دولهه دريا خان
ڏيک پهريون
(دريا خان جي محل سراءِ. دريا خان دريءَ وٽ بيٺو آهي ۽ دريءَ
کان ٻاهر ٿو نهاري. دريا خان جي زال هيمون اندر
اچي ٿي. هيمونءَ جي پيرن جو آواز ٻڌي دريا خان
منهن ورائڻ کانسواءِ پڇي ٿو.)
دريا خان: خير آهي؟
هيمون: سورهين جي سردار، سنڌ جي سونهاري، دريا خان جي پيرن جي
پڻي، هيمون!
دريا خان: هيمون، تون اسان جي پيرن جي پڻي نه، پر اسان جي روح
جي راحت آهين. تون سنڌ جي برن جي بهار ۽ ٿرن جي
ٿڌڪار آهين. اسان توکي ڏسندا آهيون ته اسان جو
منجهيل من ڪنول جيان ٽڙي پوندو آهي.
هيمون: پر اڄ ڪنول ڪجهه ڪوماڻيل ٿو نظر اچي ۽ هن ٻانهيءَ جون
اکيون دريا جيڏي دل واري دريا خان جي پيشانيءَ تي
پريشانيءَ جا پاڇا ڏسي رهيون آهن.
دريا خان: هيمون توکي خبر آهي ته توسان ۽ سنڌ سان اسان جو نينهن
جو ناتو آهي. اسان توکي ۽ سنڌ کي سدائين سرهو ڏسڻ
ٿا چاهيون.
هيمون: جيسين دريا خان جي دل ۾ ڌڙڪڻ جي ۽ سندس ٻانهن ۾ تلوار
کڻڻ جي طاقت آهي تيسين سنڌ ۽ هيمون ٻئي سرهيون
رهنديون.
دريا خان: (دريءَ کان ٻاهر نهاريندي) آسمان ۾ تارا ته ڪيئن ٿا
چمڪن جهڙا ڪنهن وطن پرست سرفروش جي جسم تي گهاوَ،
جهڙا تاريخ جي تاريڪين ۾ شهيدن جا نانءَ! هيمون،
ڇا اهو سچ آهي ته تارن جي گردش سان انسان جي قسمت
گردش ڪندي آهي.
هيمون: دريا خان جهڙا دلير تارن جي گردش کي ڦيرائي ڇڏيندا آهن ۽
هنن جي قسمت جا ليک تارن سان نه پر تلوارن سان
لکيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مان تارن کي ڏسندي
آهيان ته ائين لڳندو آهي ڄڻ آسمان جا تارا دريا
خان جي گهوڙي جي سُنبن جي اڏيل دَزَ آهن
دريا خان: هيمون، اسان کي هڪڙي نجومي ٻڌايو هو ته جڏهن به آسمان
۾ پڇڙ تارو اڀرندو آهي تڏهن سنڌ رت ۾ وهنجندي آهي
۽ سنڌ جا ڪونڌر ڪسندا آهن. اڄ آسمان ۾ پڇڙ تارو
اڀريو آهي.
هيمون: (پريشاني مان) ڇا آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي؟ (تکيون
تکيون وکون کڻندي دريءَ جي ويجهو اچي ٿي.)
دريا خان: ها، اڄ وري آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي. هو ڏس (آڱر
سان اشارو ڪندي) پڇڙ تارو ڪيئن نه پيو چمڪي، هن
مان اسان کي انساني رت ٿو ٽمندو نظر اچي.
هيمون: شايد تاريخ جو ورق ورڻ وارو آهي.
دريا خان: وري تاريخ جو ورق ورندو ۽ وري سنڌ سُور سهندي، وري
سنڌين جي رت سان تاريخ ۾ بادشاهن ۽ سپهه سالارن جي
عظمت جا داستان تحرير ٿيندا.
هيمون: دريا خان جي هوندي تاريخ، سنڌ کي سور ڏئي نٿي سگهي ۽ ڪو
به الفيون پائي، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائي، مست الست
ٿي جهومندڙ ۽ نچندڙ سنڌين جو رت وهائي نٿو سگهي.
دريا خان: پر هيمون، آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀريو آهي ۽ اسان کي
نجوميءَ جي ڳالهه پريشان ڪري رهي آهي.
هيمون: آسمان ۾ پڇڙ تارو اڀري يا وهائو تارو، مهراڻ جي مستيءَ
تي ان جو ڪو اثر نه ٿيندو آهي پوءِ دريا خان جي
دليري ڇو پريشاني ۾ بدلجي وئي آهي.
دريا خان: انڪري جو اسان کي سنڌ جو آئيندو هن رات جهڙو تاريڪ ٿو
نظر اچي ۽ ان رات کي روشن ڪرڻ وارا تارا اسان کي
ٽـٽندا ٿا نظر اچن.
