سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

 

شارلٽ بُزونٽي/ قربان جعفري

 

جين آئر

 

’جين آئر‘ جي ليکڪا ’شارٽ برونٽي‘ جو ذڪر سندس همعصر ڀينرن جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو رهندو.

برونٽي ڀينرون انگلنڊ جون رهواسي هيون. ’شارٽ برونٽي‘ 1816ع-1855ع وڏي، ’ايملي برونٽي‘ 1848ع _ 1818ع وچين، ۽ ’ايني برونٽي‘، 1820ع _ 1849ع ننڍي هئي.

ٽنهي ڀينرن مختلف قلمي نالن هيٺ گڏيل شاعري جي مجموعي سان ادب جي ميدان ۾ پير پاتو، پر پوءِ ٽنهي ڀينرن ڌار ڌار ناول تي طبع آزمائي ڪئي ۽سن 1847ع ۾ ٽنهي ڀينرن جا ناول سندن پنهنجي نالي سان شايع ٿيا.

’شارلٽ برونٽي‘ جي ناول جي ’جين آئر‘، ’ايملي برونٽي‘ جي ناول ’ودرنگ هائٽس‘ ۽ ’ايني برونٽي‘ جي ناول ’ايگنس گري‘ کي خاطر خواهه ڪاميابي نصيب ٿي.

وچين ڀيڻ ’ايملي برونٽي‘ هڪ سال کان پوءِ 1848ع ۾ گذاري وئي. سندس واحد ناول ’ودرنگ هائٽس‘ انگريزي ادب ۾ سندس يادگار ۽ شاهڪار ناول آهي.

ساڳئي سال 1848ع ۾ ننڍي ڀيڻ ’ايني برونٽي‘ جو ٻيو ناول ’دي ٽينانٽس آف وائلڊ فيل هال‘ شايع ٿيو ۽پاڻ 1849ع ۾ گذاري وئي.

وڏي ڀيڻ ’شارلٽ برونٽي‘ جو ٻيو ناول ’شرلي‘ 1849ع ۾، ٽيون ناول ’ويليٽ‘ 1853ع ۾، ۽ چوٿون ۽ آخري ناول ’دي پروفيسر‘ سندس موت کان ٻه سال پوءِ 1857ع ۾ شايع ٿيو.

’شارلٽ برونٽي‘ جي پهرين ناول جين آئر کي اڄ به لازوال شهرت حاصل آهي. هن ڪهاڻي جي آڌار تي ڪئين فيچر فلمون پڻ ٺهي چڪيون آهن. هي سنڌيءَ ۾ سليس ۽ مختصر ترجمو آهي!

(1) گيٽسهيڊ:

منهنجو نالو جين آئر آهي. منهنجو پيءُ چرچ جو هڪڙو غريب ڪارڪن هو، جڏهن مان ٻار هيس، منهنجو پيءُ ۽ ماءُ گذاري ويا. مان اڪيلي رهجي ويس. مون وٽ نه پيسو هو نه دوست.

منهنجي ماءُ جي ڀاءُ، ماما ريڊ منهنجي والدين جي موت جو ٻڌو. هو تنهن کان پوءِ جلد آيو، مون کي پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ وٺي ويو. هو پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن سان گيٽسهيڊ نالي هڪڙي وڏي گهر ۾ رهندو هو.

مامو ريڊ مون تي ڏاڍو مهربان هو. ڪجهه وقت کان پوءِ منهنجو مامو ريڊ پڻ مري ويو. منهنجي مامي ۽ منهنجا ماروٽ مون کي پسند ڪين ڪندا هئا. هو مون لاءِ بيحد بي رحم هئا، سڀني کان وڌيڪ ڪٺور جان هو، جيڪو سڀني کان وڏو.

جان هڪڙو اسڪولي ڇوڪر هو، هو ٿلهو، وڏو ۽ چوڏهن سالن جي عمر جو هو.

هڪڙي ڏينهن جان ۽ مون ۾ جهيڙو ٿي پيو. هن مونکي ڌڪ هنيو، ڇاڪاڻ ته مان هن جا ڪجهه ڪتاب پڙهيا هئا، جڏهن هن جي ماءُ اسان کي رڙيون ڪندي ٻڌو، هن غصي ۾ رڙ ڪئي، ”هن کي ڳاڙهي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو.“

مان هڪڙي اهڙي ڪمري ۾ بند هيس، جيڪو اونداهو ۽ ٿڌو هو، منهنجو مامو انهيءَ ڪمري ۾ گذاري ويو هو. مان ڏاڍي ڊنس. مون رڙيون ڪيون ۽ دروازي تي ٺڪاءَ ڪيا، پر ڪنهن به مون کي ٻاهر نه ڪڍيو. منهنجي ظالم ماميءَ مون کي هتي ڇڏي ڏنو، جيستائين مان بيهوش ٿي ويس.

منهنجي ماميءَ پوءِ هڪڙي ڊاڪٽر کي سڏايو. هو هڪڙو مهربان ماڻهو هو، جڏهن هن ٻڌو ته منهنجا والدين مري ويا آهن ۽ هي ته مان گيٽسهيڊ ۾ خوش ڪين هيس. هن منهنجي ماميءَ کي چيو ته مون کي اسڪول موڪليو وڃي.

ڪجهه هفتن کان پوءِ، اسان وٽ هڪڙو ملاقاتي آيو. هو ڊگهو ۽ سانورو ماڻهو هو.

”مسٽر بروڪلهرسٽ، هي جين آئر آهي.“ منهنجي ماميءَ چيو.

”ڇا تون سٺي ڇوڪري آهين، جين؟“ ملاقاتي مسٽر بروڪلهرسٽ پڇيو

مون هڪڙو لفظ ڪين ڪڇيو.

