سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: فيروز دل افروز

باب ٽيون

صفحو :5

باب ٽيون

پردو پهريون

قيد خانو

[ فيروز ويٺو آهي، هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون پيون اٿس. دنيا جي بيوفائيءَ جي شڪايت ۾ ڳائي ٿو.]

* فيروز:       منهنجا والي موليٰ، تون آهين دانا

هڪ ڏينهن ٿيندا سڀ توڏي روانا – منهنجا...
هر ڪا مکڙي باغ جي ٽڙي ٿي نها،
ساوڪ وانگي آءُ ٿيس ڄمندي سان پامال:
منهنجا خدا، آهي نه ڪا، توکان سوا اڄ واهه ڪا-

 

والي.......

[دربان دروازو کولي، دل افروز کي اندر آڻي وري دروازو بند ڪري ٿو. فيروز، دل افروز کي ڏسي حيران ٿئي ٿو.]

فيروز:          هيءَ ڪير،- دل افروز!

دل افروز:       هائو، پيارا فيروز. (ٻئي ڀاڪر پائي ملن ٿا.)

فيروز:          تون هتي ڪيئن آئينءَ، ڇو آئينءَ؟

دل افروز:       حاڪم جو پروانو وٺي، پهري واري جي موڪل سان آڻي آهيان.

فيروز:  انور ڪٿي آهي؟

دل افروز:       اشرف ۽ ديانت جي پناهه هيٺ ڪٿي لڪل آهي.

فيروز:  هو ته فلڪ جاه جي گهر هو.

دل افروز:       اُتي دشمنن جي ور هو، تنهن ڪري انهيءَ خوف کان هو ڪڍي ويس.

فيروز:  پياري، جيترو ٿي سگهيئي هن کي سنڀالج، ۽ هن جي حال تي رحم کائج.

[فيروز روئي ٿو.]

دل افروز:       (دلاسو ڏيئي) ڊپ نه ڪر، دل نه لاهه، الله ۾ وڏي اميد آهي.

فيروز: 

بحر هستيءَ جي ۾ منهنجي، هاءِ، طوفان ئي رهيو،

 

رنج جي ڪُن ۾ سدائي منهنجو سامان ئي رهيو،

 

نت ندين وانگي اکين مان جَرُ – جريان ئي رهيو.

 

حال منهنجو موج دريا جيئن پريان ئي رهيو:

 

امن جي ڪنڌي اچي جڏهن، هي مسافر فوت ٿئي،

 

پار ٻيڙي پهچي، اُن جو ناخدا جڏهن موت ٿئي.

 

دل افروز:      

صبر سان جاني، ٽٻيون هڻ، ڊپ ٻڏڻ جو ڪين ڪر،

 

ات، پرين، پاتار ۾ موتي مڻيا ايندءِ نظر،

 

دم جهلي، دانهه، هليو وڃ، ڌيان ڌڌڪن تي نه ڌر،

 

يا ڪڍين موتي تري مان، يا رسين تون پرينءَ ڀر:

 

ٿي ٿئي رحمت  خدا جي خلق تي زحمت کان پوءِ،

 

منزل راحت اچي ٿي، منزل آفت کان پوءِ،

 

فيروز:  [ ٿوري ڏک کان پوءِ]

ڪر حوالي حق جي مون کي، منهنجي دل افروز، وڃ،

 

ڇڏ وساري هاڻ مون کي، هاءِ اي دلسوز، وڃ،

 

دل افروز:                       (روئي)

ٿو وڃين جيڏي سڄڻ، اوڏي وٺيو مون کي به هل،

 

هيءَ نماڻي تو پڄاڻا ڪين گهاري هڪڙو پل!

 

[اتي دربان در کولي چوي ٿو.]

دربان:  بيبي وقت ٿي ويو، هاڻ هل، وڌيڪ دير نه لاءِ.

 فيروز: (دل افروز کي)

غم نه کاءُ، وڃ هاڻ، پياري، ٿيو ملڻ مشڪل وري،

 

جي اچين اچجئين قبر تي، جڏهن وڃان آءُ مري،

 

گل وجهج مون تي، ۽ آنسن جا ٻه قطرا هارجئين،

 

ڏيئي ختمو تون دعا ڪج، سور منهنجا سارئجين!

 

دل افروز:       (ڏک کان روئي ٿي) اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين – شل تون سلامت رهين!

دربان:  بيبي، وقت ٿي ويو، هاڻ وڌيڪ دير نه لاءِ.

دل افروز:       (دربان کي) چڱو، اجها ٿي اچان، (فيروز کي) فيروز، لاچار آءُ وڃان ٿي، جي خدا گهريو هوندو، ۽ تنهنجي معافيءَ جو پروانو صدر عدالت کان اچي ويو، ته سڀاڻي ئي توکي قتل کان بچايان ٿي.

[فيروز کي وري وري ڏسندي وڃي ٿي. فيروز ڪنڌ جهڪائي ويهي ٿو. دربان وري در بند ڪري ٿو. لحظي کان پوءِ فيروز، مٿو ۽ هٿ مٿي ڪري، دعا گهري ٿو.]

فيروز:  الاهي، ڪر تون هن بيداد جو داد،
سڏي مون کي پهر پل ۾ ٿو جلاد،
تون ثابت منهنجي ڪر اڄ بيگناهي،
دلين جو آهين مالڪ، يا الاهي،
امان جي آبرو ظاهر ڪرائج،
تون دلبر جي مون کان پوءِ دل ڀرائج.

 

[وري دربان در کولي ٿو. همايون لنگهي اچي ٿو. فيروز هن کي ڀاڪر پائي گڏجي ٿو.]

 

فيروز:          همايون، خدا شاهد آهي ته آءُ بيگناه آهيان!

همايون:        فيروز، آءُ خوب آگاهه آهيان... (آهستي ، هيڏي هوڏي ڏسي) انهيءَ ڪري ته اڄ توکي هتان ڀڄائي وڃڻ لاءِ آيو آهيان! تنهنجي قتل جو حڪم صادر ٿي چڪو آهي، ۽ جهان ۾ انهيءَ جو هل پئجي ويو آهي.(پوءِ فيروز کي پاسي تي نئي، ڪپڙن هيٺان ٽنگ سان ٻڌل خنجر جهڙو هٿيار ڪڍي ڏئي ٿو، فيروز وٺي لڪائي ٿو.)(وڌيڪ آهستي) اڌ رات جو ، جڏهن سڀ سمهي پون ۽ پهري واري کي به ننڊ اچي وڃي تڏهن، هيءَ ڀت (ڏيکاريس ٿو) جا پراڻي بيٺي آهي، تنهن کي هن سان کوٽي، ڀڄي نڪري ٻاهر ٿج، اشرف ۽ ديانت ٻئي بيٺا هوندا، اُنهن سان گڏ جي هليو وڃجئين.

فيروز:  نه، ادا، نه – جوانمردن وانگي آءَءُ همت سان سر ڏيندس، مگر نامردن وانگي ٺڳي ڪري ڀڄي نه ويندس!

همايون:        اُهو ته آءُ به مڃان ٿو، پر، ادا، تون بيگناهه آهين، ۽ ائين ڪرڻ کان سواءِ هن وقت ٻيو چارو ڪونهي. مون پنهنجون سڀ قيمتي شيون وڪڻي، پيسا گڏ ڪري رکيا آهن، ۽ پڪو ارادو ڪيو اٿم ته تو سان گڏ جي هلي استنبول رهندس، ۽ اُتي مٿا هڻي چاچيءَ، تنهنجيءَ ماءُ جي نڪاح نامي جو پٽو پيدا ڪندس.

فيروز:  جي اهو ارادو برقرار آهي، ته ٻانهو به هلڻ لاءِ تيار آهي.

[دربان سان گڏ داروغو اچي ٿو، ۽ فيروز کي حڪم ٻڌائي ٿو.]

داروغو: (فيروز کي) ڪم نصيب قيدي، صدر عدالت جو حڪم اچي ويو آهي: تنهنجي قتل جو ٺهراءُ سڀاڻي تي مقرر ٿي ويو آهي. (همايون کي) سائين، هاڻي اوهين هلو، دروازو بند ٿئي. (وري فيروز کي، جو ڪنڌ هيٺ افسوس ڪري ٿو) ابا، هاڻي خدا کي ياد ڪر، روئڻ ۽ ارمان ڪرڻ مان ڇا حاصل؟

همايون:        (فيروز کي دلاسو ڏئي ٿو)

 

[1] ناهي ڪوئي رهيو سدا، اعلي ادني، ٿيو قضا جو

 

سڀڪو شڪار.

غم نه کا، رو نه زار زار، رک سمجهه صفا – ناهي...

ناهي تنهنجو مڪان، جهان آهي هڪ سرا، نه ٿي،

 

نه ٿي بيقرار،

اشڪبار، تون سنڀار، منهنجا يار، جا رضا – ناهي....

