سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

شيخ اياز

صفحو : 7

ڊينس هوٽل، پشاور

27 _ آگسٽ

 

ادا،

ڪالهه سوات کان پشاور آياسين. ٽه _ پهريءَ وقت پشاور جي عجائب گهر ۾ وياسين، جتي گوتم ٻڌ جا ڪيئي مجسما رکيا هئا. شايد پشاور جي گرميءَ سبب، مون کي آريه تهذيب جا عارفانه اسرار بي ڪيف لڳي رهيا هئا. مون هر ٻوڌي بت کي اڇاترو ڏٺو، ته اوچتو هڪ عجيب غريب بت تي نظر پئي. هن جي چپن تي عجيب مرڪ هئي، جنهن ۾ طعنه زني، حقارت آميزي، بي پرواهي ۽ بوالهوسي بکي رهي هئي. هن کي ڇهه هٿ هئا، جن ۾ ٽي صراحيون ۽ ٽي جام هئا. ”آها“، مون سوچيو ”جوان ته بلانوش آهي. واقعي منوشيءَ لاءِ ڇهه هٿ گهرجن، ٻن هٿن سان ڪيتريون پي سگهبيون!“ مون هن جي واڇن وٽ هن جي مرڪ کي ڇهي ڏٺو. هن جون نگاهون گوتم جي هڪ وڏي مجسمي ۾ کتل هيون ۽ هو اڃا حقارت سان مرڪي رهيو ، گويا چئي رهيو هو: ”سدارٿ! مان به سمجهان ٿو ته پرٿويءَ جي هر پدارٿ بي معنيٰ آهي.“

ڪجهه وقت ميوزيم ڏسي، اسان خيبر پاس لاءِ ٽئڪسي ڪئي. جڏهن ڪار شهر کان ٻاهر نڪتي، ته ڊرائيور پڇيو _

”اڳي ڪڏهن خيبر پاس ويا آهيو؟“

”نه“

”رستي تي حضرت عليءَ جو روضو آهي.“

”هي درهء خيبر، جنگ خيبر وارو ته نه آهي!“

”نه“

”ائين ته اسان وٽ روهڙيءَ شريف ۾ به هن جو وار مبارڪ آهي.“

”ٿي سگهي ٿو. حضرت علي عه هيڏانهن آيو ضرور هو.“

”تاريخ ۾ ته ان جو ذڪر ڪٿي به نٿو ملي.“

”اسلام جا دشمن، مغربي مورخ اهڙو ذڪر ڪيئن ڪندا!“

”ڪنهن مسلمان مورخ اهڙو ذڪر ڪٿي ڪيو آهي؟“

”مان ايترو پڙهيل ته ڪونه آهيان، پر ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو ذڪر ضرور ملي ويندو.“

ٻه _ چار ميل هلي هن وري پڇيو _

”اوهان سوات جي رستي تي هنومان جو بت ڏٺو؟“

”نه“

”اوهان جو ڊرائيور اڻڄاڻ هوندو، نه ته اهو بت اوهان کي ضرور ڏيکاري ها.“

”هنومان سوات ۾ آيو هو ڇا؟“

”آيو ته ڪونه هو، فقط بت پرست هندو هن جي پرستشن ڪندا آهن.“

ٿوري وقت کان پوءِ جمرود پهتاسين، جتي رنجيت سنگهه جو قلعو آهي. مان اتي ڪسٽم عملدار سان مليس، جنهن فرمايش ڪئي ته ”ڪنڊي ڪوتل مان ڪجهه به خريد نه ڪجانءِ.“ جمرود کان اڳتي پهاڙن ۾ خندقون ٺهيل آهن، جن ۾ آفريدي رهندا آهن. جمرود کان ڪجهه ميل پري ٻه ديو _ صورت پهاڙ هئا، جن جون چوٽيون هڪٻئي جي ويجهو اچي، ڪن جون ڳالهيون ڪري رهيون هويون. خاص ڪري انهن پهاڙن جي وچ مان ويندڙ رستي کي خيبر پاس چوندا آهن. اتان آزاد فطرت قبائلي، اڻويهين صديءَ ۾ انگريزي فوج تي گوليون هلائيندا هئا. اڻويهين صدي، جڏهن سياسي سامراج عقاب وانگر هر ڪمزور کي ڇني، چيري ڦاڙي، ڳهي ويندو هو؛ اڄ ان جا کنڀ کسي ويا آهن، ان جي چهنب مڏي ٿي ويئي آهي؛ پر اڄ به هو جهڙپ ڏيئي ڪنهن نستي نٻل جاندار کي ڪٿي چيڙي ڦاڙي رهيو آهي. اڻويهين صدي اها حريف رنڊي هئي، جنهن جي ٻوٽيءَ ٻوٽيءَ ۾ حرام سمايل هو، جا چهري ۽ روح جي قباحت لڪائڻ لاءِ سو رنگ روپ ۽ ويس وڳا ڪندي هئي، جنهن جا رهزن يار هن جي ڪوٺيءَ تي ڌماچوڪڙي لڳائي ويهندا هئا ۽ پنهنجي ڦرلٽ جو مال ورهائيندا ۽ لٽائيندا هئا، ۽ جن کي بيوس انسان گهٽيءَ مان بيهي، پنهنجيءَ پنهنجيءَ فطرت مطابق حسرت يا نفرت ساڻ ڏسندا هئا. انهن مان ڪن چاهيو ته انهيءَ ڏائڻ جي منهن تي ڏنڀ ڏيون، پر انهن کي ڪڙين ۾ قيد ڪيو ويو يا گولين سان اڏايو ويو. اڄ ويهين صدي انهيءَ ذليل ماءُ جا گناهه هوريان هوريان ڌوئي رهي آهي.

انسان جي  ارتقا تسليم! پر تاريخ هڪ انڌي هاٿيءَ وانگر پهاڙ تي چڙهي رهي آهي، جنهن کي نه اهو پتو آهي نه پرواهه ته مان پٿر هيٺ ڪيرائي، ڪنهن ڪنهن کي چور ڪندو ٿو وڃان! ممڪن آهي ته اهو انڌو هاٿي، پهاڙ جي چوٽيءَ تي پهچي؛ خود ڦان ٿي هيٺ ڪري ۽ چور چور ٿي وڃي. منهنجي دماغ ۾ برصغير جي تاريخ ڦري رهي هئي ۽ اکين اڳيان قبائلي گهرن مٿان ٺهيل مورچا هئا. ايتري ۾ ڪار ”درگئي“ فورٽ وٽان لنگهي، ۽ منهنجي خيالات جو تسلسل ٽٽي ويو. درگئيءَ کان پوءِ لنڊي ڪوتل آئي ۽ پوءِ طور _ خم، جتي افغانستان جا سنتري رائيفلون کڻي بيٺا هئا. ٿوري دير سرحد وٽ ترسي اسين واپس موٽياسين ۽ ڪار لنڊي ڪوتل وٽ روڪي، بازار ۾ لٿاسين. ڊرائيور ٻڌايو ته ”هي زراق خان جو وطن آهي _ زراق خان ، جو حملو ڪري، انگريز عورتون کڻي ويندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن تي پوتي وجهي، انگريزن کي موٽائي ڏيندو هو.“

”موٽائي ڇو ڏيندو هو؟“

”تاريخ گواهه آهي ته مسلمانن دشمنن جي عورتن تي ڪڏهن به دست درازي نه ڪئي آهي. زراق خان فقط انگريزن کي پريشان ڪرڻ لاءِ هنن جون عورتون کڻي ويندو هو.“

منهنجي تصور ۾ سنڌ تي محمد بن قاسم جي ڪاهه ڦري رهي هئي. ٻه _ پهري ٿي ويئي هئي ۽ اسان کي ڇتي بک لڳي هئي. اسان هڪ نانوائيءَ جي دڪان تي آياسين، جتي دنبي جون رانون ٽنگيون پيون هيون. اسان ڪجهه تڪا، چپلي ڪباب ۽ نان گهرايا ۽ ماني کائي رهيا هئاسين، ته ڊرائيور ٻن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي، چيو ”هن علائقي ۾ ڪيئي سک رهندا آهن، جن کي پنجابي زبان نه ايندي آهي ۽ پشتو ڳالهائيندا آهن. هو هتي بلڪل محفوظ ۽ خوشحال آهن.“ 

مون اونهون ٿڌو ساهه ڀري، پاڻيءَ جو گلاس پيتو.