هيمون: ڇا سنڌين جي تلوار مڏي ٿي وئي آهي جو دريا خان کي سنڌ جو
آئيندو تاريڪ ٿو نظر اچي.
دريا خان: سنڌين جي تلوار ڪڏهن به مڏي ٿي نٿي سگهي. مصيبت جي
روهيءَ تي سنڌي جي تلوار وڌيڪ تيز ٿيندي آهي. سنڌي
جڏهن الفيون پائي، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائي جهومندا،
نچندا ۽ ڳائيندا آهن تڏهن ساري ڪائنات هنن جي ساز
۽ آواز جي لهرن ۾ لڙهي ويندي آهي. پر جڏهن سنڌي
يڪتارا ۽ چپڙيون اڇلائي، الفيون لاهي، ڪفنيون
پائي، تلوار کي مياڻ مان ڪڍندا آهن تڏهن رات جو
سينو چيرجي ويندو آهي ۽ پرهه ڦٽندي آهي ۽ افق مان
شفق جو ڳاڙهو رت ٽمندو آهي.
هيمون: پوءِ توهان ايترا پريشان ڇو آهيو؟
دريا خان: هيمون توکي خبر آهي، ته بولان لڪ کان ارغونن جي
آنڌاري پئي اچي.
هيمون: اسان کي خبر آهي، پر اسان کي اها به خبر آهي ته ان
آنڌاريءَ جي اڳيان دريا خان جبل بڻجي بيهندو.
دريا خان: سنڌ جو ٻچو ٻچو هماليه جبل آهي جنهن سان طوفان
ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويندا آهن، پر....
هيمون: پر ڇا؟
دريا خان: اسان ڌارين جي تيرن جي طوفان کان نٿا ڊڄون هيمون، پر
ان خنجر کان ٿا ڊڄون، جيڪو پنهنجن جي هٿ ۾ لڪل آهي
۽ جيڪو هو ڳراٽڙي پائڻ مهل اسان کي پٺيءَ ۾ وهائي
ڪڍندو.
هيمون: پنهنجو ڪڏهن به ائين نه ڪندو.
دريا خان: پنهنجن ئي سنڌ کي سور ڏنا آهن ۽ پنهنجي ئي سنڌ جي
سيني ۾ خنجر هنيا آهن. هر ڦوڳ وقت جي عمر سان ملي،
مارئي جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وڌا آهن ۽ هر چنيسر الادين وٽ
دانهين ٿي سنڌ جا ڪونڌرا ڪُهايا آهن.... اڄ وري
ڦوڳ مارئي سنڌ جي پيرن ۾ پيڪڙا وجهڻ ٿو چاهي ۽ اڄ
وري چنيسر ڌارين هٿان سنڌ جا ڪونڌر ڪُهائڻ ٿو
چاهي.
هيمون: ته پوءِ دريا خان جي تلوار اڃا مياڻ ۾ ڇو آهي؟ چنيسر جي
سيني جي آرپار ڇو نه آهي؟
دريا خان: چنيسر جي حفاظت اهي ديوارون ٿيون ڪن جن ديوارن جي
حفاظت ڪرڻ دريا خان جو مقدس فرض آهي.
هيمون: شايد اوهان جو اشارو محل ڏانهن آهي.
دريا خان: ها اسان جو اشارو محل ڏانهن آهي. محلن ۾ هميشه سازشون
جنم وٺنديون آهن ۽ اهي سازشون غلاميءَ جا زنجير
بڻجي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پونديون آهن.
هيمون: سمي سردار سلطان نظام الدين ڄام نندي جي محل ۾ ڪڏهن به
اهڙي سازش جنم وٺي نٿي سگهي.
دريا خان: ڄام نندي جي راڻي مَرڪيءَ کي اسان کان نفرت آهي.
ڄام نندي جڏهن اسان کي پنهنجو پٽ بڻايو هو تڏهن
راڻي مَرڪيءَ مخالفت ڪئي هئي. پوءِ اسان جو توسان
پيار ٿي ويو. تون راڻي مَرڪيءَ جي ڀاءُ ڏنؤر جي مڱ
هئينءَ. پر اسان تنهنجي پيار ۾ چريا ٿي پياسين.
ڄام نندي کي جڏهن اسان جي پيار جي خبر پئي تڏهن هن
راڻي مَرڪيءَ جي ڀاءُ ڪاهو ڏنؤر کان تنهنجو سڱ
ڇڏائي تنهنجي ٻانهن اسان جي هٿ ۾ ڏني. ان ڳالهه
ڪاهو ڏنؤر ۽ راڻي مَرڪيءَ جي سيني ۾ ساڙ جي دونهين
دکائي ڇڏي. اها دونهين هينئر باهه بڻجي ڀڙڪي پئي
آهي ۽ ان باهه ۾ اسان کي ساري سنڌ سڙندي نظر ٿي
اچي.
هيمون: ڇا راڻي مَرڪيءَ اوهان جي خلاف ڪا سازش سٽي آهي.
