سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 12/ 1994ع

مضمون --

صفحو :2

ممتاز مرزا

سنڌ – راڻي

اُڍيجن جو سردار، پنهنجي سرداريءَ واري صندليءَ تي نهايت شان ۽ مان سان ويٺو هو. سندس ڏيا واري چهري تي گَهري غور ۽ فڪر جا اهڃاڻ هئا. سڄي سٿ تي سناٽو ڇانيل هو. انهيءَ غير معمولي خاموشيءَ جو عالم، ڪنهن وڏي طوفان جو اطلاع ڏيئي رهيو هو. ڪنهن ڪنهن وقت معمولي  کنگهڪار ماٺ واري ماحول ۾ زندگيءَ جو احساس ٿي ڏياريو. سردار جي سامهون واريءَ صندليءَ تي هڪ ٻيو شخص ويٺو هو، جنهن جي چهري تي بيچينيءَ ۽ اٻهرائيءَ جا گڏيل تاثرات نظر پئي آيا. سندس چپ، ڪنهن ڳالهه چوڻ لاءِ آتا هئا. هن آخري ڀيرو سموري سَٿ تي نظر وڌي ۽ شهپرن کي وٽڻ لڳو:

”سردار! اسين پنهنجا سمورا ويڇا وساري، تو وٽ آيا آهيون. مون کي اميد آهي ته تون اسان جي ڳالهه کي مان ڏيندين. . . منهنجي پٽ جي سونهن، سورهيائي ۽ فرمانبرداري ڪنهن  کان به ڳجهي ڪانهي. شهزادي سونيتيءَ سان زندگي گڏ گذارڻ ۽ اوهان جي غلاميءَ ۾ قبول پوڻ جو هو هر طرح لائق آهي!“

اُڍيجن جي سردار جي پيشانيءَ تي گهَرا گُهنج اُڀري آيا – ائين پئي لڳو، ڄڻ ته هو پنهنجي اندر سان جنگ ڪري رهيو آهي، اچانڪ گونجدار آواز ۾ هن چيو:

”وڌيڪ هڪ لفظ به نه چئج! تو پنهنجي حيثيت کان تمام وڏي ڳالهه ڪئي آهي. آءٌ تو کي فقط انهيءَ ڪري معاف ڪريان ٿو، جو تون مون وٽ آيل  مهمان آهين! . . . قوم جي غدارن ۽ گيدين لاءِ سونيتيءَ جو نالو زبان تي آڻڻ جي سزا فقط موت آهي! . . .  آءٌ  تو کي پنهنجي شهزاديءَ جو سنڱ ڏيئي، پنهنجي غيور قوم کي ٽِڪو نه لائيندس!“

ائين چئي سردار اُٿيو.نوڪر سندس ڪلهن تي لونگي رکي، ۽ پوءِ هُو ڪنهن به جواب سوال ٻڌڻ ۽ سَٿ تي نظر وجهڻ کان سواءِ ڪچهريءَ مان هليو ويو.

سونيتيءَ جي عمر ان وقت اٺ سال هئي، پر سندس سونهن جي سرهاڻ گهڻن کي مست ڪري ڇڏيو هو. پري پري جا سردار، سندس سڱ گهرڻ جي سعيي ۾ هئا. سونيتيءَ جي سونهن تي حورون به حيران هيون. سندس نزاڪت جي به حد هئي. پاڻيءَ ۾ گلاب جا ورق وجهي ڍُڪ ڀريندي هئي ته اهي نڙيءَ مان پيا نظر ايندا هئا. سندس چنڊ جهڙو چهرو ۽ ڪونج جهڙي ڳچي، جيڪو ڏسندو هو، سو حيرانيءَ ۾ بُت بڻجي ويندو هو.

ميان سرفراز خان ڪلهوڙو، سنڌ جي گاديءَ جو مالڪ هو. ڪچهريءَ ۾ امير وزير موجود هئا. ميان صاحب پنهنجي نياءَ واري سوني صندليءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، سندس آڏو اُڍيجو سردار بيٺو هو، جنهن کي سونيتيءَ جي پيءُ کُتو جواب ڏنو هو ميان سرفراز،سندس ڳالهه نهايت غور سان ٻڌي رهيو هو. هو فريادي بڻجي سنڌ جي بادشاهه وٽ آيو هو، ۽ درٻار ۾ پنهنجو عرض پيش ڪري رهيو هو.