”هوءَ بڇڙي آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندي آهي.“ منهنجي مامي چيو. ”سڀني ماسترياڻين کي لووڊ ۾ ائين ٻڌائيندا.“

”ڪيڏي نه ڀيانڪ شيءِ،“ مسٽر بروڪلهرسٽ چيو، ”مان مس ٽيمپل هيڊماسترياڻي کي هن جي باري ۾ ٻڌائيندس. لووڊ جون سڀئي ڇوڪريون بالڪل سادو کاڌو کائينديون آهن ۽ سادا ڪپڙا پهرينديون آهن، پر هو ڪم ۾ ڏاڍي محنت ڪنديون آهن.“

”اهوئي ٺيڪ آهي جيڪو جين کي گهرجي.“ منهنجي ماميءَ چيو. ”مان نٿي چاهيان ته هوءَ پنهنجي موڪلن لاءِ گهر اچي. هن کي لووڊ ۾ پنهنجيون موڪليون گذارڻ ڏيندا.“

”مان اهوئي ڪندس، بيگم ريڊ، مان مس ٽيمپل کي پڻ ٻڌائيندس ته جيئن آئر جلدي اچڻ واري آهي“. مسٽر برو ڪلهرسٽ چيو.

پوءِ هو هليو ويو، مونکي ڏاڍو صدمو ۽ ڏک ٿيو.

منهنجي مامي هڪڙي ملاقاتي جي اڳيان چوي ٿي ته مان ڪوڙ ڳالهائيندي آهيان.

”مان ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهيان، مونکي توهان ۽ جان کان نفرت آهي. توهان خراب ۽ ظالم آهيو.“ مون چئي ڏنو.

(2) لووڊ:

مان جنوري جي هڪڙي سرد صبح جو گيٽسهيڊ کي لووڊ لاءِ ڇڏيو. مان هڪڙي گاڏيءَ ۾ ويس. گاڏيءَ کي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. لووڊ پهچڻ ۾ مونکي پورو هڪڙو ڏينهن لڳو:

مان لووڊ ۾ رات جو پهتس، اوندهه ۾ مونکي گهڻي درين سان هڪڙو وڏو گهر نظر ٿي آيو، هِتي ڪجهه درين ۾ بتيون روشن هيون، مونکي سڌو هيڊماسترياڻي مس ٽيمپل کي ڏسڻ لاءِ وٺي ويا. هن مون سان مهرباني سان ڳالهايو. مان هن کي هڪدم پسند ڪرڻ لڳيس. تنهن کان پوءِ هڪڙي ماسترياڻي مس ملر مون کي هڪڙي وڏي ڪمري ڏانهن وٺي وئي.

انهيءَ ڪمري ۾ اَسي ڇوڪريون چار ڊگهي ميزن وٽ ويٺيون هيون. ميز مٿان موم بتيون هيون. ڇوڪريون پنهنجو گهر جو ڪم ڪري رهيون هيون. هو هڪڙي عمر جون ڪين هيون، ڪي ته ننڍڙيون نون سالن جون هيون ۽ جڏهن ته ٻيون ويهن ورهين جون هيون. هنن سڀني کي پراڻي طرز جا خاڪي ڪپڙا مٿان سادي گائون سميت پهريل هئا. مس ملر مونکي هڪڙي دروازي جي ڀرسان هڪڙي ڊگهي سيٽ تي ويهڻ لاءِ چيو.

پوءِ مس ملر سڏ ڪيو، ”مانيٽر سبق جا ڪتاب ڪٺا ڪيو!“

هڪڙي ڊگهي ڇوڪري هرهڪ ميز وٽان اٿي ۽ ڪتاب پرتي رکيا.

”مانيٽر مانيءَ جون ٿالهيون کڻي اچو،“ مس ملر ٻيهر سڏ ڪيو.

ڊگهيون ڇوڪريون ٻاهر ويون ۽ اسان جي ماني جي ٿالهين سان واپس آيون. هنن چوڌاري ٿالهيون ورهايون،. هرهڪ ٿالهي تي هڪڙو ڪيڪ جو ننڍڙو ٽڪرو ۽ هڪڙو پاڻي جو ڪوپ رکيو هو. مان ماني کائي ڪين سگهيس، ڇاڪاڻ ته بيحد ٿڪل هيس، پرمون ٿورو پاڻي پيتو.

ماني کان پوءِ اسان پنهنجي دعا پڙهي، پوءِ اسين بستري ڏانهن ويونسين.

بسترن وارو ڪمرو هڪڙو ڊگهو ڪمرو هو، جنهن جي ٻنهي پاسي هڪ ٻئي جي سامهون بسترا هئا. بسترا هڪ ٻئي جي تمام ويجهو رکيل هئا.

ٻن ڇوڪرين کي هڪڙي بستري مٿان سمهڻو هو. مون کي هڪڙو بسترو انهيءَ رات مس ملر سان ونڊائڻو هو، جيئن مان ڏاڍي ٿڪل هيس، مان جلدي سمهي پيس.

اڳين صبح جو اسان تمام سوير اٿيونسين. اسان پهريائين پنهنجي دعا پڙهي، پوءِ اسان کي نيرن کان اڳ بائيبل جو سبق مليو. اسان کي نيرن لاءِ خراب کاڌو مليو. مان ان کي کائي نٿي سگهيس، جيتوڻيڪ مونکي بک ڏاڍي لڳي هئي.

مان لووڊ ۾ گهڻو خوش ڪين هئس، ڇاڪاڻ ته زياده تر وقت مونکي سيءُ ٿيندو هو ۽ مونکي کائڻ لاءِ پورو ڪين ملندو هو.

(3) مسٽر بروڪلهرسٽ جو لووڊ جو دورو

هڪڙي ڏينهن مسٽر بروڪلهرسٽ آيو. هن مونکي سڀني ڇوڪرين ۽ ماسترياڻين جي اڳيان هڪڙي اسٽول مٿان بيهاري ڇڏيو. هن کين منهنجي باري ۾ ڪوڙ ٻڌايا. هن کين ٻڌايو ته منهنجي مامي ڪيڏي مهربان هئي. هن کين اهو پڻ چيو ته مون سان ڪين ڳالهائين ۽ هن مون کي اُتي اڌ ڪلاڪ لاءِ اسٽول مٿان بيهاري ڇڏيو.