دريا خان: اسان کي خبر پئي آهي ته راڻي مَرڪيءَ اسان کي مارائڻ
لاءِ شاهه بيگ ارغون کي سنڌ جي سرحدن تي حملي ڪرڻ
جي دعوت ڏني آهي.
هيمون: شل شيطان جا ڪن ٻوڙا ٿين ۽ منهنجي دريا خان جو وار به
ونگو نه ٿئي.
دريا خان: ائين نه چئو هيمون، ته دريا خان جو وار به ونگو نه
ٿئي، پر ائين چئو ته دريا خان جهڙا ڪيئي سنڌ تان
صدقي ٿين ۽ سنڌ سونهاريءَ جو وار به ونگو نه ٿئي.
هيمون: ڇا راڻي مَرڪيءَ کي خبر نه آهي ته شاهه بيگ ارغون سنڌ
جي سرحدن تي حملو ڪندو ته ڪيترن سنڌين جو رت
وهندو.
دريا خان: راڻي مَرڪي سمي سلطان جي تخت ۽ تاج ۾ معصوم سنڌين جي
رت ڦڙن جا ياقوت جڙڻ ٿي چاهي. ڄام نظام الدين جي
حياتيءَ جي ٻيڙي لوڏن لمن ۾ آهي ۽ ڄام فيروز اڃا
ننڍو آهي. راڻي مَرڪي سمجهي ٿي ته ڄام نظام الدين
کانپوءِ اسان تخت تي قبضو ڪري وينداسين، پر شايد
راڻي مَرڪيءَ کي خبر ناهي ته وفاداري اسان سنڌين
جي ٿڃ ۾ شامل آهي.
(دربان اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ٿو ڪري)
دربان: سائين، چانڊڪا پرڳڻي مان هڪڙو پيغامي آيو آهي، جيڪو
هينئر جو هينئر سائين جن سان ملڻ ٿو چاهي.
دريا خان: هن کي اندر آندو وڃي.
هيمون: شل خير جو پيغامي هجي.
دريا خان: هيمون، اسان پيغاميءَ کي اندر سڏايو آهي.
هيمون: جيڪو حڪم.
(هيمون وڃي ٿي، پيغامي اندر اچي ٿو)
دريا خان: پيغامي تنهنجي اويل اچڻ مان اسان اندازو لڳايون ٿا ته
ڪو اهم پيغام آندو اٿئي.
پيغامي: شاهه بيگ ارغون سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪيو آهي ۽ ترخانن
چانڊڪا پرڳڻي جي سنديجا ۽ ماڇين جي ڪوٽ کي ڦُريو
آهي.
دريا خان: پيغامي! اسان معلوم ڪرڻ ٿا گهرون ته جڏهن ارغونن ۽
ترخانن سنڌ جي سرحدن کي اورانگهي، سنڌ جي مقدس
زمين کي لتاڙيو، جڏهن هنن بيگناهه سنڌين کي ڦريو ۽
لٽيو، تڏهن تنهنجي امير ڇا ٿي ڪيو؟
پيغامي: سرڪار، ارغونن اوچتو راتاهو هنيو.
دريا خان: ديس سمهندا آهن پر دل وارا جاڳندا آهن، پوءِ ارغونن
راتاهو ڪيئن هنيو. اسين امير لاءِ ريشمي بسترا ۽
ارغونن لاءِ موت کڻي اچي رهيا آهيون.
(پيغامي نوڙي سلام ڪري وڃي ٿو. دريا خان اڳتي وڌي ڀت تي ٽنگيل
تلوار لاهي ٿو. هيمون اندر اچي ٿي.)
هيمون: ڇا ٿيو؟
دريا خان: ارغُونن سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪري موت کي دعوت ڏني
آهي ۽ ارغونن جي رت جي اڃايل اسان جي هيءَ تلوار
پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ آتي آهي.
(دريا خان وڃي ٿو. هيمون پويان سڏ ٿي ڪريس)
هيمون: سرتاج!
(دريا خان يڪدم بيهي رهي ٿو ۽ آهستي آهستي ڪنڌ ورائي هيمون
ڏانهن نهاري ٿو.)
دريا خان: اسان کي شهادت جون دعائون ڏيندڙ هيمونءَ جو آواز اڄ
ڏڪي ڇو ٿو؟
هيمون: سرتاج، اڄ منهنجي دل ٿي ڏڪي، ڪٿي اوهان راڻي مَرڪيءَ جي
سازش جي ڄار ۾ ڦاسي نه وڃو.
دريا خان: جنهن ديس جي ڌرتيءَ جي ڪُک اسان کي جنم ڏنو ۽ جنهن
ديس جي ڌرتي موت کانپوءِ اسان جي مڙهه کي پنهنجي
سيني ۾ سانڍيندي، تنهن ديس جي ڌرتيءَ کي سازش جي
ڄار ۾ ڦاسايو وڃي ۽ اسان ماٺ ڪري ويهي رهون.
