چيومانس، ”همٿ ڪر، خدا توسان گڏ آهي. شايد تنهنجي
جوانيءَ تي رحم اچي وڃيس.“ دل ۾ سوچڻ لڳيس، ”هونئن
به هُو
وڏو مهربان آهي، جيڪي اٻوجهه آهن، اُنهن لاءِ....“
”آپا، مون کي توهان پنهنجي ائڊريس ڏيو، مان توهان
کي خط لکنديس.“
”خانم، مان پهريون ڀيرو ٿي وڃان، سو ائڊريس مون وٽ
نه آهي. تون پهنجي خاوند کان ائڊريس وٺي مون کي ڏج
ته مان توکي پنهنجي ائڊريس ۽ فون نمبر موڪلي
ڏينديس.“
پر هُن
جي مڙس ڇنڊ پٽي ته اسان وٽ خط پٽ جو رستو نه آهي.
جڏهن هن مون کي اُها ڳالهه ٻڌائي ته اسان ٻنهي
گڏجي ٽهڪ ڏنا.
”خانم، اسان ٻئي لاپتي آهيون. اچ ته اُن جي ماتم ۾
خوشيءَ جو ڪو اظهار ڪريون. اڄ منهنجي ساهيڙي ليلان
گڏ هجي ها ته پنهنجي مڌر گيت سان هن چاندني رات کي
به شرمائي ڇڏي ها. پر هوءَ به شادي ڪري آفريڪا جي
اونداهي کنڊ ۾ گم ٿِي ويئي آهي.“ مون دکي دل سان چيو.
”آپا، ڳائڻ مون کي به ايندو آهي، پر شرم اُن کان
وڌيڪ ايندو آهي.“
مون هيڏانهن هوڏانهن نهاري چيو، ”سڀ ماڻهو ته آرام
سان سمهيا پيا آهن، تون ڳاءِ.
اڄ موڊ به ٺيڪ نه آهي.“
هن برسات جو گانو ڳايو ۽ هڪ غزل. ڇا ته سندس آواز
هو! مون آسمان ڏانهن نهاري اُن نرآڪار پرماتما کان
پڇيو، ”هن کي اهڙو سريلو ڳلو ڏيئي هن جي جيون جا سُر
تو ڇو کسي ورتا آهن؟ يا هڪ ڏيئي ٻيو وساري ڇڏيُس.“ اُها سڄي رات هوءَ مون سان ڳلي لڳي سمهي پيئي. باقي ٽي
ڏينهن به ڳالهيون ڪندي ڪندي گذري ويا. اُن وچ ۾
گوادر آيو، ڪي لٿا، ڪي چڙهيا. ٻئي ڏينهن دبئي اچڻي
هئي. ماڻهو پنهنجا ٽپڙ سيرڻ لڳا. صبح جو سويل جهاز
اچي وچ سمنڊ ۾ بيٺو. هيٺ سمنڊ ۾ ننڍيون ننڍيون
ٻيڙيون، مسافرن کي دِڪي تي وٺي وڃڻ لاءِ بيٺيون
هيون. مزدور مال کڻڻ لاءِ مٿي چڙهي آيا. خانم مون
سان چنبڙي، سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. من منهنجو به
ڀريل هو، پر مون ڪوڙي همدردي ڏيکاري هن کي دلداري
ڏيڻ نه ٿي چاهي.
هُن
جا ڳوڙها وهِي
رهيا هئا ۽ منهنجا اندر ۾ ڄمي رهيا هئا.
جيڪي سنڌي جهاز ۾ گڏ هئا، تن پنهنجون ائڊريسون
ڏيئي چيو ته، ”ڪڏهن به ڪم هجيئي ته اسين حاضر
آهيون.“ مان به اُن ننڍيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، لوڏن
کان ٻين جي مدد سان پاڻ بچائيندي، اچي دِڪي تي
پهتيس. اُن وقت ڪسٽم وغيره جي تڪليف نه هئي. دِڪو
به ڇا هو؟ وچ بازار جي هڪ موڙ تي فوٽ پاٿ کان ٻيڻو
ڪنارو ٺهيل هو ۽ اُن جي اڳيان ٻيڙيون آيون ۽ ويون
پئي. مان ٻيڙيءَ مان لهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئس ته
ماڌوءَ اچي هٿ پڪڙي هيٺ لاٿو. هن جي بي بي به آئي
هئي. مزدور آيو، سامان ڏسي چيائين، ”بس!“
”ٺيڪ آ“ چِئي
هو دڪان تي هليو ويو. بي بي مون کي، ڪوٺيءَ مٿان
مندر هو، اُتي وٺي هلي. مندر ڏسي دل کي شانتي اچي
ويئي. ڪجهه وقت اُتي ئي ويٺاهئاسين جو ماڻهو صبح
سوير ۽ رات جو ايندا آهن، هتي مٿو ٽيڪڻ. رات جو
مون ماڌوءَ کي چيو، ”منهنجي نوڪريءَ لاءِ ڪنهن سان
ڳالهايو اٿوَ؟“
”ها، هن هفتي اندر ملي ويندءِ.“
”او.ڪي“ چئي مان خاموش ويهي رهيس، جو هن جي وات
مان شراب جي سخت بانس پئي آئي. ايتري ۾ هري، جيڪو
هِتي
هُتي
رهندو هو، سو آيو ۽ اچي ”ويل ڪم، ويل ڪم“ چئي
هندستان جو حال احوال پڇيو. سڀني مانِي
کاڌي. مان بي بيءَ جي ڀرسان پٽ تي سمهي پيس. باقي
ته تِر
ڇٽڻ جي به جاءِ نه هئي هن ڪوٺيءَ ۾. ٻئي ڏينهن سڄي
پاڙي جا ماڻهو گڏجڻ آيا ۽ پنهنجي واقفيت ڏنائون.