جڏهن مسٽر بروڪلهرسٽ هليو ويو. سڀئي ڇوڪريون چانهه لاءِ ويون، مان هيٺ لٿس ۽ رنس. انهيءَ مهل ڪوئي آيو. اها هيلن برنس نالي هڪڙي وڏي ڇوڪري هئي. هوءَ ڏاڍي همدرد هئي، هوءَ مون لاءِ منهنجي چانهه کڻي ائي ۽ مون سان مهرباني سان ڳالهايائين.

پوءِ مس ٽيمپل آئي ۽ اسان کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وئي. اهو هڪڙو گرم ڪمرو هو. مان هتي خوشي محسوس ڪئي، مس ٽيمپل اسان کي چانهه ڏني.

مون کيس گيٽسهيڊ ۽ پنهنجي مامي ريڊ ۽ گيٽسهيڊ جي مهربان ڊاڪٽر بابت ٻڌايو. هن مون تي اعتبار ڪيو. هن چيو ته هو ڊاڪٽر ڏانهن خط لکي هن کان منهنجي باري ۾ پڇندي.

هڪ هفتي کان پوءِ هن کي مهربان ڊاڪٽر وٽان هڪ خط مليو. هن پوءِ لووڊ ۾ هرهڪ کي ٻڌايو ته جيڪي مسٽر بروڪلهرسٽ منهنجي باري ۾ چيو هو. سو سچ ڪين هو.

اهو ٻڌي هرڪو خوش ٿيو. انهيءَ ڳالهه من کي ڏاڍو خوش ڪيو. انهيءَ کان پوءِ مان مس ٽيمپل کي اڃان وڌيڪ چاهڻ لڳيس.

(4) هيلن برنس

ٿڌي سياري کان پوءِ بهار آئي. سج جي روشني گرم ۽ وڻندڙ هئي، پر لووڊ ڪا صحت بخش جڳهه ڪين هئي. اها تمام گهڻي گهميل هئي.

مئي ۾ زياده تر ڇوڪريون بيمار هيون. ڪجهه گهر ويون. اهي جيڪي بيمار ڪين هيون تن کي ٻاهر دريا جي ڀرسان کيڏڻ جي اجازت هئي، ڇاڪاڻ ته ماسترياڻيون بيمارن جي پرگهور پٺيان تمام مشغول هيون.

ٻاهر کيڏڻ مهل مان اڪثر چاهيندي هيس ته هيلن مون سان گڏ هجي ها، پر هيلن بيحد بيمار هئي.

هڪڙي رات مان نهايت خاموشيءَ سان هن کي ڏسڻ ويس. مان ڪنهن کي جاڳائڻ نٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته هنکي ڏسڻ جي ڪنهن کي اجازت ڪين هئي.

هوءَ مس ٽيمپل جي ڪمري ۾ هئي، پر مس ٽيمپل هتي ڪين هئي.

”هيلن!“، مان نرمي سان هن کي سڏ ڪيو.

هن مونکي ٻڌو. هوءَ ڏاڍي ڪمزور۽ سنهڙي هئي.

”ڇا تون خدا حافظ چوڻ آئي آهين؟“ هن چيو. مونکي خبر هئي هو مرڻ واري آهي. مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ڪين روئان.

”من کي ڇڏي نه وڃ، جين.“ هن چيو، تنهن ڪري مان مٿي چڙهي هن سان گڏبستري ۾ ستس۽ جلدي اسان کي ننڊ اچي وئي. اڳين صبح جو هوءَ مئل هئي.

(5) هڪڙو نئون ڪم

مان لووڊ ۾ اٺ سالن لاءِ هيس. مان پوءِ هڪڙي ماسترياڻي بڻيس.، لووڊ ۾ منهنجي سموري رهائش جي دوران مس ٽيمپل منهنجي ساهيڙي هئڻ سان گڏوگڏ منهنجي استاد پڻ هئي. هن مونکي سکيا ڏني ۽ منهنجي گهڻي مدد ڪئي. مان بيحد خوس هيس، جڏهن هوءَ هتي هئي.

منهنجي بحيثيت ماسترياڻي جي ٻئي سال جي پڇاڙي ۾ مس ٽيمپل هڪڙي چرچ جي ڪارڪن سان پرڻجي وئي. جڏهن هن لووڊ ڇڏيو، مان ڏاڍي اداس ٿيس. مان پڻ ڇڏڻ پئي چاهيو، مان ڪو نئون ڪم ڳولهڻ ٿي چاهيو.

مان اخبار ۾ هڪڙو اشتهار ڏٺو. هڪڙو هفتو پوءِ، مونکي هڪڙو جواب مليو. چيل هو:

”هڪڙي ننڍڙي اٽڪل ڏهن سالن جي ڇوڪري کي سيکارڻ لاءِ هڪڙي ماسترياڻي جي ضرورت آهي. پگهار ٽيهه پائونڊ ساليانو آهي. مهرباني ڪري نالو، پتو ۽ عام معلومات بيگم فيئرفيڪس، ٿارن فيلڊ، نارٿ ملڪوٽ کي موڪلي ڏيو.“

ٽيهه پائونڊ ساليانو مونکي وڏي رقم نظر پئي آئي. لووڊ ۾ مونکي صرف پندرهن پائوند ساليانو ملندا هئا.

مان لووڊ کي ٻن هفتن کان پوءِ تمام ٿوري شين سان ڇڏيو.

(6) ٿارن فيلد هال

ٿارن فيلڊ ملڪوٽ کان ڇهه ميل هو. هڪڙي نوڪر ملڪوٽ ۾ پيتي کنئي، جنهن ۾ منهنجيون شيون هيون، هڪڙي ننڍڙي گاڏي جي مٿان رکي ۽ هو تمام آهستي ٿارن فيلڊ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن مان ٿارن فيلڊ هال پهتس ته اوندهه هئي.

مون کي هڪڙي ننڍڙي گرم ڪمري اندر وٺي ويا، جتي هڪڙي ننڍڙي ڪراري خاتون ويهي اُڻي رهي هئي. هن کي ڪارو وڳو پهريل هو ۽ ان جي مٿان هڪڙو سهڻو اڇو پهراڻ هو. هوءَ اٿي بيٺي.