هيمون، اسان کي دعا ڪر ته فاتح ٿي موٽون يا شهيد
ٿيون.
هيمون: شل فتح اوهان جا قدم چمي.
(دريا خان وڃي ٿو. هيمون اڪيلي رهجي وڃي ٿي)
(پردو ڪِري ٿو.)
ڏيک ٻيو
(ڄام نظام الدين جو محل: ڄام نظام الدين ڇپر کٽ تي طول ويهاڻن
تي ڪنڌ رکي ليٽيل آهي. هن جي هٿ ۾ گلاس آهي. هو
ڪنڌ ويهاڻن تان کڻي گلاس منهن تي چاڙهي ٿو. هن جي
ڀرسان راڻي مَرڪي بيٺي آهي. ڄام نندو گلاس خالي
ڪري راڻي مَرڪيءَ کي ڏئي ٿو ۽ وري ڪنڌ ويهاڻن تي
رکي ٿو.)
ڄام نندو: تيل ٻري چڪو آهي، وٽ وسامڻ تي آهي، آخر ڪيستائين
وسامندڙ وٽ کي سوريندي رهندينءَ راڻي.
راڻي مَرڪي: جيستائين مَرڪيءَ جي سيني ۾ ساهه جي وٽ ٻرندي رهندي
تيستائين اها وٽ وسامڻ نه ڏيندس.
ڄام: هوا جو هلڪو جهوٽو لڳندو ۽ وٽ وسامي ويندي.
راڻي: مان پنهنجي دامن سان ان وٽ کي اوٽ ڏينديس.
ڄام: ڪٿي تنهنجو دامن سڙي نه پوي راڻي.
راڻي: دامن سڙيو ته پرواهه نه آهي، مٿي تان گندي ته نه لهندي،
جي اوهان کي ڪجهه ٿي ويو ته مان مٿي اگهاڙي ٿي
پونديس.
ڄام: موت مهڻو نه آهي راڻي. زندگيءَ جي هر واٽ قبر تي ختم ٿئي
ٿِي. اسان جي زندگيءَ جي واٽ به اچي کُٽي آهي،
پساهه پورا ٿيا آهن. گهڙي گهڙي ڄڻ موت جي وک آهي ۽
موت وکون کڻندو اسان ڏانهن ايندو ٿو وڃي.
راڻي: (ڏکويل انداز ۾) اهڙا ويڻ واتان نه ڪڍو، شل اوهين جُڙيا
جيئرا هجو. اوهان منهنجا ۽ سنڌ جا ڇپر ۽ ڇانوَ
آهيو. اوهان کي ڪجهه ٿيو ته مان ۽ سنڌ ٻئي مٿي
اگهاڙيون ٿي پونديونسين.
ڄام: سنڌ ڪڏهن مٿي اگهاڙي نه ٿيندي. ڄام نندا پيا ڄمندا ۽ مرندا
پر سنڌ جي لوئي سدائين سلامت رهندي.
راڻي: ڄام فيروز اڃا ننڍو آهي، هن جا ڪلها سنڌ جي سلطانيءَ جو
بار ڪيئن کڻي سگهندا.
ڄام: اسان جي هڪڙي پٽ جا ڪلها ڪمزور آهن پر ٻئي پٽ جا ڪلها
ايترا ته مضبوط آهن جو هو ساري ڌرتيءَ جو بار کڻي
سگهن ٿا. ڄام فيروز جيسين جوان ٿئي ۽ سلطاني
سنڀالي، تيسين اسان جو پٽ دريا خان حڪومت جون
واڳون سنڀاليندو.
راڻي: دريا خان حڪومت جون واڳون سنڀاليندو!
ڄام: شايد اسان جي راڻيءَ کي اسان جي ڳالهه پسند نه آئي.
راڻي: هن ٻانهيءَ جي ڪهڙي مجال، جو سنڌ جي سلطان جي ڳالهه کي
ناپسند ڪرڻ جي گستاخي ڪري.
ڄام: اسان جي راڻيءَ جي ڳالهه مان ناراضگي ٿي بکي. راڻي، اسان
توسان سنڌ جي سلطان جي حيثيت سان نه پر زندگيءَ جي
ساٿي جي حيثيت سان صلاح ڪري رهيا آهيون.
راڻي: هر حيثيت ۾ اوهان جي ڳالهه جو احترام ڪرڻ هن ٻانهيءَ جو
فرض آهي.
ڄام: اسان جي راڻيءَ جي دل ۾ ڪا ڳالهه آهي جيڪا راڻي اسان کي
ٻڌائڻ کان هٻڪي ٿي.