 

 فيروز: همايون، هاڻي خدا حافظ، انور کي دعائون چئج،

مٿس مهربان رهج.

همايون:        خدا حافظ، (ٿورو هلي) فيروز، خدا حافظ.

(سڀ نڪري وڃن ٿا. دربان نڪري ٿو.)

فيروز:  (اڪيلو، هٿ ٻڌي دعا گهري ٿو)

خدا يا، قيد ناحق جي ۾ آهيان،

 

ڪرم سان ڪر رها مون کي انهيءَ مان،

 

تون همٿ ڏي ته ڏيکاريان وفا آءُ،

 

ڪريان حق ماءُ – پيءُ جو ڪو ادا آءُ،

 

(اُٿي، دريءَ مان هيڏي هوڏي ڏسي ٿو) آڌي رات، چپ چپات آهي. اُٿي وجهه وٺان، نه ته بازي مات آهي!

(خنجر ڪڍي، ڀت کوٽي ٿو. ذري ذري، ڊپ کان، دريءَ ۽ دروازي ڏي ڏسي ٿو. کوٽيندي، سرن جا ٽڪر ڪڍندو رکندو وڃي. وڏو ٽنگ ڪري، پهرين سسي ٻاهر ڪڍي اشرف ديانت کي ڏسي نڪري ٻاهر ٿئي ٿو. قيد خاني جي پٺيان ٺُل ڏسڻ ۾



 

 

اچي ٿو، اُتان اوچتو هڪڙو سپاهي، چور شمعدان کڻي، ڀت جي پاسي کان گشت ڪندو اچي ٿو. فيروز کي نڪرندو ڏسي هڪدم شمعدان زمين تي رکي بندوق فيروز ڏي سنئين ڪري، ڌمڪائي چوي ٿو)

سپاهي:        بيهه رهه، ۽ تابع ٿي، نه ته مرين ٿو، نادان!

فيروز:  تابع آهيان، اچي جهل، تون ڪاوڙ نه ڪر، مهربان!

[ڊپ ۾ بيوس ٿي بيهي رهي ٿو. سپاهي اچي جهليس ٿو. اشرف ۽ ديانت، هي حال ڏسي، ڀڄي وڃن ٿا.]

 

پردو ٻيو

اشرف جو گهر

[ٻين ڇوڪرن سان انور راند  پيو ڪري.]

ڪي ڇوڪر:   [2] پڙهي آياسين، ڇٽي جان، هلو ته کائون

حلوا نان، نچون ٽپون، هڻون ڪان!

ٻيا ڪي ڇوڪر: مڪتب پنهنجو ٿيو زندان، آخوند جي کي ٿيو خفقان، پٽي ڪَنَ، مروٽي ران!

ڪي ڇوڪر:   پڙهي ترت ڪتاب قرآن، ٿيون عالي خاندان، وڏا وڏا ملن درجا مان.

ڪي ڇوڪر:   ڪو تان ٿي پئي خاصو خان، ڪوتان عاليشان، پڙهندڙ حيوانن مان ٿين انسان!

سڀ:   ڏسي سارو هندستان ٿيندو پڻ حيران،
ٿئي پڙهڻ جو نت ارمان، دل ٿئي پشيمان

 

مولا رهندو مهربان، مڃو سندس فرمان!
پڙهي آيا سين، چڙهي آياسين، ڇٽي جند ۽ جان!


 

هڪڙو ڇوڪر: ٻيلي، سڀاڻي ڇوٽي آهي، آءُ لغڙي اُڏائيندس!

ٻيو ڇوڪر:     (انور) سڀاڻي هڪڙي کي قتل ڪندا، آءُ ته اهو تماشو  وڃي ڏسندس!

 

ٽيون ڇوڪر:   (انور کي) انور، جي تون هلندين ته آءُ به هلندس.

انور:    چاچو وٺي هليو، ته آءُ ضرور ويندس، (اتي اشرف اچي ٿو، انهيءَ کي پري کان ڏسي ڇوڪر ڊڄن ۽ ڀڄن ٿا.)

پهريون ڇوڪر: ڀڄو ڙي، انور جو چاچو ٿو اچي! سڀ! (سامهون نهاري) هائو ڙي هائو، ڀڄو، يارو ڀڄو!

[ انور کان سواءِ، سڀ ڀڄي وڃن ٿا.]

اشرف: پٽ، ڪيئن، مڪتب مان ٿي آئين؟

انور:    هائو، ادي جي ڪا خبر پئي؟

اشرف: (دک مان) نه، هو ته مون کي اڃا ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو آهي.

انور:    (هن کي چهٽي چنبڙي) چڱو، پر اڄ منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ.

اشرف: چؤ.

انور:    سڀاڻي مون کي قتل جو تماشو هلي ڏيکاري اچ!

اشرف: ابا، اُتي ڪنهن کي وڃڻ ڪين ڏيندا آهن.

انور:    تڏهن هزارين ماڻهو ڪيئن ويندا آهن؟

اشرف: فلڪ جاه توکي ڏسندو، ته توکي پڪڙي وٺي ويندو!

انور:    (معاملو ڪري) نه نه، ڪي به ٿئي، آءُ ضرور ويندس!

اشرف: چڱو، آءُ تنهنجو ويس بدلائي توکي موڪليندس.

انور:    چڱو.

[خوش ٿي وڃي ٿو. ٻئي طرف کان ديانت اچي ٿو.]

اشرف: (انور کي، ويندي) بابا، حقو ته ٺهرائي کڻي اچ.

ديانت: اشرف، پير خان وارو”سفر“ جو خط جو مون چورائي کنيو هو، سو ڪي تو خيال سان ڏٺو آهي؟

اشرف: هائو، مون چڱيءَ طرح پڙهيو آهي.

ديانت: منهنجيءَ سمجهه ۾ آهي ته جي اهو خط ڪو حاڪم ڏسندو، ته فيروز کي سگهوئي ڇوٽڪارو ملندو.

اشرف: برابر، مگر، ادا، هنن پيسي وارن جي اڳيان اسان نادان جو ڪهڙو هنر هلي سگهندو- جيسين سچ سچ ٿئي، تيسين ڪوڙو سچي کي کائي وڃي ٿو.

ديانت: سچ آهي، مگر سچو حق جي دعوا ڪري سگهي ٿو، ۽ جي خدا مدد ڪري ته بندو ڇا ڪري سگهي ٿو.

اشرف: چوين، ته هلي اُهو ڪاغذ ڏيکاريون.

ديانت: بيشڪ هلون، من هن بيگناهه ٻڏندي کي تاريون! (خيال ڪري) هائو، سچي، نثار فلڪ جاه جو حڪم نامو کڻي انور کي وٺڻ لاءِ ٿو اچي، تنهن ڪري پهرين ته هن ٻار کي ڪٿي لڪايون!

اشرف: هائو. (خيال ڪري) چڱو، تون انور کي وٺي، پٺئين دروازي مان نڪري، ڪنهن پاسي هليو وڃ.

ديانت: ڪهڙي پاسي؟

اشرف: ٻي ڪا جاءِ هجي، ته پنهنجيءَ سوسن جي گهر لڪائي اچينس.

ديانت: (کلي) چڱو. (انور حقو آڻي اشرف کي ڇڪڻ لاءِ ڏئي ٿو.) (انور کي) ابا، هل ته هلي توکي گهمائي اچان.

اشرف: (انور کي) بابا، وڃ، وڃي ذرو هوا کائي آءُ.

(انور ۽ ديانت وڃن ٿا. اشرف اڪيلو افسوس ٿو ڪري.)

جڏهن انسان جي قسمت ڦري ٿي،

 

مٿس هر طرف کان آفت ڪري ٿي،

 

بدلجي دوست پڻ دشمن ٿئي ٿو،

 

سندس خود رهنما رهزن ٿئي ٿو.

 

[اتي نثار به سپاهي وٺي: آڪڙجي اچي ٿو.]

نثار:   اشرف، انور تو وٽ ٿو رهي؟

اشرف: ڪير ٿو چوي؟

نثار:   نواب فلڪ جاه!

اشرف: فلڪ جاه ڪير آهي، مون کي ته ڪا خبر ڪانهي؟

نثار:   انور جي چاچي کي نٿو سڃاڻين، اهڙي وڏي امير جو نالو نٿو ڄاڻين!؟

اشرف: وڏائي انسان جي هتي ”تون“ نه”مان“ تي چؤ،

 

نه مال تي چؤ-

سچي وڏائي سجهي ٿي جيڪا، سا منحصر نيڪ

 

چال تي چؤ.

نثار:   اشرف، ٻيا قصا ڇڏ، ڇوڪر جو ڏس ڏي ته آءُ توکي چڱو انعام ڏياريندس.

اشرف: اهڙي انعام کي آءُ ٿُڪ به نه هڻان!