”تون ڪيئن آهين، منهنجي پياري؟“ هن چيو.

هن مون کي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏني. ماني کان پوءِ مون چيو، ”مس فيئر فيڪس ڪٿي آهي؟“

”تنهنجو مطلب آهي، ايڊل ويرنس؟ هوءَ منهنجي ڌيءَ ڪين آهي. مونکي ڪٽنب ناهي، مان خوش آهيان، تون آئي آهين، هتي مون لاءِ اڪيلائي آهي.“

پوءِ هوءَ مون کي مٿي منهنجي ڪمري ڏانهن وٺي وئي. اهو گرم ۽ صاف هو، ان ۾ سهڻا نيرا پڙدا ۽ ديواري ڪاغذ هئا، تنهنڪري لووڊ جي برعڪس بهتر هو، جنهن جون ڀتيون ميريون ۽ ٻسيون هيون.

مان انهيءَ رات سمهڻ کان اڳ خدا جو شڪر ادا ڪيو.

اڳين صبح جو مان تمام سوير اٿيس. مان باغ کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر ويس. اهو هڪڙو سهڻو باغ هو ۽ گهر تمام وڏو هو.

بيگم فيئر فيڪس پڻ ٻاهر آئي. مونکي ان کان خبر پئي ته مالڪ مسٽر روچيسٽر هو ۽ ايڊل ويرنس، منهنجي شاگردياڻي، هن جي نگهباني ۾ هئي. هن مونکي اهو پڻ ٻڌايو ته ايڊل فرانس ۾ ڄائي هئي ۽ هن جي ماءُ رڳو ڇهه مهينا اڳ گذاري وئي هئي.

انهيءَ مهل ايدل، هڪڙي سنهڙي، ننڍڙي اٽڪل اٺ سالن جي ڇوڪري ڊوڙندي اسان ڏانهن آئي. هن جي نرس هن سان گڏ هئي. هنن ٻنهي فرينچ ۾ ڳالهايو. بيگم فيئر فيڪس اسان جو تعارف ڪرايو. مان هن سان فرينچ ۾ ڳالهايو. ايڊل کي اهو ڏسي خوشي ٿي ته مان به فرينچ ڳالهائي سگهان ٿي.

اسان پنهنجو پهريون سبق انهيءَ ڏينهن شروع ڪيو تنهن کان پوءِ بيگم فيئر فيڪس مونکي گهر گهمائي ڏيکاريو. هتي ڪيئي وڏا ڪمرا قيمتي فرنيچر سان ڀريا پيا هئا. اسان گهر جي مٿانهين حصي تائين به ويونسين، جنهن کي ڪا ڇت ڪين هئي. اتان اسان پري تائين ٻنيون ڏسي پئي سگهيونسين.

گهر جي مٿين منزل صفا اونداهي هئي ۽ ڪمرن جا دروازا سڀئي بند هئا. رڳو هڪڙي روشني هڪڙي ڇيڙي وٽان هڪڙي ننڍڙي دريءَ مان روشن هئي.

اوچتو مون هڪڙو عجيب آواز ٻڌو. اهو بند ٿي ويو ۽ پوءِ اهو ٻيهر شروع ٿيو.

”بيگم فيئر فيڪس، اهو ڇا آهي؟“ مون پڇيو.

”شايد اها گريس پول آهي، هڪڙي نوڪرياڻي،“ هن کي چيو. پوءِ هن سڏ ڪيو، ”گريس!“

هڪڙي ڀاري عورت منهنجي ويجهي هڪڙي دروازي مان ٻاهر آئي. هوءَ مهربان عورت نٿي نظر آئي. بيگم فيئر فيڪس گريس کي چيو ته هتي تمام گهڻو آواز هو. گريس پوءِ چپ چاپ واپس ڪمري منجهه هلي ويئي.

(7) مسٽر روچيسٽر

سيارو اچي ويو هو، زمين برف سان ڍڪجي وئي هئي، ڏاڍي ٿڌ هئي.

هڪڙي ٻن پهرن جو مان ڳوٺ مان هڪڙو خط ٽپال ڪرڻ ٿي چاهيو. ڳوٺ رڳو ٻه ميل پري هو. مان ڪجهه وقت پنڌ ڪيو. ٿڪ محسوس ڪندي مان روڊ جي پاسي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويهي رهيس.

مان هڪڙي ماڻهوءَ کي گهوڙي تي سوار پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو. هڪڙو ڪتو پڻ هو. اهو وڏو ۽ ڪارو هو. ماڻهو موڪرو پر ڊگهو ڪين هو. هن کي سانورو ۽ اداس منهن هو. مون اندازو ڪيو هو اٽڪل پنجٽيهه سالن جي عمر جو هوندو.

هو پنهنجي ڪتي سان منهنجي ڀرسان لنگهي ويو. اوچتو گهوڙو برف تي ترڪجي ويو ۽ ماڻهو گهوڙي سميت ڪريو. ڪتي ڀونڪڻ شروع ڪيو. ڄڻ ته مدد لاءِ چوندو هجي. مان جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو ويس، ڇاڪاڻ ته زمين ترڪڻي هئي.

جيئن مان هن وٽ پهتس، هو اُٿي کڙو ٿيو، ”توکي ڌڪ لڳو آهي ڇا؟“ مون هن کان پڇيو.

”مهرباني تنهنجي، مونکي ڌڪ ڪين لڳو آهي“. هن چيو، ”تون ڪٿي رهندي آهين؟“

”مان ٿارن فيلڊ هال ۾ رهندي آهيان،“ مون چيو، ”مان هتي ماسترياڻي آهيان.“

هن اُٿي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ڏاڍو سور ٿيس. ”مهرباني ڪري منهنجي گهوڙي تائين منهنجي مدد ڪيو،“ هن چيو.

مان سندس مدد ڪئي.

”مهرباني تنهنجي.“ هن چيو ۽ هليو ويو.