”ڇو، ڪباب نه وڻيو ڇا؟“ ڊرائيور پڇيو.

نه ڪباب ۾ ڪجهه هڏيون آهن.“ مون جواب ڏنو.

”اهي سک ته پختون ٿيا؟“ ميران پڇيو.

”پورا پختون،“ ڊرائيور جواب ڏنو.

سامهون ٻه سک هوٽل تي چپلي ڪباب کائي رهيا هئا. هنن کي تصوف جهڙيون منجهيل، ڀنڀيون ڏاڙهيون هيون ۽ گرهوڙيءَ جي پيشن گوئيءَ جهڙو بي معنيٰ، ٿلهو منهن هو. مون هنن جي ڀرسان وڃي مرڪي چيو_

”ست سري آڪال“

”ست سري آڪال“ هنن ڇرڪي، جواب ڏنو، ۽ پوءِ کلي، گرنڀ جيڏو چپلي ڪباب ڳرڪائيندا رهيا. مون گيهه جي ڪڙهائيءَ ڏانهن ڏٺو، جنهن ۾ ريڍا ڪباب ترجي رهيا هئا. اوچتو اها ڪڙهائي وڏي ٿيندي ويئي ۽ ان ۾ گرو ارجن سنگهه پڄرندو نظرآيو.

ماني کائي، اسين دڪان تي آياسين. اتي دنيا جي هر ملڪ جو سمگل ٿيل مال ملي رهيو هو. مون کي ڊرائيور چيو ته ”جي هتان فقط پين“ واچ يا ٻي ڪائي اهڙي ننڍي شيءِ ورتي ويندي، ته ان تي ڪائي روڪ نه ٿيندي.“ مون کي لاڳو قانون  جو علم نه هو. ان ڪري مون ڪجهه به خريد نه ڪيو. مون رستي تان فقط وديشي سگريٽ ورتا ته ڊرائيور دڪان تان هڪ وڏو ماچيس کڻي ڏيکاريو، ۽ چيو، ”هي روس جو آهي.“

”تعجب آهي ته هتي روس مان فقط ماچيس سمگل ٿي اچن ٿا،“ مون جواب ڏنو، ۽ پوءِ روسي ماچيس مان تيلي ٻاري سگريٽ دکايو، ۽ ماچيس ڊرائيور کي موٽائي ڏنو.

”ڇو؟ ماچيس نه وڻيو ڇا؟“ ڊرائيور پڇيو.

”انهيءَ ماچيس جي هڪ تيلي ئي ڀنڀٽ ٻارڻ لاءِ ڪافي آهي،“ مون جواب ڏنو.

روس جي ڳالهه نڪتي ته مون ميران کي سنڌ جو هڪ ادبي لطيفو ٻڌايو. هڪ دفعي مون سان... مليو. هو پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اسڪالر سمجهندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪنڀر واڍي، يا ڊکڻ جو ڪوئي ڪنو ڇنو بيت، ڏوهيڙو يا ڏور ڳولي لهندو آهي، ته ائين سمجهندو آهي، ته ڪائي نئين ”وئڪسين“ ڳولي لڌي اٿائين. معلوم نه آهي ته هن ڇا سوچي مون کي چيو هو _

”تون به سنڌ جو گورڪي آهين.“

مون جواب ڏنو، ”مان سنڌ جو گورڪي آهيان يا ناهيان سو ته ٺهيو، پر تون سنڌ جو گورڪن (قبرون کوٽيندڙ) ضرور آهين.“

اهو لطيفو مشهور ٿي ويو آهي، ۽ هاڻي هن کي ”سنڌ جو گورڪن“ ڪوٺيو ويندو آهي.

ادا، پرديس ۾ پنهنجي ديس جي ڳالهه ۽ ٻولي ڪيترو نه وڻندي آهي! پوءِ سارو وقت مان ۽ ميران سنڌي ادب ۽ سنڌ متعلق ڳالهائيندا آياسين.

”سنڌي اسڪالر هيڊڳڙيءَ جا پساري آهن.“

”جن ۾ ڪائي ٿوم نه آهي.“

”سنڌي شعر اهو ڪتي جو پڇ آهي، جو ٻه سو سال نڙ ۾ رهيو آهي ته به ڏنگو ئي رهيو آهي.“

”نه فقط پاڻ ڏنگو رهيو آهي، پر نڙ کي به ڏنگو ڪري وڌو اٿائين.“

مون کي فقط هڪڙي سنڌي اسڪالر لاءِ عزت آهي.“

”ڪنهن لاءِ.“

”مرزا قليچ بيگ لاءِ _ هن جي وسيع ذوق هن کي پنهنجي دؤر جي گوناگون ادب سان روشناس ڪرايو. قليچ بيگ اسان جي ادبي ذوق ۽ انقلاب جو باني هو. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي شعور جا قالين اکيليندو آهيان، ته انهن ۾ ٻه _ ٽي رنگين ڌاڳا قليچ بيگ جا به ملندا آهن. مون توکي نه ٻڌايو آهي ته منهنجي عمر ڏهه ورهيه هئي جڏهن مون قليچ بيگ کي پڙهڻ شروع ڪيو هو. هن جي تصنيفات منهنجي ذهن کي کنهبي ۾ ويڙهي، ان جي چوڌاري هزارها رنگين پوپٽ اڏاري ڇڏيا. شاهه لطيف کان پوءِ قليچ بيگ سنڌ جي عظيم ترين ادبي شخصيت آهي.“

”تون گربخشاڻيءَ، ڀيرومل ۽ ڪن ٻين سان بي انصافي ٿو ڪرين.“

”شايد.“

شاهه لطيف جو نالو آيو، ته ميران مون کان پڇيو، ”تون شاهه جي زندگي ڪنهن ناول جي صورت ۾ ڇو نٿو آڻين؟“

شاهه جي زندگيءَ تي اهو تقدس جو غلاف آهي، جنهن کي هٽائڻ ۽ هن جي زندگيءَ کي صحيح روپ ۾ پيش ڪرڻ گناهه سمجهيو ويندو. هر عظيم فنڪار جي جنسي محبت ئي هن جي اسرندڙ فن جو سرچشمو آهي. ڪنهن انسان جي سهڻي سرير جي اجهل ڇڪ؛ هن جي ويجهڙائپ جي جهيڻي جهيڻي، مڌڀري آگ؛ هن جي وڇوڙي جي ڄيري ۾ ڄر؛ هن جون نماڻيون اکڙيون، ڳوڙها، ڳراٽڙيون؛ هن جا ويڻ وهه جهڙيون وراڻيون، رسڻ ريجهڻ جون گهڙيون؛ ۽ مجاز جي ٿڌيءَ ٿڌيءَ چانڊوڪيءَ ۾ ڪنهن ازلي حقيقت جو جوالا وانگر اوچتو چٽاءُ، رڳ رڳ ۾ آڳ، بيت، وايون تند تنبورو سڀ آڳ؛ جهنگ جهر، پکي پسون، ڀٽون ڀاڻ سڀ آڳ؛ زمين آسمان شعلا، ازلي ابدي شعلا _ اهو آهي منهنجو شاهه جي زندگيءَ جو تصور! تون ئي چؤ ته جي انهيءَ پس منظرسان مان شاهه جي زندگي ناول جي صورت ۾ آڻيان، ته مون کي هم _ وطن جيئرو نه جلائيندا! سنڌ ۾ شاهه اهو پکيئڙو آهي، جنهن کي روحانيت جي ڄار ۾ ڦاسائي صدين لاءِ پڃري ۾ پاليو ويو آهي؛ شايد ڪڏهن انهيءَ پڃري کي ڀڃي، مان هن کي هوا ۾ آزاد ڇڏي ڏيان ته تون هن کي شفق جي رنگ ۾ افق تائين پرڙا پتوڙيندو ڏسي سگهين. سنڌ ۾ شاهه شاعر نه آهي، فقط ڳيڙوءَ _ رتو لباس آهي، ڀڀوت آهي، ازل ابد جو ٻهروپ آهي؛ جيڪو به هن جي قبر ڀٽ تي نه پر ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ٺاهي، اهو سنڌ جو عظيم ترين گنهگار آهي. ڪاش مان سنڌ کي ڏيکاري سگهان ته عشقيه شاعري ڇا آهي! ڪاش  مان انهيءَ مومل کي چوٽيءَ کان وٺي، سر بازار ڇڪي اچان ۽ هنن کي ڏيکاريان ته انهيءَ روح جي فانوس ۾ هيءَ شمع ڄرڪندي، پگهرندي ٿي رهي؛ هن کي ڇاتي به آهي، چيلهه به آهي، جنسي تشنگي به آهي! جنسي محبت اها سراڻ آهي، جنهن تي شاعر جي ڏات تکي ٿيندي رهندي آهي؛ ان کانسواءِ شاعريءَ تي  ڪٽ چڙهي وڃي ٿي. شاهه جو شعر ته ڏس:

”مون کي ماءُ مجاز، پيڃاري جئن پڃيو!“

ادا، منهنجا سڀئي خط سانڀي رکجانءِ. مون انهن ۾ پنهنجا ڪيئي منتشر خيال ڪٺا ڪيا آهن. منهنجو ڪيتري وقت کان ارادو آهي ته مان پنهنجيءَ سرزمين جي گذريل پنجاهه سالن جي پس منظر سان ڪوئي ناول لکان. جيڪڏهن منهنجي قلم اها جرئت ڪئي، ته اهي خط مون کي ڪافي ڪم ڏيندا.

_ تنهنجو پنهنجو

 

 

 چاند پائي فاريسٽ اسٽيشن،

سندر _ بن

3 _ فيبروري، 1962ع

 

چوٿين ڏينهن رات جو ٻارهين بجي، نارائڻ گنج جي دريائي بندر تان ”مزبي“ اسٽيمر ڇٽو.

مان سامان ڪئبن ۾ رکي، اچي ڊيڪ تي بيٺس. رات اونداهي ۽ جهڙالي هئي ڪٿي ڪٿي ڪوئي ستارو ڪاريءَ ڪجليءَ اک مان لڙڪ وانگر ٽپڪي، گم ٿي ٿي ويو. بوري گنگانديءَ ۾ ڪناري تي بجلي بتيون ۽ ڊونڊين مان ڏيئا پنهنجون پنهنجون روشنيون جرڪائي رهيا هئا، ۽ جڏهن تيز هوا ٿي لڳي، ته ڏيئي جي لاٽ ۽ ان جو پاڻيءَ ۾ پاڇو ائين ٿي ٿڙڪيو، گويا روشنيءَ جون ڀنڀوريون ٿي اڏاڻيون! ڪيئي آگبوٽ اچي وڃي رهي هئا، جن جي روشنيءَ ۾ نديءَ جي ٿڌڙي ڇر ڪنهن جهان گرد انسان جي پرسڪون پيريءَ وانگر لڳي رهي هئي، جا جوانيءَ جي صدها رنگين يادگيرين ۾ گذرندي آهي.

مون اونهي آڪاش ۾ ڪتيءَ ڏانهن ڏسي، ڪرموڙيا ۽ من ۾ چيو، هيءَ گهڙي امر آهي. هيءَ گهڙي وري نه ايندي، مگر مرندي ڪڏهن به نه! هيءَ گهڙي مان آهيان، مان امر آهيان، آدجڳاد کان آهيان. هيءَ گهڙي ساريءَ سرشٽيءَ جي سونهن آهي ۽ ان سونهن جو منهنجي ساهه ۾ واسو آهي؛ هيءَ گهڙي ڪوي ٽئگور جو گيت آهي، هيءَ گهڙي شاهه لطيف جو بيت آهي، هيءَ گهڙي ابد آهي، ازل آهي، منهنجو ۽ خدا جو وجود آهي _ لازوال آهي!“

آڪاش مان ڪتي مرڪي رهي هئي. مون ان کي اک هڻي چيو، ”ڏاڍي شرير آهين، تو ڪيئن سمجهيو ته مان ڇا ٿو سوچيان! “ ڪجهه وقت لاءِ منهنجو من نديءَ جي ٿڌيءَ ڇر وانگر خاموش ۽ پرسڪون ٿي ويو، ٿوريءَ دير بعد نديءَ جي اونداهيءَ ڇر تي آگبوٽ جي روشني پيئي، ته مون سوچيو، ”شايد تيرگيءَ کي علحده وجود نه آهي. شايد تيرگي فقط روشنيءَ جي عدم موجودگيءَ جو نالو آهي. شايد مان پنهنجي عدم موجودگي آهيان. اهو ڪير هو ، جنهن نارائڻ گنج وٽان کلنا لاءِ ٽڪيٽ ورتي، جنهن ٽڪيٽ _ دريءَ وٽ بيٺل بنگالي ڇوڪريءَ جي سوٽ ۽ سڻڀيءَ ڇاتيءَ کي نظر سان باربار ڇهي ڏٺو، جنهن مزور کي سامان جي کڻائيءَ پائلي وڌيڪ ڏيئي پنهنجي رحم جي جذبي سان پنهنجي انا کي آسودگي ڏني؟ اهو ڪير هئو، جنهن فرسٽ ڪلاس جي ڪئبن ۾ جهاتي پائي سوچيو ته ”رات آرام سان گذري ويندي؟“ نه، نه، مان اهو نه آهيان، اهو ڪوئي ٻيو هو، اهو منهنجي عدم موجودگي هو.“ مون وري آڪاش ڏانهن ڏٺو  ته ڪتي اڃا مرڪي رهي هئي. مون چاهيو ته ڪجهه به نه سوچيان، اتي ئي ڪرسيءَ تي ليٽي پوان ۽ من کي ڇولين تي ڇلندو ڇڏي ڏيان؛ ائين محسوس ٿئي ته مان ستارو آهيان پر ٽمڪان نه ٿو، ڇولي آهيان پر ڇلان نه ٿو، آڙي آهيان پر اڏامان نه ٿو، مان سڪوت آهيان، جمود آهيان، اتي آهيان ۽ ائين آهيان. ڇو آهيان، ۽ ڇا آهيان، ان سان منهنجو ڪوئي واسطو نه آهي. ٿڌڙي هير مون  کي ننڊاکڙو ڪيو ۽ ڌيان جون لهرون پاڻيءَ جي لهرين ۾ سمائبيون ويون. ڪائي ڇولي ڇلندي آئي ۽ هر خيال، هر خواب ان جي لس ليٽ ۾ لڙهندي لڙهندي، ٻڏي ويو.