”جيئندا قبلا! سونيتيءَ جي سونهن جي ساراهه ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي. اها جيڪر اوهان جي ڪوٽ ۾ سونهي. هن ملڪ ۾، سواءِ اوهان جي، ٻيو ڪو به سندس لائق وَرُ نٿو ٿي سگهي!“

ميان صاحب ڇرڪ ڀريو، ۽ فرياديءَ کي تيز نگاهن سان ڏٺو ۽ پوءِ هن آهستي آهستي چيو:

”معزز سردار! اسين هن سر زمين جا والي آهيون . . . اسين اها ڳالهه ڪڏهن به قبول  ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ته رعيت جي عزت کي بُري اک سان ڏسون. جيڪڏهن سونيتيءَ جي مائٽن جي مرضي ٿي ته پوءِ اسان کي اعتراض ڪونهي. باقي تنهنجي چئي تي اسين ڪنهن تي به حملو نه ڪنداسون!“

ميان جو جواب ٻڌي، اُڍيجو، مڪاريءَ سان مُرڪيو، ۽ ادب جا هٿ ٻڌي، پوئين پيرين ڪچهريءَ مان نڪري هليو ويو!

ميان سرفراز، سردار کي جواب ڏيئي روانو ڪيو، پر سندس دل ۾ هڪ طوفان مچي ويو. رات جو آرام ۽ ڏينهن جو سُک ڦِٽي ويس. هن ڪنهن طرح سان سونيتيءَ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيو ٿي. آخرڪار، دل هڻي دنگ ڪيائين. اشتياق ۽ تجسس کي ڪاميابي  نصيب ٿي ۽ سفر جي تياري شروع ٿي.

(3)

سونيتيءَ پنهنجين جيڏين سرتين سان تلاءَ تي راند پئي ڪئي. سهيلين جي ساڻس ڏاڍي پريت هئي. خوشيءَ جي ٽهڪڙن جو ڄڻ ته هڪ سمنڊ چڙهي آيو هو. ڪا سونيتيءَ کي ڀاڪر پيئي پائي، ته ڪا پاڻ ڏانهن پيئي ڇڪيس.

”مون کي اڃ لڳي آهي!“ فضا ۾ ڄڻ ته سونن روپن گُلن جي ورکا ٿي ويئي. آواز دل جي گهراين ۾ هليو ويو. چؤطرف خوشيءَ جا ساز وڄي ويا. سرتين ۾ ڊڪ ڊوڙ پئجي ويئي. ڪا وٽو پيئي ڳولي ته ڪا گلاب جا پن پيئي ميڙي. پاڻي آيو، ان ۾ گلاب جي گلن جا پن پيا،سرتيون سهيليون کيس وڪوڙي ويٺيون. سونيتيءَ مُرڪي کين ڏٺو، ۽ پاڻيءَ جو وٽو وٺي چپن سان لاتائين. سڀ سرتيون حيران ۽ عجب ۾ سونيتيءَ جي ڪونج جهڙي ڳچيءَ کي ڏسنديون رهيون.

تلاءُ کان ڪجهه پري، ميان سرفراز اچي خيما کوڙيا هئا.اهو به انهيءَ تاڻي اڪيلي سر پسار ڪندو اچي تلاءَ وٽ پهتو، سونيتيءَ کي پاڻي پيئندو ڏٺائين. سندس قدم ڄمي ويا، جسم پٿر ٿي ويو. سونيتيءَ جي سونهن سندس دل جي پکيءَ کي تڙپائي ڇڏيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته سونيتيءَ کي پنهنجي ”راڻي“ بڻائيندس.

(4)

بادشاهه جي منزلگاهه تي، ڳوٺن ۽ راڄن جا چڱا مڙس، ميان صاحب جي سلام ڀرڻ لاءِ اچي حاضرٿيا هئا. سڀني کي ميان صاحب، حيثيت موجب مانُ ڏنو. جڏهن موڪلايائون، تڏهن ميان صاحب، سونيتيءَ جي پيءُ کي ترسڻ جو اشارو ڪيو.

”معزز سردار! اسين توکي بادشاهي گهراڻي سان رشتي ڳنڍڻ جي دعوت ڏيون ٿا. قدرت شهزاديءَ سونيتيءَ جي قسمت جي عرج ڏسڻ جي خواهشمند آهي!“

اُڍيجي سردار جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. سندس منهن جا رنگ بدلجڻ لڳا. چند گهڙين کان پوءِ هن وراڻيو:

”بادشاهه سلامت! منهنجي خوش قسمتيءَ تي ٻين کي ريس ٿيندي. آءٌ پاڻ کي نهايت ڀاڳ وارو ٿو سمجهان. مگر اسين پنهنجي قوم کان ٻاهر ڪنهن کي به سڱ ڪونه ڏيون. . . .