جڏهن مان پنهنجو خط ٽپال ڪري ٿارن فيلڊ هال ۾ پهتس اوندهه پئي ٿي. مان اندر پهچي خوش ٿيس، ڇاڪاڻ ته اهو روشن ۽ گرم هو.مونکي خوشي ڀريل آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. خاص طرح ايڊل جو، پر جڏهن ڪمري جي اندر گهڙيس، مونکي رڳو وڏو ڪارو ڪتو باهه جي ڀرسان ستل نظر آيو.

”هو ڪنهن جو ڪتو آهي؟“ مون نوڪرياڻي کان پڇيو.

”اهو مسٽر روچيسٽر جو آهي. مالڪ گهر آهي. هو ڊاڪٽر سان گڏ آهي. هن پاڻ کي ڌڪي وڌو آهي.“ نوڪرياڻي چيو.

ايڊل پنهنجا سبق چڱي ريت ياد ڪرڻ کان وڌيڪ جوش ۾ هئي. هوءَ خوش پڻ هئي. بيگم فيئر فيڪس مون کي پوءِ ٻڌايو ته اسان کي چيو ويو آهي ته چانهه مسٽر روچيسٽر سان ڇهين وڳي پيون.

جڏهن چانهه جو وقت ٿيو مان بيٺڪ منجهه ويس. مونکي پنهنجو ڪارو ريشمي وڳو پهريل هو. ڪمري ۾ هڪڙو ماڻهو ديوان مٿان هڪڙو پير ٻاهر ڊگهيري هڪڙي گاديلي تي رکيو ويٺو هو. بيگم فيئر فيڪس، ايڊل ۽ ڪتو پڻ هتي هو. ديوان مان ويٺل شخص ٻيو ڪونه پر ساڳيو ماڻهو هو، جنهن سان مان ڪالهه گڏي هيس. اهو هئو مسٽر روچيسٽر، ٿارن فيلڊ هال جو مالڪ.

هو ڪجهه سنگتي ڪين هو. هن انهيءَ حادثي جي باري ۾ ڪجهه ڪين ڳالهايو.

اسان چانهه پيتي تنهن کان پوءِ هن مون کي باهه جي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيو. هن مون کي چيو ته هن کي خوشي هئي ته ايڊل ٽن مهينن ۾ گهڻو ڪجهه سکي وئي آهي.

”تون ڪٿان آئي آهين؟“ هن پڇيو.

”لووڊ اسڪول“، مون جواب ڏنو.

”تون اُتي ڪيترو عرصو هئينءَ؟“ هن چيو.

”اٺ سال“، مون چيو.

هن پوءِ مون کي پيانو وڄائڻ لاءِ چيو. مان وڄايو. مان فقط ان وقت رڪيس جڏهن هن مون کي ان لاءِ چيو، هن کي منهنجو وڄائڻ وڻيو.

هن منهنجون ڪجهه تصويرون ڏسڻ ٿي گهريون، جيڪي ايڊل کيس ڏيکاريون. مان هن کي وڌيڪ ڏيکاريون.

اوچتو هو رڪجي ويو ۽ اسان کي شب بخير ڪيائين. هو نهايت عجيب ماڻهو هو، مان سوچيو، هو بلڪل بي لحاظ هو.

ايڊل کي بستري تي سمهارڻ کان پوءِ مان بيگم فيئر فيڪس کي ڏسڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس. هن مونکي ٻڌايو ته مسٽر روچيسٽر گهڻو ڪين چيو هو ۽ بي لحاظ نظر پئي آيو، ڇاڪاڻ ته هن کي بي شمار ڳڻتيون هيون.

”هن کي ٿارن فيلڊ هال پسند ڪين آهي، هو اڪثر ٻن هفتن کان وڌيڪ هتي ڪين رهندو آهي.“ بيگم فيئر فيڪس چيو.

پر مسٽر روچيسٽر هن ڀيري وڌيڪ رهيو. هو وڌيڪ سنگتي ٿي پيو. مان هن کي پسند ڪرڻ لڳيس.

(8) باهه

هڪڙي رات مان بستري ۾ ستل هيس، جڏهن هڪڙي عجيب آواز مون کي سجاڳ ڪيو. اهو هڪڙو ڀوائتو آواز هو. منهنجو ڪمرو اونداهو هو، مان ويهي ٻڌڻ لڳيس. هتي ڪو آواز ڪين هو. مان ٻيهر سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، اوچتو مون پنهنجي دروازي وٽان هڪڙو آواز ٻڌو.

”هتي ڪير آهي؟“ مون زور سان سڏ ڪيو.

ڪنهن جواب ڪين ڏنو. مان وڌيڪ ڊڄي ويس. پوءِ مان پنهنجي دروازي ويجهو هڪڙي ڀوائتي کل جهڙو آواز ٻڌو، اڳين گهڙي مان ڪنهن جي ڀڄندڙ قدمن کي ٻڌو. هڪڙي دروازي ان کان پوءِ ٺڪاؤ ڪيو.

مان بيگم فيئر فيڪس کي ڏسڻ لاءِ اُٿي کڙي ٿيس، پر جڏهن مان پنهنجو دروازو کوليو، مان دونهون ڏٺو. اهو مسٽر روچيسٽر جي ڪمري کان ٻاهر پئي آيو.

مان پنهنجي مالڪ جي ڪمري ۾ ڊوڙندي ويس. هو پنهنجي سبتري تي ستل هو ۽ هن جي بستري مٿان باهه هئي.

”جاڳو، جاڳو“ مان رڙ ڪئي.

مون ڪجهه پاڻي ٻرندڙ بستري مٿان اوتيو. هو جاڳيو. جڏهن هو اٿي کڙو ٿيو مان کيس ٻڌايو ڇا ٿيو هو.

هن مون کي ويهڻ لاءِ چيو، پوءِ هڪڙي موم بتي جهلي ٻاهر ويو. مان اوندهه ۾ويهي انتظار ڪيو. هو گهڻي وقت کان پوءِ واپس آيو.