چاند پور وٽ اسٽيمر بيٺو ته مون کي جاڳ ٿي، ان وقت رات جا اٽڪل ساڍا ٽي لڳا هئا. چاندپور وٽ پدما ۽ ميگهنا، اچي مليون هيون، ۽ حد _ نگاهه تائين پاڻي هو، ۽ ان کان اڳتي اوندهه. ٿڌو واءُ جسم کي چاقوءَ وانگر چيريندو ٿي ويو. مان اوٻاسيون ڏيندو، پنهنجي ڪئبن ڏانهن آيس. ڀر واريءَ ڪئبن ۾  اڃا انسان جاڳي رهيا هئا، ۽ ڪائي عورت انگريزيءَ ۾ چئي رهي هئي، ”اوه پيارا..... منهنجا پيا...را!“ انهيءَ صدا منهنجي ڌيان کي ڪٿان جو ڪٿي پهچايو. اها پڪار جيون جو جلترنگ آهي، ڇوليءَ جي ڪنڌيءَ تي هيڻي هار، ڏياٽيءَ جي لاٽ جي مرندي ڄر، هڪ منڌ _ ماتيءَ رات جي پوئين چُڪي! منهنجي تصور ۾ اهڙيون ڪيئي راتيون آيون، جن ۾ اها صدا عود ۽ لوبان وانگر ٻري هئي: اهي گرم ۽ گداز چپ، اهي آتيون ۽ آسائتيون اکڙيون، اهي لڄ _ ڀريون ليلڙاٽيون! واقعي انسان جسم اول، روح پوءِ آهي؛ واقعي من مندر، تن مورتي آهي؛ واقعي جسم جي لذت، روح جي لذت کان بدرجا بهتر آهي: جسم فاني آهي، روح باقي آهي؛ پر فنا بقا کان صد بار زياده حسين آهي. ڪجهه وقت مون کي پنهنجا محبوبڙا ماڻهو ياد آيا، ۽ پوءِ مٺڙي مٺڙي ننڊ پنهنجي جهوليءَ مان سوين ڦول ڦٽاڪندي، مون کي سڳنڌ جي سير ۾ لوڙهيندي ويئي. ڀنڀرڪي جو منهنجي ڪنن ۾ ڪوئي مٺڙو سر اچي رهيو هو. مون جاڳي اکيون مهٽيون ۽ جڏهن ننڊ جو کيپ هٽيو، ته مون ڏٺو ته اسٽيمر بيٺو هو. مان ڪئبن جو در ٽپي ٻاهر آيس، ته سامهون بريسال جو دريائي بندر نظر آيو، جتي ڪجهه فلاٽ، لانچون ۽ ڪشتيون بيٺيون هيون. هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪوئي ملاح پنهنجي نؤڪاتي سريلي آواز ۾ چئي رهيو هو، ”کاواراسي، کاواراسي، کاواراسي.“ مون سمجهيو ته ڪوئي گيت ڳائي رهيو آهي، پر مون کي هڪ همسفر ٻڌايو ته بنگاليءَ ۾ چئي رهيو آهي ته ”مون کي کاڌو آهي“، مون کي کاڌو آهي!“

گهڙي نه گذري ته سج پدما جي سطح کان مٿي اڀريو ۽ پاڻيءَ ۾ پنهنجي شعاع جي سڌيءَ ليڪ مٿان هڪ وڏيءَ عجب جي نشانيءَ وانگر نظر آيو. بندر تان ڪجهه مزور هڪ وڏي ڪاٺ جي ڪليءَ کي ڪلهو ڏيئي اچي رهيا هئا، جنهن ۾ اسٽيمر ۾ ويندڙ سامان ٻڌل هو. هولات سان ”هربول“ ”هربول“ چئي رهيا هئا. منهنجي ڀرسان هڪ بنگالي آفيسر بيٺو هو، جنهن کان مون پڇيو ته ”هي مزور مسلمان آهن؟“

”ها، هنن کي لنگي (گوڏ) ٻڌل آهي ، بنگال ۾ مسلمان لنگي ٻڌندا آهن ۽ هندو ڌوتي.“

”هي ڇا ٿا چون؟“

”انهن لفظن کي ڪائي معنيٰ نه آهي. اهي لفظ فقط هنن کي جوش ڏيارين ٿا، جنهن سبب هنن کي بوجهه جو احساس گهٽ ٿئي ٿو.“

مون هن کي  مرڪي چيو، ”مون کي بنگلا ڀاشا ته نه ايندي آهي، باقي هندي ڀاشا ضرور ڄاڻان. هنديءَ ۾ ”هربول“ جي معنيٰ آهي، ’ڌڻيءَ جو نانءُ وٺ‘، ”هر“ لفظ ”هريءَ“ جو مخفف آهي، مان ڀانيان ٿو ته بنگلا ٻوليءَ ۾ به انهن لفظن جي  ساڳي معنيٰ هوندي.“

”هي جاهل مسلمان آهن،  هنن کي ڪهڙي  خبر ته ”هربول“ جي معنيٰ ڇا آهي.“

مون ملاح کان ڊآب (ڪچو ناريل) وٺي پيتو، ۽ سگريٽ دکائي، ٿڌي هيانو سان پدما جي پار ڏٺم _ نيڻ نهار تائين ڇر ۽ ڇوليون هيون.  پاڻيءَ ۾ خالي ڊآب لڙهندو ٿي ويو، ۽ مون کي ياد اچي رهيو  هو ته ٻه سال اڳ جڏهن مان بوري گنگانديءَ جي ڪناري تي ڊآب جو اڌ پاڻي پي، باقي اڌ پاڻيءَ سميت ڊآب نديءَ ۾ ٿي ڦٽو ڪيو، ته ڏهه ٻارهن ننڍڙا ننگا ٻار ڊوڙندا آيا هئا ۽ منهنجي هٿ مان ڊآب کسي، ان مان ٻه ٻه ڍڪ پيتا هئائون. هاڻي جڏهن به ڪو مون کان سوال پڇندو آهي ته تنهنجو خدا جي وجود ۾ اعتبار آهي؟ ته جواب ڏيڻ وقت منهنجي اکين اڳيان اهو منظر ڦري ويندو آهي.

مان ناشتو ڪري ٿرڊ ڪلاس ۾ آيس، جتي سفيد ۽ گيڙو لونگين ۽ ڌوتين ۾ ملبوس بنگالي مرد، ۽ رنگا رنگي سوٽي ساڙهين ۾ عورتون فرش تي ويٺل هيون. هڪ نوجوان بنگالي زال ۽ مرد، فرش تي پاتل ۾ رکيل، اوٻاريل ڇولا ۽ چانور کائي رهيا هئا. بنگالڻ نو ورني ٿي لڳي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لڄ ڀريءَ آڏيءَ اک سان مڙس ڏانهن ٿي ڏٺائين ۽ هن جي نرڙ تي تلڪ ۽ سانورو منهن تي کٻِيءَ اک هيٺان تر هو. جو نهايت پيارو ٿي لڳو. هن جي ڀرسان ميريءَ ڌوتيءَ سان ڪوئي هندو مهنت ويٺو هو، جو مزي سان گانجي جي سلفي ڇڪي رهيو هو. ان کان پري ڪجهه بنگالي شاگرد فرش تي ويٺا هئا، جي  بنگاليءَ ۾ ڳالهائيندي، وچ وچ ۾ ڪجهه جملا انگريزيءَ جا ٿي ڳالهائي ويا.

مون کي ڏسي، هو چپ ٿي ويا. شايد منهنجي رنگ روپ مان سمجهي ويا ته مغربي پاڪستان مان آيو آهيان. مان موٽي آيس، ۽ ڪئبن ۾ ليٽي، هڪ فرينچ ناول ”پويون نياءَ ڪاري“ (last of the just) پڙهڻ لڳس. نهايت درد انگيز ڪتاب  آهي. عيسائيت جي تسلط کان هن وقت تائين جيترو  جور و ستم يهودين تي ڪيو ويو آهي، ان جو خوني داستان آهي. نازي جرمنيءَ ۾ هنن سان جيڪي ويل وهايا ويا ۽ جو تشدد روس ۾ انقلاب کان اڳ ۽ انقلاب کان پوءِ (؟) هنن تي ڪيو ويو، اهو نهايت فني چابڪدستيءَ سان ناول ۾ چٽيو ويو آهي. ڪتاب پڙهندي، منهنجو ڪيئي دفعا گلو ڀرجي آيو، ۽ مون مشڪل سان ڳوڙها روڪيا. مذهب ۽ سياست جي جنون ۾ انسان انسان تي ڪيترو نه ظلم ڪيو آهي! انسان جي خون ۾ ڪيتري نه وحشانيت آهي! هيتريءَ تهذيب جي باوجود، انسان اڃا تائين ڪيترو نه وحشي آهي! شايد انسان جو ماحول ڇو نه ڪيترو به بدلجي وڃي، ته به هو فطري طرح وحشي رهندو! شايد هن کي صحيح انسانيت جي احساس لاءِ ڪنهن ابدي ”فلسفهء حيات“ جي ضرورت آهي. پڙهندي پڙهندي، شام ٿي ويئي. مان ڪتاب رکي، اسٽيمر جي ڇت تي وڃي جهازران سان بيٺس. ان وقت سج پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو هو. شفق جا پويان پاڇا لهرين ۾ لڙهي ويا رهيا. ٿوريءَ دير ۾ رات نديءَ تي ڪنهن مصور جي موت وانگر ڇانئجي ويئي. مون اوچتو محسوس ڪيو ته مان تنها نه آهيان، ڪوئي وجود واءُ ۾ منهنجي ويجهو آهي. ڀرسان ڪنهن ٽوئنگ (ٿنڀن مٿان ٿلهي تي اڏيل عارضي جهوپڙيءَ ) مان دوتاري جو جهيڻو سر اچي رهيو هو.

