان ڪلمي نال لڏيسون!

 

 


 

ملي ۽ موالي جو جهيڙو

 

مستانو محمود ميٺ محبت وارو، خوش طبع ۽ کل مک هوندو هو. واقع نگار اهڙو هو جو هڪوار ڪوبه نظارو ڏٺائين، يا ڪا ڳالهه ٻڌائين، ته في البديھ ان تي شعر چئي ويندو هو. اهڙيءَ طرح ملي ۽ مواليءَ جو جهيڙو به بيتن ۾ چيائين، جو ناظرين ڪرام جي حظ وٺڻ لاءِ هيٺ ڏجي ٿو:

 

ملو ۽ موالي

ساراهيان سچو ڌڻي وارث جو والي،
اچي اٽڪيا اوچتو ”ملو موالي“
رُلي مئو رندن تي ڏوم ڏڪالي،
هاڻي ملو ٿيو مالهي، ڪيئين ڀنگيءَ کي بچڙو.

 


موالي: ناهي ڀنگي بڇڙو، ڏس ڀنگين سدا ڀير!

 

ٺهيا ٺُڪيا ٺاهه ۾ اسين شنگ گهمون ٿا شير،
بت اسان جو بهاريءَ ۾ سهڻا پلنگ پير،
تون ڌرڻو هڻين دعوتن تي، ڪرين ڪتي واري گير،
لالچ توکي لولي جي، تون دم نه سهين دير،
اڃا وِلهيا وجهيو وير، مهٽين ٿو موالين کي.
ملو: مهٽيان ٿو موالين کي، تو برو ٿئين حال،
نسنگ آهين نرڳ ۾ پيو، تالر ڪرين تال،
ساڃهه ڪر تون ”سوراٽيا، پيو ڀلا چڱو ڀال،
اسين حافظ آهيون حضور جا، جوئر کائون جال،
چڱا چوکا چور مان کائون پيو دم وڏي مال دال،
تون ڀڳڙا چونڊين بازر جا، ايءَ چريا تنهنجي چال،
هاڻي اکئين ڏسئين شال پير نه ٽڪئي پٽ تي.

 

موالي: پير نه ٽڪي پٽ تي ملان ڏنو تو ڍِيڪ
نه رکو ادب اشرافن جو، اها ولها اوهان ۾ وِيڪ،
کفن کوس کٿا لاهين رليا هڻ مَ ريڪ،
اوکي اڳيان اڳ جي لئون سجهي پئي لِيڪ،
سيري هڻندئي سڪر ۾، پوءِ طرحين هڻندي تِڪ،
هاڻي ڍلا ڏي مَ ڍيڪ، آهين نول وڏو ڪو نَعلتي.
ملو: نول ناهيان نعلتي، آءٌ آهيان نيڪ بخت،
فرض پڙهان ٿو درس ڌڻيءَ جو، واري پنجئي وقت،
حضرت پير حضور، اسان جا باري ڪيڙا بخت،
حافظ ويا به حضور ۾، سي طرحين ويٺا تخت،
بول نڪرندا ڀگين جا، تن سانڊن جا سخت،
سڻ! ولها هي وقت، ڪي نمندو وڃِ نماز تي.
موالي: نمو پيا نماز تي ڪوڙا ڪرم ڪلور،
برميچين ٿو ڀنگين سان، ڪوڙا ڪرم ڪلور،
ملان هلندا ڌر دوزخ ۾، پوندن ڪانه پروڙ،
آهين ايڏو ٿيو مغرور، توکي ناهي لياقت لوڪ جي.
ملو: لياقت نه اٿم لوڪ جي، آءٌ آهيان پلڪ پرار،
فرض ڌڻيءَ جو درس بندي تي، مشق وڏو اسرار،
علم سڳورو اندر اسان کي، آهي لک خرار،
تون ڀنگ پئين ٿو ٽنگ ٽُڪيا، ٿئين دونهن جو به ڌراڙ،
حقي تنهنجو حال وڃايو، تون بُز آهين ٻڪرار،
اڃا تڙيا ٻڌين تڪرار، شل مولى ڪڍئي ملڪ مان.
موالي: مولى ڪڍندو ملڪ مان، جيئن گهُري آئي تقدير،
ناهي ڪنهن جي واٽ مڙڻ جي، وڏو هجي ڪو وير،
ملي تو مروان کي، قهري لڳندا ڪير،
مولى هڻدئي مُڪ مغز ۾، تاب تکي سان تير،
اسين خلقيا آهيون خداوند جا، اسان جي پٺ ڀريندو پير،
اسين سمن شاهه جا پيالا پيون ٿا، موالي مهمير،
اسين کنڊون کائينداسون کير، ميڙي محمد (ص) ڄام جي.
ملو: ميڙي محمد ڄام جي (ص) ڪو ملهه ويندو مختيار،
کون ائڄا سٽي عادتون اونڌي جي اختيار،
اَگليون تنهنجون عادتون، پاپي تنهنجا پار،
پين ٿو ڀنگ غضب جي، گانڊو ڪنا تنهنجا ڪردار،
اڳيان سائينءَ جي سرڪار، جت حڪم هلندئي حاضري.
موالي: حڪم هلندو حاضري، جت جنّت جي چاڙهي،
رب اسان تي راضي ٿيندو، اسين مست وِهون ماڙي،
ملي تو مروان کي، شل قهر پوي ڪياڙي،
ٿوُٽ اڳاڙين ٽوئڪي، ٻي ڀاڙ کائين ڀاڙي،
هي ٿو قول ڏيئين ڏاڙهي، ته رُلندين ملان رندن تي.