”اها گريس پول هئي، هاڻي واپس وڃي سمهه. ڪنهن کي ڪجهه ڪين چئجانءِ. مان هنن کي پاڻهي ٻڌائيندس.“

”شب بخير سائين،“ مون چيو.

شب بخير، جين، اڄ رات منهنجي زندگي بچائڻ لاءِ تنهنجي مهرباني!“ منهنجي مالڪ چيو.

مان پنهنجي ڪمري ڏانهن واپس ويس.

اڳين صبح جو مان گريس پول کي ڪجهه نون پڙدن مٿان ڇلا ٽاڪيندي ڏٺو. هن مونکي ٻڌايو ته اهي منهنجي مالڪ جي ڪمري لاءِ هئا.

(9) مسٽر ميسن

مسٽرروچيستر باهه کان پوءِ ٻن هفتن لاءِ ٻاهر ويو. هو ڪجهه دوستن سان واپس آيو. انهن ۾ هڪڙي سهڻي ۽ امير نوجوان عورت مس بلانچي انگرام نالي هئي. مونکي هوءَ پسند ڪين آئي.

هڪڙي شام اسان وٽ هڪڙو ملاقاتي آيو. هن جو نالو مسٽر ميسن هو، جڏهن مان مسٽر روچيسٽر کي مسٽر ميسن بابت ٻڌايو. هو فڪرمند ۽ بيمار نظر آيو. پوءِ هو ٻئي لائبريري ۾ هليا ويا.

انهيءَ رات جي وچ ۾ مان جاڳي پيس، ڇاڪاڻ ته چنڊ ڏاڍو چمڪيلو هو. اوچتو مان ڪنهن کي، سور ۾ رڙيون ڪندي ٻڌو. ڪنهن دانهن ڪئي، ”منهنجي مدد ڪر! منهنجي مدد ڪر! روچيسٽر!“

هتي گهڻو آواز هو. پوءِ سڀ خاموشي هئي. هرهڪ پڇيو، ”ڇا ٿيو؟ ڪنهن کي ڌڪ لڳو آهي ڇا؟“

مسٽر روچيسٽر هيٺ آيو، جتي اسين هئاسين. ”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، اهو رڳو هڪڙو نوڪر هو، جنهن هڪڙو خراب خواب پئي ڏٺو.“ هن چيو.

مهمان سڀئي پنهنجن ڪمرن ڏانهن واپس هليا ويا. مان پڻ پنهنجي ڪمري ڏانهن واپس هلي ويس. مونکي ننڊ نه پئي آئي. مان ويهي سوچڻ لڳيس ته ڇا ٿيو هو ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هر شيءِ خاموش هئي، مسٽر روچيسٽر منهنجي مدد خاطر چوڻ آيو.

اسان اڳين منزل تي هڪڙي ڪمري ڏانهن وياسين. هن ڪمري ۾ هڪڙي پڙدي جي پٺيان هڪرو کليل دروازو هو، مون کي پردي پٺيان ڪمري مان ڪنهن چيز جا جانور جهڙا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. مان سوچيو، اها گريس پول هئي.

مسٽر روچيسٽر جلدي دروازو بند ڪيو. هتي مان هڪڙي ماڻهو کي ڪرسي تي ويٺل ڏٺو. مسٽر روچيسٽر ۽ مان ويجهو وياسين. مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اهو مسٽر ميسن هو. هو زخمي هو، هڪ ٻانهن رت سان ڀريل هئس.

مون زخم صاف ڪيو. پوءِ مسٽر روچيسٽر ڊاڪٽر کي وٺڻ ويو.

”ڇا ٿيو هو؟“ ڊاڪٽر پڇيو. ”هي ماڻهو ائين ٿو لڳي ڄڻ هن کي چڪ لڳو آهي.“

”جڏهن مسٽر روچيسٽر چاقو کسي ويس ته هن مون کي چڪ هنيو، ”مسٽر ميسن ڪمزوري ۾ چيو.

”مون توکي چيو هو، هن جي ويجهو اڪيلو ڪين وڃجان.“ مسٽر روچيسٽر چيو. مان سمجهي ڪين سگهيس. هنن ڇا پئي چيو.    (هلندڙ)

 

الحاج ولي محمد طاهرزادو

 

ٻوليءَ جو ٻنڌيج

لغت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي: زبان کان نڪتل اکر ۽ لفظ، جيڪي سمجهيا وڃن ۽ سمجهه ۾ اچن، ڳالهائجن يا ڳالهايا ويا هجن.

سنڌي ڀرپور ٻولي هئي، جا پوءِ گاڏڙ ساڏڙ ٿي وئي. هيٺ ڏيکاريل لفظن مان توهان کي ان جي پوري پڪ پوندي.

عورتن بابت

عورت جي مجبوري جا نالا:

ڏهاج، پهاڄ، داشته، سُريت، سينڌي، ناچڻي، ڳائڻي، رقاصه،، طوائفه.

عورت تي ناپسنديءَ جا نالا:

وڌوا، ڏهاڳڻ، رنوڙ، رنڙي رن زال، بيواهه، نُپٽي، ڏائڻ، چَنڊي.

عورت جا عام نالا:

بانو، بيگم، ضائفان، خاتون، مُنڌ، وينجهر، آتون، بام، ٻائي، حرم، زوجه، ٻپڙي، ٻه ٿڻي، ٻانهن، لڄ، ننگ، ٻارَ.

پرڻيل عورت جا نالا:

زال، زن، جوءِ، جايا، پتني، استري، اشٽي، خانم، نار، ناري، لاڏي.

پوڙهي عورت جا نالا:

ٻُڍي پوڙهي، ڏوڪري، مَڙهي، جهونڙي، عاجزان.

عورت تي وڏ ماڻهپي جا نالا:

سائڻ، راڻي، پٽ راڻي، بيبي، مالڪياڻي، سيٺياڻي، مرشدياڻي، خليفياڻي، راڄڌڃاڻي، پَٽيلڻ، شهزادي، خانزادي، صاحبزادي، نواب زادي، امام زادي، مرشد زادي.