نثار:   آءُ سرڪاري جاسوس آهيان، جتي شڪ هوندو، اُتي خانه تلاشي ڪري ٿو سگهان. (سپاهين کي) سپاهي، پهرين هن جي بدن – تلاشي وٺو!

[هڪڙو سپاهي اشرف جون ٻانهون جهلي ٿو، ٻيو ڪپڙن جي تلاش وٺي ٿو، ۽ کيسن ۾ هٿ وجهي ٿو.]

اشرف: اڙي کيسي ۾ ڇا ٿا ڏسو- ڪو ٻار هتي لڪو پيو آهي ڇا؟

[سپاهي اشرف جي کيسي مان سفير جنگ وارو ڪاغذ ڪڍي نثار کي ڏئي ٿو. اشرف فڪر  ۾ پئي ٿو.]

سپاهي:                سائين، هي ڪاغذ ڏسو.

[نثار ڪاغذ وٺي پڙهي حيران ٿئي ٿو.]

اشرف:         منهنجو ڪاغذ مون کي ڏي!

نثار:   تنهنجو ڪيئن ٿيو، هي منهنجي ڪم جو آهي. (پنهنجي منهن) هن ڪاغذ جي وسيلي آءُ دل افروز کي آڻي پنهنجي هٿ ڪندس!(سپاهين کي) هاڻ هلي خانه تلاشي وٺو، ۽ ڇوڪر ڳوليو.    

[ هو ٽيئي گهر ۾ وڃن ٿا.]

اشرف: (اڪيلو) افسوس، جنهن ڪاغذ تي فيروز جي ڇوٽڪاري جي رهي کهي اُميد هئي، سو به کسجي ويو!

جي کڻي ڪو ڪري لک پنهنجي نفعي لاءِ تدبير،
ٿئي اُهو نيٺ ٿو، جو آهي لکيو منجهه تقدير.

 

(نثار ۽ سپاهي وري نڪري اچن ٿا.)

نثار:   گهر ۾ ته ڪونهي، ڪٿي وڃي لڪايو اَٿئيس؟ پر ڪٿي به هوندو، مون کان ڪو ويندو!

(نثار سپاهين سميت وڃي ٿو.)

اشرف: (اڪيلو)

[3] دنيا ظاهر ماڻي، باطن ڪنهن جو ڪر ٿو ڄاڻي.

پڙهن تسبيح صلوات، ڏينهن رات،
سهسين خير خيرات ۽ ڏين زڪوات:

 

ٺڳ کي مت سي ڪن، تنهن کي تاڻي سمجهو سياڻي-

 

دنيا.........

جيڪو ٽڪن تي ٿئي ڇڪن، لمبي ڏاڙهي پِيلو پيرهن،
زاهد بنجي ويهي ٿاڻي، تنهن تي دنيا کائي چوٽ،
ٻڌي موٽ صديق سڀڪنهن ٽاڻي – دنيا...........
مٺي مڍي، پياري پياري، ڳالهه ڪٽاري آهي ڪاري،
جا هن اهي جگر ۾ ماري، پوري ان جي دنياداريء،
ڪري مڪاريءَ سان سو ياري، سڀ نرواري،

پِير پوڄاري، ڪري سواري، تخت هزاري،
سو سرداري، استمراري، ملهه وٺي ٿو گويا ناڻي-

 

دنيا...........

[ديانت لڪي ڇپي اچي ٿو نڪري.]

ديانت:         هو حرامخور آيو هو؟

اشرف: آيو هو، گهر جي تلاش وٺي ويو، مگر هو خط.... سو کسي ويو!

ديانت:پ ۾) کسي ويو؟ هاءِ هاءِ، قهر ٿيو! بس، فيروز ويچارو پورو ٿيو!

اشرف:         ڏاهن سچ چيو آهي ته”آيو اجل مور نه موٽي“

ديانت: خير، هل ته ڪي ٻيا مٿا هڻون: دوست کي ته

سڀڪو وسيلو ڳولڻ کپي، دشمن ڀلي پيو کڏ کوٽي!

[ٻئي وڃن ٿا.]

[پردو ڪري ٿو]

 

پردو ٽيون

نثار جي جاءِ

[نثار، آدم سان گڏ اچي ٿو.]

نثار:           ڪيئن، آدم، آئي؟

آدم:           آئي ته سهي.

نثار:           ڪٿي آهي، موڪلي ڏينس.

[نثار وڃي ٿو، جهٽ ۾ دل افروز کي اندر موڪلي پاڻ وڃي ٿو.]

نثار:           ڪيئن، دل افروز، نيٺ ائين!

دل افروز:       (ڪنڌ هيٺ ڪري) لاچار، - ڳچيءَ تي لت آئي، تڏهن آيس.

نثار:   (کلي) فيروز کي جي قتل کان ڇڏايان، ته پوءِ ڪيئَن؟

        [دل افروز، گوڏن ڀر ويهي، هٿ ٻڌي چوي ٿي.]

دل افروز:       پوءِ آءُ زرخريد گولي ٿينديس (اُٿي ٿي.)

نثار:   تڏهن هڪڙو شرط بجا آڻ.

دل افروز:       ڪهڙو شرط؟

نثار:   تون مو کي زبان ڏي، ته پوءِ آءُ هن کي امانُ ڏيان.

دل افروز:       ٻُڌان، ته پوءِ انجام ڪريان ۽ پيمان ڏيان.

نثار:   [سفير جنگ وارو ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريس ٿو.]

هي ڏس، فيروز جو ساهه منهنجي هٿ ۾ آهي. هاڻ انجام ڪر ته جيڪي آءُ چوندس سو مڃيندينءَ.

دل افروز:       پهرين ٻڌنديس، پوءِ انجام ڪنديس.

نثار:   جي منهنجي ڳالهه نه مڃيندينءَ، ته فيروز کي جيئرو نه ڏسندينءَ!

دل افروز:       تڏهن تو مون کي ايتري لاءِ سڏايو آهي؟

نثار:   هائو.

مڃ، جي ٿو ڪريان پيار ۽ ايمان جون ڳالهيون-

دل افروز:       (ڌڪار سان)

انسان ٻڌن ڪينڪي شيطان جون ڳالهيون!

نثار:   (پيار سان) جي آءُ شيطان هجان ها، ته ههڙيءَ حور جو مون کي ديدار نه ٿئي ها..

دل افروز:       جي تنهنجيءَ جاءِ تي ڪو انسان هجي ها، ته بابي ويچاري جي موت جو سعيڪار نه ٿئي ها.

نثار:   (پيار سان) هي ٻانهو بيشڪ گنهگار آهي،  ليڪن تنهنجي مٿان جان نثار آهي.

دل افروز:       اهڙي جان نثار تي هميشه ڦٽڪار آهي، ۽ اُهو سدائين شيطان وانگي لعنت جي زندان ۾ گرفتار آهي!

نثار:   [4] جاني، ناداني  نه تون ڪر، اي ديواني!

دل افروز:       ڇو ٿو ڀلجين تون ڪوڙي دلداريءَ تي،

پنهنجي مڪاريءَ تي، قسمت جي ياريءَ تي !

نثار:   منهنجي محبت ڄاڻ تون، اي پياري، سچي...

دل افروز:       تنهنجي ياري، ڪوڙي ساري،

نثار:   ڏس تون منهنجي تابعداري، ڄاڻج سچي جان نثاري،

دل افروز:       ڪوڙي ساري خاطر داري – جاني......

نثار:   ناري، تون هاري آهين، منهنجي جان،

رسوا ٿيندين، مٿو پٽيندينءَ!

منهنجي تنهنجي قسمت گڏي اهڙي الفت،

 

اهڙي محبت هوندي مشڪل دنيا ۾ ڪٿي ڪڏهن...

 

دل افروز:       ڪوڙي ياري ڪک جي ڪاني! –يسي مان ڪنجي ڪڍي ڏيکاريس ٿو) هان، وٺ، هيءَ منهنجي گهر جي ڪنجي اٿئي.

دل افروز:       موت جي گهر جي ڪنجي وٺنديس، مگر تنهنجي جهنم خاني کي ٿڪ به نه هڻنديس!

نثار:   تون ساڻ هوندينءَ، ته جهنم به جنت آهي!

دل افروز:       اهڙي شيطان سان جيڪو گذاريندو، تنهن تي به لعنت آهي!

نثار:   جي اهڙي هوڏ ڪندينء، ته هن کي به مارائيندينءَ، ۽ پاڻ کي به مارائيندينءَ!

دل افروز:       حرڪت ڪانهي پوءِ به گڏ هونداسين!

نثار:   (چڙ مان) تڏهن تنهنجي مرضي آهي ته ڀلي هو مارجي؟

دل افروز:       نه نه، مون کي ٻوڙجي، پر هن کي تارجي.

نثار:   هن جو ٻوڙڻ منهنجي هٿ آهي، پر هن جو تارڻ تنهنجي هٿ آهي.(وري ڪاغذ ڏيکاري) هي ڪاغذ جيڪو حاڪم ڏيکاريندو، ته فيروز هينئر ڇٽو هليو ايندو! (وري کيسي ۾ وجهي ٿو.)