راڻي: سرتاج، اوهان جي ٻانهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ ماءُ به آهيان ۽
منهنجي مامتا جي اها ئي خواهش آهي ته منهنجو پٽ
ڄام فيروز سنڌ جو تخت ماڻي. هو به اوهان وانگر سنڌ
جي خدمت ڪري ۽ ايندڙ دؤر جا تاريخ نويس هن جي عظمت
جا داستان لکن.
ڄام: شايد اسان جي راڻيءَ کي اهو ڊپ آهي ته اسان کانپوءِ دريا
خان تخت تي قبضو ڪري ويندو.
راڻي: سرتاج، تاريخ شاهد آهي ته تخت ۽ تاج لاءِ ڀاءُ ڀاءُ جو رت
وهايو آهي ۽ پٽ پيءُ کي ڪٺو آهي. دريا خان ته
ڌاريو آهي.
ڄام: (هلڪي جوش مان) راڻي! تون دريا خان کي ڌاريو چئي اسان کي
ڏک ٿي ڏين.
راڻي: ٻانهي معافيءَ جي طلبگار آهي.
ڄام: راڻي، ياد رک ته جنهن جي به رڳن ۾ مهراڻ جو پاڻي رت بڻجي
ڊوڙندو هوندو، جنهن به سنڌي ماءُ جي ٿڃ پيتي هوندي
۽ جنهن کي به سنڌ جي هيرن هندوري ۾ لوڏيو هوندو،
تنهنجي تلوار انڌي ٿي نٿي سگهي. سنڌ وفا جو ديس
آهي. سنڌ جفا جو جواب به وفا سان ڏيندي آهي ۽ دريا
خان کي سنڌ جي ڪُک جنم ڏنو آهي، هو ڪڏهن به
بيوفائي ڪري نٿو سگهي.
راڻي: ٻانهي بيحد شرمسار آهي.
ڄام: راڻي مَرڪي، اسان جو توتي پورو اعتماد آهي. تو اسان جي
ڪڏهن به ڪا ڳالهه نه ٽاري آهي. اسان جي چوڻ تي تو
پنهنجي ڀاءُ ڪاهوءَ جي مڱ هيمونءَ جو سڱ ڇڏائي
پنهنجن هٿن سان هيمونءَ جو سڱ دريا خان کي ڏنو.
اسان تنهنجي اها قرباني ڪڏهن به وساري نٿا سگهون.
راڻي: اوهان جو هر حڪم مڃڻ هن ٻانهيءَ لاءِ عين عبادت آهي.
(دربارن اندر اچي ٿو)
دربان: عاليجاهه، وڏو وزير لکوير اندر اچڻ جي اجازت ٿو گهري.
ڄام: اجازت آهي.
(دربارن وڃي ٿو)
راڻي اسان وزير لکوير سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿا چاهيون.
راڻي: جيڪو حڪم.
(راڻي وڃي ٿي، وزير لکوير اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ڪري ٿو.)
لکوير: عاليجاهه جي صحت ۽ حياتيءَ جو دعاگو، ٻانهو لکوير پير ٿو
چمي.
ڄام: آءُ لکوير، اسين تنهنجو ئي انتظار ڪري رهيا هئاسين.
لکوير: عاليجاهه جي طبيعت هاڻي ڪيئن آهي؟
ڄام: زندگي موت کان هار کائيندي ٿي وڃي.
لکوير: شل اوهان جي ڇٽَ جي ڇانوَ سدا سنڌ تي قائم رهي.
ڄام: لکوير، اسين سلطنت جو احوال معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون.
لکوير: سلطنت ۾ هر طرف سک ئي سک آهي. سنڌ سونهن، سوڀيا ۽
سرهائيءَ ۾ رشڪِ عالم ٿي وئي آهي. ٺٽي شهر ۾ مدرسن
جو تعداد چئن هزارن کي پهچي ويو آهي. ٺٽي کانسواءِ
بکر، سيوهڻ، ٽلٽي ۽ ڪلهان علم جا وڏا مرڪز ٿي ويا
آهن ۽ خراسان، ايران، عراق ۽ هرات مان وڏا وڏا
عالم لڏي پلاڻي سنڌ ۾ اچي رهيا آهن.
ڄام: عالمن لاءِ سنڌ جون سرحدون ۽ هنرمندن لاءِ سمن جي خزانن جا
دروازا هميشه کليل آهن.
لکوير: هنرمندن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي.
عاليجاهه ديسي مال تان محصول معاف ڪري ڇڏيو آهي
انڪري لاهري بندر تي جهازن جون قطارون بيٺيون آهن
جن ۾ مال چاڙهيو ۽ لاٿو ٿو وڃي. ٻاهرين منڊين ملڻ
ڪري هنرمند نت نيون ايجادون ڪندا ٿا رهن.
ڄام: لکوير، اسان ٻڌو آهي ته اسان جي بکر جي حاڪم دلشاد اُچ
پرڳڻي ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي.
لکوير: مون به ائين ٻڌو آهي عاليجاهه.