مون کي معلوم آهي ته منهنجي هڪ مخالف جي فرياد تي اوهان چڙهائي ڪئي آهي. پر اوهين اسان لاءِ قهر جي پاران رحمت بڻجي آيا آهيو. مانَ شانَ سان سڱ گهريو اَٿو. توهين ملڪ جا بادشاهه آهيو – منهنجي ڇا مجال، جو اوهان جي احساسن کان انڪار ڪري سگهان. . . .

آءٌ توهان کي پنهنجي ڌيءَ سونيتيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليان ٿو: پر شهزادي اڃا مکڙي آهي، جڏهن وقت آيو، تڏهن هي غلام اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو!“

ميان سرفراز نهايت خوش ٿيو ۽ سردار کي سروپاءِ ڏيئي رخصت ڪيائين. ان ڏينهن کان سرتين جيڏين، سونيتيءَ کي ”سنڌ راڻي“ سڏڻ شروع ڪيو.

(5)

ميان سرفراز خدا آباد پهچي، سردار کي نوازڻ شروع ڪيو، ۽ سردار به ميان صاحب جي احسانن جي شڪرئي بجا آڻڻ لاءِ وٽس اچڻ لڳو. سردار هڪ دفعي ميان صاحب جي دعوت تي باقبيلي خدا آباد ويو. کيس شاهي ڪوٽ ۾ عزت سان ويهاريو ويو. بلوچ سردار ان وقت ميان صاحب جي ڪوٽ ۽ ڪچهريءَ جا محافظ هئا. ان وقت مير مرزي خان جو نوجوان پٽ، مير  باگو خان ميان صاحب جي حاضريءَ ۾ خدا آباد ۾ موجود هو. سردار جي روانگيءَ جي وقت اتفاق سان مير باگي  خان جي نظر سونيتيءَ تي پيئي. دل بيتاب ٿي ويس. عشق، نوجوان مير باگي خان کي گهائي ڇڏيو، پر ميان صاحب جو ننگ ڄاڻي، پنهنجي پيار کي گهُٽي ڳالهه وساري ڇڏيائين. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ، ”سنڌ راڻي“ ۽ ميان سرفرراز جو مڱڻو ٿي ويو.

(6)

”سنڌ راڻي“ جي سونهن هاڻي محلن ۾ بيان ٿيڻ لڳي هئي. هر ڪنهن جي زبان تي ”سنڌ  راڻي“ جو نالو هو. شاهي گهراڻي جي اڪثر فردن، دزيده نگاهن سان ”سنڌ راڻيءَ“ کي ٿي ڏٺو، ۽ دل کي هٿن سان دٻائي، ٿڌا ساهه ٿي ڀريائون، ”سنڌ راڻي“ جي سونهن انهن کي به گهائي ڇڏيو هو. ”سنڌ راڻي“ جي عشق ۾ گرفتارٿيلن مان ميان سرفراز جو چاچو ميان عبدالنبي به دل کسائي ويٺو هو. قدرتاً، جلد ئي ميان سرفراز جو زوال شروع ٿيو. ميان صاحب گرفتار ٿيو، ۽ ميان غلام نبي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. ميان عبدالنبي، ميان سرفراز کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ دردناڪ واقعي جي خبر جڏهن اُڍيجي سردارکي ملي، تڏهن ارمان ٿيس.”سنڌ  راڻي“ به روئي روئي اکيون سُڄائي ڇڏيون، چي: ”منهنجو بخت مون کان پٺڀرو ٿيو آهي!“

ٿوري ئي وقت ۾، حڪومت جون واڳون ميان عبدالنبيءَ جي هٿ ۾ اچي ويون. سوڀيا وان ”سنڌ راڻي“ جي صورت سندس دل تي اڳيئي نقش ٿي چُڪي هئي، سو گاديءَ تي ويهڻ شرط اُڍيجي سردار ڏي پنهنجا ماڻهو اُماڻيائين.