دل افروز:       (گوڏن ڀر ويهي، هٿ ٻڌي) تڏهن خدا جي واسطي مون کي ڏي، ته آءُ ڊوڙي کڻي وڃان!

نثار:   جي هينئر هلي مون سان نڪاح ڪرين، ته هن جي ڇوٽڪاري جو حڪم هڪدم لکائي ڏيئين.

دل افروز:       (ڪاوڙ مان، اٿي) هو مرندو ته آءُ به مرنديس، پر تنهنجي ڳالهه ڪڏهن به قبول نه ڪنديس!

نثار:   ڏس، وقت لنگهندو ٿو وڃي، قتل جو ڏينهن سڀاڻي آهي – آخر ڇا ٿي چوين؟

دل افروز:       (مُنجهي) يا الله، ڇا ڪريان! مٿو ٿو ڦرينم....

پاڻي......پاڻي...

[زمين تي ڪِري پوي ٿي.]

نثار:   (سڏي ٿو) آدم، آدم، پاڻي جو گلاس!

آدم:   (اندران) حاضر، سائين.

دم پاڻي آڻي ٿو. نثار هن جي مٿان پاڻي جا ڇنڊا وجهي ٿو، ۽ وات وٽ گلاس جهليس ٿو. ايتري ۾ ديانت جو آواز اچي ٿو.]

ديانت: (ٻاهران) نثار صاحب،.... نثار صاحب!

نثار:   (ڊپ ۾، بيهي) ڪير آهي؟

ديانت: ديانت.

نثار:   (وڌيڪ خوف ۾) آدم، هن کي کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ لڪاءِ – سنڀال ڪجئين، متان هل مچائي يا ڀڄي وڃي!

دم، دل افروز کي گهلي اندر ٿئي ٿو. نثار در تان ديانت کي اندر وٺي اچي ٿو. ديانت ڪوڙ ڪري منڊائيندو اچي.]

ديانت: اررر.... توبهه، هوءِ!

[پير جهلي ويهي رهي ٿو.]

نثار:   ڇا ٿيو اٿئي؟

ديانت: پير ۾ ڪنڊو لڳو آهي، ماري رکيو اٿس!

نثار:   تڏهن جلد وڃي ڪندو ڪڍاءِ، يا حڪيم کي پير ڏيکار.

ديانت: وڃان ٿو، پر ذور ويهان ته سهي. ٿڪجي پيو آهيان – پير جهلي نٿو سگهان!

نثار:   پر مون کي ٻاهر وڃڻو آهي.

ديانت: ڀلي ٻاهر وڃي، آءُ لحظو ترسي پوءِ ٿو وڃان. ذور حقو ته گهرائجو.

[دل افروز هوش ۾ اچي دانهن ڪري ٿي – الله ... گهوڙا!]

ديانت: (ڇرڪ ڀري) هيءَ ڪير..... ڪا زال)

نثار:   نه، منهنجو ماڻهو آدم آهي. (ڳالهه نٽائي ٿو) حقي جي بدران شراب پين ته آڻي ڏيئين، پي ته سور به ڇڏي وڃيئي.

[نثار شراب کڻڻ لاءِ اندر وڃي ٿو.]

ديانت: (پنهنجي منهن، حيرت ۾) اهو آواز ته دل افروز جو هو! ڪهڙو اسرار آهي؟ (نثار شراب آڻي ڏئيس ٿو. ديانت گلاس ۾ وجهي ٿو) ٺهيو، هي به درد جي دوا آهي، هينئر پيتوسين ته روا آهي. (شراب پي، شيشو نثار کي ڏئي ٿو، جو وري اندر رکڻ وڃي ٿو) واه واه، ڪهڙو نه شراب آهي گويا گلاب آهي!

دل افروز:       (اندران) ڇڏيو، مون کي وڃڻ ڏيو!

[ ديانت سيٽ وڄائي ٿو. اشرف هڪدم اندر گهڙي اچي ٿو. اتي نٿار به نڪري اچي ٿو. ٻئي ڄڻا نثار کي پڪڙين ٿا. نثار پڪاري ٿو.]

نثار:   آدم، جلد آ... ڊوڙ، ماڻهو سڏ!

[ آدم ڊوڙي اچي ٿو، ۽ نثار کي ورتل ڏسي، ٻاهر ماڻهو سڏڻ وڃي ٿو. انهيءَ وچ ۾ دل افروز به اندران ڊوڙي اچي ٿي، ۽ نثار جون ٻانهون قابو ڏسي هن جي کيسي مان ڪاغذ ڪڍي وٺي ٿي. هو ٻئي کيس ڏسي حيران ٿين ٿا.)

اشرف: دل افروز، ٻاهر گاڏي بيٺي آهي. جلد نڪري وڃ!

[دل افروز ڀڄي وڃي ٿي. سگهوئي پوءِ ديانت ۽ اشرف نثار کي ڇڏي، ڀڄڻ جي ڪن ٿا، مگر نثار هنن کي  روڪي ٿو، انهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿئي ٿي. اتي آدم به اچي ٿو]

آدم:           سائين سرڪاري ماڻهو اچن ٿا.

دم جلد اندران تپاچو کڻي اچي ٿو، ۽ اشرف ۽ ديانت کي ڊيڄارڻ لاءِ هنن ڏي سنئون ڪري جهلي ٿو، پر اوچتو تپاچو ڇٽي پوي ٿو، ۽ نثار کي لڳي ٿو، هو ڪري پوي ٿو.]

نثار:           گهوڙا،.... مُئس ! (ڦٿڪي ٿو.)

آدم! هاءِ هاءِ، مون هي ڇا ڪري وڌو!

[انهيءَ وچ ۾ ٻه سپاهي اچن ٿا. اشرف ۽ ديانت ويندي بيهي رهن ٿا. آدم جي هٿ ۾ تپاچو ۽ نثار کي ڦٿڪندو ڏسي، هڪڙو سپاهي وڃي آدم کي پڪڙي ٿو، ۽ تپاچو هٿ ڪريس ٿو، ٻيو سپاهي نثار سان ڳالهائي ٿو.]

سپاهي:        ڪيئن، سائين، ڳالهاءِ ته سهي!  (چتائي ڏسي، هٿ لائي) هن جي ته زبان به بند ٿي ويئي آهي، ساهه ٿو ڇڏي – (ٿوروترسي)..... بس، مري ويو.

ديانت: جمعدار صاحب، (آدم ڏي هٿ کڻي) هن هڪڙي ڌڪ سان هنن ويچاري کي پورو ڪري رکيو!

آدم:   (ڊپ ۾ سُسي) مون خالي تپاچو سمجهي ٿي هنيو.

سپاهي:        چپ ڪر، بدمعاش!

اشرف: افسوس، ويچارو ڪهڙو نه اشراف ۽ غريب هو!

ديانت: بس، غريب جو نصيب به غريب آهي.

اشرف: (سپاهيءَ کي) ڪم بخت، پنهنجي ڌڻي سان معاملو مچائي بيٺو! مرحوم گهڻو ئي سمجهايس، ته سمجهيئي نه، آخر، جوش ۾ اچي، تپاچو هڻي ماري وڌائينس.

آدم:   (چڙي) سڀ ڪوڙ!

ديانت: (اشرف کي چڱو ٿيو جو جمعدار صاحب اچڻ شرط ڏسي ورتس، نه ته جيڪر هي اسان تي تهمت رکي ها!

آدم:   (ڊپ ۾) جمعدار صاحب

هڪڙو سپاهي:        (چڙ مان) صبر ڪر خوني!

ٻيو سپاهي:    (هنن کي) ادا، ڀلائي ڪري هي لاش ته اسان کي کڻائي ڪوٽواليءَ تائين هلو.

پهريون سپاهي:        (آدم کي) تون هل هيڏي ٿاڻي تي (هڪڙو سپاهي آدم کي وٺي وڃي ٿو، پٺيائنس اشرف ۽ ديانت لاش کڻي وڃن ٿا، پٺيان ٻيو سپاهي به نڪري وڃي ٿو.)

[پردو ڪري ٿو.]

 

پردو چوٿون

قتل گاهه

[انور، بدلايل ويس ۾، ٻين ڇوڪرن سان گڏ، تماشي بينن ۾ بيٺو آهي. هڪ پاسي، ميز وٽ، فتح خان داروغو ۽ ٻيا بيٺا آهن. سپاهي ۽ جمعدار، اُگهاڙيون تراريون جهليو بيٺا آهن، فيروز هٿڪڙين ۽ زنجيرن سان ويٺو آهي. عالمسوز ۽ عنايت خان به، بدليل ويس ۾، تماشي بينن جي وچ ۾ بيٺا آهن.] 