ڄام: (ڪاوڙ ۾) دلشاد کي ڪيئن جرئت ٿي جو هن پاڙيسرين جون سرحدون
لتاڙي، پاڙيسرين کي ڦريو ۽ لٽيو. سنڌ ديس جا
رهواسي امن جا علمبردار آهن، اسان سنڌين جي تلوار
ڏاڍ ڪرڻ لاءِ نه پر ڏاڍي جي ڏاڍ ڀڃڻ لاءِ مياڻ مان
نڪرندي آهي. اسان جي تلوار جي ڇانوَ ۾ پيار پلجندو
آهي، هنرمند هت نت نيون ايجادون ڪندا آهن ۽ عورتون
آتڻ ۾ سُٽ ڪتينديون آهن.
لکوير: هُن کي خبر آهي عاليجاهه.
ڄام: پوءِ هن پراوا سنگ ڇو لُٽيا، پراوا آتڻ ڇو اُجاڙيا ۽ پراون
هنرمندن جا هٿ ڇو وڍيا؟
لکوير: هي ٻانهو دلشاد پاران معافيءَ جو طلبگار آهي.
ڄام: لکوير، اسان ڦورو، لٽيرا ۽ غاصب نه آهيون پر اسين ڦورن ۽
غاصبن لاءِ موت آهيون. سنڌ جي سيني تي جهومندڙ
سونن سنگن، سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنواري جوڀن ۽ مهراڻ ۾
وهندڙ پگهريل سون تي هرکجي، ڦورن هميشه سنڌ کي
ڦريو آهي، لٽيرن سنڌ کي لٽيو آهي ۽ غاصبن سنڌ جي
آزاديءَ کي غصب ڪيو آهي. جنهن قوم پاڻ تاريخ جا
ظلم سٺا هجن، سا قوم ڪڏهن به ٻين تي ظلم ڪري نٿي
سگهي. ڦر جو مال ڏنَ سميت مالڪن کي موٽائي ڏنو وڃي
۽ ملتان جي سلطان لانگاهه کان معافي ورتي وڃي.
لکوير: ائين ئي ٿيندو عاليجاهه.
ڄام: اسين سنڌ جي سرحدن جي باري ۾ ڄاڻڻ ٿا چاهيون.
لکوير: گجرات جو سلطان محمود بيگڙو، ڪڇ جو راجا کنگهار ۽ ملتان
جو سلطان لانگاهه سائين جن جي سر ۽ سنڌ جي
سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهن، باقي بولان لڪ کان هر
وقت ارغونن جي حملي جو خطرو آهي.
ڄام: خطرو ڪڏهن به تلوارن کي زنگ لڳڻ نه ڏيندو آهي، ارغونن جي
خطري جي ڪري سنڌي هڪ هٿ سان چنگ وڄائيندا ۽ ٻئي هٿ
سان تلوارن کي روهيءَ تي تکو ڪندا، سنڌ جي هيرن ۾
اها مستي آهي جو ماڻهو مست ٿي سڀ خطرا وساري
ڇڏيندا آهن، هينئر ارغونن جو خطرو هنن کي سجاڳ
رکندو.
(دربارن اندر اچي ٿو ۽ نوڙي سلام ٿو ڪري)
دربان: عاليجاهه، مدار المهام، اميرا الامراء، خان خانان، دريا
خان اندر اچڻ جي اجازت جو طلبگار آهي.
ڄام: اجازت آهي.
(دربان وڃي ٿو، دريا خان اندر اچي ٿو)
دريا خان: ڪمهلي اچڻ لاءِ هيءُ ٻانهو معافيءَ جو طلبگار آهي.
ڄام: پنهنجي لاءِ ڪا مهل ڪمهل نه هوندي آهي. دريا خان تون اسان
جو پٽ آهين ۽ پٽ لاءِ پيءُ جي گهر جا دروازا هميشه
کليل هوندا آهن.
دريا خان: هي ٻانهو ته عاليجاهه جي در جي چانئٺ جو نوڪر آهي.
عاليجاهه جي طبيعت هاڻي ڪيئن آهي؟
ڄام: سرير جي سراءِ مان ساهن جو قافلو ڪوچ ڪرڻ وارو آهي. چوڌاري
چڙا پيا ٻُرن، نئين منزل پئي سڏي.
دريا خان: شل سنڌ تي عاليجاهه جي ڇانوَ سدا قائم رهي.
ڄام: دريا خان، جندڙيءَ جو جهاز ساهه جي سڙهه جي سٽ سهي نٿو
سگهي. سامهون ڪنارو پيو نظر اچي. هر هڪ مسافر کي
ان ڪناري تي لهڻو آهي. اسان جي لهڻ جي ويل به ورڻ
واري آهي. اسان وڃڻ کان اڳ سنڌ جا ٿر ۽ بر، سمن
سلطان جو تخت ۽ تاج توکي سونپڻ ٿا چاهيون. ڄام
فيروز اڃا ننڍو آهي، اسان کي ڊپ آهي ته ڪٿي هو غلط
صحبت ۾ سنڌ لاءِ ڪو غلط قدم نه کڻي ويهي. اسان ڄام
فيروز کي تنهنجي سپرد ٿا ڪريون. اسان کي يقين آهي
ته تنهنجي صحبت ۾ هو تو جهڙو دلير ثابت ٿيندو.