”....... ڪوي! مون کي جواب ڇو نٿو ڏين؟ ڏس مون کي تنهنجي تمنا ڪٿان وٺي آئي آهي. هن نديءَ جي لهر لهر تنهنجو ڏس ڏيئي رهي آهي. هي ڇوليءَ تي ڪتيءَ جو پاڇو، هي ڪنڌيءَ تي بانس جا وڻ، هي واءُ، هيءَ سانت جي مڌر سنگيت! هتان جي گهڙي گهڙي تنهنجي ”گيتانجلي“ آهي. تون ڪٿي آهين؟“

”هيڏانهن ڏس مان هتي آهيان.“ بانس جي وڻ مان تيز هوا ڊوڙندي ٿي ويئي.

”هيڏانهن ڏس، مان وڃي رهيو آهيان.“ ميگهنا جي سير مان ڪوئي آواز اچي رهيو هو. ”ڏس! مان لڙهندو ٿو  وڃان، دور ڪنهن سندر _ بن ڏانهن.“ اوچتو مون کي خيال آيو ته هر آتما امر نه آهي، فقط ڪائي ڪائي آتما سرير جي موت کان پوءِ به زنده آهي، نه ته گهڻو ڪري آتما سرير کان اڳ مري ٿي، يا ان سان گڏ مري ٿي. مون سوچيو ته مون کي ٽئگور جي شاعريءَ سان ايتري محبت ڇو آهي؟ مان ته ڪنهن غير ماديءَ هستيءَ جو قائل نه آهيان، منهنجي من مندر ۾ ڪائي مورتي نه آهي، پوءِ مان اهي ڏياٽيون ڪنهن لاءِ جلائيندو آهيان! ڪنهن ڪنهن وقت منهنجي آتما ڪنهن ديوداسيءَ وانگر نچندي آهي، ڪنهن لاءِ! ڪنهن لاءِ؟ مان فقط هن جڳ، هن ديهيءَ جو قائل آهيان، پوءِ به مون کي ٽئگور جا گيت ايترو ڇو وڻندا آهن؟ مون کي ميران جا ڪيرتن ڇو وڻندا آهن؟ آخر راڌا جو شيام سان پيار فقط هڪ ڏند ڪٿا ئي ته آهي! هن جيون جي بن ۾  شيام ڪٿي ڪونهي. مان ناستڪ آهيان، مٽيءَ کي مستڪ ٽيڪيو اٿم، پر پوءِ به منهنجي من کي ٽئگور، ميران ۽ ڀٽائي ڇو ٿا وڻن؟ ائين ته نه آهي ته مون پاڻ کي نه سمجهيو آهي!

صبح جو اسٽيمر کلنا پهتو. مان سليم هوٽل پهتس ۽ سامان ڪمري ۾ رکي، ناشتي لاءِ ڊائننگ روم ۾ آيس. اتي اڳيئي هڪ آمريڪي مرد ۽ ٻه ڇوڪريون ويٺيون هيون. تعارف بعد معلوم ٿيو ته آمريڪي جو نالو رابرٽ هو. گوري چٽي رنگ جي رقيه پنجابڻ هئي ۽ رينو بنگالڻ هئي، سانورڙي صورت واري. ٻِيئي مٿئين اداري ۾ اسٽينوگرافر هيون. رابرٽ ٻڌايو ته رينو هڪ چڱي رقاصه به هئي. هو چيتي جي شڪار لاءِ سندر _ بن وڃي رهيا هئا. رابرٽ تهور علي جو ڪتاب، ”سندر _ بن جا آدمخور“، پڙهي رهيو هو. هن ڪتاب ميز تي رکي مون کي چيو، ”هن ڪتاب مان ته ائين ٿو معلو م ٿئي ته هتي ڪيئي چيتا آدمخور آهن.“ ”ها، فقط چيتا“ مون جواب ڏيئي، رقيه ڏانهن آڏيءَ اک سان ڏٺو. رابرٽ ڳالهه لنوائي، مون کان پڇيو،

”تون سندر _ بن نٿو وڃين ڇا؟“

”آيو ئي انهيءَ لاءِ آهيان.“

”اسان کي لانچ آهي، اسان سان نٿو هلين؟“

”چڱو مهرباني.“

ڪجهه وقت کان پوءِ اسان گهاٽ تان لانچ ۾ چڙهياسين. رابرٽ رقيه کي آغوش ۾ ويهاري، هن جون چڳون آڱر ۾ ويڙهي رهيو هو ۽ مون سان ڳالهائي رهيو هو. ڳالهين ڪندي، هن پڇيو، ”مشرق ۾ آمريڪا خلاف ايترو تعصب ڇو آهي؟“ ”ان ڪري جو آمريڪا پاڻ کي جمهوريت جي علمبردار چوي ٿي، پر ان جي باوجود، اشتراڪيت جي خوف سبب، مشرق جي هر جمهوريت _ دشمن عنصر جي دوست بنجي ٿي. خود مان اشتراڪيت جي بنيادي فلسفي ۽ سياسي ۽ اقتصادي نظام جو قائل نه آهيان، پر ساڳئي وقت آمريڪا سان به محبت نه اٿم.“

”هون!“ رابرٽ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.

”تو پاڪستاني اشتراڪي ڏٺا هوندا“، رابرٽ چيو. ”تون ئي ٻڌاءِ ته انهن جي اشتراڪيت سان رغبت ڪيئن ٿي؟“

”گهڻو ڪري مذهب کان نفرت سبب!“ مون جواب ڏنو. ”هتي هر جاءِ تي مذهب اها آگ اوتيندڙ ازدها آهي، جا انسان جي هر آزاديءَ کي ڳڙڪائي ويئي آهي. مذهب جي آڙ ۾ هر مڪر ۽ فريب، جبر ۽ تشدد کي پناهه ملي ٿي. مذهب لاءِ نفرت ئي هتان جي ڪنهن ڪنهن باشندي کي اشتراڪيت لاءِ ڇڪي ٿي، ڇو ته انهن کي روحاني نجات جو ٻيو ڪوئي ذريعو نظر نٿو اچي. اوهان جي حڪومت دنيا جي هر توهم پرستيءَ، هر مذهبي بيهودگيءَ تي چشم پوشي ڪري ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان کي همٿائي ٿي، ڇو ته اوهان سمجهو ٿا ته هر مذهبي ديوانگي اشتراڪيت خلاف محاذ آهي. ان ڪري ئي اسان جا زياده ذهين اديب، فنڪار ۽ مفڪر اوهان جي خلاف متعصب آهن. مون هتي اهڙو ڪو به اشتراڪي نه ڏٺو آهي، جنهن جي اشتراڪيت ڏانهن رغبت مذهب کان نفرت سبب نه ٿي هجي.“

”تون دهريو آهين؟“ رابرٽ ٻيو سوال ڪيو.