فيروز:  (ڪنڌ جهڪايو ويٺو آهي. پوءِ مٿو آسمان ڏي ڪري چوي ٿو)

يا رب، رضا ۾ تنهنجي بشر کي مجال ناهه،

سرڪڻ تنهنجيءَ راهه کي ڏاهن جي چال ناهه،

دنيا جي هن سراءِ ۾ ڪنهن کي سنڀال ناهه،

آخر مرڻ ۾ ڪنهن کي به قيل و مقال ناهه،

ليڪن نه بيگناهه ڪو مون جان تمام ٿئي،

دشمن به هن طرح سان رسواي عام ٿئي!

[انور، فيروز جي آواز سڃاڻي ٿو.]

انور:    (هڪڙي ڇوڪر کي) عبدالله، هي ته منهنجي ڀاءُ جو آواز آهي، آءُ سڃاڻان ٿو!

ڇوڪر: چُپ چُپ، ٻڌ ته داروغو صاحب ڇا ٿو پڙهي.

(فتح خان داروغو سرڪاري حڪم نامو فيروز کي پڙهي ٻڌائي ٿو.)

فتح خان:      قيدي! سرڪاري جاسوسن، نثار ۽ پير خان، ٿاڻيدار ۽ سڪي سازن جي شاهديءَ تي، اڪرام جو خون تو تي ثابت ٿيو، انهيءَ جي سزا ۾ تو کي اڄ هن هنڌ قتل ڪيو ويندو. جيڪڏهن توکي دنيا جو ڪو آخرين ارمان يا ارادو ظاهر ڪرڻو هجي، ته ڀلي ڪر.

فيروز:  ڪوبه ڪونهي.

فتح خان:      ڪي چوڻو اٿئي، يا ڪا وصيت ڪرڻي اٿئي؟

فيروز:  فقط ٻه ڳالهيون چوڻيون اٿم. (هڪڙو منشي هن جي اڳيان ويهي لکي ٿو) – جيڪڏهن مون کان پوءِ منهنجي پيءُ جي ميراث منهنجو حق سمجهڻ ۾ اچي، ته انهيءَ مان ٽي پتي دل افروز کي ملي، ۽ ٻه پتيون اشرف ۽ ديانت کي.

فتح خان:      ۽ ٻي؟

فيروز:  منهنجيءَ ٻانهن ۾ هڪڙو تعويذ ٻڌل آهي، اهو امان مرحوم جو مون کي ڏنل هو، (روئي) اهو تعويذ مون کان پوءِ منهنجي ننڍي ڀاءُ انور جي ٻانهن ۾ ٻڌجي، ۽ انهيءَ کي منهنجي دعا چئجي ۽ پيار ڪجي.

[انور پنهنجو نالو ٻڌي ڊوڙي ڀاءُ وٽ وڃڻ گهري ٿو. هڪڙو ڇوڪر هن کي روڪي ٿو.]

انور:    ڪير؟- منهنجو ڀاءُ!

[ گسڙجي لنگهي ڀاءُ وٽ وڃي ٿو. هڪڙو سپاهي وٺيس ٿو.]

فيروز:  (انور کي ڏسي، حيرت ۾) انور، تون هتي ڪيئن آئين، ڪنهن توکي آندو؟ (فتح خان کي هٿ ٻڌي عرض ڪري ٿو.) حضور، هي منهنجو ڀاءُ آهي، جي حڪم هجي ته آءُ هن کي ڀاڪر پائي چمي ڏيان!

فتح خان:      (سپاهيءَ کي هنن کي گڏجڻ ڏي.

پاهي انور کي ڇڏي ٿو. انور ڊوڙي ڀاءُ کي چهٽي ٿو. ٻئي ڀاڪر پائي روئن ٿا.]

انور: ادا، تنهنجا هٿ ڇو ٻڌا اٿن، ۽ پيرن ۾ ڇو زنجير وڌا اٿن؟

 

فيروز:

بيڏوهه ادا آهيان، مگر واهه نه ڪائي،

 

سر تي اجل آيو، نه ملي تنهن کان رهائي،

 

هن پر هئي لکي، هاءِ، نصيبن ۾ جدائي،

 

هاڻ ٿيندي قيامت ۾ پري منهنجي صفائي:

 

مولا آهي حافظ ۽ مددگار تنهنجو،

 

صد شڪر ٿيو دار تي ديدار تنهينجو!

 

[فتح خان جي اشاري تي، سپاهي انور کي فيروز کان ڇني ڌار ڪري ٿو. هو دانهن ڪري ٿو. فيروز روئي ٿو.]

انور:    آءُ ڪين ويندس، آءُ اتي ئي رهندس! (تماشي بينن کي) ٻيلي، خدا جي واسطي اوهين چئو ته هي منهنجو ڀاءُ ناهي؟ مون کي اهوئي هڪڙو ڀاءُ آهي! ڇڏائڻ لاءِ ڇڪتاڻ ڪري ٿو) ڇڏ، ڇڏ، منهنجو ساهه ٿو گهٽجي... منهنجو مٿو ٿو ڦري... ڇڏ، ڇڏ! ڌاڙي، .... امان ڙي...(بيهوش ٿي ڪري پوي ٿو. سپاهي ٻانهن جهلي بهيس ٿو.)

فيروز:  (فتح خان کي) سائين، هاڻ تڏهين جلد منهنجو ڪم پورو ڪرايو، مون کي قتل ڪرايو، ۽ وڌيڪ عذاب کان ڇڏايو – جي هي ٻار هوش ۾ ايندو، ته واويلا مچائيندو.

فتح خان:      (سپاهي کي) هن کي گهر پهچايو. (سپاهي انور کي هنج ۾ کڻي وڃي ٿو.) (ٻين ڇوڪرن کي) ڇوڪرؤ، اوهان مان ڪو هن سان وڃي هن جو گهر ڏيکاري.

هڪ ڇوڪر:   آءُ وڃان ٿو، گهر ڏيکاريان ٿو.(وڃي ٿو.)

فتح خان:      (جلاد کي) تعميل!

لاد فيروز کي اکين تي ڪپڙو ٻڌي ٿو، ۽ هن جو مٿو جهڪائي اڏيءَ تي رکي ٿو، ترار ڪڍي، مٿي جهلي، حڪم جي اشاري لاءِ منتظر ٿي بيهي ٿو.]

فتح خان:      هڪ... ٻه....

 [اڃا ”ٽي“ چوڻ تي آهي، ته اشرف ۽ ديانت ڊوڙي اچن ٿا، ۽ هنن کي منع ڪن ٿا.]

اشرف: صبر، - قيدي بيگناهه آهي، هي ڪاغذ گواهه آهي!

[اشرف،ادب بجا آڻي، جيڪو ڪاغذ دل افروز نثار جي کيسي مان ڪڍيو هو، سو فتح خان کي ڏئي ٿو. فتح خان اهو خيال سان ڏسي ٿو.]

عنايت: (فڪر ۾، عالمسوز کي)رنگ ۾ هي ڀنگ ڪيئن پيو؟

عالمسوز:      (ويجهو ٿي، ڪاغذ ڏسي) هي ڪاغذ ته سفير جنگ وارو گم ٿيل خط جهڙو ٿو ڏسجي! هي ڪٿان لڌو؟

عنايت: جي هن خط جي ڪري هو آزاد ٿيندو، ته اسان جو سڀ ڪم بگڙي ويندو!

عالمسوز:      جي آزاد ٿيندو، ته وري به اسان جي دام ۾ اچي ويندو، ورثو ٿورو ئي ڪي کڻي ويندو.

فتح خان:      (ڪاغذ پڙهي) نواب سفير جنگ سڪي سازن جي گرفتاريءَ لاءِ ائين لکيو، ته ڪا بڇڙي ڪيائين ڇا؟

اشرف: نه، مگر ڪاغذ ۾ جو پنجن هزارن جو اشارو آهي، سو ورثي جي ثابتيءَ گم ڪرڻ لاءِ رشوت جو هڪڙو چارو آهي. انهيءَ ڪري هن مقدمي جي وري نئين سر تحقيقات ڪرڻ گهرجي.

ديانت: (سامهون نهاري) هو ڏسو، سچو خوني اچي ٿو- انهيءَ دم سڄو حال کلي پوي ٿو.

ڀ سامهون ڏسن ٿا. ٻه سپاهي آدم کي هٿڪڙين ۽ ٻيڙين پيل وٺي اچن ٿا.]

سپاهي:        (فتح خان کي) حضور، هي قيدي ڪي چوڻ گهري ٿو. فوجدار صاحب هن کي حضور ڏي موڪليو آهي.

فتح خان:      (آدم کي) ڇا ٿو چوين؟

آدم:   فيروز بيگناهه ڦاٿو آهي، اڪرام جو خون مون ڪيو آهي.

فتح خان:      تو...!

