سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

فيچر

صفحو :3

 

هماليا جا رهاڪو

 

همالي ماڻهو  بلند پهاڙي علائقي ۾ رهن ٿا.

سندن جابلو زندگي ڪيترن ئي ڳالهين جي ڪري عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ کان مختلف آهي.

   هماليه ۾ اٽڪل 20 ملين ماڻهو آباد آهن، اهي ننڍن ڳوٺن ۾ سوڙهن گهرن ۾ زمين ۽ پهاڙن  جي وچ ۾ رهن ٿا.

  شڪل شبيهه جي لحاظ کان همالي ماڻهو قد جا ننڍا ۽ جسم ۾ مضبوط ٿين ٿا، سندن وار ڪارا لسا، اکيون ڪاريون  ۽ رنگ ناسي ٿئي ٿو،جابلو ماڻهو مڪئي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فصل پوکين ٿا. اٻاريل ۽ تريل پٽاٽا سندن پسنديده کاڌو آهي.

  سندن معيشت جو ذريعو زرخيز زمين، وسيع ٻيلا ۽ چراگاهه آهن، معدني زخيرن جي کوٽائي ۽ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم سخت برفاني پهاڙي علائقن جي ڪري اڃا تائين ٿي نه سگهيو آهي.

 وڏو جبل هماليه 30 جبلن جي قطار تي مشتمل آهي جنهن مان ڪجهه 24،000 فٽ سمنڊ جي سطح کان مٿانهان آهن.

  همالي قطار ۾ ”نانگا پربت“ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آهي، اوڀر کان   ”نامچا باروا“ تبت ۾ آهي. 229،500 اسڪوائر ميل هماليه جبل جي پکيڙ آهي. پهاڙي علائقي مان 19 وڏيون نديون نڪرن ٿيون، جن مان ”سنڌو ندي“ ۽ برهمپترا ندي“ تمام وڏيون آهن. هماليه لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي؛”برف جو گهر.“ ياڪ، Yak (هڪ گهريلو جانور آهي) مينهن جهڙو جانور آهي. هيءُ پهاڙي علائقي جو پسنديده ۽ تمام ڪارائتو جانور آهي. ياڪ مان کير سان گڏ گوشت به حاصل ٿئي ٿو. هن جانور کي هاري هر ڪاهڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ۽ اهو سواريءَ جو ڪم به ڏئي ٿو.

  ياڪ جي کل گرم ڪپڙن ۽ بوٽن ٺاهڻ جي  ڪم ايندي آهي. ان جي سڱن مان موسيقيءَ جا ساز ٺاهيا ويندا آهن. ياڪ جو گوشت تازو يا سڪل به کاڌو ويندو آهي.

  هي جانور همالي ماڻهن لاءِ غنيمت آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي هن کي ان وقت تائين نه کائيندا آهن جيستائين اهو زنده رهي سگهي ٿو ۽ ان کي گوشت لاءِ ذبح نه ڪندا آهن، جيستائين تمام ضعيف نه ٿي وڃي.

  ياڪ جي کير مان پنير ۽ مکڻ ٺاهيو ويندو آهي. ياڪ جي مکڻ ۽ لوڻ مان ٺهيل چانهه هر عمر جا ماڻهو استعمال ڪندا آهن.

   همالين جا گهر پٿر جا ٺهيل آهن، جن ۾ ڪجهه دريون به هونديون آهن، گهرن جون ڇتون سڌيون ۽ لسيون ٿينديون آهن.

  گهر ننڍا آهن پر ٻن يا ٽن منزلن تي مشتمل آهن، جن مان ٽين منزل گاهه ۽ کاڌي رکڻ جي استعمال ۾ ايندي آهي. گهڻو ڪري کاڌو ۽ ڪاٺ پهرين منزل تي جمع ٿيل هوندوآهي ۽ سياري جي مند ۾ مال بيهارڻ جي وٿاڻ طور استعمال ٿيندي آهي. ٻي منزل تي هڪ وڏو ڪمرو ٺهيل هوندو آهي جنهن ۾ ڪٽنب جا ڀاتي رهندا آهن.

  سردين ۾ سڀئي گهر جا ڀاتي باهه جي چوڌاري ويهن ٿا، جتي پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ کاڌو به اتي ئي پچائين ٿا. پر باهه سڄي ڪمري کي دونهين سان ڀري ڇڏي ٿي ڇاڪاڻ ته همالين جي گهرن ۾ منگهه ناهن ٿيندا. اها خبر ناهي ته همالين جي گهرن ۾ منگهه ڇو نه آهن. شايد اهي اڃا تائين آلودگيءَ جي نقصان کان اڻ ڄاڻ آهن.