”نه رابرٽ، مان دهريو نه آهيان، پر مان دهريي کي به پنهنجي فڪر جي مڪمل آزادي ڏيڻ ٿو چاهيان.“

”پر آمريڪا ۾ ته اهڙي آزادي هر ڪنهن کي آهي.“

”ها را برٽ، مون کي ان جو يقين آهي؛ تعجب فقط اهو آهي ته هتي جيڪي اوهان جهڙي جمهوري آزادي چاهين ٿا، اوهان انهن جا ته نه، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ويرين جا واهرو آهيو.“

”پر اسلام ته هڪ مڪمل نظام حيات آهي. جيتري انسان کي آزادي اسلام ڏني آهي، اوتري ٻئي ڪنهن به مذهب نه ڏني آهي“ رقيه جا هن وقت تائين خوموشيءَ سان ٻڌي رهي هئي، اوچتو جوش ۾ اچي تقرير ڪرڻ لڳي. ”اسلام اها ازلي حقيقت آهي، جنهن جي هر دور ۾ ضرورت آهي. ان جا زرين اصول ڪٿي به ۽ ڪنهن وقت به انسان جي رهبري ڪري سگهن ٿا. ائين برابر آهي ته دقيانوسي مولوي اسلام جي صحيح مقصد کان نا آشنا آهن. هوئي آهن، جي اسان جي مذهب ۾ جمود لاءِ ذميوار آهن؛ انهن جي ڪري ئي اسان جا ذهين نوجوان مذهب کان  باغي ٿين ٿا. مان ته چوان ٿي ته اسلام ئي اصلي اشتراڪيت آهي؛ خدا ۽ انسان جي برابريءَ ۾ اعتبار آهي اسلام. چڱو جو تو ٻڌايو ته تون دهريو نه آهين، نه ته مان توسان گڏ هلي پڇتايان ها! تون اسلام جو غور سان مطالعو ڪندين ته تنهنجا سڀ شعبھ دور ٿي ويندا.“ هوءَ اهو سڀ يڪساهيءَ چئي ويئي.

”اسلام، اسلام، اسلام! چونڪ تي اسلام، چوراهي تي اسلام، چڪلي ۾ اسلام، _ هيءَ ڄؤر ڪيئن ٿي سمجهي ته مون اسلام جو مطالعو نه ڪيو آهي!“ مون هن کي ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ فقط هن جي چهري کي چتائي ڏٺو. مون کي زندگيءَ ۾  ڪنهن به خوبصورت عورت کان ايتري حقارت نه آئي آهي.

رينو ڊيڪ تي وڃي بيٺي هئي ۽ هن جون چڳون هوا ۾ اڏامي رهيو ن هيون. مان به ڊيڪ تي وڃي بيٺس، ته هن مونکي چيو، ”مان ڪڏهن به سنڌ نه ويئي آهيان ۽ اڳ ڪو به سنڌي نه ڏٺو اٿم. اوهان جي ديس ۾ نديون آهن؟“

”رينو اتي فقط هڪ ئي ندي آهي. سنڌو ان کي اسان ديويءَ وانگر پوڄيندا آهيون. ان ۾ اسان جون هندوعورتون اکا اڇلي ”جهولي لال جهولي لال“ چونديون آهن. اسان جي ان سان ايتري عقيدت آهي، جو اسان جو هڪ هندو دوست، جو ڀارت ۾ مري ويو هو، تنهن پنهنجي رک سنڌوءَ  ۾ لوڙهڻ لاءِ موڪلي هئي. منهنجو گهر سکر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي آهي، جڏهن ويساک ۾ ڇاڻي پنهنجي ڦهه ۾ ايندو آهي ته مان گهر جي ڇت تي بيهي، چنڊ کي ڇولين جي ڏولين ۾ لڏندو ڏسندو آهيان، مون کي محسوس ٿيندو آهي ته منهنجي ڪوتا سنڌوءَ جي امر سرتي آهي، ان ۾ به ساڳيون ڇوليون ۽ ڇوهه آهي، ساڳيو پهچ کان پري چنڊ لاءِ پيار آهي.“

”ڪوي، تعجب آهي ته تون اجنبي بلڪل نٿو لڳين؟“ رينوءَ چيو.

”اجنبي!“ مون من ۾ سوچيو، اجنبي! مان اجنبي! مان چندي داس آهيان، چيتن آهيان، روي بابو آهيان. مان اجنبي! چري منهنجي ڪوتا پڙهي ڏسين، ته ان ۾ توکي وديا پتيءَ جي آتما جي سڳنڌ اچي. تون منهنجي نانو تي نه ڀل، مان  هتان جي آدجڳاد آهيان. منهنجي لاٽ ٻجهي ٻجهي، ٻرندي آهي، منهنجي وينا ٽٽي جڙندي آهي، مان هتي وري وري ايندو آهيان. مان هتي اجنبي ڪيئن ٿي ٿو سگهان!“

”رينو تون رقص ڪٿي سکي آهين؟“

”المورا ۾.“

”هون!“

”ڪوي! مان جڏهن نچندي آهيان، ته مون کان سرير جي ساري سڌ ٻڌ ڀلجي ويندي آهي. مان سمجهندي آهيان ته مان مڌومتيءَ جي ڇولي آهيان. تون جڏهن ڪوتا لکندو آهين ته تون به ائين محسوس ڪندو آهين؟“

”نه رينو مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي رڳ رڳ ۾ آڳ آهي، منهنجو سارو سرير چکيا تي چڙهي رهيو آهي. ڪوتا ڄڀيون آهي، ڄر آهي، جنهن ۾ منهنجو تن من پڄري رهيو آهي!“

ايتري ۾ چلنا بندر نظر آيو، ۽ رينو رابرٽ کي سڏي، ٻيڙين ۾ رسيءَ ۾ ٻڌل دريل ڏيکاريا. دريل دريائي ٻليءَ وانگر جانور آهي، جنهن کي مهاڻا مڇي پڪڙڻ لاءِ پاليندا آهن. مون دريل ڏانهن ڏسي، رابرٽ ڏانهن ڏٺو.

ٿوريءَ دير بعد سندر _ بن شروع ٿيو. رابرٽ ڪجهه بيئر جا دٻا کولي، اسان کي گلاس ڀري ڏنا. جڏهن رينوءَ بيئر جاچار پنج گلاس پيتا ته هن جون اکڙيون کيپ ۾ ڀرجي ويون، ۽ هن جون آڱريون ڪنهن ڪٿڪليءَ جي نرت جي تلاش ۾ چرڻ لڳيون. ”مان چاهيان ٿي ته سنڌوءَ جي سيرجو ناچ ڪريان،“ هن ائين چئي ٻانهون ڦهلايون ۽ هڪ ٽنگ گوڏي وٽان موڙي مٿي ڪئي، ”رينو!“ مون من ۾ چيو، ”رينو“ مون توکي اڳ ڪٿي ڏٺو آهي. ڪٿي؟ اها ٻانهن جي ٺونٺ اها گوڏي جي ڍڪڻي! مون ڪٿي ڏٺي آهي. موهن جي دڙي ۾، ها موهن جي دڙي ۾! نرتڪي تڏهن ته تون مون کي اجنبي نٿي سمجهين!

ڳچ وقت کان پوءِ چاندپائي فاريسٽ اسسٽيشن تي پهتاسين. لانچ کي تختو رکي ڪنڌيءَ سان ملايو ويو. تختي تان ڏاڪڻ تي چڙهي، ڪاٺ جي پل تان لنگهي، رينجر جي ڪاٺائين ٽؤنگ وٽ پهتاسين. رينجر چڱي آجيان ڪئي ۽ حال احوال ڏيڻ وٺڻ بعد، رابرٽ هن کي مرغيءَ جي شروي، رنهن ۽ٽرائوٽ مڇيءَ جا ڪجهه دٻا ۽ ڪجهه ڊبل روٽيون ڏيئي، ٻپهريءَ جي کاڌي تيار ڪرائڻ لاءِ چيو. رينجر گهڻو ضد ڪيو ته بنگالي کاڌو تيار ڪرائي، پر اسان هن تي زياده بار ٿيڻ مناسب نه ڄاتو. اٽڪل هڪ بجي ماني کاڌيسين. رينجر گل  پتي جي جڙ جو ساڳ رڌايو هو، جنهن مان مون ۽ رينوءَ ڪجهه کاڌو. ماني کائي، رابرٽ شڪار لاءِ سانباهو ڪيو. هو رائيفلون صاف ڪري آيا، ته رينو هڪ ننڍڙي ڇوڪري کي وٺي آئي، جو ڪجهه بنگاليءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو.