آدم:   هائو، مون. نثار، جاسوس پير خان جي چوڻ تي، مون کي هزار روپيا ڏنا، مون تهخاني جي هڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي بيهي تپاچو هنيو، ۽ اڪرام جو خون ڪيو.

فتح خان:      نثار روپيا ڏنا؟ - ڇا لاءِ؟

آدم:   نثار اڪرام جي ڌيءَ جي ٻانهن ٿي گهري، هن نٿي ڏني.

فتح خان:      هيستائين تون ڪٿي هئين؟

آدم:   نثار جي گهر لڪل هوس، (ديانت ۽ اشرف ڏي هٿ کڻي) اڄ هي ٻه ڄڻا ملڪ الموت ٿي اسان جي گهر ۾ گهڙي آيا، هنن کي ڊيڄارڻ لاءِ مون مٿن خالي تپاچو ڇوڙيو، تپاچو ڀريل نڪري پيو، گولي وڃي نثار کي لڳي، هو اتي جو اتي مري پيو. هاڻي، جڏهن آءُ سزا کان نه بچندس، تڏهن ٻئي خون جو بدلو پنهنجي سر تي نه کڻندس.

اشرف: (آدم کي) واه، بهادر! مرڻ مهل ڀلائي ڪيئه وڏي ڀَلماڻسائي ڪيئه!

فتح خان:      جي اها ڳالهه برابر ۽ برقرار آهي، ته فيروز ڇوٽڪاري جو حقدار آهي.(داروغي ۽ جمعدار کي) قتل موقوف! هنن کي وري قيدخاني ۾ وٺي وڃي. هن مقدمي جي وري ٻيو ڀيرو تحقيقات ٿيندي، ۽ صدر عدالت کي انهيءَ جي خبر ڏني ويندي.

اشرف: (خوشيءَ مان) بيگناهن جو وريو وارو!

ديانت: ۽ بي ايمانن جو منهن ڪارو!

سڀ تماشي بين: اِهو، اهو...!

عالمسوز:      پاڻ چڱو ٿيو، وڪالت وڌي، مزو ٿيو، نئين دولت لڌي.

(وڃن ٿا.)

[پردو ڪري ٿو.]

 

پردو پنجون

رستو

[قتلگاهه کان گهر ڏي ويندي، ڪيترا ڇوڪرا ٽپندا ڪڏندا وڃن ٿا.]

هڪڙو ڇوڪر: يارو، انور جو ڀاءُ ڇٽو، هنن جو بخت ڦٽو.

سڀ ڇوڪرا:   هُري! وهُري!

ٻيو ڇوڪر:     دشمنن جو هنيانءُ جهري!

سڀ:   هُري! هُري!

ٽيون ڇوڪرو: دوستن جي دل گهري!

سڀ: هُري هُري!

ٻيو ڇوڪر:     هاڻ جي انور پيءُ جو ورثو پائي، ته نواب سڏائي، ۽ پاڻ سڀني کي مٺائي کارائي!

ٽيون ڇوڪر:   (سامهون ڏسي) اڙي،ڏسو ته، ڏسو ته، هو پير خان، وڏو شيطان، اچي ٿو!

ڀ نهارين ٿا.)

پهريون ڇوڪر: اڙي، هائو ڙي، ڀڄو ڙي!

[ سڀ هڪڙي پاسي ٿين ٿا. پير خان مداريءَ سان ڳالهيون ڪندو اچي.]

پير خان:       يار مداري، اسين ته بڇڙا ٿياسين، فيروز ڇٽي ويو، ۽ اسين ڦاسي وياسين، نوڪري ته ويئي، هاڻ آبرو نه وڃي!

مداري: سائين جو ٽٻيون هڻندو آهي، سو ڪڏهن ڪڏهن ٻڏي به پوندو آهي!

ٻيو ڇوڪر:     انور ۽ فيروز ٿيو سوڀارو،..... ۽ هپ خان ولد گپ خان جو منهن....؟

سڀ:   ڪارو!

پير خان:       (ڇوڪرن کي) نڀاڳؤ، ڪنهن تي ٿا ٺٺولي ڪريو؟

مداري: ٿاڻيدار صاحب جي اڳيان متان اهڙي ٻولي ڪريو!

ٽيون ڇوڪر:   (ٻئي کي) اڙي، ٿاڻيدار صاحب کان پري ٿيو، ته لهڻيدار نه ٿي پئيوَ!

پير خان:       (مداريءَ کي) مداري، اڄ ذري جيڏا ڇوڪرا به منهن تي گاريون ڏيو وڃن!

مداري: سائين، دستور آهي – مئي شينهن جي مٿان ڪانگ به چڙهيو وڃن! پر خبرداري رکجو، عدالت جي کلڻ جو وقت اچي ٿيو آهي.

پير خان:       هائو، هل ته هلون.

[ٻئي وڃن ٿا، ڇوڪرا نڪري  ميدان تي ٿين ٿا.]

پهريون ڇوڪر: اچو ڙي ڇوڪرا، راند جو سعيو، اچي گڏجي نيڪي بديءَ جي راڳ ڳايو!

ڪي ڇوڪر گڏ:

[5] بُرو پهريون سک پائيندو، آخر هو ٻيڻو

 

                         غم کائيندو

ڀَلو ڪهڙو ئي غم کـائيندو، آخـــر هــــو هــڪ

 

ڏينهن سک پائيندو – بُرو....

پهريون ڇوڪر  : بدي ڪري انسان، بدي ڪري انسان، لهندو       ناهي مان، ڪيترو پڻ هو آزمائيندو – بُرو...


 

ٻيو ڇوڪر:     ڪڏهن پيٽ ڀري کائي، ڪڏهن پيٽ ڀري کائي

ڪڏهن بک ۾ ڏرمائي، بشر بيشڪ ڪيتو نيٺ

 

                       لائيندو – بُرو....

 ٽيون ڇوڪر:  بدي ٿورا ڏينهن يار، بدي ٿورا ڏينهن يار،

 

گهڻو ڏيندي اختيار، مگر سوئي منهن کي ڪارنهن

                               لائيندو – بُرو......

 [سڀ ڇوڪرا وڃن ٿا. ٻئي پاسي کان سفير جنگ ۽ عالمسوز اچن ٿا.]

سفير جنگ:   ڪيئن، عالمسوز، هي ڇا ٿيو- مقدمو ٽُٽي ويو!

عالمسوز:      بس، سائين، ڇا، چوان، فيروز ته صاف ڇٽي ويو.

سفير جنگ:   تڏهن جلدي وڃي جواهر خان کي آڻايو، ۽ فيروز کي وري ڦاسايو.

عالمسوز:      چڱو، سائين، وڃان ٿو. (هلڻ جي ڪري ٿو.)

سفير جنگ:   بيهجئين، هڪڙي ٻي ڳالهه ياد آئي آهي، جنهن ۾ اسان جي ڀلائي آهي: ڪنهن طرح سان دل افروز کي ٺڳاري منهنجي گهر موڪلي ڏي.

عالمسوز:      (حيرت ۾) دل افروز؟ هوءَ جوان ڇوڪري، ۽ اوهين....

سفير جنگ:   آءُ هن جو سڳو پيءُ....

 عالمسوز:     سڳو پيءُ؟

سفير جنگ:   هائو اڄ تائين مون ڪنهن سبب جي ڪري اها ڳالهه پئي لڪائي، پر اڄ منهنجي خيال ۾ آيو آهي ته هيءَ ڇوڪري هن نالائق فيروز جي پٺيان پئي، خراب نه ٿئي، ۽ منهنجي هٿان نڪري نه وڃي. وڃ، جلدي وڃ، آءُ به وڃان ٿو. (وڃي ٿو.)

عالمسوز:      (اڪيلو، پنهنجي منهن) هي امير به ڏاڍو شرير ۽ لچن جو پير آهي، پر بيحساب پيسا ٿو هاري، تنهنڪري بدر منير ۽ بي نظير آهي. ٻيلي عالمسوز، هاڻ ڪي بدمعاش هلي ڀاڙي ڪري وٺي آءُ: اڳي ڇوڪرو چورايو هوءِ، هاڻ ڇوڪري اُڏاءِ! (وڃي ٿو.)

[پردو ڪري ٿو.]

 

پردو ڇهون

جوان بخت جي محلات جو ڪمرو

[سفير جنگ ۽ فلڪ جاه ويٺا ڳالهيون ڪن.]

فلڪ جاه:      تنهنجو خط، اشرف ۽ ديانت کي ڪٿان هٿ آيو؟

سفير جنگ:   خبر ناهي ڪٿان مليس، شايد عالمسوز ڪين پهچايو. (خيال ڪري) پر، برابر، انهيءَ ڏينهن ميز تي رهجي ويو هو، شايد اُتان گم ٿيو هو.

فلڪ جاه:      (گوڏي تي هٿ هڻي) افسوس، انهيءَ خط ته رولو وڌو، ۽ ڪم خراب ڪيو!