 


 

 

دنيا ۾ پارليامينٽري عورتن جو تعداد

 يونيسيف طرفان گڏ ڪيل انگ اکرن مطابق پارليامينٽ ميمبرن طور عورتن جو ايشيا ‎۾ ‎تعداد تيرهن سيڪڙو، يورپي ملڪن ۾ تيرهن سيڪڙو، آمريڪا ۾ ٻارنهن سيڪڙو، آفريڪي ملڪن ۾ نوسيڪڙو ۽ عرب ملڪن ۾ چار سيڪڙو آهي. اهڙيءَ ريت مجموعي طرح يارهن سيڪڙو آهي ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ صرف پاڪستان ئي اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، ٻيو ڀيرو وزيراعظم جي حيثيت ۾ چونڊجي آئي آهي.

  ڏٺو وڃي ته دنيا جي قديم ۽ مثالي جمهوريت ۾ عورتن جو تعداد نهايت گهٽ رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ عورتن کي مڪمل حقوق ۽ آزادي حاصل آهي. هونئن به دنيا جون سڀئي جمهوريتون، عورتن کي ووٽ ڏيڻ جون دعوائون به ڪن ٿيون. پر اتي مردن جي بالادستي نمايان نظر ايندي. دنيا جا فقط چار ملڪ، فن لينڊ، گيانا، سوڊان ۽ ناروي اهڙا آهن، جن ۾ عورتون پارليامينٽ جون ميمبر منتخب ٿي آيون.

  1989ع ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون پارليامينٽ جون ميمبر چونڊجي آيون آهن؛ پر 1990ع ۽ 1991ع ۾ عورتن جو تعداد گهٽجي ويو. اهڙا انگ اکر اقوام متحده جي اداري يونيسيف طرفان مهيا ڪيا ويا آهن،

 

ملڪ جونالو              عورتن جو تعداد

پاڪستان                 هڪ سيڪڙو

ڪينيا                     هڪ سيڪڙو

ترڪي                     هڪ سيڪڙو

ڪوريا                     ٻه سيڪڙو

منگولا                     ‎‎‎‎ٻه سيڪڙو

مصر                       ٻه سيڪڙو

جاپان                      ٻه سيڪڙو

الجزائر                    ٻه سيڪڙو

مالٽا                        ٽي سيڪڙو

يمن                        ٽي سيڪڙو

نيپال                      ٽي سيڪڙو

البانيه                     چار سيڪڙو

رومانيه                   چار سيڪڙو

بار باڊوس               چار سيڪڙو

ٿائي لينڊ                چار سيڪڙو

جمهوري وچ آفريڪا  چار سيڪڙو

ٽوگو                     چار سيڪڙو

بياماس                  چار سيڪڙو

تيونس                   چار سيڪڙو

مالديپ                   چار سيڪڙو

ارجنٽائين               پنج سيڪڙو

سريلنڪا                پنج سيڪڙو


 

 

 

‎1993ع جو نوبل ادبي پرائيز حاصل ڪندڙ ليکڪا

 

چونڊيندڙ:فرزانه سليم

 

عورتن بابت قول

 

1993ع جو نوبل ادبي پرائيز حاصل ڪندڙ ٽوني موريسن (Toni Morrison) هڪ افريڪن_امريڪن ليکڪا آهي، جنهن کي 1993ع جو ادبي نوبل وپرائيز سندس ڪتاب 'An essential Aspect of American Reality' (امريڪي جي سچائيءَ جو هڪ اهم ڏيک) تي مليو آهي.

   ٽوني وريسن پاڻ ڪاري ورڪنگ ڪلاس ۾ پيدا ٿي آهي. هي اٺين عورت آهي، جنهن کي هن سال نوبل پرائيز مليو آهي. جيڪو 2.7 ملين جي ماليت ۽ سويڊش 2.7  ڪروڙ ماليت جو آهي.

  ٽوني موريسن يونيورسٽي آف پرسيٽن، نيو جرسي ۾ انسانيت جي شعبي جي پروفيسر آهي. هن چهه ناول ۽ ڪيترائي مضمون لکيا آهن.

 

حضور نبي ڪريم صله الله عليه وسلم جن فرمايو ته آءُ توهان کي ٻڌايان ته مرد جو بهترين خزانو ڪهڙو آهي؟

نيڪ عورت، جا جڏهن ان ڏانهن ڏسي ته کيس خوش ڪري ڇڏي سندس هر حڪم جي خوشيءَ سان پيروي ڪري ۽ جڏهن هو گهر کان ٻاهر وڃي ته سندس هر شيءَ (گهر، ٻارن ٻچن ۽ عزت) جي حفاظت ڪري.

                                             (ابودائود شريف)

                                     

پيغمبر خدا صله الله عليه وسلم جن جو قول آهي ته توهان سان سڀ کان وڌيڪ ايمان جو پختو اهو انسان آهي، جو پنهنجي عورت سان اخلاق ۽ محبت سان پيش اچي ٿو.

                                       

دنيا متاع آهي ۽ عورت دنيا جي بهترين دولت آهي.

                                                        (حديث)

                                       

عورت اسان کي وقار، خلق، مروت ۽ اعتماد علي النفس جو سبق ڏيئي ٿي.

                                                         (والٽر)

                                        

خوبصورت عورت هڪ سچو هيرو آهي ۽ نيڪ عورت هڪ وڏو خزانو.

                                                                 (سينڊي)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com