”ڪوي!“ رينو چيو. ”هي ڪنڌيءَ تي ويٺو هو ۽ پنهنجيءَ ڌن ۾ ڳائي رهيو هو. هن کي سوين گيت ياد آهن.“

مون ڇوڪرڙي کي شڪ سان ڏٺو، هن جي عمر اٽڪل اٺ ڏهه سال هئي. هن پنهنجو نالو سلطان ٻڌايو ۽ پوءِ بي انتها محويت سان ڪوئي بنگالي گيت ڳائڻ لڳو.

”ڪوي! هي نهايت پيارو گيت آهي، نوٽبڪ کڻ ته توکي هن جي معنيٰ لکايان.“ مون نوٽبڪ ۾ هيٺيون گيت ۽ ان جي معنيٰ لکي _

”ديش بديشي گريا، بيڙائي،

نا پاءِ لم مونر موتو،

سن سري ڪيئو ناءِ ري اپن جان“

(مان ديش وديش رليو آهيان، پر ڪنهن کي به پنهنجي پسند موجب پائي نه سگهيو آهيان. هن سنسار ۾ ڪوئي به پنهنجو نه آهي.)

”اوري آمي ڪي ڪوري، لوڪو ٿا

جابن: ڪوٿا جائيا تو ماءِ پابو“

(اڙي مان ڇاڪيان، ڪيڏانهن وڃان، توکي ڪهڙي هنڌ پايان!)

هن جو آواز اوچتو بيهجي ويو. ميز تي ڪجهه ڪيلا رکيا هئا. سلطان وڌي هڪ ڪيلو هٿ ۾ کڻي سنگهڻ لڳو. رينوءَ جي اکين ۾ ديا ڀرجي آئي ۽ هن سلطان کي ٻيو به ڪيلو کڻي ڏنو ۽ هن کي چيو، ”ٻيئي ڪيلا کاءُ.“ سلطان جي منهن تي مرڪ ائين پکڙجي ويئي، جيئن يڪتاري جي تار تي آڱر لڳڻ سان آواز پکڙجي ويندو آهي. رينوءَ جي وڌيڪ پڇا تي هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ ۽ ماءُ مري ويا هئا ۽ هو بيک مڱي گذر ڪندو هو، ۽ رات جو ڪنهن نه ڪنهن جي گهر سمهي پوندو هو. هن جو مٿيون اڌ، ننگو هو ۽ هيٺئين اڌ تي فقط ننڍڙي لنگي ٻڌل هئس. هن پنهنجي مٺ کولي، ڪجهه آنڪون ۽ ٻيانيون رينوءَ کي ڏيکاري، چيو، ”جڏهن ٻه رپيا ڪٺا ٿيندا، ته هڪ سٺي قميص وٺندس.“

”تون اسان سان سندر _ بن هل، ته مان توکي قميص وٺي ڏيان،“ رينوءَ چيو.

”لانچ تي وٺي هلندينءَ؟“

”ها“

”ڪيلا به کارائيندينءَ؟“

”ها“

هو ٺينگ ڏيئي، وري ڳائڻ لڳو:

”ڪوٿا جائيا تو ماءِ پابو“

رابرٽ هن جي پٺن تي هٿ ڦيري، چيو، ”رقيه هن کي سردي نه لڳي، هن کي منهنجو بلئنڪيٽ ويڙهه.“

رقيه سلطان جي ڪاريءَ ڪٺ چمڙيءَ ۽ اڻڀن وارن ڏانهن هٿ وڌايو. رابرٽ رينجر کان ٻه بندوقچي ورتا، ۽ اسان سڀئي کاڌي پيتي جو ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي لوانچ ۾ چڙهياسين. لانچ پسوري نديءَ تي لڏندي هلي؛ سامهون ڪنڌيءَ تي باوالي (ڪاٺير) گئيوا نالي درختن مان ڪاٺ ڪپي رهيا هئا، جو ڪاغذ ٺاهڻ لاءِ ڪرناڦلي جي پيپر ملين ۾ ڪم آڻيندا آهن. انهن باوالين مان ڪي بريسال، ڪي فريد پور، ۽ ڪي کلنا جا هئا. ٽه _ پهريءَ وقت لانچ هڪ کال ( کاريءَ) ۾ پهتي ۽ ان ۾ ڪجهه پنڌ هلي، ڪنڌيءَ تي روڪي ويئي. اسين سڀ هيٺ لٿاسين. رقيه، رابرٽ ۽ ٻه بندوقچي بن ۾ اندر شڪار لاءِ ويا. رقيه بورچيءَ کي ڪافي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مون ڪجهه گل _ پتا چاقوءَ سان ڪٽي، ڪنڌيءَ تي وڇايا، ۽ انهن تي ويهي رهيس. ڪنڌيءَ سان لڳ هڪ هنس تري آيو هو. سامهون هڪ ننڍي نوڪا بيٺي هئي. جنهن مان هڪ دريل ٽپو ڏنو، ۽ مڇي پڪڙي، نوڪا ۾ موٽي ويو. هنس هن ڏانهن هڪ اڇاتري نظر سان ڏسي، پاڻيءَ تي مزي سان ترندو ويو. مان هنس کي ڏسي رهيو هوس، ته  رينو منهنجو ڀرسان اچي ويٺي، ۽ چيائين، ”ڪوي! تو ڪڏهن هنس تي ڪوتا لکي آهي!“

”ها رينو فقط هڪڙو دوهو لکيو اٿم. اسان جي ٻوليءَ ۾ هنس کي هنج چوندا آهن.“ پوءِ مون هن کي هيٺئين دوهي جو انگريزيءَ ۽ هنديءَ ۾ ترجمو ٻڌايو:

”نيڻن مان جو نئن ڇلي، ڪک پن ٿي ويا رنج،

نڪتيون تنهنجو ڳالهڙيون، جيئن پاڻيءَ تي هنج.“

مان هن کي دوهي جو تت سمجهائي، ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس. شاعر جي هر شعر جو  پس منظر هن جي زندگيءَ جون ڪهڙيون ڪهڙيون گهڙيون آهن، هن جي روح جي ڪهڙي ڪهڙي اذيت، ڪهڙي ڪهڙي ڪشاڪش آهي، ان جو صحيح اندازو هن جو ڪوئي به سوانح نگار نه لڳائي سگهندو. رينوءَ ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”ڪوي، پيار به عجب چيز آهي!“

”واقعي رينو پيار عجيب چيز آهي. تن جو پيار يا من جو پيار؛ ڀونئر جو ڪنول سان پيار، يا چنڊ جو چڪور سان پيار، سڀ عجيب آهن. هن سنسار جي هر شيءِ مايا آهي، هر سونهن مايا آهي، هر ورونهن مايا آهي، ۽ ان مايا جو سڀ کان سندر روپ پيار آهي _ جيتوڻيڪ پيار به مايا آهي اهو به امر ۽ اڪال نه آهي.“

”ڪوي! تون به ائين ٿو  چوين ته پيار امر نه آهي!“

منهنجي اکين رينوءَ جي اکين ۾ ٽپو ڏنو ۽ انهن ۾ تيزيءَ سان جنم جنم جون ڏاڪڻيون لهنديون ويون. ڏاڪڻين تي ڏاڪڻيون پاتال تائين ڦرنديون ويون، جتي فقط گهور انڌارو هو، ڪجهه به امر نه هو.