سفير جنگ:   هائو، آدم جي ڏوهه قبول ڪرڻ ڪري به مقدمو بگڙي ويو.

فلڪ جاه:      پوءِ هاڻ ڪيئن....؟

سفير جنگ:   هاڻ اُهوئي رستو مون بتايو آهي، جواهر خان سوداگر کي مون گهرايو آهي.

[عنايت خان اچي ٿو.]

عنايت خان:    (چڙ مان، فلڪ جاه کي) سائين، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن جو بک پيا مرون- نه گيهه ٿو ملي، نه کير ٿو ملي – اوهين خوش ٿيو ويٺا آهيو، اسين ڪنهن جي نه بلي!

سفير جنگ:   (ڪاوڙ مان) بي ادب، بيحيا، ايتري گستاخي! تو اسان کي پنهنجو مودي بنايو آهي؟

عنايت: سائين هيترا ڏينهن ڪو اوهان مفت پئي کارايو آهي؟

سفير جنگ: نه ته تو ڪو اسان کي قرض به کڻايو آهي؟

عنايت: هيترا ڏينهن آءُ اوهان جو خير خواهه هوس، نه ته ڏيکاريان ها ته اوهان جي مٿان گواهه هوس!

سفير جنگ:   ڪهڙي ثابتي؟

عنايت: پاڻيهي نڪاح نامي مان ظاهر ٿيندو!

سفير جنگ:   اُهو نڪاح نامو ڪٿي؟

عنايت: ڪٿي به هجي- منهنجي اڳيان لکيو ويو هو.

سفير جنگ:   ڪٿي آهي لکندڙ؟

عنايت: قاضيءَ جي دفتر ۾.

سفير جنگ:   اُهو تنهنجو قاضي ڪٿي؟ اَڻ ڏيکار، نه ته ماٺ ڪري گذار!

عنايت:         چڱو، جي اوهان جو اهڙو ڪلام آهي، ته اڄ کان وٺي منهنجو سلام آهي!

فلڪ جاه:      ڇا ڪريان، مون کي ته هر طرف انتظار آهي، همايون بيمار آهي ۽ بخار ۾ گرفتار آهي، انهيءَ ڪري منهنجي دل بيقرار آهي.

سفير جنگ:   بيمار خدا ڪندو ته چڱو ڀلو ٿي ويندو، پر هيءَ باهه جي وڌي ته گهر سڙي ويندو!

[جواهر خان ۽ عالمسوز اچن ٿا.]

فلڪ جاه:      اچو، خان صاحب، (هن جي اڳيان ٻئي اٿن ٿا.)

جواهر خان:     هي ڇا؟ اوهين ته پنهنجا لائق ٿا ڪريو، پر آءُ لڄا ۾ وڃان ٿو مريو، خدا برڪت وجهي اوهان جي آل عيال ۾،- آيو ڪي خيال ۾؟

[سڀ ويهن ٿا.]

فلڪ جاه:      خانصاحب، اوهين ته اسان جي خاندان جا خير خواهه آهيو،....

جواهر خان:     جناب، آءُ ساري جهان جو خير خواهه آهيان!

فلڪ جاه:      هو فيروز، جو ٻه ٽي ڏينهن اوهان وٽ نوڪر هو، ياد آهي؟

جواهر خان:     هائو، هن کي مون مهل تي مدد نه ڪئي، تنهن جي لاءِ دل شرمندي ۽ناشاد آهي.

سفير جنگ:   خان صاحب، اهو فيروز اسان جو دشمن آهي، انهيءَ کي ڪا تهمت رکي ڦاسايو، ته پنج هزار اوهان جو ڌن آهي!

جواهر خان:     جناب، مون کي برابر اوهان جي رضامنديءَ جو کپ آهي، ليڪن(هٿ ٻڌي) هن ڪم کان معافي ڏيو، جو مون کي خدا جو ڊپ آهي!

سفير جنگ:   تڏهن پنج هزار هٿان وڃايو ٿا؟

جواهر خان:     پنج هزار ته ڇڏيو، پر پنج لک به مون کي نه کپن!

[اتي هڪڙو نوڪر تڪڙو اچي عرض ڪري ٿو.]

نوڪر:  حضور همايون جاه جي حالت سخت خراب آهي!

[وري وڃي ٿو.]

فلڪ جاه:      افسوس، افسوس!

جواهر خان:     (پنهنجي منهن) پٽ پيو مري، پاڻ فساد پيو ڪري- واه ڙي دنيا!

سفير جنگ:   هلو ته هلي ڏسونس.(سڀ اٿن ٿا.) جواهر خان. اوهين هتي ترسو، خيال ڪريو، اهڙي رٿ ڪريو، جيئن اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ ناسازي نه ٿئي، دوستي ڳنڍي اچي، اسين وري ٿا اچون.

جواهر خان:     آءُ ترسان ٿو.(هو وڃن ٿا.) (اڪيلو) پٽ بيمار نه آهي، پر هيءَ خدا جي مار آهي!

[دل افروز، سفير جنگ جي گهر مان ڀڄي، جاءِ ۾ اچي ٿي، جواهر خان کي ويٺل ڏسي، انهيءَ سان ڳالهائي ٿي.]

دل افروز:       (هٿ ٻڌي) سائين اوهان کي ڪا خبر آهي ته فيروز جي ڪهڙو حالت آهي؟

جواهر خان:     هائو، اڃا ته سلامت آهي.

دل افروز:       خدا جي واسطي مون کي هن بند مان ڇڏاءِ، ۽ فيروز سان ملاءِ!

جواهر خان:     ڇو، ابا، ڪهڙي ڪيفيت آهي، ڪهڙي تو تي آفت آهي؟

دل افروز:       آءُ فيروز جي جان نثار آهيان، ڪي بدمعاش مون کي هن سان ملائڻ جي بهاني تي وٺي هتي آيا آهن، هاڻ آءُ هتي گرفتار آهيان!

جواهر خان:     چڱو، اجهو آءُ فيروز کي به ٿو سڏيان، ۽ ڪوٽوال کي به ٿو آڻيان، مگر تون هيترو ڪر ته مون کي اهڙا ٻه اکر لکي ڏي، ته هنن کي اعتبار ٿئي.

دل افروز:       ڪاغذ قلم ڪٿان آڻيان؟

جواهر خان:     شايد هن ميز جي خاني ۾ هجي. (ميز جا خانا بند ڏسي، ان جي کولڻ جي تجويز ڪري ٿو، سگهو ئي هڪڙو چور خانو کلي پوي ٿو. تڪڙ  تڪڙ ۾ ان ۾ هٿ وجهي، هڪڙو ڪاغذ ڪڍي ڏئيٿو، “ پينسل به هٿان ميز تان کڻي ڏئي ٿو. ) هان هن تي کڻي لک.

[دل افروز لکڻ جي ڪري ٿي، پر ڪاغذ کي پٽي، سنئون ڪري، اُهو لکيل ڏسي، هن کي ڏيکاري ٿي.]

جواهر خان:     (وٺي پڙهي ٿو) اڙي... هي ته نڪاح نامو!

[ اتي فلڪ جاه ۽ سفير جنگ ۽ عالمسوز کي ايندو ڏسي هو ڊڄن ٿا.]

دل افروز:       اڙي، هي ته اچي نڪتا!

[دل افروز لڪي وڃي ٿي. جواهر خان نڪاح  نامو کيسي ۾ لڪائي ويهي رهي ٿو. فلڪ جاه، سفير جنگ ۽ عالمسوز اچن ٿا.]

سفير جنگ:   رڳو هيانوَ جو مونجهاري ڪري سُست ٿي ويو هو.

عالمسوز:      ٻيو ڇا، - سڏيوسينس ته جواب ڏنائين، ٿورو کير به پيتائين.

[اشرف، ديانت، انور، عنايت خان، نسترن، ڪوٽوال ۽ جمعدار جي حوالي ۾، فيروز اچي ٿو. سڀني کي ڏسي، فلڪ جاه ۽ سندس سنگتي ڊپ ۽ حيرت ۾ پون ٿا.]

فيروز:  ڪٿي آهي دل افروز؟ (هيڏي هوڏي نهاري، سڏي ٿو) دل افروز....!

(لڪل دل افروز ڊوڙي اچي ٿي. ٻئي پيار سان هڪٻئي کي ڀاڪر وجهي چنبڙي پون ٿا.)

دل افروز:       پيارا فيروز.....!

سفير جنگ:   (ڪاوڙ ۾) ڪير، - فيروز؟

 جواهر خان:    فيروز نه چؤ – ”نواب فيروز جاه“ چوُ! (ائين چئي، نڪاح نامو ڪڍي فيروز کي ڏئي ٿو.) سائين، هيءَ اوهان جي دعوا جي ثابتي! خدا راضي آهي حق حلال ۾،- آيو ڪي خيال ۾؟

فيروز:  (حيرت ۽ خوشيءَ ۾) نڪاح نامو! ڪٿان هٿ آيو؟

جواهر خان:     (ميز ڏيکاري) هن ميز جي چور خاني مان.