سامهون رهندو هو وڪيومل وِي. سيئه وارو ۽ هن جي
فئملي. ڌيءَ، ننهن، جوءِ ۽ پُٽ.
هن کي دڪان هو جتي ماڻهن کي کاڌو کارائيندو هو ۽
ٽفن موڪليندو هو، خوب ڪمائيندو هو. ماڻهو سادو
سودو، سُٺي
سڀاءَ وارو هو. مٿي رهندو هو تاراچند ۽ هن جا
ڀائر، فئملي نه هئن ۽ نه ئي گهرائڻ ٿي چاهيائون.
اُن وقت دبئيءَ ۾ تمام گهٽ فئمليون هيون. جي تمام
وڏا نالي وارا واپاري هئا، اُنهن جون فئمليون
هيون. جيئن ريگل، رائل، ڊلامل، خوشحالداس، نشي.
دبئيءَ ۾ پهرئين سڀ ڀاٽيا رهندا هئا. سالن کان هنن
جو واپار هو، سچن موتين جو. پوءِ ٻيا آيا گوادر
کان سڀ هندو، جو گوادر پاڪستان کي ڏنو ويو. پار
دبئيءَ مارڪيٽ جو نالو ئي گوادري مارڪيٽ هو. ٻه
چار دڪان ٺهيل هئا مارڪيٽ جي پٺيان شاردا وارن ۽
ٻين جا. رستا واريءَ سان ڀريل، هل ته سڄو پير
واريءَ ۾ هليو ويندو هو. گهر ۽ دڪان سنڌين جا
ايترا هئا جو سڀ هڪٻئي سان روز رام رام ڪري سگهندا
هئا. پوءِ ته آهستي آهستي ٺهندو ويو. چون ٿا ته
هاڻ اڳين دبئي ڪٿي دفن ٿي ويئي، ڪنهن کي خبر ئي نه
آهي. هاڻ ته ڪئي سال ٿيا جو ڪونه ويئي آهيان. ها،
سو ڳالهه ٿي ڪيم پاڙيوارن جي.
تاراچند پڇيو، ”تون هتي ڪيئن آئي آهين؟ ماڌوءَ جي
ڇا لڳين؟“
بي بيءَ وچ ۾ ئي چيو، ”منهنجي ماسي آهي ۽ هتي
نوڪري ڪرڻ آئي آهي. توهان وٺي ڏيوس نه!“
بي بيءَ جو سڀاءُ ٻاراڻو هو، ڀلي هوءَ سورهن سالن
جي هئي.
”پر هيءَ ته ڪجهه چوي ئي ڪانه ٿي.“ تاراچند مون
ڏانهن نهاريندي چيو.
”ها، جي ڪا سٺي عزت
دار نوڪري هجي ته مون کي وٺي ڏيو، مان ايمانداريءَ
سان ڪنديس.“
”سُٺي
ڳالهه آهي، مان ڪوشش ڪندس. ڀلا چانهه ٺاهڻ ايندي
اٿيئي ته پيارِ هڪ ڪوپ.“
دل ۾ چيم، ”هيءُ ته ڳلي پوڻ وارو آهي. نوڪري
جيستائين وٺِي ڏي، تيستائين خبر ناهي گهڻا ڪوپ چانهه جا وصول ڪندو!“ چانهه
پي چيائين، ”جلدي توکي نوڪري وٺِي
ڏيندس.“
سچ پچ ٻئي ڏينهن آيو ۽ چيائين، ”تنهنجي نوڪري پڪي
ڪري آيو آهيان. پگهار به سٺي آهي ۽ ڪمپني به وڏي.