”رينو!“ مون هن جي کاڏيءَ کي هٿ سان مٿي ڪري چيو، ”هن سنسار ۾ ڪائي چيز امر نه آهي. موت کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه غير حقيقي آهي؛ سندرتا ۽ پريت ملي، ڪڏهن ڪڏهن موت تي  جلهه ڪن ٿيون، پر انت جيت موت جي آهي. فقط موت امر آهي.“

”نه ڪوي، ائين نه آهي. مان جڏهن نچندي آهيان، ته منهنجي انگ انگ مان ڪائي آدجڳاد جاڳي پوندي آهي، مان ائين ڀائيندي آهيان ته مون ۾ ڪجهه امر آهي، مون ۾ ڪائي جوت آهي، جا ٻجهي ٻجهي ٻري ٿي. مان جڳ جڳ جي جوالي جي ڪاچڻنگ آهيان. مون کي ڪوئي وسائي نه ٿو سگهي.  نه، ڪوي، موت امر نه آهي.“

ايتري ۾ بورچي ڪافيءَ جون پياليون ۽ کارا بسڪوٽ کڻي آيو. اسان هڪ پيالي ۽ ڪجهه بسڪوٽ سلطان کي ڏنا، جو حيرت سان اسان جي انگريزي گفتگو ٻڌي رهيو هو. ايتري ۾ بن ۾ ٻه بندوقن جا ٺڪاءَ ٿيا. ٿوريءَ دير بعد اسان رابرٽ کي ايندو ڏٺو ۽ هن جي پٺيان بندوقچي هڪ چيتل (چٽڪمرو هرڻ) لٺ تي لٽڪائيندا کڻي آيا. چيتل ڌرتيءَ تي رکيائون ته رينو ۽ سلطان ان ڏانهن ڊوڙندا ويا، ۽ ان جي چٽڪمريءَ چمڙيءَ تي هٿ ڦيرائڻ لڳا. ”ڪوي هي چيتل ڪهڙو نه سندر آهي!“ رينوءَ ڪجهه ڀريل آواز سان چيو ”منهنجي نشان سان مئو آهي،“ رقيه فخر سان چيو. رابرٽ مرڪ چٻاڙي، مون ڏانهن ڏٺو.

بندوقچين ڪافي پيتي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هنن وڏي چاقوءَ سان چيتل جي کل لاٿي ۽ پوءِ مچ ٻاريائون ۽ ان مٿان گوشت جي سجي ڪيائون. رابرٽ وسڪيءَ جي بوتل کولي ۽ چار گلاس ڀريا. ان وقت سج لهي ويو هو. ۽ شفق جا پاڇاوان پاڻيءَ تي پئجي رهيا هئا، سامهون نؤڪاتي ملاح قبله رو ٿي نماز پڙهي رهي هو. منهنجي مذهب ۾ ته ڪائي دلچسپي ناهي، پر ان وقت بن جي پر اسرار خاموشيءَ ۾ هڪ اجنبي انسان جو، هڪ زياده اجنبي هستيءَ اڳيان سجدو ڏسي، منهنجو روح نهايت بيچين ٿي ويو. مون بيچينيءَ کي لنوائڻ لاءِ وسڪيءَ جو پورو گلاس ڳيت ڏيئي پي ڇڏيو، ۽ رابرٽ سان ڳالهائڻ لڳس. مچ تي سيخ ڦري رهي هئي ۽ چيتل جي گوشت مان رس باهه تي ٽپڪي سيسراٽ ٿي ڀريا. مون سوچيو ته معلوم نه آهي ته هن جي جوڙيءَ وارو ٻيو چيتل ڪٿي آهي! معلوم نه آهي ته ان کي هن جي غير موجودگيءَ جو احساس ٿيندو هوندو يا نه! جانورن جي پيار ۾ ته انسان جي پيار کان به زياده نفاست ۽ قربت جو احساس ٿيندو آهي! هو منهن منهن سان ملائي هڪٻئي تي ڳاٽ رکندا آهن _ هڪٻئي کي چٽيندا آهن! جيتري اڪنڍ ۽ اڪير ڪبوتر جي ڪبوتريءَ سان پيار ۾ هوندي آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن مرد جي محبت ۾ هجي! مون حوص فقط انسان ۾ ڏٺو آهي. جانورن ۾ هوس ۽ محبت ٻيئي رلمل هوندا آهن. ڇا اها تن جي تنوار هڪ جانور کي ٻئي جانور جي عدم موجودگيءَ جو احساس نه ڏياريندي هوندي! انسان ڪهڙو نه ظالم ۽ جاهل آهي، پنهنجي پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن جو ساهه نه ٿو وٺي! اوچتو منهنجو ڌيان انهيءَ عرب فلسفيءَ ابوالعليٰ معريءَ ڏي ويو، جو ڪوئي گوشت نه کائيندو هو. بر بريت جي اونداهيءَ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ستارو چمڪندو آهي، جنهن جي وجود جا سبب انساني ذهن ڏيئي نٿو سگهي.

”ڪوي مان هن چيتل جو گوشت نه کائيندس،“ رينوءَ مچ کان منهن موڙي چيو.

”ڪوي! هي وسڪيءَ جو آڌيو ۽ پنير جو  دٻو کڻ ته اسان هن سڙندڙ گوشت جي بوءِ کان پري هلي ويهون.“

مون وسڪيءَ ۽ پنير کنيو. اسان ٻيئي رابرٽ ۽ رقيه جي نفرت آميز حيرت کان ٻه سؤ گام دور وڃي ويٺاسين. مون پنير جو دٻو کولي رينوءَ ڏانهن وڌايو، پر هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو، ۽ گلاس ۾ بچيل وسڪي هڪ ڳيت ۾ پي ويئي.

”ڪوي“ رينوءَ ڪجهه نشي آلود آواز ۾ چيو، ”ڪوي! مون کي ائين نظر ٿي آيو ته مچ مٿان تون سيخ ۾ پچي رهيو آهين.“ پوءِ ته هوءَ گاهه تي آهلي پيئي. مون ڪجهه پنير کاڌو ۽ ٻه گلاس وسڪيءَ جا ٻيا به پيتا ۽ پوءِ هن کان ڪجهه فاصلي تي ليٽي پيس. ان وقت بن تي اوندهه ڇانئجي ويئي هئي. اسان جي ڀرسان هڪ بندوقچي باهه ٻاري ويو هو، جنهن جون ڄڀيون ڪتيءَ جي الاءُ ڏانهن ٿي اڏاڻيون. بن ۾ ڪيئي چيتل ڪوڪون ڪري رهيا هئا، ۽ هر ڪوڪ منهنجي هيانوَ ۾ ڪوڪي وانگر ٿي کتي، جتي ڪنهن ازلي صليب تي ڪوئي نماڻو ڳاٽ لڙيل هو.

رات جو سڀ وڃي لانچ ۾ ستاسين. مون کي اڌ رات جو ڪجهه چرپر محسوس ٿي. مون ڏٺو ته رقيه رابرٽ جي آغوش ۾ پيئي هئي، ۽ رينو ڪئبن جي دري کولي، ڊيڪ تي چڙهي رهي هئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ مان به ڊيڪ تي وڃي ويٺس. چوڌاري گهور انڌارو هو ۽ بن جي گهري سانت. اسين ڪيتري دير اتي خاموش بيٺا هئاسين. اوچتو رينوءَ جو ننڊاکڙو آواز آيو، ”ڪوي، ڪهڙي نه ڀيانڪ رات آهي. مون کي ته ننڊ ڪانه ٿي اچي. ڪوي پرهه ۾ ڪيتري دير آهي؟“

ڊيڪ تي تيز ۽ سرد هوا ٿي لڳي. آسمان تي جهڙ هو ۽ ڪوئي ستارو نظر نه ٿي آيو. منهنجي نظر افق در افق اوندهه ۾ گم ٿي ويئ، ۽ مون فقط هن جي وارن تي هٿ ڦيريو ۽ ڪوئي جواب نه ڏنو.

مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها ڀيانڪ رات سدائين رهندي، پرهه ڪڏهن به نه ايندي، ڪڏهن به نه!

_ تنهنجو پنهنجو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org