 

ملو: رلاءِ ڪيم رندن تي، رک آخوندن جو آب،
ڏکيا سکيا ڏينهڙا، کاڻا ڀانئج خواب،
تون امل کائين الاهي، توکي مهتي وارو لاب،
اها سانڊا آن کي ثاب، لکي بدعت ڀنگ جي.
موالي: ڪانهي بدعت ڀنگ جي، آهي نماڻي ٻوٽي!
کلي ٿي کٽياڻ چئي، لڙ ڪري ليٽي،
ٻوڙو پٽي ٻاجهه مان، اسان ڪونڊي ۾ گهوٽي،
نشا چاڙهي نينهن جا، عيب ڇڏي ميٽي،
اندر باغ بهاريا، خوب ڏسون کيٽي،
پيو ڀڃن ٿا پڃرا، مست اچن موٽي،
موالين کي مهر سان پيو رزاق ڏئي روٽي،
ڪونه ڏٺوسين ڪنهن ملي تي، قبو ۽ چوٽي!
لهريون ڏيو لولن تي، اوهين پنڻ جا پيٽي،
عاشق گهمن اوتارا، اوهين گهرن ۾ گهيٽي،
هاڻي ٿيندي ڪا ڇيٽي، ته مارينداسون ملن کي.
ملو: ڇا ماريندين ملن کي! تنهنجي موڳا وئي آهه مت،
اُٺ چارين ٿو جٺ جهڙا تون جنڊ اهڙا جت،
آمل ڪاڻ اداسي تون، توکي ڪُتي واري ڪَت،
ڀيرا ڏين تون بازر ۾، اها گانڊو تنهنجي گت،
ڇينڀوُن ڇمُڪؤن ڳوٺ سڄي جون لوٺيا جهلين لت،
اسين عامل پيش الله جا، اسان کي سائينءَ ڏنو ست،
اسين قبض لکون ٿا قرن تي، ناهي ڪنهن کي انت،
نڪاح پڙهون ٿا ننگ جا، ميڙي نبيءَ سٿ،
کائو ڳُرهاڙيون ڳوٺ جون، ڀرم وڏي سان ڀت،
هاڻي پرور رکندو پت، ملن جي ڪنهن مان سان.
موالي: ڪهڙو مان ملن جو، جن جو اٽي سان آهي آر،
نه ڍاپوکڏون کائڻ جون، اهي اوهان جو يار،
سر ڏيو اوهين سَيُن تي، دم نه ٿيو ڌار،
انگ تڪي اڳڙي، ”توڻي ملو ستر يار“،
ڏسيو مُرڪي ميت کي، وهنجاري ٿو وار،
غسل جو گپت ۾ ڪفن کوس خوار،
جُتي، پوتي، ڪانچ، پٽڪو چونڊي نيندو چار،
عرض ڪندا الله کي اسان جي چڱي جوڙيئي ڪار،
شرع تي شروعات ۾، نانگن چاڙهيو نار،
لڳو پيچ پلاون سان، بُسرين جا ڪيئي بار،
هاڻي ٻيو ڪو مولى مار، اٿئون پياس پلاهه جي.
ملو: اٿؤن پياس پلاهه جي، اهو روڳي ڪر نه رواز،
باهيون توکي ڀنگ جون، ٻيا اَمل جا آواز،
ڇڏ خبيث کرسايون، ڪوڙا ڪر نه بياض،
ٽيهه ئي روزا ٽيم سان، پڙهه پنجئي وقت نماز،
تون نئڙت ڪر نياز، آءُ ته دم سيکاريائين دين جو.
موالي: دم سيکاريندين دين جو، ڪهڙي اسان کي واٽ،