اسان سنڌ جون ٻنيون ۽ ونيون به توکي سونپيون ٿا.
دريا خان: هي ٻانهو پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به سنڌ جي ٻنين ۽
ونين لاءِ وهائيندو.
ڄام: اسان کي تو مان اها ئي اميد آهي.
دريا خان: عاليجاهه مون هڪڙي اهم خبر آندي آهي.
ڄام: اسان اها ٻڌڻ ٿا چاهيون.
دريا خان: چانڊڪا پرڳڻي مان پيغامي آيو آهي ته شاهه بيگ ارغون
سنڌ جون سرحدون لتاڙي، اڪڙي، سنديچ، ڪوٽ ماڇي ۽
چانڊڪا کي ڦريو آهي.
ڄام: اسين شاهه بيگ ارغون جي ان ڦر کي جنگ جي دعوت ٿا سمجهون ۽
سندس دعوت قبول ٿا ڪريون. اسين هن کي اهڙو سبق
سيکارينداسين جو ارغونن ۽ ترخانن کي ننڊ ۾ به سنڌ
جا ڇرڪ پوندا ۽ هنن جا گهوڙا سنڌين جون نانءُ ٻڌي
ٽاهه کائيندا. راڻي!
راڻي: (اندر ايندي) جي سرتاج.
ڄام: راڻي، اسان کي سمي سلطان ڄام انڙ واري تلوار ڏني وڃي. جنهن
تلوار سان ڄام انڙ ملڪ رتن کي ڪهي سمن جي سلطانيءَ
جو پايو وڌو.، جنهن تلوار جي دهشت کان محمد تغلق
جو هنياءُ ڦاٽي پيو ۽ جنهن تلوار کان ڊڄي فيروز
شاهه تغلق ڄام ڀنڀي کي امن جي آڇ ڪئي.
راڻي: سرتاج اوهان جي طبيعت عليل آهي. اوهين ميدان جنگ ۾ ڪيئن
ويندؤ.
ڄام: اسان جي طبيعت عليل آهي. پر اسان جي جرئت جوان آهي.
راڻي: شاهي طبيب اوهان کي آرام جو مشورو ڏنو آهي.
ڄام: اسان جي وطن جي ڌرتيءَ کي دشمن لتاڙي ۽ اسين آرام ڪريون.
اسان جي ديس جي ٻنين ۽ ونين ڏانهن ڌارين جي اک کڄي
۽ اسين اکيون ٻوٽي ڇڏيون. اسان کي سنڌ سڏي رهي آهي
۽ هيءُ ته موت جو بسترو آهي پر جي اسان قبر ۾ به
هجون ها ته اسان کي سنڌ جي ڌرتيءَ جو قسم ته اسان
سنڌ جي سڏ تي قبر مان به لبيڪ چئون ها. اسان جي
تلوار آندي وڃي جو اڄ قدرت اسان کي پلنگ جي موت جي
بدران ميدان جنگ جو مانائتو موت ڏيڻ ٿي چاهي.
دريا خان: عاليجاهه، اوهان منهنجي ڪمزور ڪلهن تي سمن سلطانن جي
تخت ۽ تاج جو به بار رکيو آهي ان بار کڻڻ جي حامي
ڀرڻ کان اڳ هي ٻانهو هڪڙو عرض ڪرڻ ٿو چاهي.
ڄام: جي تون اسان کي ميدان جنگ ۾ وڃڻ کان روڪڻ ٿو چاهين ته پوءِ
اسين تنهنجو عرض ٻڌڻ نٿا چاهيون.
دريا خان: عاليجاهه، مان هنن هٿن کي آزمائڻ ٿو چاهيان ته هنن
هٿن ۾ سمن سلطانن جي تلوار کڻڻ ۽ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ
جي طاقت آهي يا نه، انڪري هي ٻانهو هٿ ٻڌي عرض ٿو
ڪري ته اڄ هنن هٿن کي آزمائڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
ڄام: دريا خان، ڇا تون نٿو چاهين ته اسان جو مانائتو موت ٿئي؟
دريا خان: شل اوهان جو سر سدا سلامت رهي جو سنڌ کي وري ڄام نظام
الدين نه ملندو.
ڄام: دريا خان، جي تنهنجي اها ئي مرضي آهي ته اسان جو مانائتو
موت نه ٿئي ته پوءِ اسين توکي ڄام انڙ جي هيءَ
تلوار سونپيون ٿا. اسان جو بيمار مڙهه هتي هوندو
پر اسان جا ساهه ميدان جنگ ۾ هوندا، اسان جون
دعائون توسان ساڻ آهن.