عورت جي جوانيءَ جا نالا:

سامايل، بوراڪ، ڪنواري، ڪماري، دوشيزه، ڪبريٰ، ڪپر، وڏوڙ، ساماڻي.

ننڍپڻ جا نالا:

ڌيءَ، ڌيئر، نينگري، نينگر، ڇوڪري، ڇوڪر، بنت، دختر، ڇوري، ڇوهر، ڏيڪري، لاڏلي، ٻيٽي نياڻي ڪنيا.

شاديءَ کان پوءِ جا نالا:

پرڻيل، وني، بنري، سهاڳڻ، وَريتي، پُٽيتي، نوورني، گهر ڌياڻي.

سچن هڏن وارين عورتن جا نالا:

پورهيت، نوڪرياڻي، گولي، ٻانهي، ڏاهَه، پاڻهياري، داڻي، دَدائي، مُمائي، پخالڻ، هارياڻي، لاهياري، ناتر، ڏسڻي.

عورتن بابت خاص نالا:

سِمِڪ، سينگاريل ڪنوار، ڏِهاج، ٻيو ڀيرو پرنيل عورت، اينچر، سُهڻي عورت، سَپوَرَ، ٻي نڪاح واري عورت.

ڪماري، اڻپڙهيل عورت، اُٻلا، بيواهي عورت_ سُپيٽي، ستن پٽن جي ماءُ.

نپٽي، بي اولادي يا رڳو ڌيئرون ڄڻيندڙ عورت، سِلا، ننڍي نيٽي رن زال يا بيواهه.

سارات، سالي جي زال، سالاٽي، ساليءَ جي ڌيءَ _ شتاهه، چالاڪ عورت.

سَمنگهي، هار سينگار ڪندڙ عورت، کلي، پيٽ ۾ ٻار سوڌي مري ويل عورت.

عورتن جا قسم:

پدمڻي، سنکني، چترني، هستني، ڪامڻي.

 

 

سلميٰ چانڊيو

زيورن جي اهميت

اڪثر ڏٺو ويو آهي، ته عورتون، خصوصاً اهي عورتون، جيڪي صاحبِ ثروت گهراڻن سان تعلق رکن ٿيون، ڪنهن تقريب ۾ شرڪت وقت هار سينگار سان گڏوگڏ زيورن کي وڏي اهيمت ڏينديون آهن، جڏهن هت زيور اسان جي ثقافت جو هڪ حصو پڻ آهن.

اڄ به دورِ قديم کان وٺي دورِ جديد تائين عورتن کي زيورن سان دلچسپي رهندي ٿي اچي، حالانڪ دورِ جديد جتي پاڻ سان گڏ عورتن لاءِ ڪيئي اهم تبديليون آنديون آهن، اتي عورتن جو هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽيءَ جو رجحان پڻ وڌيو آهي. اهڙي طرح هر عورت ٻئي عورت جو مقابلو ڪندي نظر اچي ٿي. بعضي وقت عورتون ٻين کي ڏسي، اهڙي قسم جون شيون استعمال ڪنديون آهن، جو اهي حسن ۾ اضافي بجاءِ باعثِ تنقيد بنجي وينديون آهن. خاص طور تي زيورن جي خريداري قت، بجيٽ، لباس ۽ چهري کي مدنظر رکڻ نهايت ضروري هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو زيور پسند اچي ويندو آهي ۽ اوهان ان کي خريد ڪندا آهيو،ته ضروري ناهي ته فوري طور تي ڪتب آڻجي، بلڪ مدعو ٿيل تقريب جو لحاظ رکي. ان مطابق زيورن جو استعمال ڪجي.

تقريب جيڪڏهن وچولي آهي. مثلاً: سالگره، عقيقه، ميلاد شريف يا ڪا گهريلو تقريب آهي ته پنهنجي وجود مٿان پهريل لباس مطابق هلڪا ايرينگ يا ٽاپس جو انتخاب ڪجي، ڇاڪاڻ ته وزني زيورن پائڻ سان اوهان جي شخصيت متاثر نٿي ڪري سگهي. سونا زيور پائڻ وقت خاص خيال اهو رکڻُ آهي ته ڳچيءَ م هڪ وقت صرف وزني هار، نيڪلس ۽ گلوبند پايو. جيڪڏهن هڪ ئي وقت وزني زيور استعمال ڪبا، ته اهي توهان جي حق ۾ سٺا نه لڳندا ۽ اگر اوهان انفراديت جا قائل آهيو، ته تقريب ۾وڃڻ وقت هلڪي رنگ جو لباس زيب تن ڪيو، پر انلاءِ موسم جو به خيال رکڻو ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته سيءَ جي موسم ۾ اهڙي قسم جي سينگار سبب ٿڌ لڳڻ جو به خدشو رهي ٿو.

ڪي زيور اهڙا به هوندا آهن، جيڪي صرف مخصوص چهرن تي ئي سٺا لڳندا آهن. جهڙي طرح هيئر اسٽائل ٺاهڻ وقت چهري جي بناوت کي سامهون رکيو ويندو آهي، تهڙي طرح زيور به ان مطابق استعمال ڪيا وڃن، ته چهرو پرڪشش ٿي پوندو آهي، جنهن عورت جو چهرو ڊگهو ۽ نڪ نقشو به نازڪ هجي، ته ان کي فقط ڦل ئي پائڻ گهرجن، جيڪي وزني ۽ ڊگها هجن ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هميشه پنهنجي چهري، لباس، موسم ۽ تقريباتن کي مدِنظر رکي زيور استعمال ڪرڻ گهرجن.

اڄ جي ٽيڪنالوجي جي دور ۾ هر ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ مٿان برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان نظر ايندو اچي، اهوئي سبب آهي جو اوهان ڏٺو هوندو، ته وهانءَ، جي موقعن تي ڪنوار کي اهڙيءَ طرح زيورن سان جهنجهيو ويندو آهي، جو هڪ طرف ان جي نمائش ٿيندي آهي، ته ٻئي طرف شريڪ ڪاڄ عورتن ۾ ان جي گهڻي واکاڻ ٿيندي آهي. ڪاڄ ڌڻي، خاص طور تي ڪنوار جي ماءُ فخر سان ڳاٽ اوچوڪيو، آيل مهمان عورتن جي سٿ ۾ پئي ٽلندي آهي ۽ پوءِ شريڪ محفل عورتون، رشڪ سان ڪنوار جي ماءُ کي پيون ڏسنديون آهن.