اسين هاري ماڻهو هر ڪاهيون، جوڙو ٻڌو جاٽ،
پيو ڀنگ ڀرم جي، مست گهمون ٿا ماٺ،
کاڌي توکي خوار ڪيو، تون لسي کائين لاٽ،
چار سير چانور کائين، پنڻا سڄي پاٿ،
پلاهه ڌاران پل نه ترسين ڏين ڳرهاڙين تي ڳاٽ،
پوءِ مقامن ۾ ميت نهاريو، ڪفن هاڻي کاٽ،
پوءِ دهل وڄائين دل ۾، جلدي ڪري جهاٽ،
هاڻي ڪو قادر وجهئي ڪاٺ، قابو ٿي پئين قيد ۾.
ملو: قابو ڇو ٿيان قيد ۾، ناهي تنهنجي اختيار،
روز اسان کي رازق ڏئي ٿو، ڏهاڙي ڏاتار،
حافظ  ويا به حضور ۾، پشت هليا پاتار،
باهيون توکي ڀنگ جون، ٻيا اَمل جا آزار،
امل ڪاڻ اداسي تون، ڀيرا ڏين بازار،
ڪونڊو تنهنجو ڪرهت جهڙو، جنهن ۾ مکين جاهزار،
جي هيءَ سڻي گفتار، ته ٻوڙا هوند ٻڏي مرين.
موالي: ٻڏي هوند مران ڇو، تون موڙها ورتل ملهه،
ڳالهاءِ اسان سان ڪين ڪي، تون روڳي وڃي رُل،
ويٺو روڪ رواز ڪرين، ڦوڳيا لکيل ڦل،
پلٿي هڻيو پئسا وٺيو، ٺوڳيا ٿين ٿو ٺُل،
برد وڃايئي، بڇڙا، آهين چورن جي چُلهه،
هاڻي چڙهئين منهنجي بل، ته ڏاڱوريندو سئين ڏندن سين.
ملو: ڇا ڏاڱوريندين ڏنڊن سان، تنهنجي ڇا مجال آهي پاڏي،
ڀنگ پين ٿو ٽنگ ٽُڪيا، ٻي لهر لڳي ٿي لاڏي،
پيٽ اٿئي جهڙو ڍُڪِي گڏهه، ڊُڍُ اٿئي چاڏي،
هوند هونَئي امل جي گاڏي، ته ساعت گذارين سنڌ ۾.
موالي: ساعت گذاريان ڇو سنڌ ۾، تون ڪو ملان اسان جو مٽ،
تعويذ لکين تڪڙا، نولو ڪرين نٽ،
ڪونڊو وجهئين ڪنڌ ۾، ڦيرين ڪرين ڦٽ،
ڏنڊو هڻئين ڀنگ جو، ڳچيءَ ڪريئن ڳٽ،
ڪو نهاري گهٽ، اڇلي هڻئين اوڙاهه ۾.
ملو: اڇل ڪيم اوڙاهه ۾، آهي تنهنجي منهنجي ياري،
کير کٽا کائون دعوتون، قرب لڳو ڪاري،
ور ڏئي پڙهون وظيفا، جت ڌم دنيا داري،
”من ڪو ڊِنگُ ڊهي پوي“، بخت لڳي باري،
روز ميت مقامن ۾، هجن جنازا جاري،
ختما ڏيون خوشيءَ مان، پڙهي ”الحمد“ ساري،
اها اسان جي ٻني آ، جيئن هر ڪاهي هاري،
ملان سڀ ”محمود“ چئي، ڪفن کوس حواري،
کسن ٿا کٽياڻ چئي، توبهه ڪر زاري،
پاسو ڪري پري ٿيءُ، ويهه ڪوهِي وارِي،
پر ڪلمون کڻ ساري، محشر ۾ ”محمود چئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org