گهر کان ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. هل هاڻي ئي وٺي
ٿو هلان توکي.“
ماڌو به اچي پهتو. چيائين، ”ها، ها، هل. پاسي کان
ئي آهي.“
مون نه ٿي چاهيو ته ماڌو مون سان هلي. منهنجي
مجبوري هئي جو مان هن وٽ رهيل هئس ۽ هن جي ويزا
هئي. اندر انٽرويو ڏيڻ ويس ته دل ڏڪي رهي هئي. مون
پرڻ ڪيو هو ته سيٺ هڪ ڪنديس، ٻيو نه. پر اڄ ٻئي
سيٺ سان ملڻ ٿي وڃان. اندر سيٺ ويٺو هو. تاري هن
سان ڳالهايو هو ته مان توسان گڏجڻ اچان ٿو. سيٺ هٿ
ملائي هن کي ويهاري مون کي به ويهڻ لاءِ چيو. ڪجهه
سوال ڪيائين. پوءِ چيائين، ”آپريٽر جي جاءِ خالي
آهي. تون سڀاڻي کان اچي ٿي سگهين.“
”پر مون کي انگريزي ڳالهائڻ جي گهڻي پريڪٽس ڪانهي.
مون گارمينٽ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي ۽ پوءِ پنهنجو
دڪان کوليو.“
”سکي ويندينءَ، تون ڪوشش ته ڪري ڏس، باقي ته هتي
سڀ سنڌي ۽ هندي ماڻهو آهن.“ اُهو هو سيٺ مورجمل،
جو اڄ به اُتي آهي.
مان پنهنجي نوڪريءَ مان خوش ڪانه هئس. مون ته
چاهيو ٿي ته ڪنهن وڏي دڪان تي سيلز گرل جي نوڪري
ملي ته سٺو. پر مجبوريءَ ۾ اُها ڪرڻي پيئي. ويهه
ڏينهن گذري ويا، نه مان خوش هئس نه سيٺيون. آخر
مون استعيفا ڏني. مون کي سو اسي دراهم پگهار ملي.
اُن ڏينهن مان هريءَ کي وٺي پار ديري مشين وٺڻ
ويس. ٻه سو ٽيهه دراهم. مون هريءَ کي چيو، ”تون
پنجاهه دراهم اُڌارا ڏيئي سگهندين؟ مان هفتي ۾
موٽائي ڏينديس.“
هن ويچاري کي به ڪٿي هئا. پوءِ به چيائين، ”مان
سڀاڻي سيٺ کان ائڊوانس وٺي ايندس.“ مون هن کي
پنهنجا دراهم ڏيئي چيو ته جي سيٺ توکي دراهم ڏي ته
تون مشين وٺي اچج. ٻئي ڏينهن هو مشين وٺي آيو. مون
هن جا احسان مڃيا. مندر ۾ روز وڪيومل شراف ايندو
هو. جوڻس دبئيءَ ۾ هوندي هئي ته هن کي به وٺي
ايندو هو، نه ته اڪيلو ايندو هو. هوءَ هتي هئي.
مون سان اڳي ٻه ٽي ڀيرا گڏجي ويئي هئي. هن کي
منهنجو نوڪري ڪرڻ نه ٿي وڻيو. مان هن کي ڀاڀي ڪري
ڪوٺيندي هئس. ٻئي ڏينهن آئي ته مون کيس ٻڌايو ته
مون نوڪري ڇڏي ڏني آهي. هاڻ سلائيءَ جو ڪم ڪنديس.
هوءَ ايترو خوش ٿي جو گهر وڃي ويهه کن بلائوز ۽
نائيٽ ڊريسون موڪليائين. پوءِ ته جتان ڪٿان ڪم ملڻ
لڳو. ماڌوءَ کي مون چيو ته ”هاڻ مون لاءِ ڪا جاءِ
ڳولهه. ٻه مهينا ٿي ويا آهن، مان توتي وڌيڪ بوجهه
بڻجڻ نه ٿي چاهيان.“
”اڪيلي! هيڪو بمبئي ڏٺي اٿيئي ڇا؟“
”نه، مان بي بيءَ کي پاڻ سان گڏ رهائينديس. سامهون
ڪنڊ ۾ جاءِ خالي ٿي رهي آهي، مون کيس چيو آهي.“
”ٺيڪ آ، پوءِ هي روم ڇڏي ڏينداسين. اُتي ٻه روم
آهن. هڪ تون کڻج ۽ هڪ مان.“
هاڻ مندر جي سامهون ڪنڊ ۾ وڃي ويٺاسين. وڪيومل روز
مندر مان ٿي منهنجي در تي بيهي چوندو هو، ”ادي،
خوش آهين؟ هان پرساد وٺ. ڪو ڪم ڪار هجيئي ته فون
ڪج.“
مان ايشور جا ٿورا مڃيندي هئس ته صبح جو گهر ويٺي
پرساد ملي پيو. چار مهينا گذري ويا. ڪم ته چڱو
مليو پر بچت خاص نه ٿي. ٻارن جي سڪ ستايو. خاص ڪري
نيلم جي. مندر ۾ ايندڙ ويندڙ زالون مون وٽ پيئون
اينديون هيون. گهڻيئي اهڙيون هيون جي مهنيي
ٻي ته مون کان سلائي ڪرائي وينديون هيون ۽ گهر هلڻ
لاءِ به چونديون هيون. |