(انهيءَ وچ ۾ راڻي مَرڪي تلوار آڻي ٿي. ڄام نندو تلوار دريا خان
کي ڏئي ٿو، پردو ڪِري ٿو)
ڏيک ٽيون
(ڄام نظام الدين جو محل، راڻي مَرڪي اڪيلي آهي هن جي پيشانيءَ
مان پريشاني ٿي بکي، ڪاهو ڏنؤر اندر اچي ٿو.)
ڪاهو: ٻانهو ڪاهو اندر اچڻ جي اجازت جو طلبگار آهي.
مَرڪي: ڪاهو ڀاءُ، جنگ جي ڪا خبر آئي؟
ڪاهو: ڪجهه ڏينهن اڳ خبر آئي هئي ته سيويءَ وٽ ڇتي جنگ ڇڙيل
آهي. ارغونن چئني طرفن کان دريا خان کي گهيرو ڪيو
آهي ۽ دريا خان جو بچڻ محال آهي.
مَرڪي: (هلڪي پريشانيءَ مان دري ڏانهن وڃي ٿي) ڀاءُ ڪاهو، اسان
کي ڊپ آهي ته دريا خان کي مارڻ کانپوءِ ڪٿي شاهه
بيگ سنڌ تي نه حملو ڪري ۽ سنڌ کي غلاميءَ جا زنجير
نه پارائي.
ڪاهو: ڪاهو ڏنؤر جي هوندي دنيا جي ڪا طاقت سنڌ کي غلاميءَ جا
زنجير پارائي نٿي سگهي. هڪڙي معمولي ٻڪرار جي پٽ
دريا خان اسان جي مڱ هيمونءَ سان شادي ڪري اسان
ڏنؤرن جي قومي غيرت تي داغ لڳايو آهي ۽ اهو داغ
دريا خان جي رت سان ڌوئي سگهجي ٿو.
مَرڪي: ارغونن جون تلوارون هن جو رت پيئنديون ۽ ٽاڪرو ڳجهون هن
جو ماس پٽينديون.
ڪاهو: شاهه بيگ ارغون دريا خان کي تلوار سان نه ماريندو جو دشمن
جي تلوار سان مرڻ مانائتو موت آهي. جي دريا خان جو
اهڙو مانائتو موت ٿيو ته اسان جي انتقام جي آگ نه
اجهامندي. اسان شاهه بيگ کي چيو آهي ته دريا خان
کي جيئرو قيد ڪري ۽ پوءِ هن کي گهوڙن سان چوکنڀو
ٻڌي گهوڙا ڊوڙائي ته جيئن هن جو سَنڌَ سَنڌ کان
ڌار ٿي وڃي.
مَرڪي: دريا خان اسان جي عزت سان نه کيڏيو هو پر موت سان کيڏيو
هو. ڪاريهر نانگڻ پنهنجو وير وساري ٿي، پر عورت
ڪڏهن به پنهنجو وير وساري نٿي سگهي. پيار ۾ عورت
امرت آهي ۽ نفرت ۾ هَڻ کَڻُ.
(هلڪو وقفو، ڄام نندو اندر اچي ٿو هن جي گهمڻ جي انداز مان خبر
پوي ٿي ته هو بيمار آهي. راڻي مَرڪي هن کي ڏسي
حيران ٿي ٿئي.)
مَرڪي: سرتاج اوهين!
ڄام: اسان کي ڏسي اسان جي راڻي ايتري حيران ڇو ٿي؟
مَرڪي: سرتاج اوهين ته گهمي ڦري به نٿا سگهو.
ڄام: ڏيئي جي روشني وسامڻ کان اڳ وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي.
مَرڪي: اوهان کي آرام جي ضرورت آهي.
ڄام: اسان جا سپاهي سرحد تي وڙهي رهيا آهن ۽ اسين آرام ڪريون،
ڪاهو.
ڪاهو: جي عاليجاهه.
ڄام: جنگ جي ميدان مان ڪا خبر آئي؟
ڪاهو: نه عاليجاهه، اڃا ڪا خبر نه آئي آهي.
(اوچتو نغارو وڄي ٿو)
ڄام: نغارو اسان کي فتح جي بشارت ڏئي رهيو آهي.
ٻانهي: عاليجاهه، مبارڪ هجيو، دريا خان شاهه بيگ ارغون کي شڪست
ڏئي، فتح جا نغارا وڄائيندو، ٺٽي شهر ۾ داخل ٿي
چڪو آهي.
ڄام: فتح ٿي!
(ڄام آهستي آهستي ڪرسيءَ ڏانهن وڌي ٿو، ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ مٿو
ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي ٿو، هن جي چهري تي مرڪ آهي.
دريءَ کان ٻاهر ماڻهن جو شور اڀري ٿو.) |