سردارجي چهري تان هڪ رنگ لٿو ٿي، ٻيو چڙهيو ٿي. ميان عبدالنبيءَ جا ماڻهو وڏيءَ هوڏ سان ويٺا هئا. سردار بيٺو هو ۽ ڪنهن به ويهڻ لاءِ نه چيو. هڪ شخص اُتاوليءَ سان چيو:

”سردار! سونيتي شاهي سڱ آهي. ٻانهن اسان جي حوالي ڪر!“

سردار جي دل ۾ باهه ڀڙڪي اٿي. هن، ميان جي ماڻهن ڏانهن نهاريندي نهايت ڏيا سان چيو:

”ميان کي وڃي چئو ته اهو سڱ وٺڻ جو دستور نه آهي. زور جي ميندي ڪڏهن به نه لڳندي. آءٌ سڱ ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪريان!“

”حياتيءَ تان آهو کنيو اٿئي ڇا؟“

”عزت ۽ مانَ کان مٿي حياتي ڪانهي-

منهنجي جيئري، سونيتيءَ جو سڱ ميان کي نه ملندو!“ هو اهڙو کُتو جواب ٻڌي اٿي کڙا ٿيا.

(7)

ميان عبدالنبيءَ کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه پئي آيو. هن جي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تاثرات پوري طرح قبضو ڪري چُڪا هئا.

”اُڍيجيءَ کي انهيءَ جو ڪيتو ڏيڻو پوندو. هن اسان سان انڪار ڪيو آهي. اسان جڏهن به ڪنهن شئي جي حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪئي آهي، سا حاصل ڪئي آهي! پوءِ چاهي ان لاءِ اسان کي رت جون نديون ڇو نه وهائڻيون پون. سونيتي اسان جي ”سنڌ راڻي“ ٿيندي، اهو اسان جو آخري فيصلو آهي!“

”بيشڪ سائين! اوهان سان ڪير مقابلو ڪري سگهندو!“

اسان جو  حڪم آهي ته يڪدم گستاخ اُڍيجي سردار کي هتي حاضر ڪيو وڃي. سندس موت ۽ حياتي، سندس ئي جواب تي منحصر رهندي!“

(8)

ميان عبدالنبي پنهنجي بادشاهي تخت تي ويٺو هو. ڪچهريءَ ۾ ٻيو ڪير به موجود نه هو. سواءِ اُڍيجي سردار جي. ميان جي چهري تي انتقامي خوشيءَ واري مرڪ سبب، سندس واڇون ٽڙيل هيون.

”ڇا ٿو چوين.. . مون کي سونيتيءَ جو سڱ ڏين ٿو يا نه؟“

”نه . . . . هرگز نه . . . .!

”تنهنجي حياتي، منهنجي هٿ- وس آهي . . . آءٌ  چاهيان ته هڪ گهڙيءَ ۾ توکي ختم ڪرائي سگهان ٿو!“

”آءٌ ڄاڻان ٿو، پر مون کي حياتيءَ جي پرواهه ڪانهي. هن دنيا ۾ عزت لاءِ جيئڻ مردن جو شان آهي. . . بيعزتيءَ واري حياتيءَ کان موت بهتر آهي!“

ميان عبدالنبي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. ٽپ ڏيئي اُٿيو. تلوار ڪڍي، اُڍيجي سردار تي وار ڪيائين. سردار جي سِسي پري وڃي پئي، ۽ جنهن بادشاهي ڪچهريءَ ۾ انصاف پلئه پوندو هو، اتي هڪ بي گناهه جي خون جي سرخي پکڙجي ويئي. پوءِ سونيتيءَ جي ڀاءُ ”سائينڏني“ کي مجبور ڪري، زوريءَ سونيتيءَ سان مڱڻو ڪيائين، ۽ کيس پنهنجي ”سنڌ راڻي“ بنائڻ جو اعلان ڪيائين.

(9)

اُڍيجي سردار جي بي گناهه موت ۽ سونيتيءَ سان زوريءَ مڱڻي واري واقعي، مير باگي خان جي دل ۾ سُتل نينهن وري جاڳائي وڌو، هن، ميان عبدالنبيءَ جي ظلم کان بچائڻ لاءِ، مظلوم سونيتيءَ ۽ سائين ڏني کي، مير فتح علي خان جي سام ۾ اچي ڏنو. مير فتح علي خان، ٻنهي کي دلداري ڏيئي، پنهنجي ڪوٽ ۾ رهايو. انهيءَ عرصي ۾ ميان عبدالنبي، مير بجار خان ۽ ٻين ٽالپرن کي شهيد ڪرايو.آخرڪار، مير فتح علي خان ۽ ميان عبدالنبيءَ جي جنگ لڳي، جنهن ۾ مير صاحبن کي فتح نصيب ٿي. ميان عبدالنبي شڪست کائي، گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپر اميرن جي هٿ ۾ آئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com