اشرف: ”بغل مين لڙڪا، شهر مين ڍنڍورا“!

[فيروز نڪاح نامو ڏسي ڪوٽوال کي ڏئي ٿو، ڪوٽوال پڙهي ڏسي ٿو.

فيروز:  خدا جا شڪرانا! چاچا، ڏسو ته جيڪي بابي ۽ امان ٿي چيو، سو سچ نڪتو نه؟

ڪوٽوال        نڪاح نامو ته سچو آهي: مٿس قاضيءَ جي مهر ۽ دستخط به آهي، شاهديون عنايت ۽ شرافت جون پيل آهن.

[ڪوٽوال نڪاح نامو فلڪ جاه کي ڏئي ٿو. سفير جنگ ۽ عالمسوز به اُهو ڏسن ٿا. ٽيئي ماٺ ڪري بيهن ٿا.]

اشرف: (فلڪ جاه کي ) بنده پرور، هيترا ڏينهن ننڊ ڪيوَ هاڻ سجاڳ ٿيو، اک پَٽيو!

ديانت: گهر جا مالڪ اچي ويا، هاڻ هتان نڪرو ۽ وڃي ٻاهر ڪشالا ڪٽيو!

عنايت: (فيروز کي) حضور، مبارڪ! اوهان حقدارن کي پنهنجو حق پلئه پيو، ۽ جيئن مون چيو ٿي تيئن پاڻيهي اچي ٿيو.

ديانت: (عنايت کي) ته پوءِ هيترا ڏينهن ڪيڏي ويو هُئين؟

عنايت: فلڪ جاه جن ڏي هٿ کڻي) هنن صاحبن هيترا ڏينهن مون کي ٺڳاري چپ رکيو، مگر انهيءَ جو مون مزو چکيو.

[اتي همايون، لٺ ٽيڪيندو، گل اندام سميت، اچي ٿو. فيروز وڃي هٿ وٺي آڻي پاسي ۾ ويهاريس ٿو.]

همايون:        ادا، هينئر نوڪر مون کي خوشخبري ٻڌائي، ته مئل جسم ۾ جان آئي. (فلڪ جاه کي) بابا سائين، مون ڇا ٿي چيو؟ - ڏسو، چاچي مرحوم ڪو ڪوڙ ڪيو؟

فلڪ جاه:      ابا، اهو سڀ منهنجيءَ غفلت جو نتيجو آهي. (فيروز کي) ابا، فيروز جاه، منهنجين اکين تي ڪو اهڙو پردو چڙهي ويو هو، نڪاح نامي جو ڪاغذ اکين جي اڳيان پيل به نظر نه چڙهيو! (ميز ڏيکاري) هن چورخاني جو مون کي اڄ تائين خواب خيال به ڪونه هو: پڪ ڄاڻج ته هيءَ ڪا منهنجي هٿرادو جعلسازي نه هئي. هيءَ سڀ نصيب جي بازي هئي.

سفير جنگ:   اسان ٻنهي جي غفلت ۽ غلط فهميءَ ڪري اسان کي هاڻ معاف ڪريو، ۽ ڪيني جي ڪٽ کان دل جو آئينو صاف ڪريو.

عالمسوز:      سائين، جڏهن انسان هميشه خطا جو گهر ۽ خدا جو گنهگار آهي، تڏهن هي ٻانهو به پنهنجي ڪئي کان پشيمان، ۽ اوهان جي معافيءَ جو اميدوار آهي.

جواهر خان:     (فلڪ جاه ڏي هٿ کڻي) ۽ مون کي به هن نواب، دل ڪباب، ذري گهٽ ڀلائي خراب ڪيو هو، هي هميشه خوش هو جنگ ۽ جدال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟

[سڀ کلن ٿا.]

دل افروز:       افسوس آهي ته هنن جي اهڙيءَ هلت ڪري، بابو ويچارو مفت وچ ۾ مارجي ويو!

فيروز:  پياري، اڪرام تنهنجو رڳو نالي جو پيءُ آهي. (سفير جنگ ڏي هٿ کڻي) – تنهنجو سڳو پيءُ اجهو هي آهي!

دل افروز:       (حيرت ۾) ڌيءَ، دنيا جي عزت آبروءَ جي ڊپ ڪري، آءُ توکان بيخبر  ۽ ڏور رهيس، ۽ تنهنجيءَ وفادار ماءُ جي حق ۾ آءُ گنهگار ۽ باقصور رهيس، آخر آءُ به خطا وار بندو آهيان، ۽ انهيءَ ڪري گهڻو شرمندو آهيان!

دل افروز:       (وڃي پيءُ کي پيرين پوي ٿي) بس بابا بس، ايترو بس آهي، اوهان جو ڪوبه قصور ڪونهي، سڀ قسمت جي وس آهي:

فيروز:  خان صاحب، ميان اشرف ۽ ديانت، آءُ اوهان سڀني جو احسانمند آهيان.

جواهر خان:     سلامت رهو!

اشرف: گهڻي مهرباني.

ديانت: خدا هميشه خوش رکيوَ!

فيروز:  (انور کي) انور، وڃ، وڃي سڀني کي پيرين پئي گڏجي آءُ.

انور:    (فلڪ جاه کي وڃي پيرين پوي ٿو) چاچا، مون کي ڀاڪر پاءِ.

فلڪ جاه:      (ڀاڪر پائيس ٿو) پٽ، شل سدائين شاد رهين!

[پوءِ انور، گل اندام سان ملي ٿو.]

گل اندام:      بابا، شل سلامت ۽ آباد رهين!

[پوءِ سفير جنگ سان گڏجي ٿو.]

سفير جنگ:   شل هر غم کان آزاد رهين!

دل افروز:       پيارا فيروز، اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ جيئن پنهنجي شادي ٿيندي، تيئن نسترن  جي به اشرف سان ڇو نه کڻي شادي ڪجي....؟

فيروز:  بيشڪ ڪجي!

اشرف: شادي کڻي پوءِ ٿئي، پر هتي به من ٻانهن ڏياريو!

[فيروز نسترن جي ٻانهن وٺي نئي اشرف جي هٿ ۾ ڏئي ٿو. هو ٻانهن بغل ۾ وجهي بيهي ٿو. سڀ کلن ٿا.]

سفير جنگ:   (دل افروز جي ٻانهن وٺي، فيروز کي ڏئي ٿو) ڌيءَ، اڄ تون به پنهنجي فيروز جي حوالي ٿيءُ.

[فيروز ۽ دل افروز هڪٻئي جا هٿ جهلي بيهن ٿا. ۽ ڪوٽوال پٺٽي وڃي بيهي ٿو، پوءِ نڪري وڃي ٿو.]

فلڪ جاه:      هاڻ اچو ته سڀ گڏجي خدا تعالي جي شڪر گذاريءَ جو گيت ڳايون، جنهن اسان سڀني جا دک دور ڪيا، ۽ خوشيون ڏيکاريون.

سفير جنگ:   بيشڪ، ائين مناسب آهي

[ سڀ گڏجي قطار ٻڌي بيهن ٿا.]

 سڀ:          شڪر، شڪر اي يزدان – سائين، مطلب ٿيو، ڏک

سڀ ويو!

 انور:           واه...!

دل افروز:       لکين تنهنجا ٿيا احسان-سائين، مطلب ٿيو،

ڏک سڀ ويو....

سڀ :          شڪر، شڪر، اي يزدان....

فيروز:  ويا سڀ ڏک، آيا سڀ سک، جاني جدا، ميڙيا خدا.

انور:            سچ...!

سڀ:           شڪر، شڪر، اي يزدان....

همايون:        پرور، سرور، دلبر،اڻ ٽر، تنهنجون جڳ تي مهرون لڳيون.

سفير جنگ:   ڪير ڪري ڪو توسان ٺڳيون؟

ديانت:         سچ، سچ، سچ!

فلڪ جاه:      ڪير ڪري ڪو توسان ٺڳيون!

عنايت:                 سچ، سچ، سچ!

گل اندام:      رحمي آهين تون،

جواهر خان:     رنگي ننگي جنگي پڻ.

اشرف: جيڪي ڪوڙا، مت جا موڙها، ڀيڻيون  تن جون سڀ تو ڀڳيون،

عالمسوز:      توبهه، توبهه سائين. تون سمجهائين، گذريون ڳالهيون سڀ اڳيون!

سڀ:           واه! شڪر، شڪر، اي يزدان....

[آهستي آهستي پردو ڪري ٿو.]

 

*******


*  ڪالنگڙو – دادرو.

 

[1]  ”مانڊ“ - دادرو

[2]  انگريزي طرز  Bunk a Doodle I do

 

[3]  ڪافي - لهرو

[4]  سارنگ - ٺمري

[5]   ”ديس“- قهروا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com