 

رپورٽ: آغا سجاد

عورت جي حڪمراني

تازو سنڌ يونيورسٽي ”عورت جي حڪمراني“ جي موضوع تي سروي ڪئي ويئي، جتي شاگردياڻين کان ان موضوع بابت رايا ورتا ويا، جيڪي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا

 

* شهناز بلوچ

ريسرچ ايسوسيئيٽ

آءِ.بي.ايس

جيڪڏهن اسان جي دين ۾ عورت جي حڪمرانيءَ جو تصور ئي ڪونهي ته ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ وقت جو زيان آهي.

* بشرا قاضي

ڪمپيوٽر سائنس

عورت ۾ انتظامي صلاحيتون مردن کان وڌيڪ هونديون آهن، ان ڪري هوءَ حڪومت ڪري سگهي ٿي. حضرت بيبي رابعه بصري کي گهڻن مردن کان وڌيڪ رتبو مليو آهي.

* شازيه رقيه مهر

بي.ايس.سي. ميٿميٽڪس

اسلام ۾ عورت جي حڪمراني کان علاوه ٻيون به گهڻيون ڳالهيون چيون ويون، جيڪي عورت جي لاءِ آهن، جن ۾ عورتن جا حق ۽ انهن جي ادب ۽ احترام جي باري ۾ چيو ويو آهي، جڏهن اهي سڀ ڳالهيون اسان جي ملڪ ۾ نه آهن، ته پوءِ عورتن جي حڪمراني تي ايترو زور ڇو ڏنو ويو آهي.

* امبرين سعيد قاضي

بي.بي.اي

اهو صحيح آهي ته اسلام ۾ عورت جي حڪمراني جو تصور ڪونهي، جيڪڏهن هجي ها ته حضرت فاطمه رضيه اُمت مسله جي پهرين امام هجي ها، پر اسلام ۾ جيئن ته ان جي منع آهي، تنهن ڪري رياست تي عورت جي حڪمراني جا اثرات تمام اڳرا نتيجا نڪرندا آهن، جنهن جي نتيجن کان ديس رهواسي چڱي طرح واقف آهن. عورت جي حڪمراني ۾ ملڪ ڪيترو ئي ڇو نه ترقي ڪري پر ٻي طرف ملڪ تنزلي جو شڪار ٿيندو آهي، تنهنڪري دينوي ۽ دنياوي لحاظ کان اهو ئي بهتر آهي ته ملڪ جي حڪمراني هڪ مرد جي نگراني هيٺ هجي.

* انيلا جمالي

ڪمپيوٽر سائنس

عورت جي حڪمرانيءَ جو تصور تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان جو معاشرو چاهي.

* فرخنده ناز

ميٿميٽڪس

جڏهن کان هن ملڪ ۾ ”بينظير ڀٽو“ وزيراعظم ٿي آهي، تڏهن کان ڪجهه ڌريون اُن جي خلاف ٿي ويون آهن، جڏهن ته اها عورت توهان جي پنهنجي عورتن جي حقن جي لاءِ وڙهي ٿي.

* لبنيٰ مهيسر

اڪنامڪس

اسان جي ملڪ ۾ سماج جي ڪنهن به طبقي جو ڪوبه عمل ڏيکاريو، جيڪو اسلامي قانونن تي هلندو هجي! اهڙي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪا عورت حڪمرانيءَ جون واڳون سنڀالي ٿي ته ان سان ڪهڙو نقصان ٿو پهچي.

ڇا اهو بهتر ناهي ته ملڪ دشمن مرد حاڪم جيان هڪ سڄڻ ۽ وطن دوست عورت حڪمران هجي؟

حڪمراني جو مطلب مرد يا عورت جو تخت تي ويهڻ هرگز ناهي، پر هڪ اهڙي شخصيت جي اڳواڻي آهي، جيڪا پنهنجي قوم لاءِ پنهنجي دل ۾ قربانيءَ جو جذبو رکندي هجي.

مان سمجهان ٿي ته اهو ڪو اهم مسئلو ناهي، جنهن کي هڪ مسئلو بنائي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي. اسان وٽ هونئن ئي گهڻا اهم مسئلا آهن، جيڪي هن مسئلي کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا.

بهرحال ٿوري ليکي اهو چونديس ته ”هڪ اڻ پڙهيل جاهل پٽ کان چڱو آهي ته هڪ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ڌيءَ چڱي آهي.“

منهنجي نظر ۾ محترمه بينطير ڀٽو هڪ سٺي اڳواڻ ثابت ٿي آهي، جيڪو ملڪ جو هر باشعور فرد ڄاڻي ٿو.

* شاهده ٻگهيو

ڪمپيوٽر سائنس

جيڪڏهن اڄ جي عورت ايتري قابل ٿي وئي آ جو ان کي حڪومت سونپي وڃي ته پوءِ ٺيڪ آ، هئڻ گهرجي. ان ۾ اعتراض جي ته ڪا ڳالهه نه آهي.

* راني بلوچ

ڊپارٽمينٽ لائبريري

عورت کي حڪمران بلڪل ٿيڻ گهرجي پر پاڪستان ۾ نه، ڇوته هتي انتهائي تنگ نظري آهي، هتي جڏهن عورت کي جائز حقن ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي ته حڪمراني ڪرڻ ته وڏي ڳالهه آهي.

* فرحت نورين

منهنجي راءِ ۾ عورت حڪمراني لاءِ بهتر ناهي، حالانڪ اڄ جي عورت پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو مضبوط سمجهي ٿي، پر عورتن جي چوڻ جي باوجود به هو ڪڏهن به مردن جي برابر ٿي نٿيون سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com